خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ
(نالي واري شاعر نواز علي ’نياز‘ جعفري جي
شاعريءَ بابت ڪجھه ويچار)
سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ ۾ ويهين صدي عيسويءَ کي وڏي حيثيت حاصل آهي. هن صديءَ
جي پهريَن 50 سالن ۾، اسان کي سنڌي غزل گُو شاعريءَ، مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي
حوالي سان جنهن شهر جو نالو سڄيءَ سنڌ ۾ جرڪندي نظر اچي ٿو، اهو سنڌ جِي پنج هزار
سالا تهذيبي يادگار موهين جي دڙي کان ٿوري پنڌ تي وَسندڙ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو آهي.
مان چاهيان ٿو، ته لاڙڪاڻي ۾ ان مشاعراتي دؤر بابت، پس منظر چِٽو ڪرڻ لاءِ، نالي
واري محقق پير حسام الدين راشدي جي مشهور ڪتاب ”هُو ڏوٿي هو ڏينهن“ (1977ع) مان
اقتباس ڏيان. پير صاحب لکي ٿو:
”لاڙڪاڻي ۾ سنڌي زبان جي ادب ۽ شعر و سخن جو به ڏاڍو چرچو هوندو هو. گويا ان وقت، جيستائين مسلمانن جو تعلق آهي، لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ’سانگي‘، ’گدا‘ ۽ ’قليچ‘ جي دؤر ۾ اهو شرف حيدرآباد کي هو، اُتي اهو چهچٽو هوندو هو. جڏهن اتي مجلسان منتشر ٿيون ۽ جڏهن اها راند ڦِٽي، تڏهن لاڙڪاڻي جو وارو وريو. حيدرآباد تي جنهن وقت خزان آئي، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادبي بهار جي آمد ٿي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تحريڪن جو سمورو معاملو ۽ مرڪز لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو. ’سانگيءَ‘ کي خدا جنت ۾ جايون ڏئي، هميشه پاڻ وٽ شعر و سخن جي مجلس ڪندو هو، شاعرن کي گڏ ڪري کانئن همطرح غزل پڙهائيندو هو. انهيءَ مجلس کي ”شعربازي“ چئبو هو. مشاعري جي نالي مان اڃا ڪو به واقف ڪو نه هو. لاڙڪاڻو ئي سنڌ ۾ پهريون شهر آهي، جتي انهيءَ طرحي شعربازيءَ جي ميڙ يا محفل کي، هندستاني طرز تي، ”مشاعرو“ سڏيو ويو ۽ پهريون ڀيرو مشاعري جا گھڻو ڪري سڀئي آداب، سواءِ پانَ ۽ ٿُڪدان جي، انهن مشاعرن ۾ استعمال ڪيا ويا.“(1) مشاعرن جي ابتدا، 1919ع ڌاري، هڪ پنجابي وٽرنري ڊاڪٽر، عبدالمجيد صديقيءَ ڪئي، جيڪو اردوءَ جو سٺو شاعر ۽ اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد هو.(2) ”ڊاڪٽر صاحب مرحوم لاڙڪاڻي جي شاعرن کي گڏ ڪري اهي مشاعرا شروع ڪرايا. فقير علي محمد قادري مرحوم و مغفور ان دؤر جو پخته مشق شاعر هو... منهنجو استاد حضرت ’خادم‘ لاڙڪاڻوي، پيارو ۽ مٺو دوست ميان غلام سرور قادري ۽ اسان جو مرحوم نواز علي خان ’نياز‘ به انهيءَ ابتدائي دؤر جا قادر الڪلام شاعر هئا. قادرين جو خاندان ۽ جعفرين جو گھراڻو ان زماني ۾ گويا علمي ۽ ادبي تحريڪ جو روح ۽ جان هو.(3)
