خوبصورت خوابن
جهڙا خط
(فياض لطيف جي
ادبي خطن جي مجموعي ”خط، خوشبو، خواب“ جو مهاڳ)
احسان دانش
لفظ
جب تک وضو نہیں کرتے
ہم تیری گفتگو نہیں کرتے
ہم تیری گفتگو نہیں کرتے
فياض
لطيف جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ مون لاءِ ڪيترو مشڪل ۽ محال آهي، ان جو اندازو شايد ڪنهن
کي به نه هجي. ڇا لاءِ ته، فياض ٻين لاءِ ڀلي ڪو معمو يا راز هجي، پر منهنجي اڳيان
کليل ڪتاب وانگر آهي. مون سندس جيون ڪتاب جو ورق ورق اٿلايو آهي. مان ساڻس گڏ ٽهڪ
به ڏنا آهن ۽ سندس نير به اگهيا آهن. مان سندس پيار جي ساگر کي ڪناري تان بيهي
ناهي ماپيو، مان ان ۾ پيهي ڏٺو آهي، منجهس پيهي پاڻ کي ڦوليو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن
به پارِ پڳو آهيان، ڀٽائيءَ جو بيت منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو آهي:
هن مهاڳ
۾ مون کي ٻه ٽي لفظ فياض جي انهن خطن جي باري ۾ لکڻا آهن، جيڪي هن پنهنجي خونِ جگر
سان تحرير ڪيا آهن ۽ جن ۾ هن جي فڪر جي اڏام اوچي آهي. سنڌي ادب ۾ خطن جي هن
مجموعي جو ڪهڙو مقام هوندو ۽ ڇا اهي سنڌي ساهت ۾ ڪو جدت جو جهان جوڙيندا؟ انهن
سوالن جا جواب آءٌ ضرور پيش ڪندس، پر ان کان اڳ ۾ خط ۽ خاص طور ادبي خط جي اهميت ۽
افاديت جي باري ۾ ٻه چار ڳالهيون ضرور ڪرڻ چاهيان ٿو.
ان ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته دنيا ڪافي تيز رفتاريءَ سان مادي ترقي ڪري رهي آهي. اها الڳ ڳالهه
آهي ته ان ڇوهي رفتار ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت روايتون ۽ تهذيبي سونهن داغدار ٿي آهي،
پر تنهن جي باوجود ڪن حسين روايتن کي جدت جو ڇوهو طوفان به ڇُهي نه سگهيو آهي. خط
نويسي پڻ هڪ اهڙي ئي بهترين روايت آهي، جيڪا اڄ به پنهنجي سمورين سندرتائن سان زندهه
آهي. ڪميونيڪيشن جي جديد ترين سولن ۽ سستن ذريعن اي-ميل ۽ ايس. ايم. ايس جي
موجودگيءَ باوجود اڄ تائين خط پنهنجي روايتي تازگي ۽ احساسن جي انوکي خوشبوءِ سميت
پنهنجي اهميت قائم رکيو پيو اچي. خط هونءَ ته ٻن روحن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ وسيلو
آهن، پر حقيقت ۾ اهي تاريخ جا سچا دستاويز آهن جيڪي دل جي رحل تي رکي پڙهڻ جي قابل
هوندا آهن. خطن ۾ نه رڳو فرد جي انفرادي حالتن، ڳجهه ڳوهه، نفسياتي مونجهارن ۽
زندگيءَ جي ٻين مامرن جي پروڙ پوندي آهي، پر پنهنجي دؤر جي اجتمائي سماجي حالتن
سمجهڻ ۾ به مدد ملندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪي خط وڃايل تاريخ جون اهم ڪڙيون
ثابت ٿيندا آهن.
خط نويسي
جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي. ايترو ضرور آهي ته جتي ادب جي ٻين نثري ۽ نظمي صنفن کي
اهميت ملي، اتي خط جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي گهڻو دير سان اجاگر ڪيو ويو. جڏهن خط
کي باضابطا طور تي هڪ ادبي صنف طور قبول ڪيو ويو ۽ عالمن، اديبن، ڏاهن ۽ فيلسوفن
جا خط عالم آشڪار ٿيا ته دنيا جون اکيون کلي ويون. تاريخ جي تهه خاني ۾ دفن ٿيل
اهڙا خط جن جي اکرن ۾ اتهاس جا عڪس نظر اچن ٿا، انهن کي پڙهي دنيا خط نويسيءَ جي
اهميت ۽ افاديت سمجهي سگهي ٿي. مصر جي احرامن مان لڌل پٿر جي سِرن تي اڪريل اکرن
سان جيڪي خط لکيل آهن، اهي ان دؤر جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا کليل داستان آهن، پر
اڃا به ڪن مها پُرشن جا پتر نه ڄاڻ ڪهڙن گمنامي جي گوشن ۾ غرق آهن!
خط بنيادي
طور ماڻهوءَ جي جذبن، احساسن، امنگن ۽ اندر جي اڌمن جي اظهار جو هڪ خوبصورت ذريعو
آهي، جن جي وسيلي ماڻهو پنهنجي ڪنهن هم راز، دوست يا عزيز سان دلي طرح پنهنجي اندر
جو احوال اوري سگهي ٿو، ان ڪري خط کي جيڪڏهن فرد جي ذات جو پوتامل يا آتم ڪهاڻيءَ
جو ڪجهه حصو چئجي، ته به غلط نه ٿيندو. خط بنيادي طور تي هڪ ڳجهو احوال آهي، جنهن
۾ ماڻهو اڪثر هڪ ٻئي سان ذاتي ڳالهيون، معاملا ۽ مسئلا شيئر ڪري ٿو، تنهنڪري ڪنهن
جي خط کي بنا اجازت کولي پڙهڻ غير اخلاقي حرڪت سمجهيو ويندو آهي، پر ڪجهه خط ان
ڳجهه جي ڳنڍ کان آزاد هوندا آهن ۽ هر ڪنهن کي پڙهائي سگهبا آهن. ان قسم جي خطن کي
خالص علمي ۽ ادبي خط سڏيو ويندو آهي. اهڙا خط ڪنهن به ادبي صنف جهڙوڪ ناول، ڪهاڻي،
مضمون ۽ شاعري وغيره سان برميچڻ جي قابل هوندا آهن. دنيا جي ادبي تاريخ اهڙن منفرد
ادبي خطن سان ڀري پئي آهي.
پرڏيهي
ادب ۾ جن ليکڪن جو چؤڏس چوٻول آهي ۽ جن جا خط سندن آتم ڪٿائن جي ورقن جي دز دُور
ڪن ٿا، تن ۾ ڪيٽس، جيمس جوائس، ورجينا وولف، ايوان ترگنيف، ورڊس ورٿ، ٽالسٽاءِ،
گورڪي، فرانز ڪافڪا، خليل جبران، لارڊ بائرن، آسڪر وائيلڊ، وينسٽ وان گوگ، پشڪن،
مائيڪل اينجلو، پال گاگن، مارڪس سسرو، هينري جيمس، جـواهـر لعـل نـهـرو، مهـاتمـا
گانـڌي، امـرتـا پريتم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن.
ادب ۽ فن
جي شهسوارن مان مائيڪل اينجلو کي دنيا هڪ عظيم آرٽسٽ طور سڃاڻي، پر جڏهن هن جا
لکيل خط منظرِ عام تي آيا، ته سندس ڳنڀير شخصيت جا ڪيئي راز کُلي دنيا جي سامهون
آيا. هو هڪ عظيم مصور هوندي پاڻ کي هڪ بت تراش سڏائيندي فخر ڪري ٿو. بيشڪ هن جي
آڱرين عظيم تخليقن کي جنم ڏنو، پر هن جي اندر جي ڪائنات جا ڳجهه سندس خطن کوليا.
فرانز ڪافڪا دنيا جي ادب جو هڪ بي حد وڏو نالو، پر ان نانءَ جي پٺيان هڪ طويل درد-ڪهاڻي.
هُو جنهن ذهني ڪشمڪش، ويڳاڻپ، بي سڪونيءَ ۽ اوجاڳي جو شڪار رهيو، تنهن ادب جي هڪ
نئين رجحان کي جنم ڏنو. هن پنهنجي ناول ڪيسل ۾ فرد جي پيڙا کي شدت
سان محسوس ڪرايو آهي. ڪافڪا ادب ۾ داخليت ۽ وجوديت جو وڏو ليکڪ آهي. هن جا خط پڻ
ادب جي دنيا ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو “Letters to
friends, family & editors” ۾ فيلائس ڏي لکيل يادگار خط به
شامل آهن. ائين وري ميلينا ڏي موڪليل پريم پتر به ڇپيل آهن. ڪافڪا جو هڪ سؤ صفحن
وارو خط، جيڪو هن پنهنجي والد ڏانهن لکيو هو، سندس يادگار ۽ اهم خطن مان هڪ آهي.
