رکيل مورائي
”پير اڃا مون پنڌ ۾“
(قاضي خادم جي يادگيرين جو داستان)
سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪشن جي حوالي سان قاضي خادم نهايت اهم نالو
آهي، هو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي، پر ساڳئي وقت ناول نگار، مترجم ۽ هڪ اسڪالر پڻ آهي،
سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول ۾ قاضي خادم جو پنهنجو حصو آهي، جيڪو هن جي نالي سان سڃاتو
ويندو آهي. تازو ئي قاضي صاحب جي آتم
ڪٿا نما يادگيرين جو ڪتاب ”پير اڃا مون پنڌ ۾“ شايع ٿيو آهي، هي ڪتاب قاضي صاحب جي
يادگيرين جي سلسلي جو چوٿون حصو آهي. اها ڳالهه ان جي شاهدي ڏئي ٿي ته قاضي صاحب
جي يادگيرين جي پهريان آيل ٽن ڀاڱن کي سنڌيءَ ۾ پڙهيو ويو آهي ۽ جنهن جي موٽ ئي
کيس اتساهه ڏنو آهي، جو هاڻ هو پاڻ کي لکيت ۾ محفوظ ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ اڄڪلهه
کيس گهڻيون ئي مصروفيتون آهن، خاص طور علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، جنهن جو پاڻ
چيئرمين آهي. جنهن پاران پڻ ٿوري عرصي ۾ قاضي صاحب جي ڪوششن سان نهايت ئي ڪمائتا
ڏيڍ درجن کن ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته قاضي صاحب جو اصل ڪم
هيءَ آهي جيڪو سندس لکڻيءَ تي ٻڌل آهي. ڪتاب ”پير اڃا مون پنڌ ۾“ منجهه آيل
يادگيرين کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پنهنجي گذريل ڄمار جي نهايت
ننڍين ننڍين يادگيرين کي به گهڻي باريڪيءَ سان محفوظ ڪري رهيو آهي. سندس يادگيرين جي
لکڻ واري ڏانءُ مان خود سندس اندر جو ڪهاڻيڪار ظاهر ٿي بيهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو نهايت
تيز مشاهدي وارو تخليقڪار آهي، جنهنڪري باريڪيءَ سان پنهنجن مشاهدن کي يادگيرين جي
اندر آندو آهي.
آتم ڪٿا يا يادگيريون لکڻ لاءِ اهو قبول ڪيو ويو آهي ته انهن ۾
سچ هجڻ گهرجي پر اڄ جي تاريخ تائين اهو سچ طَي ڪير ڪندو
ته هيءُ ئي سچ آهي، ان ڪري هر ليکڪ ان ڳالهه ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي، ته هو پنهنجي
زندگيءَ ۾ آيل ۽ پنهنجي قبول ڪيل سچ کي اظهاري. ائين، يادگيرين جي حوالي ۾ به هو
آزاد آهي ته پنهنجين ڪهڙين يادگيرين کي لکي محفوظ ڪري ٿو ۽ ڪهڙين يادگيرين کي هو
غير اهم سمجهي نظرانداز ڪري ٿو. لکڻيءَ لاءِ ۽ ليکڪ لاءِ اهو ئي وڏو سچ آهي. ٽيون
۽ اهم مرحلو ليکڪ جي اها پاس خاطري آهي، جيڪا هو سماج سان رکي ٿو. ان موجب هو سماج
کي ڇا ٿو ڏيڻ چاهي، پر هر صورت ۾ ڪنهن به سماجي دٻاءَ کان آزاد ۽ پنهنجي ضمير
موجب، ٻئي طرف اهو به حقيقي/ تخليقي، سچ نه هوندو.
قاضي خادم صاحب، انهن سڀني شين کان واقف آهي، هڪ تخليقڪار طور.
ان ڪري هن جون لکيت ۾ آيل يادگيريون جيئن ته تخليق نه آهن، ان ڪري حقيقي ۽ سندس
اندر جي سچ جي ويجهو آهن ۽ ڪنهن به ليکڪ جي اهم ترين ذميواري اها آهي، جيڪا هن کي
گهڻو وقت زندهه رکندي. ڪتاب پڙهندڙ هر ڪتاب کي پنهنجي منشا موجب پڙهي ٿو، پر جيڪي
ڪتاب گهڻا پڙهيا وڃن ٿا، انهن لاءِ اهو چوڻ وڏو سچ آهي ته اهي گهڻن ماڻهن جي اندر
جي ۽ ٻاهر جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ قاضي صاحب جي هنن يادگيرين وارن ڪتابن لاءِ اها
ڪسوٽي اهم آهي. ٻوليءَ ۽ لکڻ جي سلسلي ۾ هونئن ئي هڪ ڪهاڻيڪار موجود آهي. جيتوڻيڪ
هي ڳالهيون ڪهاڻين کان ٻاهر جون آهن.
ڇپائيءَ جي حوالي ۾ هيءُ لاجواب ڪتاب نهايت سهڻي ٽائيٽل ۽ پڪي
جلد سان ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد جي سکاڻي، موهن مدهوش جي محنتن جو نتيجو آهي. پوڻن
پنجن سون صفحن تي ٻڌل هن يادگيرين جي ڪتاب ۾ قاضي صاحب جي مختلف دورن ۽ مختلف
حوالن جون تصويرون ڏنل آهن. ائين هيءُ ڪتاب هڪ يادگيرين جو دستاويز بڻجي پيو آهي.
هر تخليقڪار جڏهن تخليقي ڪم مان ٿڪجي پوي ته هن لاءِ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جو هيءُ
آبرودار طريقو آهي ۽ اڄ جو پڙهندڙ چاهي به اهو ٿو. ڪتاب جو ملهه پنج سَو رپيا آهي.
ٺيڪ آھي. بلاگ کي اڃا به پوسٽن جي ضرورت آھي. ڪم کي جاري رکندا ته بھتر.
ReplyDeleteانجنيئر عبدالوھاب سھتو