”لاڙڪاڻي ۾ سنڌي زبان جي ادب ۽ شعر و سخن جو به ڏاڍو چرچو هوندو هو. گويا ان وقت، جيستائين مسلمانن جو تعلق آهي، لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. ’سانگي‘، ’گدا‘ ۽ ’قليچ‘ جي دؤر ۾ اهو شرف حيدرآباد کي هو، اُتي اهو چهچٽو هوندو هو. جڏهن اتي مجلسان منتشر ٿيون ۽ جڏهن اها راند ڦِٽي، تڏهن لاڙڪاڻي جو وارو وريو. حيدرآباد تي جنهن وقت خزان آئي، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادبي بهار جي آمد ٿي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تحريڪن جو سمورو معاملو ۽ مرڪز لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو. ’سانگيءَ‘ کي خدا جنت ۾ جايون ڏئي، هميشه پاڻ وٽ شعر و سخن جي مجلس ڪندو هو، شاعرن کي گڏ ڪري کانئن همطرح غزل پڙهائيندو هو. انهيءَ مجلس کي ”شعربازي“ چئبو هو. مشاعري جي نالي مان اڃا ڪو به واقف ڪو نه هو. لاڙڪاڻو ئي سنڌ ۾ پهريون شهر آهي، جتي انهيءَ طرحي شعربازيءَ جي ميڙ يا محفل کي، هندستاني طرز تي، ”مشاعرو“ سڏيو ويو ۽ پهريون ڀيرو مشاعري جا گھڻو ڪري سڀئي آداب، سواءِ پانَ ۽ ٿُڪدان جي، انهن مشاعرن ۾ استعمال ڪيا ويا.“(1) مشاعرن جي ابتدا، 1919ع ڌاري، هڪ پنجابي وٽرنري ڊاڪٽر، عبدالمجيد صديقيءَ ڪئي، جيڪو اردوءَ جو سٺو شاعر ۽ اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد هو.(2) ”ڊاڪٽر صاحب مرحوم لاڙڪاڻي جي شاعرن کي گڏ ڪري اهي مشاعرا شروع ڪرايا. فقير علي محمد قادري مرحوم و مغفور ان دؤر جو پخته مشق شاعر هو... منهنجو استاد حضرت ’خادم‘ لاڙڪاڻوي، پيارو ۽ مٺو دوست ميان غلام سرور قادري ۽ اسان جو مرحوم نواز علي خان ’نياز‘ به انهيءَ ابتدائي دؤر جا قادر الڪلام شاعر هئا. قادرين جو خاندان ۽ جعفرين جو گھراڻو ان زماني ۾ گويا علمي ۽ ادبي تحريڪ جو روح ۽ جان هو.(3)
زود رنـجِـــي، تـــلــــــــخ گـــوئــــــي
ڏي ڇـــــــــڏي،
ڏي تون هر ڪنهن کي محبت روز شب.
(نواز علي ’نياز‘)
اها پيار ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ، اسان جي سنڌ جي شاعرن جي بنيادي سڃاڻپ آهي،
جنهن جو اظهار پنهنجي خاص انداز ۾ جعفري گھراڻي جي اهم پيشرو شاعر نواز علي ’نياز‘
مٿئين شعر ۾ ڪيو آهي. نواز علي ’نياز‘ جعفري (ڄم: 18-آڪٽوبر 1892ع ــــــــ وفات:
12-نومبر 1959ع) پنهنجي وقت جو برجستو، نالي وارو، مشاعرن ۾ سرگرم حصو وٺندڙ،
ڪُهنه مشق، عروض جو ماهر، صنعت گر، تجنِيسن جو ڄاڻو، في البديهه شاعر هو، جنهن جي
مزاج ۾ فراخ دلي، رحم دلي، نرم طبيعتي، نوڙت، انڪساري ۽ ننڍن توڙي وڏن لاءِ محبت
سمايل هئي. نالي وارو شاعر ۽ سندس شاگرد هري درياني ’دلگير‘ لکي ٿو: ”تن ڏينهن
(1930ع) ۾ نياز صاحب جي شاعريءَ جو ڌاڪو سنڌ جي سمورن مشاعرن ۾ وڳل هو. هُو بهترين
مرثيه نويس شاعر هو. عاشورن تي شهيد ڪربلا جي شان ۾ پنهنجا لکيل مرثيا پاڻ سُر سان
پڙهندو هو. سندس سُر ۾ غضب جو اثر هوندو هو. ٻُڌندڙ روئي پوندا هئا... ’نياز‘ صاحب
نهايت ئي عاشق مزاج، حسن جو شيدائي هو.“(4) لاڙڪاڻي لاءِ حسن ۽ حسن پرستيءَ جي
حوالي سان ڪنهن شاعر جو چوڻ آهي:
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو معشوقن جو مڪان آهه،
عــــاشــــقــــــــن لاءِ بـــــــــــــرهه
جــــــو بُـــســـتــــــــــان آهه.(5)
هاڻ جتي عاشق ۽ معشوق هوندا، ته شاعريءَ جو جهانُ ته ازخود ئي آباد ٿيندو نه!