انهن خطن مان ڪافڪا جي ڏات جي پيڙا، ذهني عذاب، وياڪلتا ۽ زندگيءَ بابت نظريي جي
پروڙ پوي ٿي.
آسڪر وائيلڊ
دنيا جي ڏاهن اديبن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هُو انگريزي زبان جو هڪ عظيم ڊراما نگار
هو. هن جي طرز تحرير رڳو لنڊن ۾ ئي نه پر پوري دنيا ۾ کيس شهرت جي بلندين تي
پهچايو. اڻويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ هن ادب جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون
ماڻيون، پر هن جي زندگيءَ جي دامن تي اوچتو هڪ بدناميءَ جو وڏو داغ لڳو، جنهن کيس
ڌوڏي وڌو. ان بدناميءَ جو بنياد الفريڊ ڊگلس جي نالي لکيل اهو خط هيو، جيڪو بعد ۾ گلاب
جي پنکڙين جهڙا ڳاڙها چپ جي حوالي سان مشهور ٿيو. بعد ۾، وائيلڊ تي هڪ نوجوان
سان غير فطري لاڳاپن جو الزام لڳو، جنهن نه رڳو سندس شهرت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، پر
کيس ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۽ پوءِ جيل جي سلاخن پويان اچي بيهاريو. ”ريڊنگ جيل“ ۾ هن اذيت
۽ پيڙا جي لمحن مان گذرندي، وري هڪ طويل خط الفريڊ ڊگلس ڏانهن لکيو، جيڪو اٽڪل 150
صفحن جو هيو ۽ اهو خط گهري سڃاڻ
جي نالي سان مشهور ٿيو. “Selected letters of Oscar
Wild” ۾ ان تاريخي خط جو ڪجهه حصو شايع ٿيو، جنهن
۾ هن قيد بامشقت جي سزا، جيل جي گهٽيل ماحول/ذهني اذيت ۽ ڀوڳنا کي پنهنجي لفظن ۾ آندو آهي ۽ ڊگلس کي ان رسوائيءَ ۽ بي جرم
سزا جو ڪارڻ ڄاڻايو آهي. هي خط آسڪر وائيلڊ جي زندگيءَ جي تلخ ڏينهنِ تي چِٽي
روشني وجهي ٿو. ان ۾ شڪ ناهي ته اهو خط ادبي دنيا جو هڪ شاهپارو آهي.
اهڙيءَ
طرح ونسنٽ وان گوگ، ڪيٽس، ورجينا وولف ۽ ايوان ترگنيف جا لکيل خط سندن زندگيءَ جي
رازن، رمزن ۽ سندن تخليقي سفر جي پيچيدگين کان ڀلي ڀت آگاهه ڪن ٿا. لبنان جي عظيم
فلسفي ۽ ليکڪ خليل جبران جا ميري هيڪل ۽ مي زيده ڏانهن لکيل خط جڏهن منظر عام تي
آيا ته هڪ وڏي مصنف ۽ چترڪار جو بنهه نئون رخ دنيا جي اڳيان پڌرو ٿيو. ساڳيءَ ريت
لارڊ بائرن جي آتم ڪٿا سندس لکيل خطن کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي.
مختصر
ائين چئجي ته فڪر ۽ فن جي دنيا ۾ خطن کي نهايت اهم حيثيت حاصل آهي. جڏهن اسين ننڍي
کنڊ ۾ مڪتوب نگاريءَ جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته ان حوالي سان مرزا غالب جو نانءُ
سڀ کان مٿاهون نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ غالب پنهنجي شاعريءَ ۾ جيترو مشڪل پسند آهي، پنهنجن
خطن ۾ وري ايترو ئي سهل پسند. خطن ۾ هن جو اسلوب سادو، ڪنهن به تڪلف کان آجو ۽
گفتگو مڪالمي واري انداز جي آهي. غالب جا اهي خط سندس زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ ۾ وڏي
مدد ڏين ٿا.
اردو
زبان جي مشهور ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان مشڪل ترين داستان فسانه عجائب
جي ليکڪ رجب علي بيگ سرور جا خط جڏهن انشائه سرور جي نالي سان شايع
ٿيا، ته موضوعي لحاظ کان انهن خطن هڪ نئون جهان جوڙيو، پر انهن ۾ بيگ جو اندازِ
تحرير ساڳيو ئي دقيق، هم معنى لفظن، مشڪل اصطلاحن ۽ قافيه پيمائيءَ سان جنجهيل نظر
آيو. جڏهن ته کانئس پوءِ سر سيد احمد خان جي مڪتوب نگاريءَ ۾ جيڪا سلاست، سادگي ۽
بي ساختگي آهي، اها کيس وڃي غالب جي هم پلئه بيهاري ٿي. هن جي اڪثر طويل خطن ۾
علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي کليل اظهارِ خيال نظر اچي ٿو. ڪتاب مڪتوباتِ
سر سيد سندس زندگيءَ ۽ نظرين جو آئينو آهي. انهي دوران واجد علي شاهه،
ميرامن ۽ ڊپٽي نذير احمد جا خط اردو زبان ۾ پنهنجي اسلوب بيان جي لحاظ کان اهميت
جوڳا آهن. مرات العروس ۽ ابن الوقت جهڙا ناول لکي
شهرت ماڻيندڙ ليکڪ ڊپٽي نذير جا اهي خط، جيڪي هن پنهنجي پٽ بشير ڏي لکيا، تن ۾ هُو
هڪ شفيق پيءُ ۽ رهبر جو ڪردار نڀائيندي نظر اچي ٿو. اهي خط جيڪي بعد ۾ موعظئه
حسنه جي نالي سان شايع ٿيا، تن ۾ به سندس ناولن وانگر ناصحاڻو انداز گهڻو
نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ انهن خطن ۾ هر دؤر جي نئين نسل لاءِ پيغام آهي. ساڳي دؤر ۾
مرزا غالب جي شاگرد الطاف حسين حالي، جنهن مسدس حالي ۽ مقدمهء
شعر و شاعري جهڙا ڪتاب لکي اردو ادب ۾ پنهنجو نانءُ نروار ڪيو، ان جي خط
نويسيءَ ۾ وري هڪ عجيب شائستگي ۽ سادگي جهلڪندي نظر اچي ٿي. هو پنهنجن خطن ۾ گهمنڊ
۽ غرور بجاءِ عجز ۽ انڪساريءَ جو دامن جهليو بيٺو آهي. سندس خط مڪاتيب حالي
جي نالي سان شايع ٿيل آهن. علامه شبلي نعماني جي خطن ۾ وري غالب واري شگفتگي ۽ بي
تڪلفي نظر اچي ٿي. هن جي اڪثر خطن ۾ پردو، عورتن جي تعليم ۽ موسيقي موضوع بڻيل
آهن. مختصر نويسي هن جي خطن جي خاص خوبي آهي.
اردو ۾
شايع ٿيل علمي ۽ ادبي خطن مان جن ليکڪن جي خطن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تن
مان مولانا ابوالڪلام آزاد جو نالو نهايت اهميت جوڳو آهي، جنهن جي خطن جي مجموعي غبارِ
خاطر مقبوليت جو معراج ماڻيو، جن مان اڪثر هن جيل جي سلاخن پويان ويهي
لکيا. انهن خطن ۾ هن قيد تنهائي ۽ اندر جي خلوت کي محسوس ڪندي خود ڪلاميءَ جي
انداز ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن، تن جو جواب نه آهي. آزاد جا اهي خط جن ۾ خاص طور فارسي
۽ اردو شعرن جي خوبصورت آميزش آهي، انهن کي چار چنڊ لڳائي ٿي ۽ اهي اردو ادب جو
سرمايو آهن.
