23/10/2012

ٽي ناول جيڪي هر ڪنهن لاءِ لکيا ويا آهن - ڪليم ٻُٽ (Kaleem But)

ٽي ناول جيڪي هر ڪنهن لاءِ لکيا ويا آهن
ڪليم ٻُٽ
چوندا آهن علم انسان جي ٽين اک آهي، جڏهن اها اک کليندي آهي ته پوءِ هر  شيءِ صاف ۽ چٽي نظر اچڻ لڳندي آهي پوءِ ڀلي ظاهري اکيون بند ئي ڇو نه ٿي وڃن تڏهن به علم جي روشني راهه هموار ڪندي آهي.
مون کان اڪثر پڇيو ويندو آهي ته هاڻي سنڌي ۾ معياري ادب ڇو نٿو لکيو وڃي. جيئن ته مان ڳالهائڻ کان وڌيڪ لکڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان (ڇو ته ڳالهايل شيون هوا ۾ غائب ٿي وينديون آهن ۽ لکيل شين جو اثر ڪيئي نسلن تائين رهندو آهي)، ان ڪري انهيءَ سوال جو جواب هن آرٽيڪل ۾ ڏئي رهيو آهيان.
سنڌي ادب جي معياري نه هجڻ جا منهنجي نظر ۾ هي ڪارڻ آهن:
فرسٽريشن (Frustration) ۾ لکيل ادب: هر لکندڙ تي هڪ اهڙو دور ايندو آهي جنهن دوران هو ذهني طور مونجهاري جو شڪار هوندو آهي، ڪو  سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو آهي، پنهنجي من جي باهه وسائڻ لاءِ هو ڪاغذ ۽ قلم جو سهارو وٺندو آهي. جڏهن من جي سڄي باهه نڪري ويندي اٿس ته دماغ خيالن کان خالي، پوءِ جي دماغ کي سٺي فيڊنگ (Feeding) نه ڪجي، ته ڪا به شيءِ تخليق نه ٿي سگهندي، جي ٿي به وئي ته معياري نه هوندي.
لڪير جو فقير ٿي وڃڻ: ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته اسان لڪير جا فقير آهيون ته نئين شيءِ ڪيئن تخليق ڪنداسين. اسان لاءِ ناول يا ڪهاڻي جو تصور اهو آهي ته يونيورسٽي ۾ عشق، بي وفائي، محبوبه جو ڪنهن ٻئي سان هلي وڃڻ... هر ڪو بس ”رهجي ويل منظر“ يا ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ ٿو لکڻ چاهي. اسان کي اهو سمجهڻ کپي ته ”رهجي ويل منظر“ صرف طارق جي قلم مان ئي نڪرندو، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ صرف امر جي قلم جو ڪمال آ، بجاءِ جو لڪير جا فقير ٿيون، ڪا نئين شيءِ لکون اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو.
سٺو لکڻ لاءِ سٺو پڙهڻ تمام ضروري آهي پر اسان جي سوچ محدود آهي. پڙهڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، اسان 50 سال پوراڻو ادب جيڪو  لائبريرين ۾ سالن کان سٿيل آهي پڙهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. ٻيو ته اسان کي خبر ڪو نه ٿي پئي يا ڪو ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪونهي ته ڪهڙو  ڪتاب ڪيترو معياري آهي!
ان ڪري مون کي خيال آيو ته پنهنجي پڙهندڙن کي ڪجهه اهڙا ڪتاب يا ناول لکي ٻڌايان، جي هر شخص لاءِ ضروري آهن، جن سان سندس شخصيت ئي بدلجي ويندي.