ڀلا، شاعرن کان به ڪو وڏو عاشق هوندو آهي ڇا! جيڪڏهن ’نياز‘ صاحب عاشق مزاج ۽ حسن
جو شيدائي هو، ته هجڻ به گھرجي ها، نيٺ به ته هُو شاعر هو! سوال-جواب جي صنعت ۾
سرجيل هڪ غزل ۾ ’نياز‘ صاحب چوي ٿو:
اڄ ڏسِـي دلـبــر چـيــو: تـوکــي اڳـي
هِـي غـم نه هـو،
مون چيو: هو غم مگر، هي عشق جو ماتم نه هو.
مون چيو: هو غم مگر، هي عشق جو ماتم نه هو.
ڪـيـئـن نـه هـــو مــاتـــم؟ پــيـــچ هـــو
پـــاتـــل جــڏهـــــن،
مون چيو: هو پيچ پـر، هِي زلف جو خم خم نه هو.
مون چيو: هو پيچ پـر، هِي زلف جو خم خم نه هو.
ناز سان مُرڪي چيائين: زلف جو خم خم ته
هو،
مون چيو: خم خم جي هو ته به ناز هِي دم دم نه هو.(6)
مون چيو: خم خم جي هو ته به ناز هِي دم دم نه هو.(6)
يا پياري پرينءَ پاران دل چورائڻ بابت ڏاڍي خوبصورت نموني هي شعر سرجيائين:
ڪـالهه دل چورائــي دلبــي ســاڻ مرڪــي دلـــرُبا،
چال چوريءَ جي عجب هئي منهنجي دلبر يار جِي.
چال چوريءَ جي عجب هئي منهنجي دلبر يار جِي.
هِن شعر ۾ وڏي محبت سمايل آهي. لفظن جو انتخاب اهڙو ته وڻندڙ آهي جو ڪنهن به
لفظ مان ڪا فرياد پڌري نه ٿي ٿئي. خاص ڪري ”چال چوريءَ جي عجب هئي...“ ڏاڍي
خوبصورت نڀاءَ ۽ کَڻاءَ سان رچيل سِٽ آهي. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن لفظن ۾ باطنُ
استعمال ٿيل آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي چيو آهي: ”جيستائين اسان جو ڪو
شاعر سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي باطن جو استعمال نه ٿو ڪري، ايستائين هُو نه شاعر آهي
۽ نه آرٽسٽ.“(7)
هِن موقعي تي ڏک اهو ٿو ٿئي ته ’نياز‘ صاحب جي شاعري ڪتابي روپ وٺي نه سگھي
آهي ۽ ڄڻ ته اسان کان ماضيءَ ۾ وڃائجي وئي آهي، نه ته جيڪر اهڙا ٻيا به شعر ڄاڻائي
سگھجن ها. پوءِ به، مثال طور ’نياز‘ صاحب جو هڪڙو ٻيو شعر به ”سنڌي انداز“ ۾ هن
ريت آهي:
مون کي بيمار ڏسي، پاڻَ پُڇيو ٿي پياري،
هِي اَٿِي عشق جو آزار، اڙي مان صدقي.(8)
هِي اَٿِي عشق جو آزار، اڙي مان صدقي.(8)
پر اهڙا شعر اسان کي حوالي طور پيش ڪرڻ لاءِ بنهه ٿورا ٿا ملن. صرف اهي ئي شعر
پڙهڻ لاءِ موجود آهن جيڪي اياز قادري صاحب قلمي ”ديوانِ نياز“ مان پنهنجي پِي ايڇ
ڊِي مقالي ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾، جواد جعفري صاحبَ ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾ ڇپيل پنهنجي
مضمون ۾، هڪُ غزل مختصر تعارف سميت جناب طالب المولى پنهنجي ڪتاب ”دُرّ ناياب عرف يادِ
