03/10/2012

شاعري ۽ جنسيات - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)

شاعري ۽ جنسيات
مشتاق گبول

سولي سنڌي ۾ جنسيات جي وصف هيئن لکنداسين: ”اها لکڻي (نثر هُجي يا نظم) جنهن ۾ اُگهاڙپ ۽ فحش خيالن کي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ان کي فحش نگاري چئبو آهي.

شاعري ۾ عشق، محبت ۽ محبوب جي ذڪر کي اسان فحاشي نٿا ڪوٺي سگهون. يونان جي عظيم ڏاهي افلاطون پنهنجي ”ريپبلڪ“ ۾ شاعرن تي رُڳو ان ڪري بندش وڌي هُئي جو شاعر عشق ۽ محبت جي جذبن جو اظهار ڪندا هئا. اسان وٽ به سنڌي ادب ۾ اهڙي کِل جوڳي ”افلاطوني سوچ“ رکندڙ ”ادبي چمڙا“ آهن، جيڪي شاعري تي فحش نگاري جو الزام هڻن ٿا.

شاعري حسن، عشق ۽ محبت جي جذبن جو خوبصورت ۽ سگهارو اظهار آهي. فرائڊ جو نظريو آهي ته: ”حسن جنسي خواهش جي تخليق آهي.“ اسان وٽ به فرائڊ جي نظريي سان تعلق رکندڙ ”نقادن جهڙي مخلوق“ حسن کي جنسي تسڪين جي پورائو واري نظر سان ڏسي ٿي، نه رڳو اُهو پر هُو شاعريءَ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان به اڳ ”اگهاڙپ جي عينڪ“ پائي ڏسندا ۽ سمجهندا آهن. ظاهر آهي ”اُگهاڙپ جي عينڪ“ پائڻ کان پوءِ ته هُنن کي هر سُٺي شيءِ، هر خوبصورت شيءِ به اُگهاڙي ئي نظر ايندي. شاعري تي اُگهاڙپ جو الزام هڻي اصل ۾ اُهي پنهنجي ”اندر جي اُگهاڙپ“ کي ظاهر ڪندا آهن ۽ لکڻ وقت اُنهن جي ”سوچ جي گندگي“ اڇن ۽ اُجرن پنن تي ڦهلجي ويندي آهي.
حسن، جماليات تي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ آئون اهو چوندس ته اسان جي ”نقادي مخلوق“ بغض، ساڙ، حسد، انائن ۽ دشمني جي انتهائن تي پهچي پنهنجي دانشوري جو ثبوت ڏيندي آهي.
سونهن ۽ جماليات فلسفي جو اهم موضوع آهي. فلسفي جي انهيءَ شاخ جا موضوع حسن ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا آهن. مفڪرن حسن متعلق مختلف خيالن جو اظهار ڪيو آهي. جماليات جا مختلف فڪر، روس جي انقلاب کان پوءِ وجود ۾ آيا. ان ۾ فرد ۽ معاشري جي تعلق تي زور ڏنو ويو آهي. فرد جي محرڪات کي جدلياتي ماديت جي روشني ۾ تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌي ادب ۾ هميشه ذاتي تضادن، مونجهارن، رنجشن، اڻ سهپ روين بغض، ساڙ ۽ حسد رکي لکندڙ ”نقادن جهڙي مخلوق“ هميشه پاڻ کي تڪراري بڻايو آهي. سنڌي ۾ چوندا آهن ”ڪانءُ کي اچي لُڙ ۾ مزو“ سو اُنهن کي به پنهنجي اجائي لٻاڙ ۾ اچي مزو ۽ شاعريءَ تي فحاشي جو الزام هڻندي دير ئي نٿا ڪن. شاعريءَ جي لاءِ مون کي مولانا رومي جي شعر جون سِٽون ياد پيون اچن ته:
”شاعري جُزويست پيغمبري،
جاهلانش ڪُفر دانند ازخري.“
مولانا رومي چوي ٿو ته: ”شاعريءَ، پيغمبري جو حصو آهي، پر جاهل ماڻهو پنهنجي جاهليت جي ڪري اُن کي ڪُفر ڪوٺين ٿا.“
مولانا رومي ۽ ان کان پوءِ واري دؤر ۾ اڻ سمجهي، ڀورائپ، اٻوجهائي ۽ جاهليت سبب شاعريءَ تي ”ڪُفر“ جو الزام هنيو ويندو هو ۽ هاڻوڪي دور ۾ وري ان تي فحش نگاري جو الزام هنيو پيو وڃي. شاعر ۽ شاعري هر دؤر ۾ الزامن ۽ عتابن هيٺ رهندا پيا اچن.