اردو ادب
۾ قديم کان جديد دؤر تائين ادبي خطن جا سوين مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. مڪتوب نگاري
جي حوالي سان اردو ادب وڏي حد تائين شاهوڪار آهي. اردو جي مڪتوب نگارن ۾ مٿين کان
سواءِ محمد حسين آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، اڪبر الهه آبادي، خواجه حسن نظامي،
مولانا محمد علي جوهر، مولانا حسرت موهاني، بهادر يار جنگ، شوق قدوائي، سيد سليمان
ندوي، جليل مانڪ پوري، مولوي عبدالحق، رشيد احمد صديقي، اثر لکنوي، شوڪت ٿانوي،
جگر مراد آبادي، ميرا جي، غلام رسول مهر، حافظ محمد شيراني، نياز فتح پُوري، سجاد
ظهير، راجا انور، ابن انشا، پطرس بخاري، ڊاڪٽر وزير آغا، ن م راشد، احمد نديم
قاسمي، فيض، حبيب جالب، امجد اسلام امجد، حسن نثار، انيس ناگي، احمد شميم، ڪشور
ناهيد، ايم آر ڪياني، محمد علي ردولي ۽ اسلم فرخي وغيره اهم آهن. مٿين ليکڪن جا خط
پنهنجي دؤر جي تاريخ ۽ معاشرت جا امين آهن. اردو زبان ۾ لکيل خطن جي سلسلي ۾ اردو
جي مشهور رسالي ’نقوش‘ جي خطوط نمبر، جيڪو چئن جلدن جي هزارين صفحن تي
مشتمل آهي، کي تاريخي اهميت حاصل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جڏهن خط نويسي جي جهان ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا، ته
سنڌي اب جي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خطن جا مجموعا شايع ٿيل ملن ٿا. انهن مان
به اڪثر ادبي چاشني، لطافت ۽ لذت کان خالي ۽ بنهه ذاتي ۽ سياسي خط آهن. اهڙيءَ طرح
خالص علمي ۽ ادبي خطن جي مجموعن جو انگ ڏهن پندرهن کان وڌيڪ نه هوندو. سنڌي ٻوليءَ
۾ جتي ٻين ادبي صنفن پنهنجا ارتقائي مرحلا طَي ڪري خاطر خواهه اهميت ۽ حيثيت ماڻي
آهي، اتـي ادبـي مڪـتـوب نگاريءَ جي حوالي سان اهو انگ مايوس ڪندڙ آهي.
هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ جيڪي خطن جا مجموعا
ڇپجي منظر عام تي آيا آهن، تن ۾ رهاڻ (ميران محمد شاهه جا جِي ايم
سيد ڏي لکيل خط)، ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ آءِ قاضي جا جِي ايم سيد ڏي لکيل خط)، جي
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (شيخ اياز جا محمد ابراهيم جويي ڏي لکيل خط)، اڄ
پڻ چيڪم چاڪ (جِي ايم سيد ڏانهن مختلف دوستن اديبن ۽ ڪارڪنن جا خط)، خط
۽ مضمون (علي محمد راشدي جا جِي ايم سيد ڏي خط)، واڄٽ ويراڳين جا
(محمد امين کوسي ۽ جِي ايم سيد جا خط، ٻه جلد)، وفائيءَ جا خط (علي
نواز وفائي جا اخبار ”آزاد“ لاءِ لکيل خط)، سير و سفر (غلام
مصطفيٰ شاهه جا الوحيد اخبار ڏانهن لکيل خط)، ڪجهه خط (جِي
ايم سيد ڏي سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جا لکيل خط)، اڌ ملاقات (طارق
اشرف جا لکيل خط)، هٿين هٿ ڪڙول (طارق اشرف جا لکيل خط)، خط
ٻن اديبن جا (عبدالقادر جوڻيجو ۽ محمد ابرهيم جويو جا خط )، خط ٻن
استادن جا (محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنه جا خط)، جيءُ منهنجو
جن سين (عبدالحميد خان جا سهيڙيل
خط)، آريجن کان الهاس نگر (تاجل بيوس ڏي ليکڪن جا خط)، ڪينجهر
خط نمبر (مختلف اديبن جا خط)، پيارن جا پيغام ( ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن
لکيل خط)، جي مارن مون ڏي مڪا (ولي رام ولڀ ڏي هند سنڌ جي اديبن جا
خط)، سڄڻن جا سلام (ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، سڄڻ ساريندي
(ڊاڪٽر بلوچ جا عالمن ۽ اديبن جا ڏي لکيل خط)، ياد گهر (ڪوثر ٻرڙي
ڏي مختلف ليکڪن ۽ دوستن جا لکيل خط)، سنيهڙا (ولي رام ولڀ ڏي ڌيئرن
جا لکيل خط)، جبل مٿي باهڙي (نجم عباسيءَ جا يوسف سنڌي ڏي خط)، ڏونگر
سي ڏورينديون (جِي ايم سيد ۽ درشهوار سيد جا هڪ ٻي ڏي لکيل خط)، ماکيءَ
مٺا ماڻهو (مهتاب محبوب ڏانهن هند ۽ سنڌ جي اديبن جا لکيل خط)، خيال
خطن ۾ خواب اکين ۾ (منصور ملڪ جا دوستن ۽ ليکڪن ڏي لکيل خط)، سور سنيها
نينهن نياپا (منصور ملڪ جا دوستن ڏي لکيل خط)، تو لکيو مون پڙهيو
(منصور ملڪ کي لکيل خط) ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن.
مٿين
مجموعن مان ادبي نوعيت وارن خطن جي مجموعن کي الڳ ڪبو ته مهان شاعر شيخ اياز جو جي
ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ٻوليءَ جي حسن
توڙي ادبي چاشنيءَ جي حوالي سان منفرد ۽ نمايان نطر ايندو. ان ڪتاب ۾ ڇپيل خط محمد
ابرهيم جويي ڏانهن لکيل آهن، جيڪي دراصل ’مهراڻ‘ ۾ ادبي خطن جي سلسلي تحت
جويي صاحبَ اياز کان لکرايا. اياز اهي خط ملڪ جي مختلف حصن مان ويهي لکيا ۽ اڪثر ’مهراڻ‘
۾ شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ اياز جا اهي خط صحيح معنى ۾ ادبي خطن جو جنم چئي سگهجن ٿا.
جيتوڻيڪ انهن ۾ اياز ڪي ذاتي ڳالهيون به لکيون آهن، پر گهڻو ڪري منجهن منظر نگاري،
فڪر ۽ ڏاهپ جو جهان پَسي سگهجي ٿو.
سنڌي
ٻوليءَ ۾ مختلف قسم جي خطن کي منظر عام تي آڻڻ جي حوالي سان سائين جِي ايم سيد جو
ڪردار ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ هن جا پنهنجا خط جيڪي هن مختلف عالمن، اديبن ۽
سياستدانن ڏانهن لکيا آهن، باضابطا طور سامهون نه آيا آهن، پر ڏانهس لکيل خطن جو
ججهو انگ ڇپجي پڙهندڙن اڳيان آيو آهي. خطن جي انهن مجموعن مان وري ٻه رهاڻ
۽ ساهڙ جا سينگار خصوصي اهميت رکن ٿا. رهاڻ ۾ سنڌ جي
تاريخ جي اهم ڪردار سيد ميران محمد شاهه جا اهي خط آهن، جيڪي هن وقت بوقت جِي ايم
سيد ڏي لکيا. هنن خطن مان ميران محمد شاهه جي ذات کي بي پرده پسي سگهجي ٿو. سندس
پسند، ناپسند، شوق شڪار، سياسي بصيرت، سماجي ڪارگذاري، مطلب ته هن جا خط کليل ڪتاب
وانگر آهن. هن بنا ڪنهن هٻڪ جي محبت جي معاملن کي به کولي بيان ڪيو آهي. انهن خطن
۾ سندس رنگين ٻولي پڙهڻ وٽان آهي، پر جڏهن هو ڪنهن سنجيده سياسي مسئلي تي ڳالهائي
ٿو ته هن جي اندازِ تخاطب ۾ مدبراڻي سنجيدگي نظر اچي ٿي. ميران محمد شاهه جا اهي
خط سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهن. اهڙيءَ طرح ساهڙ جا سينگار ۾ وري
مهان ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا، جي ايم سيد ڏي لکيل خط آهن. ان مجموعي ۾
جيتوڻيڪ ڪجهه خط ايلسا قاضيءَ جا به آهن، پر گهڻائي علامه صاحب جي خطن جي آهي.
انهن مان اڪثر خط انگريزيءَ مان ترجمو ڪيا ويا آهن، پر اهو ترجمو به نهايت سُپڪ ۽
سولي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهي. هنن خطن ۾ علامه صاحب هڪ فلسفي ۽ ڏاهي کان علاوه هڪ گائيڊ
۽ رهبر طور نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي شائستگي ۽ اندازِ بيان جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن
خطن ۾ نه رڳو جِي ايم سيد سان محبت ۽ ويجهڙائيءَ جو اظهار ٿيل آهي، پر انهن مان
علامه آءِ آءِ قاضي جي طبيعت ۽ فڪري لاڙن جي پڻ پروڙ پوي ٿي.