رفتگان“ (1994ع) ۾ ۽ هڪ نظم پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ”عظيم سنڌي
انسان“ (1981ع) ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ ڇهن ٻولين سنڌي، انگريزي، فارسي، اردو، سرائڪي ۽
عربي ٻولين ۾ سِٽون شامل آهن. البت حيرت ان تي آهي ته سندن تعارف ۽ شاعري ”مهراڻ“
جي مشهور شاعر نمبر ۾ شامل ناهي. ڇپيل مجموعهء ڪلام نه هوندي به، اها وڏي ڳالهه
آهي ته نواز علي ’نياز‘ جي شاعراڻي حيثيت مستحڪم رهي آهي، جا ڳالهه يقينن ٿورن
شاعرن جي حصي ۾ ايندي آهي. اهڙو اندازو پڪ ئي پڪ ’نياز‘ صاحب کي به هو، تڏهن ته
اياز قادري صاحب لکيو: ”نواز علي ’نياز‘ کي پنهنجي ڪلام جي بلنديءَ ۽ دلفريبيءَ جو
ايترو يقين آهي جو هن کي ڪڏهن نه ڪڏهن حافظ، سعدي يا فردوسيءَ جو لقب ملي پوڻ جي
اميد آهي.“(9) ان بعد قادري صاحب ’نياز‘ جعفري صاحب جو هي شعر پيش ڪيو آهي:
مان ٿيندس سنڌ جو سعدي يا حافظ يا ته
فردوسي،
ملي پوندو مون کي ڀي ڪو خطاب آهسته آهسته.
ملي پوندو مون کي ڀي ڪو خطاب آهسته آهسته.
اسان ڏسون ٿا ته نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي غزليه شاعريءَ تي فارسي ۽ اردو
ٻولين جو پڻ چڱو اثر آهي. ممڪن آهي ته ان اثر ٿيڻ ۾ سندس فارسي ٻوليءَ جي مطالعي
جو به دخل هجي، باقي اردو ٻوليءَ جو اثر ته ان دؤر ۾ سندن مڪتبهء فڪرَ ۽ مڪتبهء فنَ
تي هيو ئي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جو هاڪارو عالم غلام محمد گرامي سندن شاعريءَ
جي شوق ٿيڻ بابت لکي ٿو: ”کيس شاعريءَ جو ذوق، مرحوم ’بلبل‘ جي ديوان (جي) مطالعي
ڪرڻ سان پيدا ٿيو. ان لاءِ سندس (يعني ’نياز‘ صاحب جو) چوڻ آهي ته ’ديوانِ بلبل‘ مون
پنهنجيءَ والده ماجده وٽ ڏٺو ۽ ان جي پڙهڻ کان پوءِ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو.“(10)
هتي شمس الدين ’بلبل‘ صاحب جو هڪ شعر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان:
پنهنجي عاشق جي عيادت ڪر ته ڪڏهين اي عجيب،
فاتحه گلَ ڀي پڙهن ٿا بلبلِ بيمار تي.(11)
فاتحه گلَ ڀي پڙهن ٿا بلبلِ بيمار تي.(11)
نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ کي بهرحال هڪ اهڙو خطاب ضرور مليو جيڪو پڻ ان دؤر کي
نظر ۾ رکندي اهم آهي. اهو آهي ”عمدت الشعراء“ جو خطاب، جيڪو کيس 26 ۽ 27-مارچ
1948ع تي ميهڙ ۾ منعقد ٿيل نائين سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾، هڪ ٺهراءَ پاس ڪري ڏنو ويو.