ننڍين شين جو خدا (The God of small Things): هي ناول هندوستاني رائيٽر ارون  ڌتي راءِ جو لکيل آهي جو 1997ع ۾ India Ink ڇپرائي پڌرو ڪيو. 400 صفحن جي هن ناول جي ڪهاڻي هڪ خاندان جي اردگرد ڦري ٿي. مک ڪردار Estha ۽ Rahel جاڙا ڀيڻ  ڀاءُ آهن جي پنهنجي ماءُ پيءُ جي طلاق کان پوءِ الڳ الڳ نموني وڏا ٿا ٿين. Estha (ڇوڪرو) پيءَ سان گڏ ٿو رهي، جڏهن ته Rahel (ڇوڪري) ماءُ سان. ناول ۾ ذات پات، تهذيب ۽ مذهب کي سامهون رکي انساني قدرن تي روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب انٽرنيشنل نمبر1 بيسٽ سيلر رهيو ۽ ادبي ايوارڊ پڻ ماڻيائين.
تنهائي جا سَو سال: گيبريل گارشيا مارڪيز جو هي نوبل انعام يافته ناول آهي، جنهن جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر نعيم ڪلاسرا فڪشن هائوس لاءِ 2011ع ۾ ڪيو. هي لڳ ڀڳ 400 صفحن تي مشتمل آهي، جو هڪ ننڍڙي آبادي جي ڪهاڻي آهي. ناول کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ حصو جنگ مان ٿو گذري. هي ڪهاڻي ڪرنل ارليانو بوئندا جي ياد کان شروع ٿي، زندگي جي مختلف لاهن چاڙهن تي ختم ٿي ٿئي.
الڪيمسٽ (Al-Chemist): پائولو ڪوئيلو (Paulo Coelho) جو هي ناول سنتياگو جي هڪ ڌنار ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي، جو خواب ٿو ڏسي ته هو خزاني جي تلاش ۾ سفر ٿي نڪتو آهي. اسپين ۾ پنهنجي گهر کان ٽينگريس جي بازار تائين اچي ٿو نڪري، جنهن بعد هو مصر جي ريگستان جي سفر لاءِ نڪري ٿو، جتي هڪ ڪيميادان آهي جو کيس خزاني جي ڳولا ۾ مدد ڪندو آهي. پائولو برازيل جو ليکڪ آهي، جنهن 1987ع ۾ الڪيمسٽ تحرير ڪيو. اُتان جي هڪ ننڍڙي پبلشر 900 ڪاپيون هن ناول جون ڇاپي دنيا کي هڪ نئون قلمڪار ڏئي متوجه ڪيو. ان بعد پوري دنيا ۾ هن ناول جون 3 ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون وڪامي چڪيون آهن جو ادبي دنيا ۾ هڪ رڪارڊ آهي، جنهن بعد ناول کي ڪنهن زنده ليکڪ جو وڌ ۾ وڌ وڪامجڻ واري  ڪتاب ڪري Business Book of World Records ۾ شامل ڪيو ويو. هن ناول کي جديد ادب جو ڪلاسڪ پڻ چيو ٿو وڃي. The Observer هن لاءِ پنهنجو تصبرو ڪندي لکيو ته:
Every few decades a book is published that changes the lives of its readers forever. Paulo cloche’s The Al chemist is such a book.”
هن ڪتاب جو ترجمو دنيا ۾ 67 کان مٿي ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي.
جڏهن اسان اهڙي قسم جو ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته ازخود اسان جون تخليقي صلاحيتون ان ليول تي وڃي پهچنديون، جنهن کان پوءِ سنڌي ادب جو معيار پاڻ مرادو مٿي ٿي ويندو.
امر جليل سنڌي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ لکيڪ ان ڪري آهي جو هن دنيا جو بهترين ادب پڙهيو آهي. عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ڊراما نويس ان ڪري آهي جو سندس دنيا جي ادب تي نظر آهي. اياز جديد سنڌي شاعري جو سرتاج شاعر ان ڪري آهي جو هن دنيا جو ادب هضم ڪيو هو.

1 comment:

  1. واھ سائين واھ. بلڪل ان کي ئي لگن ، محنت ۽ جستجو سڏبو آھي. جنھن لاءِ چيل آھي؛ جستجو، لا تقنطوا.

    ReplyDelete