سنڌيءَ ۾
ڇپيل خطن جي مجموعن ۾ علي نواز وفائيءَ جي خطن جو مجموعو وفائيءَ جا خط
الڳ رنگ ۽ ڍنگ ۾ نظر اچي ٿو. هن اهي خط ڪنهن خيالي نوجوان جي نالي لکيا آهن، جيڪي
اخبار ’آزاد‘ ۾ ڇپيا ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ آيا. وفائيءَ جي قافيه پيمائيءَ
۽ لفظي جادوگريءَ جو متعرف ڪير ناهي! ساڳيو انداز هنن خطن ۾ به نظر اچي ٿو، پر پڙهندڙ
کي گهڻيءَ دير تائين لفظن جي ريشمي ڏوريءَ ۾ نه ٿو ڦاسائي سگهجي. موضوعي لحاظ کان
هي خط ڄڻ ڊپٽي نذير احمد جي ناصحاڻن خطن جو تسلسل نظر اچن ٿا. اهڙيءَ طرح غلام
مصطفى شاهه جي خطن جو ڪتاب سير و سفر به خط نويسيءَ ۾ هڪ جدا طرز جو
ڪتاب آهي. سندس اهي خط آمريڪا جي دوري دوران اخبار ’الوحيد‘ لاءِ لکيل هئا،
جيڪي اخبار ۾ ڇپبا رهيا. هي ڪتاب اصل ۾ هڪ سفرنامو آهي، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيو
ويو آهي. ليکڪ اهي خط لکندي آمريڪا، ڪينيڊا، مصر وغيره جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ ڏني
آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي خط تقرير جو
روپ وٺي وڃن ٿا. هي خط دلچسپ هجڻ باوجود ادبي خطن واري ماڻ ۽ ماپ تي پورا نه ٿا
اچن.
سنڌي
ٻوليءَ جي صحيح معنى ۾ اورچ، ڏاهي، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لکيل
خط به ڪافي اهميت رکن ٿا. سندس خطن جو مجموعو سڄڻ ساريندي سنڌي ادب
جي تاريخ جي ڪيترن ئي گوشن تي روشني وجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو سلوڻو انداز تحرير
يقينن خوبصورت آهي. هن وٽ تصنع ۽ ڏيکاءُ نالي ماتر به نه آهي. خطن جي هن مجموعي ۾
ڊاڪٽر صاحب جي ٽڙيل پکڙيل خطن کي سهيڙيو ويو آهي. انهن خطن مان ڪيترائي خط تاريخي
نوعيت جا آهن. اهڙن خطن ۾ عثمان علي انصاري، جي ايم سيد، علامه دائود پوٽو، محمد
عثمان ڏيپلائي ۽ غلام رباني آگرو جي نالي لکيل خط شمار ڪري سگھجن ٿا. هنن خطن ۾
ڊاڪٽر بلوچ پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين جو به ذڪر ڪيو آهي ته پنهنجن دوستن سان شڪوه
شڪايتون به ڪيون آهن. ڪيترن ئي خطن ۾ نون ۽ پراڻن ليکڪن جي پڇيل سوالن ۽ مخلف ادبي
مونجهارن کي سلجهائيندو، هُو هڪ رهنما طور نظر اچي ٿو. ادبي نوعيت جي خطن جي
مجموعي مان طارق اشرف جو اڌ ملاقات به نمايان آهي. هي اهي خط آهن جيڪي
طارق مختلف ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ترندي لکيا آهن. خاص طور سندس اهي خط جيڪي ’هُن‘
(محبوبه) ڏانهن لکيل آهن، پڙهڻ وٽان آهن، جيڪي پيار ڪندڙن جي روح جي تارن کي ڇيڙي
ٿا وجهن. هن وٽ غالب جيان مڪالمي/ڊائلاگ وارو انداز به نظر اچي ٿو، جيڪو سندس خطن
کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿو. هن ڪتاب ۾ طارق اشرف جا اهي خط آهن جيڪي هن 22 مهينا
جيل ۾ رهڻ دوران دوستن، عزيزن ۽ پيارن ڏي لکيا. هُو جيئن ته بنيادي طور ڪهاڻيڪار
هو تنهنڪري سندس خطن ۾ به رومانوي لهجو ۽ افسانوي انداز نظر اچي ٿو. هن خطن ۾
جهڙِي ٻولي خوبصورت آهي تهڙي سندس تصورن جي دنيا. ڪافي خط بنهه ذاتي نوعيت جا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل خطن جي مجموعن جي ان
محدود تعداد کي ڏسندي جيڪڏهن مجموعي جائزو ورتو ويندو ته ادبي خط جي صنف ارتقائي
حوالي سان اسان کي بانبڙا پائيندي نظر ايندي. ايترو ضرور آهي ته ڪيترن ئي اديبن جا
ڪارائتا خط جيڪي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن جيڪڏهن ڇپجي منظر عام تي آيا ته سنڌي
ادب ۾ مڪتوب نگاريءَ جي صنف کي هٿي ملندي. اسان وٽ جيڪي ڳاڻ ڳڻيا نوجوان نثر نگار
موجود آهن ۽ جن جي نثر ۾ به شاعراڻي شگفتگي ۽ ترنم موجود آهي، انهن مان ڪو شڪ ناهي
ته فياض لطيف جو نالو پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هن وقت تائين لوڪ
اڳيان فياض جي سڃاڻپ جا ٻه چٽا حوالا آهن. هڪ مترجم ۽ ٻيو شاعر، ڇو ته هن جي ڇپيل
ڪتابن مان هڪ شاعريءَ جو ۽ ٽي ترجمي تي مشتمل آهن. جيئن هن جي شاعريءَ ۾ آبشار
ڌارائن وانگر هڪڙو وهڪرو آهي تيئن سندس ترجمن ۾ به نثر جي حسناڪين کي محسوس ڪري
سگهجي ٿو. هونءَ ته فياض هڪ نثرنگار طور به سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نانءُ نه آهي، پر
ڪتابي شڪل ۾ اوهان سندس نثر جي جادو کان پهريون دفعو واقف ٿيندا ۽ مون کي يقين آهي
ته سندس هيءُ ڪتاب هن جي سڃاڻپ جو هڪ مضبوط حوالو بڻبو.
فياض
لطيف جي هن ڪتاب ۾ سندس اهي خط آهن جيڪي هن دل جي لهوءَ سان لکيا آهن. اهي خط هن
پنهنجي دوستن، محبوبن ۽ هم عصر اديبن ڏانهن وڏي چاهه ۽ پنهنجائپ سان لکيا آهن.
انهن خطن ۾ هن پنهنجيءَ دل جا دفتر کولي رکيا آهن. سندس لکيل هر سٽ ۾ اظهار جي
انوکائپ ۽ احساس جي سچائيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. لفظ هن وٽ رڳو کيڏوڻن وانگر نه
آهن جن سان هُو پنهنجي دوستن جي دل ونـدرائـيـنـدو هجي، پر اهي پنهنجي پوريءَ سگهه
۽ فڪري اڏام سان جلوه گر ٿين ٿا. فياض جي خطن ۾ ڇا آهي؟ ان سوال جو جواب اهو ئي ٿي
سگهي ٿو ته انهن ۾ ڇا نه آهي! ڇو ته سندس مذڪوره خطن ۾ فڪر ۽ فلسفي جي ڳوڙاهپ به
آهي ته عشق ۽ عقل جي مامرن تي بحث پڻ. اهي خط غم، خوشي، آس، نراس، يقين، بي يقيني،
اضطراب ۽ بي چينيءَ جهڙن ڪيئي احساسن جو رنگ محل سجائين ٿا. هنن خطن ۾ فياض پنهنجي
اندر جي ڪائنات کي پنهنجي پوريءَ سندرتا توڙي ڪَرب سان جيئن جو تيئن ۽ کولي پيش
ڪيو آهي.
فياض
لطيف جي هن ڪتاب ۾ موجود خطن جو عرصو 14 سالن تي محيط آهي. انهن چوڏهنِ سالن ۾ هُو
پنهنجي پيارن سان ڪيئن مخاطب ٿيو آهي ۽ ڪهڙيون روح رچنديون ڪيون آهن، ان لاءِ سندس
ڪتاب ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي.