جيتوڻيڪ جواد جعفري ان خطاب بابت ڄاڻائيندي ڀُليو آهي ته اهو خطاب کيس ”سنڌ سرڪار“
ڏنو هو.(12)
’نياز‘ صاحب جا اِنَ فارسي-اردو ٻوليءَ جي اثر ۾ جيڪي شعر آهن، تن مان ڪيترائي
شعر پنهنجي وڻندڙ ۽ سادگيءَ ڀري انداز سبب اسان جو ڌيان ڇڪائن ٿا. انهن مان ڪجھ
هتي ڏجن ٿا:
حقيقت ڇا ٻڌايان توکي پنهنجي دلربا دل جي،
اٿس حالت اها ساڳي جا آهي نيم بسمل جِي.
اٿس حالت اها ساڳي جا آهي نيم بسمل جِي.
’نياز‘ آخر ٻڌي منهنجو غزل، سهڻي چيو وهه واهه،
تمنا بزم شعرا ۾ ٿِي پوري اڄ ائين دل جي.
تمنا بزم شعرا ۾ ٿِي پوري اڄ ائين دل جي.
منهنجا مارُو غمزديءَ سان نيٺ غمخواري ڪندا،
درد ۾ دلگير جي هيڪر ته دلداري ڪندا.
درد ۾ دلگير جي هيڪر ته دلداري ڪندا.
ثابتي گم ڪرڻ لئه قاتل جو هٿ ڌوتا وڃي،
سرخُ دريا، سرخ ساري شڪل ساحل ٿي وئي.
سرخُ دريا، سرخ ساري شڪل ساحل ٿي وئي.
بوسه گھريم، چيائين؛ ايها اٿم امانت،
تنهن ۾ ڪرين خيانت، ائين ته ڪين ٿيندو.
تنهن ۾ ڪرين خيانت، ائين ته ڪين ٿيندو.
’نياز‘ صاحب جي ٻوليءَ جي حوالي سان پير حسام الدين راشدي صاحب تجزيو ڪندي لکي
ٿو: ”درحقيقت ’نياز‘ ايڏو باڪمال شاعر هو، ۽ کيس زبان ۽ خيال تي قادرَ ايتري قدرت
ڏني هئي، جو ڪافيءَ ۽ سنڌي ڪلام جي ٻين نمونن ۾ ته خير، پر خود غزل ۽ نظم جهڙي
ڌاريءَ سرزمين ۾ جڏهن ايندو هو، ته اتي به زبان، ديسي استعارن ۽ مقامي تشبيهن جا
باغ ۽ بُستان پکيڙي هڪ عجيب لئي ۽ لقاءُ لائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن هوڏ
تي ايندو هو، ته غزل ۽ نظم ۾، قطعي ۽ رباعيءَ ۾ نه فقط فارسيءَ جا اڻ ٻُڌل ۽ اڻ
ڏٺل اکر آڻي گڏ ڪندو هو، بلڪ عربيءَ جا غير معروف الفاظ ملائي، شعر کي بلڪل ’بهار
دانش‘ بڻائي ڇڏيندو هو. الغرض هر نموني تي کيس قدرت هئي ۽ هر طرح ۽ طريقي تي هو
قادر ۽ ڪامل هو.“(13)
اڻ ڏٺل يا اڻ ٻُڌل لفظ هڪ پاسي، پر ’نياز‘ صاحب جي سنڌي شعري ٻولي ڪيئي هنڌن
تي وڻندڙ ۽ اتساهيندڙ آهي، خاص ڪري سندن هيءَ ڪافي انتهائي شاندار آهي:
دل منهنجِي دوست ڌُتارِي، ڙِي اديون! باهه ته ٻاروچل ٻارِي، ڙِي
اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي .................................