هن
مجموعي ۾ ٽن قسمن جا خط شامل آهن. هڪڙا ذاتي خط آهن، جن ۾ فياض پنهنجي دوستن ۽
پيارن جي اڳيان پنهنجي اندر جي ڪائنات کي کولي رکيو آهي ۽ پنهنجي ذات جي باريڪ کان
باريڪ حوالن تي به گفتگو ڪئي آهي. انهن خطن ۾ سندس درد جو صحرا به پسي سگهجي ٿو،
ته مشڪلاتن ۽ مصيبتن جا ٿوهر به ڏسي سگهجن ٿا، پر جيڪڏهن هن جي اندر جي رڃ ۾
خوشيءَ جي ڪا ننڍڙي مکڙي به ٽڙي ٿي ته هُو ان جي خوشبو کي به پوسٽ ڪري ٿو. فياض جا
اهي خط ذاتي هوندي به ادبي لطافت سان ڀرپور آهن. ٻيا نج ادبي خط آهن، جن جو موضوع
ئي ادب آهي. اهڙا خط گهڻو ڪري هن پنهنجي ليکڪ دوستن ڏي لکيا خط آهن. سندس ان قسم
جي خطن ۾ مونس اياز، اسحاق انصاري، ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، مظهر ابڙو، اعجاز منگي،
ضمير لاشاري، احسان دانش ۽ منظور ٿهيم ڏانهن لکيل خط خاص اهميت رکن ٿا. انهن خطن ۾
هن ادب جي مختلف رجحانن، ڪهاڻي، شاعري ۽ دنيا جي ادب کي موضوع بڻايو آهي ۽ نهايت
ڀرپور اظهارِ خيال ڪيو آهي. ٽئين قسم جا خط رومانوي آهن. هي خط فياض لطيف پنهنجي
محبوبه جي نالي لکيا آهن. اها محبوبه جنهن سان هو عبادت جي حد تائين محبت ڪري ٿو.
هنن خطن ۾ ڪو احساسن جو سمنڊ آهي، جيڪو اٿلون کائيندو ڪاغذ جي سيني کي سيراب ڪندو
ٿو وڃي. هونءَ به محبت جا معاملا نرالا هوندا آهن، انهن کي لوڪ ڪٿي ٿو ساڃاهي
سگهي! شاعر صحيح چيو آهي ته:
یہ
عشق نہیں آساں بس
اتنا سمجھ لیجئے
اک آگ کا دریا ہے اور کود کے جانا ہے
اک آگ کا دریا ہے اور کود کے جانا ہے
سو فياض
جي اهڙي قسم جي خطن کي پڙهندي، اهو ضرور سوچيو ۽ ويچاريو وڃي، ته هن ان عشق جي آڳ
۾ ڪُڏندي لفظن کي ڪُندن بڻائي اهي خط تحرير ڪيا آهن.
فياض
لطيف جا خط خوبصورت لفظن جي رنگين ۽ ريشمي ڏورين سان ٻَڌل آهن، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي
انهن ۾ پيچيدگي به محسوس ٿئي ٿي، پر حقيقت ۾ اهي پيچيده هوندي به سليس آهن ڇو ته
اهي محبت سان لکيل آهن... ۽ محبت سان لکيل هر حرف پنهنجي الڳ سڳنڌ ۽ سرهاڻ کنيو
ايندو آهي، تنهنڪري سندس هن پورهيي کي پيار جي پُرڪيف نگاهن سان پڙهبو ته ان ۾
ازلي سچائي ۽ هن جي اندر جي اجري ڪائنات کي پسي سگهبو. فياض دل جو سودو به محبت جي
معيار تي ڪيو آهي، تنهنڪري ڀٽائيءَ جي بيت ”محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن“ وانگر
چاهه جي بازار ۾ ان وکر کي پڪ اٿم ته اوهان مان ڪيئي صراف پارکو/پڙهندڙ قدر جي
نگاهه سان ڏسندا.
فياض
لطيف جي خطن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ روايتي سلام دعا، خوش خير عافيت ۽ آداب و تسليمات نه ملندي. هونءَ به هُو رسمي حال
احوال جو قائل نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جو ڪو به خط ادبي لطافت کان وانجهيل
نه آهي. هن جا ڪافي خط موضوعاتي آهن جن ۾ هن پنهنجن دوستن سان دل کولي ڳالهايو
آهي. هن جِي دوستن سان گفتگو بي تڪلف ۽ پنهنجائپ واري آهي.
ڀائو،
جنهن کي فياض ڀيڻ جي مقدس رشتي سان تعبير ڪري ٿو، ان جي نالي لکيل هڪ خط ۾ فياض
ساڻس پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جو هن طرح اظهار ڪيو آهي: ”ڀائو! تون ڀلي مون سان
کوڙ شڪوه شڪايتون رکندي ڪر، ناراضگيون ۽ رنجشون اظهاريندي ڪر، من جون بي چينيون ۽
دنيا جون بي رخيون بيان ڪندي ڪر، آءٌ هر لمحي تو سان احساس جي ڳراٽڙي پائي ساٿ ۾
شامل هجڻ جو آٿت آڇيندو رهندس، پر اڄ کان پوءِ خودڪشيءَ جهڙي بزدليءَ جو خيال به
سوچيو اٿئي ته پوءِ نه صرف توکان ناراض ٿي ويندس، پر آءٌ پنهنجي پوري پيار کي
پنهنجي وجود ۾ ئي بي معنى ڀائڻ لڳندس، ڇو ته منهنجو وجود ۽ اهي محبتون ئي ڪهڙي ڪم جون، جيڪي تو کي آٿت ۽ آجپو آڇي نه ٿيون
سگهن!“
مظهر
ابڙو جڏهن خودڪشيءَ جو اٽيمپٽ ٿو ڪري، ته فياض جا لفظ رت جا ڳوڙها روئن ٿا: ”پيارا!
ڪنڊن لاءِ ته مڙئي موسمون ساڳيون هونديون آهن، پر هڪ آدرشِي انسان ئي ته ڪنول جيان
هوندو آهي. جنهن عمر ڀر لفظن جي بي جان بتن ۾ هميشه جياپي، جان، امنگ، انس ۽
اتساهه جو روح پئي ڀريو آهي سو پنهنجي ئي جيون جي لاٽ کي خودڪشيءِ جي ٻاٽ جو بَک
بڻائڻ جو عمل ادا ڪندو، تنهن جي عملي مظاهري منهنجي احساساتي وجود کي سچ پچ وکيري
ڇڏيو آهي.“ (28 فيبروري 2001)
ايڏي
آٿت، همت افزائي ۽ تسلي ڏيندڙ شخص، جيڪو پنهنجن دوستن سان بي انتها پيار ڪري ٿو،
پنهنجي اندر ۾ ڪيترو ٽـٽل ۽ ڀڳل آهي، ان جو اندازو
سندس ڪيترن ئي خطن مان لڳائي سگهجي ٿو. هو خود عجيب محرومين جو شڪار رهيو آهي.
انهن محرومين جا لڙڪ سندس لفظن مان جهلڪن ٿا.
”منهنجا
هٿ خطائن کان خالي هوندي به هر ڀيري عتابن جي اڳيان رهيا آهن. مون پنهنجي جياپي جي
جواز لاءِ انيڪ فريبن کي دريافت ڪيو آهي. منهنجي وجود جي مٽيءَ ۾ ازلي پياس آهي.
خبر ناهي خدا منهنجي تقدير ۾ اڻ پورائيءَ جو انگ ڇو لکيو آهي!“ (پرينءَ ڏي لکيل خط.