جِـــــن کـان جـــانـــبُ ٿـــئـــي جـــــدا،
تــن کي ڏجي ڪا دلدارِي، ڙي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي .................................
ڏينـدَسِ عـجــزَ ’نـيــاز‘ ســان، سورن جي هيءَ سُڌ ساري، ڙي اديون!
ڇو ٿيون منهنجو جيڏيون جگر جلايو!
دل منهنجي ...........................(14)
ڪير چوندو ته هيءَ ڪافي ڪنهن اهڙي شاعر لکي آهي جنهن جي شاعراڻي ٻولي اردو ۽
فارسي آميز آهي!؟ افسوس ته اهڙيون ٻيون انيڪ ڪافيون اسان جي اکين کان اوجھل آهن. انهن
شاندار ڪافين کي پڙهي ئي، ’نياز‘ جعفري صاحب جو شاگرد هري ’دلگير‘ لکي ٿو: ”’نياز‘
صاحب جي شاعريءَ تي اردو ۽ پارسي ٻوليءَ جو ڪافي اثر هوندو هو، پر شاهه جي سپڪ ۽
سٻاجھي ٻولي به سندس روح ۾ سمايل هئي.“(15)
’نياز‘ جعفري صاحب جي وطن جي حب واري شاعري به ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ان شاعريءَ
جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته تنهن وقت به اسان جا شاعر پنهنجي ڏيهه ۽ ٻوليءَ جي
مسئلن ۽ مامرن کان غافل نه هئا ۽ ان جي ڳڻتي ۽ احساس رکندڙ هئا. ڏسو ’نياز‘
جعفريءَ جا هي شعر:
جي اٿوَ حُبِ وطن، ڳالهايو سڀ سنڌي زبان،
قوم زنده ٿِي رهي، پر جي زبان زنده رهي.
قوم زنده ٿِي رهي، پر جي زبان زنده رهي.
قوم جي تون درد جا رک داغ دل ۾ اي نياز!
پوءِ گُهر دَم دَم دعا، هي گلستان زنده رهي.
پوءِ گُهر دَم دَم دعا، هي گلستان زنده رهي.
وطن ٿيو سنڌ پنهنجو ۽ مٺي سنڌي زبان پنهنجِي،
نه ٻوليءَ ڪنهن به ٻِئي کي مان سڏيندس پيار مان پنهنجِي.
نه ٻوليءَ ڪنهن به ٻِئي کي مان سڏيندس پيار مان پنهنجِي.
ايها حبِ وطن ناهي، زبان پنهنجي وڃي وسرِي،
جي سنڌي آهين دل تي ياد رک طرزِ زبان پنهنجِي.
جي سنڌي آهين دل تي ياد رک طرزِ زبان پنهنجِي.
وطن جِي حب جي دل ۾ نه ٿَئي، ايمان ڪهڙو ٿيو!
عمل ناهي جي انسان ۾، ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو!
عمل ناهي جي انسان ۾، ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو!
پر مان اڃا هن ليک جي پڄاڻي ڪرڻ نه ٿو چاهيان. نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي
شعري خزاني مان مليل اڃا ڪي موتي آهن جيڪي منهنجو ڌيان ڇڪي رهيا آهن. انهن موتين ۾
هڪڙو شعر-موتي هي آهي:
اڄ وڃي بخشاءِ ان کان تو ڪئي جنهن جِي خطا،
ڇو سڀاڻي تائين ڀي ان جِي رهي دل بي قرار.
ڇو سڀاڻي تائين ڀي ان جِي رهي دل بي قرار.
انتهائي وڏو خيال آهي، جيڪو هنن ٻن سٽن ۾ سمايل آهي. ماڻهو جيڪڏهن ان تي عمل
ڪري، ته هِي دهشتگرديون بند ٿي وڃن ۽ دنيا پُرامن بڻجي وڃي.
۽ ٻيو شعر-موتي هي آهي، جيڪو اسان جي صوفين جي ترجماني ڪري ٿو:
پاڻ ۾ پيهي سي پهتا معرفت کي اي نياز!