31 مئي 2004ع)
”مون
تنهائيءَ ۾ جڏهن به پنهنجي جيون جي ڪٿا جو ڪاٿو ڪيو آهي، منهنجي حاصلاتن جا هٿ
ڪنڊن سان ڀرجي ويا آهن. آءٌ پوري عمر تلاش جي صحرا ۾ پياسي هرڻ جيان ڊوڙيو آهيان،
پر پوءِ به پياسو ئي رهيو آهيان. پياس منهنجي ساٿ ۾ سدائين رهي آهي... منهنجي
پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي جنهن ۾ ڏاهپ ۽ دانش بدران سرڪشي ۽ سرفروشي کي اوليت رهي
آهي...آءٌ پنهنجي وجود جي ڪشتيءَ جو اهو بچي ويل حصو آهيان، جيڪو لهرن جي هٿن مان
کسڪي ڪنهن ڪناري جي آغوش ۾ اچڻ لاءِ آتو آهي، پر هر ڀيري ڪناري جي آس منهنجي آرزوءَ
جي هٿن ۾ هيڪلايون ئي ڏنيون آهن!“ (مبارڪ ڏي لکيل خط. 2 ڊسمبر 1998ع)
انهيءَ
گُهٽ ٻوسٽ، بي يقينيءَ ۽ محروميءَ جي احساس جي ڪري فياض لطيف جو رشتن تان ويساهه
ئي کڄي ويو آهي. هُو بار بار پنهنجن خطن ۾ رشتن جي ناپائداريءَ ۽ تعلقات جي ڇڄندڙ
تند جو ذڪر ڪري ٿو، پر فياض اهڙين ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي اپڙندي به دوستيءَ جو دامن
هٿان نه ٿو ڇڏي ۽ سرڪس جي جوڪر وانگر پنهنجي اندر ۾ سوين درد سانڍي، پنهنجا لڙڪ
لڪائي، پنهنجي مُکَ تي اطمينان جو ماسڪ چنبڙائي، دوستن کي مايوسيءَ جي موسم ارپڻ
بدران سندن نيڻن کي محبتن جا خواب ٿو آڇي. دوستي هن لاءِ هڪ مقدس رشتو آهي. هو ان
رشتي جي اهميت کان واقف آهي. امتياز ڏي لکيل هڪ خط ۾ جيتوڻيڪ فياض ساڻس شڪوه ڪري
ٿو، پر ان شڪوي سان گڏ کيس دوستيءَ جو احساس پڻ ڏياري ٿو.
”امتياز!
دوست ته دلين جي ڀرندڙ ڀتين جي ٽيڪ ۽ من جي گهاون جو مرهم ٿيندا آهن. دوست ته رڃ ۾
پاڻيءَ جو شفاف چشمو ۽ تنهائيءَ جي تاريڪ راتين ۾ آشا ۽ اميد جو ڪِرڻو ٿيندا
آهن...دوست ته دلين جي چهاڙيون چولي تي آٿت جي چتي ۽ غم جي درياءَ ۾ دلين جي ٻڏندڙ
ٻيڙن جا سڙهه ٿيندا آهن! پر تون ڪهڙو دوست آهين! تو وٽ ته آٿت جي لفظن جا ٻه پها به ڪونهن.“ (4 جنوري
1993)
حبيب
ساجد ڏي لکيل خط ۾ فياض سٺن دوستن ۽ سٺن ڪتابن کي پنهنجي ڪمزوري سڏيو آهي:”سٺا
دوست ۽ سٺا ڪتاب ٻئي منهنجي محبوب ڪمزوري رهيا آهن ۽ اڄ آءٌ جو ڪجهه به آهيان، اهو
فقط ۽ فقط پرخلوص دوستن جي ساٿ ۽ ڪتابن جي قرابت سبب ئي آهيان.“ (13 مارچ 2001)
فياض،
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي سچل چيئر ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ريسرچ فيلو طور ڪم ڪيو.
ان مختصر عرصي ۾ هن پنهنجي محبتي طبيعت ۽ سهڻي سڀاءَ سبب ڪيئي دوست ٺاهيا. جڏهن
کيس نوڪريءَ تان هٽايو ويو ته هن پنهنجن انهن دوستن، جن سان سندس روح رهاڻيون ۽ جن
سان خيرپور جون خوبصورت شامون ٽهڪ ڏيندي گذاريون، تن ڏانهن خط لکي پنهنجي سندر
يادن جا در کوليا آهن. هن جا اهڙا خط اسحاق انصاري، مونس اياز، سجاد ميراڻي ۽ حاجي
خان ڏاهري ۽ ٻين ڏانهن لکيل آهن. سچ ته فياض جي اهڙن خطن ۾ پنهنجو حسن ۽ حقيقت
آهي. انهن خطن ۾ اداسيءَ جي واءُ به گهلندي محسوس ٿئي ٿي ۽ خوبصورت منظر به ڏسڻ ۾
اچن ٿا.
”موهن جي
دڙي جي کنڊرن ۾ ڪجهه ملڻ ۽ واپسيءَ تي ڄڻ ته اتي ڪجهه وسري وڃڻ جو احساس هر ڀيري
شدت سان ٿيندو اٿم. اهو ساڳيو احساس خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ مان به هر ڀيري
واپسيءَ تي ڏاڍو وياڪل ڪري ڇڏيندو آهي... پيارا، سچ پڇين ته منهنجي اندر جي ٽئگور
لاءِ لطيف يونيورسٽي شانتي نڪتين جو ٻيو روپ آهي...“ (اسحاق انصاري ڏي لکيل خط. 18
نومبر 1996ع)
فياض
لطيف جا اهي خط جيڪي هن پنهنجن اديب دوستن ۽ ادب دوست سڄڻن ڏي لکيا آهن، انهن ۾ علمي
۽ ادبي معاملن تي هن جي نظر گهري محسوس ٿئي ٿي. اهڙن خطن ۾ هن ادب جي فڪري ۽
نظرياتي پهلوئن ته به ڪافي ڳالهايو آهي. سندس انهن خطن مان هن جي ڳوڙهي مطالعي ۽
مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ان حوالي سان 1996ع ۾ مونس اياز جي نالي لکيل هڪ خط ڪافي
اهم آهي، جيڪو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو.
”مونس
سائين! يقين ڪريو، مون جيستائين گرو رجنيش کي نه پڙهيو هو، تيستائين سڌارٿ
۽ چتر ليکا جهڙا اندر ۾ لهرون پيدا ڪندڙ ناول پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو
هوس. هينئر جڏهن انهن کي ٻيهر پڙهيو اٿم، تڏهن گوتم جي ”سروم دکم دکم“ جي فلسفي کان وٺي ڀٽائيءَ جي ”ٻوڙو ٿي ٻڌيج،
گونگو ٿي ڏسيج“ جي گيان تائين جو منطق
منهنجي من اندر نئين نکار سان نروار ٿيو آهي ۽ گروءَ جي انهن گياننLose your self into the arms of darkness, behold un consciousness, you will
feel consummation there. You will feel equity and expose face of your eternal
beloved منهنجي تخيل جي تاڪين کي وڌيڪ کولي ڇڏيو آهي.“
(نومبر 1996ع)
ان قسم
جا ٻيا به ڪجهه ادبي خط هن مجموعي ۾ شامل آهن.
خطن جي
هن مجموعي ۾ فياض جا اهي خط جيڪي هن پنهنجي محبوبه ڏي لکيا آهن، هڪ نرالي حيثيت
رکن ٿا. اهي خط هن اندر جي اٿاهه گهرائين سان لکيا آهن، جن ۾سندس جذبن ۽ احساسن جو
ڇوهو طوفان به نظر اچي ٿو، ته لمحي لمحي انوکين ڪيفيتن جون لهرون به ڏسجن ٿيون.
اهي پريم-پتر سچ ته پريم نگر جي واسين لاءِ هڪ تحفو آهن، ڇو ته فياض پنهنجن
رومانوي خطن ۾ جن ڪيفيتن جا چٽ چٽا آهن، اهڙِيون ڪيفيتون محبت جي راهن تي هلندڙ هر
پريميءَ تي طاري ٿينديون آهن، پر فياض انهن سمورين ڪيفيتن کي جنهن انوکي فن ۽
خوبصورت لفظن جي مالها ۾ پوئي اظهاريو آهي، اهو هر ڪنهن جو ڪم ناهي. محبت جي نازڪ
ڏور ۾ ٻڌجڻ کان اڳ اها ئي محبتَ ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات کي ڪوڙين رنگ، رونقون ۽
سڳنڌون ارپي سندس وجود کي مهڪائي ڇڏيندي آهي.
۽ جڏهن
فياض ان خوبصورت محبت ۾ ڦاسي ٿو ته هڪ عجيب بي خوديءَ جي عالم ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ۽
محبت جي گهرائين ۽ وسعتن جي ڪَٿَ ئي نه ٿو ڪري سگهي. محبت جي ديوي دل تي حڪومت ڪري
۽ آهستي آهستي اها اندر جي ڪائنات کي ڪيئن ٿي تبديل ڪري، هُو اهو سمورو لقاءُ
محسوس ڪري ٿو ۽ ان حالت ۾ هن جي دل جي ڪيفيت شيخ ايازجي هن شعر جهڙي ٿي پوي ٿي:
خبر ناهي ته ڇو آهي ۽ ڇا آهي،
محبت زندگـيءَ جي انتهـا آهي.