خود خدا جي ذات ۾ آخر فنا ٿيندا ويا.
خود خدا جي ذات ۾ آخر فنا ٿيندا ويا.
اهي شعر-موتي، سائين ’نياز‘ جعفريءَ جي شخصيت جي به عڪاسي ڪن ٿا. اسان هن جي
حياتيءَ ۾ ته ڪو نه هئاسون، پر اسان کي خوشي آهي ته هُو اسان جي حياتي ۾ موجود آهي
پنهنجن خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ وسيلي. هن موقعي تي مان هن اقتباس
سان هي ليک پورو ڪرڻ چاهيان ٿو:
”... هر فن پارو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ خاص حيثيت رکي ٿو، تنهنڪري ان جِي پرک
لهڻ وقت اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ۽ اُن جي خوبين مطابق ئي ڪو فيصلو ڪرڻ گھرجي.“(16)
حوالا:
(1) هُو ڏوٿي هُو ڏينهن. سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو
پهريون: آڪٽوبر 1977ع. ص 22
(2) ساڳيو. ص 22
(3) ساڳيو. ص 23
(4)
”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘ (مضمون). هري درياني ’دلگير‘. ڪتاب:
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. مرتب: گل محمد گاد. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو. ڇاپو
پهريون: 1984ع. ص 226
(5) هُو ڏوٿي هُو ڏينهن. سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو
پهريون: آڪٽوبر 1977ع. ص 183
(6) سنڌي غزل جي اوسر. اياز قادري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو. ڇاپو پهريون:
نومبر 1983ع. ص 157
(7) شعر جي اڀياس جا نوان طريقا (مضمون). ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو.
(8)
”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘“ (مضمون). هري درياني ’دلگير‘.
ڪتاب: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. مرتب: گل محمد گاد. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.
ڇاپو پهريون: 1984ع. ص 229
(9) سنڌي غزل جي اوسر. اياز قادري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو. ڇاپو پهريون:
نومبر 1983ع. ص 58
(10) ويا سي وينجھار. غلام محمد گرامي. سهيڙيندڙ: سيد بچل شاهه. سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو. ڇاپو ٻيو: جُون 1995ع. ص 114
(11) سنڌي غزل جي اوسر. اياز قادري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو. ڇاپو پهريون:
نومبر 1983ع. ص 103
(12) ”مڻيادار ماڻهو ۽ سدا بهار شاعر
نواز علي ’نياز‘ جعفري“ (مضمون). جواد جعفري. ڪتاب: ويل نه وسريام. مرتب: احسان
دانش. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي. ڇاپو پهريون: آگسٽ 2006ع. ص 45
(13) هُو ڏوٿي هُو ڏينهن. سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو
پهريون: آڪٽوبر 1977ع. ص 116
(14) هُو ڏوٿي هُو ڏينهن. سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو
پهريون: آڪٽوبر 1977ع. ص 423-424
(15) ”منهنجو استاد نواز علي ’نياز‘“
(مضمون). هري درياني ’دلگير‘. ڪتاب: لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. مرتب: گل محمد گاد.
ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو. ڇاپو پهريون: 1984ع. ص 228
(16) ادبي تنقيد جا اصول. پروفيسر لاسيلس ايبر ڪرومبي. مترجم مراد علي مرزا. 1981ع.
ص 113
مددي ڪتاب:
1.
سنڌي غزل جي اوسر. اياز قادري.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو. ڇاپو پهريون: نومبر 1983ع
2.
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو. مرتب: گل
محمد گاد. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو. ڇاپو پهريون: 1984ع
3.
هُو ڏوٿي هُو ڏينهن. سيد حسام
الدين راشدي. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 1977ع
4.
ويا سي وينجھار. غلام محمد گرامي.
سهيڙيندڙ: سيد بچل شاهه. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ڇاپو ٻيو: جُون 1995ع
5.
ويل نه وسريام. مرتب: احسان دانش.
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي. ڇاپو پهريون: آگسٽ 2006ع
***
No comments:
Post a Comment