بنگال جي
عظيم ليکڪ ٽئگور صحيح چيو هو ته ”محبت مڪمل زندگي آهي ۽ ان جو نشو سڄي حياتي انسان
کي مدهوش رکي ٿو.“
حقيقت
اها آهي ته مون فياض جي اکين ۾ اها مدهوشي ڏٺي آهي. جنهن ڏينهن هُو پيار جي حسين
ڄار ۾ جڪڙجي ويو، تنهن ڏينهن مون سندس اکين ۾ عجيب چمڪ ڏٺي. اها چمڪ پاڻيءَ جي ڪنهن
شفاف چشمي تي پوندڙ سج جي پهرين ڪرڻن کان به حسين هئي. ان ڏينهن هن مون کي پاڻ
مرڪي ٻڌايو هو “Dear I am in love” ۽ مون کيس ڀاڪر
۾ ڀري ڳل تي مِٺي ڏني هئي، پر جيڪڏهن هو اهو مون کي نه ٻڌائي ها، ته به آءٌ سندس
نيڻن مان لفظ لفظ ڪري سندس اندر جي ڪيفيتن کي پڙهندو وڃان ها.
فياض
لطيف جڏهن پيار جي احساس کي انتهائي قريب کان محسوس ڪيو، تڏهن سندس تخيل جي ڪائنات
۾ محبت جون معنائون ئي مَٽجي ويون. هاڻي هن جا پتر پيار جي پوتر سڳنڌ سان مهڪڻ
لڳا. ڀائوءَ جي نالي لکيل هڪ خط ۾ هو پيار جي تشريح هنن لفظن ۾ ٿو ڪري. ”ها! پيار
ته دوريءَ ۾ قرابت جو احساس ۽ قرابت ۾ عبادت جو آنند اٿئي. بي چينيءَ ۾ قرار ۽
قرار ۾ عجيب بي قراري اهو ئي ته آهي محبت جو معجزو...پيار، وجودي ۽ احساساتي
ارپنائن جي اها واحد ۽ محبوب صداقت آهي، جنهن جي هر لمحي کي هزارين حيرتون ۽ اڻ
ڳڻيون سندرتائون ٿيون هجن. (14 جون 2004)
جڏهن
فياض کي محبت جي موٽ ۾ پيار جا گل پلئه پون ٿا ته سندس من ۾ خوشين ۽ خوبصورتين جا ڦول
ڦولارجي وڃن ٿا ۽ جڏهن وري پرينءَ سان ملاقاتن جي موسم اچي ٿي ته سندس اندر جون
خزائون خودڪشي ڪري ڇڏين ٿيون ۽ هر بار ان قرب جي ڪٺ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي سانئڻ
ڏي پريم پتر لکي ٿو ته لفظ سندس دل جي اجري نديءَ مان وضو ڪري نڪرن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي
اهي خود ڪنهن سيل روان وانگر تيز تيز وهندا ٿا وڃن. احساس جي ڍنڍ مان لفظن جا ڪنول
چونڊيندي ڪٿي ڪٿي فياض لطيف جو اظهار عقل ۽ منطق کان ماورا به محسوس ٿئي ٿو، پر ان
کي محبت جي اکين سان پڙهي بنا دليل قبول ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به جتي عقل جا دليل
ختم ٿيندا آهن اتان عشق جو سفر شروع ٿيندو آهي. فياض جي هيٺئين خط جي سٽن مان اهو
سڀ ڪجهه محسوس ڪري سگهجي ٿو:
”تون
منهنجي لازوال پياس جو اهو چشمو آهين، جنهن جي سحر ۽ پوتر ڌارائن اڳيان جُهڪندي،
اڄ واقعي ئي اها سرهائي ۽ مسرت محسوس پئي ٿئيم، جنهن جي سرمستيءَ جي بيان ۽ اظهار
لاءِ منهنجي لفظن جي پوري اميري سچ ته ڏاڍي مفلس ٿي ڀاسي، تنهنڪري ”تون“ جيڪا
منهنجي محبت جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ گل جيان آهين، تنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پرنام ڪرڻ
لاءِ آءٌ وري به سر بسجود آهيان... تو جنهن محبت جي روح سان، منهنجي پيار کي
پڪاريو ۽ منهنجي جيون کي مانُ ۽ مريادا عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن منهنجو وجود واقعي بي
جان به هجي ها، تڏهن به مون کي وشواس آهي. ته اهو تنهنجي سڏ جي وراڻيءَ لاءِ، هڪ
لمحو ئي سهي پر ضرور زنده ٿي پوي ها....!“ (سائنڻ ڏي لکيل خط. 28 ڊسمبر 2001)
فياض
لطيف جو جڏهن به پنهنجي سانئڻ سان ميلو ٿئي ٿو ته سندس دل جا دڳ روشن ٿي وڃن ٿا،
نيڻ مرڪڻ ۽ لفظ مهڪڻ لڳن ٿا. هن جا اهڙا خط جن جي لفظن ۾ محبوبه سان ملاقات کان
پوءِ جو سحر ڇانيل آهي، اهڙا خط پڙهندي احمد نديم قاسميءَ جو شعر بار بار ذهن تي
تري اچي ٿو:
محبت
ایک سمندر ہے، وہ بھی اتنا بسیط
کہ اس میں کوئی تصور نہیں کنارے کا
کہ اس میں کوئی تصور نہیں کنارے کا
”تنهنجي ملڻ جي آس ۾ سوين ڳالهيون
ساهه ۾ سانڍيل هونديون آهن، پر ڪلاڪن جو عرصو به لمحن ۾ گذري ويندو آهي. تنهنجي
چاهت مان جيءُ ڍاپندو ئي ڪونهي. اکيون پوري طور تنهنجي پياس مان پلبيون ئي ڪونهن.
چپ چاهت جي مسافت ۾چين جي ساحل تي پهچڻ کان اڳ ئي پياسا رهجي ويندا آهن. بدن
تنهنجي ڀاڪرن جي بارشن ۾ پوري ريت پُسڻ کان پوءِ به اڃايل ئي رهندو آهي. خبر ناهي
وقت پويان ڪهڙي هلاڪو جو لشڪر لڳل هوندو آهي، جڏهن جڏهن به پاڻ ملندا آهيون...!
لڳندو آهي توکي موھ جون موسمون هوائن جي هٿ تريءَ تي مون وٽ کڻي اينديون آهن ۽ تون
منهنجي وجود جي پن پن ۾ سڳنڌن جو ساءُ پکيڙي خوشبوءَ جو خواب بڻجي ويندي آهين ۽
آءٌ ڏينهن تائين پنهنجي بدن جي بي قرارين ۾ تنهنجي قرب ۽ قرار جون سرهاڻيون
ووڙيندو رهندو آهيان.“ (23 ڊسمبر 2003)
فياض جو پنهنجي سانئڻ، پنهنجي
جانان سان روح جو رشتو رهيو. هن پنهنجي محبوبه کي اندر جي اٿاهه گهرائين سان چاهيو،
پر اها چاهنا جي لاٽ جيڪا عشق جي آتش بڻجي، جنون جون حدون به اورانگهي ويندي آهي،
جڏهن وقت جي طوفانن سان وڙهندي وڙهندي موت جون هڏڪيون ڏيڻ لڳِي، ته هن جا لفظ لڙڪ
بڻجي ويا. فياض پنهنجي دل تي جدائيءَ جو ڏونگر جيڏو ڏک سٺو آهي، تڏهن ئي ته پرينءَ
سان تعلق جي تنـد ڪمـزور ٿيڻ کان پوءِ وارن خطن ۾ سندس لفظ سڏڪندي ٿا محسوس ٿين:”تو
بن آءٌ هي پنهنجي بي قراري ۽ اضطراب جي هڙ ڪهڙي ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکان! منهنجي ڪمري
جو هنج ته ڪتابن ۽ درد جي صدائن سان ڀريو پيو آهي، جتي هاڻي ته منهنجي هيڪلائيءَ
جو هينئون به ڪنهن زخمي پنڇي جيان پنهنجيءَ پرواز جا پر وڃائڻ لڳو آهي. خاموشي
مسلسل پنهنجيءَ ئي پڪار جا پڙڏا ۽ ڪتابن جي خاموش وجود کي جنجهوڙڻ جي باوجود آواز
کان خالي احساس جو درد، ڪنهن خنجر جيان منهنجي نس نس ۾ ايترو ته اونهو لهي چڪو آهي،
جو هينئر مون لاءِ درد جي شدت ۽ ماٺار جي احساس
واريون معنائون ئي معمولي بڻجي چڪيون آهن... غم جا پهاڙ ڪيتري تائين صبر جي سيني ۾
سانڍي رکجن! آڳ ته آخر پنهنجو پيچرو خود ئي ووڙي وٺندي آهي...!“ (15 اپريل 2002)
فياض
لطيف جي هن ڪتاب ۾ مجموعي طور فڪر جي گهرائي ۽ تخيل جي جوهر کان سواءِ ٻوليءَ جو
حسن، جادوگري ۽ مٺاس هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي، پر هن ڪٿي ڪٿي عجب جهڙا اصطلاح،
محاورا، تشبيهون ۽ استعارا به استعمال ڪيا آهن. اهي بنهه نوان آهن ۽ انهن کي سمجهڻ
لاءِ سرت ۽ ساڃاهه جون اکيون ۽ سڻڻ لاءِ سماعتون گھرجن. فياض جي اهڙن اصطلاحن،
محاورن، تشبيهن ۽ استعارن ۾ دل جا نيڻ نپوڙڻ، احساس جا پاند آلا ڪرڻ، ڪلمي جهڙا
چپ، پوپٽن جي آوارگيءَ جهڙو جياپو، ڪوڪ جو قافلو، خواب جي مٽي، خوشبو جو بدن، غرض
جو ڇتو ڪتو، آڱرين جي بي چيني، عقل جون آڱريون، اوجاڳيل سمنڊ، اوجاڳيل آڱريون، بي
روح جياپو، سنڍ ٿيل معاشرو وغيره شامل آهن. انهن جو استعمال سندس خطن ۾ مختلف جڳهن
تي ٿيل آهي.
هن جي
اظهار ۾ نماڻپ به آهي، ته فلسفياڻو انداز به. جيتوڻيڪ سندس بيان پيچيده آهي، پر
احساس جي تازگي ان کي سليس بڻائي ڇڏي ٿي. فياض جي هيٺين خط جي چند سٽن کي پڙهي ڏسو،
جن مان شيخ اياز جي سوات ۽ ڀوربن مان لکيل خطن واري منظرنگاري ۽ موهه به نظر اچي
ٿو ته احساس جي خوشبو پڻ.
”خبر
ناهي آدميءَ جي مٽيءَ ۾ ڪهڙي محبوبيت جي مهڪ سمايل آهي، جو خود خالق ڪائنات به ان
سڳنڌ جي معرفت سڃاپجڻ کي ترجيح پئي ڏني آهي. واقعي هي سارو سنسار ڏاڍو سندر آهي.
چنڊ سان ڀريل هي آڪاش، هي بادلن جا سرمئي سلسلا، هي پهاڙن جي آغوش ۾ آهلجندڙ
ننڍاکڙو سج، هي پرهه ڦٽيءَ جو پرندن جون پياريون ٻوليون، هي رنگ برنگي گلن سان
ٽنڊڙيل ڌرتيءَ جون رونقون، هي سمنڊ جون ساحرانه موجون، هي بهارن جون معطر هوائون،
هي خزائن جي پُرآشوب موسم... پر جا حسناڪي حوا ۽ آدم جي اولاد، انسان جي وجود جي
ميراث آهي، سا ٻي مخلوق جي مقدر ۾، گهٽ ۾ گھٽ مون کي ته نظر ڪو نه آئي آهي...“ (سانئڻ
ڏي لکيل خط. 5 نومبر 2001ع)
فياض
لطيف انسان جي ڪامل وجود ۽ عظمت تي يقين رکي ٿو. هو انساني محبتن جو معترف آهي. هن
پاڻ لکيو آهي: ”آءٌ انساني محبتن جو معترف آهيان، تنهنڪري مٽيءَ جي خوشبو منهنجي
ڪمزوري ۽ ماڻهوءَ جو موهه منهنجو محبوب ترين احساس آهي...“ زندگيءَ ۾ محبتون هن لاءِ
وڏي معنيٰ رکن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو سندس اکر اکر ۾ چاهت جو هڳاءُ ۽ سچائيءَ جي
سڳنڌ آهي.
خطن جي
هن مجموعي ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي ايڏا ته خوبصورت جملا ملن ٿا جن کي ڊائريءَ ۾ نوٽ
ڪري سگهجي ٿو. اهڙا جملا شايد فياض آگهيءَ جي آڱر وٺي نه لکيا آهن، ڇو ته اهي سندس
اندر جي اڇل ٿا ڀاسن. انهن ۾ جيڪا بيساختگي آهي، ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
·
جڏهن
اعتماد جي ديوي ئي عصمت فروشيءَ تي آماده ٿي وڃي، ته پوءِ مخلصيءَ جي مجذوبي ڪهڙي ليلا جي وفا جي ڪلمي تي پاڻ ڪُهائي؟
·
زندگيءِ
جي دشت ۾ جن پُرشن کي پيار جي ڇانو، دوستيءَ جي دلبري ۽ علم جي آگهي حاصل ٿي ويندي
آهي، انهن جي ننڊ عبادت ۽ جاڳ جياپو بڻجي ويندي آهي.
·
سڪون
لاءِ هيءَ ڌرتي ڪيتري نه محدود ۽ مسافت لاءِ ڪيڏي نه اکٽ ٿي هجي.
·
ٽٽي جڙڻ
۽ جڙي ٽٽڻ ته جياپي جي حسين حقيقت آهي. پٿرن جي شهر ۾ رهجي ۽ زخمن جي حقيقتن کي
وساري ڇڏجي، اها ڪيڏي نه ڀورڙائي چئبي....!
·
جڏهن
اکين کي خواب ۽ حقيقتون حاصل ٿينديون آهن، تڏهن زندگي هزارين ڏکن ۽ پيڙائن جي
باوجود به ڏاڍي پياري ۽ حسناڪ ڀاسندي آهي.
چارل
ڊڪنس ۽ هينري جيمس پاڻ ڏي آيل سمورا خط ساڙي رک ڪري ڇڏيا هئا. سندن خيال هو ته خط
سانڍڻ جي شيءِ نه آهن. هنن خبر ناهي ڪهڙي احساس جي وهڪري ۾ وهي اهو فيصلو ڪيو
هو... پر حقيقت اها آهي ته خط ۽ خاص طور ڪنهن تخليقڪار جا خط سندس زندگيءَ جي انهن
گوشن تي به روشني وجهن ٿا جيڪي نه ته آتم ڪٿائن ۾ عيان ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي وري
ڪن ٻين ادبي شاهپارن ۾. هينري جيمس پنهنجي گهر جي آڳر تي پاڻ ڏي آيل سمورا خط ته
کوڙ ڪر ساڙي ڇڏيا هئا، پر هن جا پنهنجا لکيل خط جيڪي هن اڌ صدي جي عرصي ۾ پنهنجن
پيارن ڏي لکيا هئا، اهي محفوظ رهيا ۽ جڏهن شايع ٿي ميدان تي آيا ته اهي ادب جي
دنيا جي بهترين خطن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. فياض لطيف، چارلس ڊڪنس ۽ هينري جيمس جيان پاڻ
ڏي آيل خطن کي نذر آتش نه ڪيو آهي، پر ساهه ۾ سانڍي رکيو آهي. هن نه رڳو ٻين جا خط
سنڀالي رکيا آهن، پر پنهنجن لکيل خطن جي به حفاظت ڪئي آهي. هن پاڻ هڪ خط ۾ لکيو
آهي: ”خط ۽ خواب مون کي ڏاڍا پيارا آهن.“ فياض جو هي مجموعو سندسن خطن سان
پيار ۽ سانڍ جو ثبوت آهي.
مٿئين مختصر تجزيي مان اوهان بخوبي اندازو لڳائي ورتو هوندو ته فياض جي خطن جو
هي مجموعو سنڌي ادب ۾ خط نويسيءَ جي حوالي سان ڪيترو لاڀائتو ثابت ٿيندو. مون کي
پڪ آهي ته توهان فياض لطيف جا هي خط پيار ۽ پنهنجائپ سان پڙهندا.
سائين توهان هن بلاگ تي نهايت ڪارائتو ڪم ڪري رهيا آهيو، اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪافي گهرج آهي، مهرباني ڪري جاري رکندا.
ReplyDeleteپياري فياض جي ڪتاب تي لکيل منهنجي هن مهاڳ کي هن بلاگ تي رکڻ لاءِ وڏا قربَ.
شال سدا آباد هجو.
سائين منھنجا لاجواب محنت آھي. ان کي قائم رکيو اچجو. اڌ ۾ ڇڏڻ سان اھا به رائگان ھلي ويندي.
ReplyDeleteتمام بهترين انداز سان لکيل خط
ReplyDelete