ڪُجهه وقت اڳ منهنجي غزل جي مطلع تي به اُگهاڙپ جي فتويٰ ڏني وئي هئي. منهنجي غزل جي مطلع آهي ته:
”مان جڏهن هان بزار ۾ رُلندو،
ڇوڪريءَ ڇوڪريءَ تي هان ڀُلندو.“
شعر ۾ ڇوڪريءَ لفظ استعمال ڪرڻ سبب شعر کي ”اُگهاڙپ جي عينڪ“ پائي ڏٺو ويو آهي ۽ شعر جي خوبصورت ۽ پاڪ بدن تي ”ننگيون نظرون“ وڌيون ويون آهن.
محبت ۾ اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن عاشق کي هر وقت پنهنجي محبوب جي لونءِ لڳل هوندي آهي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو هر ڇوڪريءَ کي محبوبا سمجهي عاشق ڀُلندو رهندو آهي. هي شعر فنافي المحبوب ڏانهن وڃڻ واري واٽ مثل آهي. فنا في المحبوب ٿيڻ عشق جو معراج آهي، جنهن کي ماڻڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. شاهه لطيف چيو آهي ته:
”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.“
ٻئي هنڌ فرمايو اٿن ته:
”جي کڻان کر سامهون، ته پسان پرين کي.“
شاهه لطيف کي جِٿي ڪٿي پنهنجو پرين نظر اچي ٿو، جتي به نظر ڪري ٿو، اُتي هن کي ”پرين“ نظر اچي يا وري لطيف غير جي سامهون نظرون کڻي ٿو، تڏهن به اُن کي غير نظر نٿو اچي، پر پنهنجو پرين نظر اچي ٿو.
شاهه لطيف، فنافي المحبوب جي درجي تي پهتل هو.
جي مون پنهنجي شعر ۾ بزار ۾ رُلڻ وقت ڇوڪريءَ ڇوڪريءَ تي ڀُلڻ واي ڳالهه لکي آهي ته ڪهڙي فحاشي آهي؟ منهنجي شعر ۾ ته نه اُگهاڙپ آهي نه فحش خيال آهن ۽ نه ئي انهن خيالن کي جنسي لذت حاصل ڪرڻ جي لاءِ لکيو ويو آهي. هِن شعر ۾ ته فحاشي ۽ اُگهاڙپ آهي ئي ڪانه. پر جي هُجي ها ته ڇا جنس ۽ اُگهاڙپ جو ذڪر ڪرڻ فحاشي آهي؟ ڊاڪٽر قاضي خادم انهيءَ حوالي سان لکيو آهي ته: ”جنس ۽ جنسياتي مسئلن جي ذڪر کي ڪڏهن به فحاشي ڪوٺي نه ٿو سگهجي. جيستائين ان کي فحش نموني پيش نه ڪيو وڃي.“
شاهه لطيف جو هڪ شعر آهي ته:
”اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا،
مُنهن ڏيئي مون آيا، سامهان سيارا،
اُڀرن شُوڪارا، پَسيو ور ٻين جا.“
ڇا سنڌي ادب جي ”نقادي مخلوق“ لطيف جي انهيءَ شعر کي به ”اُگهاڙپ جي عينڪ پائي“ ننگين نظرن“ سان ڏسندي!؟
منهنجي هٿ ۾ مايا راهي جو ڪتاب ”احساس“ آهي، جنهن جي صفحي نمبر 3 تي هڪ نظم: ”هڪ وڌيڪ ڏينهن“ ڏنل آهي. مان هتي ان نظم جون ڪُجهه سِٽون لکان ٿو:
”هڪ وڌيڪ ڏينهن جي شروعات،
باٿ روم ۾ ٽنگيل پنهنجا انگ کڻي،
مون پائي ڇڏيا.
بس ۾
منهنجو لٽڪندڙ مجبور پوز،
تڪيندڙ هڪ اِنساني حيوان!
مون سندس عرصي جي گهُور کي،
پنهنجو اُڀار لاهي ڏنو.“
مايا راهي جي شاهڪار نظم جون اِهي سٽون به اُگهاڙپ جي الزام کان شايد بچي نه سگهن، پر مان اهو چوندس ته سنڌي ادب سان مذاق ڪرڻ بند ڪيو. ذاتي رنجشن، بُغض، ساڙ، حسد ۽ اڻ سهپ کي پاڻ وٽ سنڀالي رکو، اڇن اُجرن پنن تي پنهنجي ”اندر جي اُگهاڙپ“ ۽ ”سوچ جي گندگي“ نه ڦهلايو ۽ شاعريءَ کي ”اُگهاڙپ جي عينڪ“ پائي ”ننگين نظرن“ سان نه ڏسو. گهڻو تماشو ٿي چُڪو. هاڻي سنڌي ادب کي وڌيڪ تماشن جي ضرورت ناهي.
آخر ۾ مان سنڌي ادب ۾ اهڙن تماشن ڪندڙ ”نقادي مخلوق“ لاءِ (9 صدي عيسوي) ڌاري بزنطيني يونان سان تعلق رکندڙ شاعره ”ڪاسيه“ جو نظم ڏيان ٿو:
”هڪ پڙهيل ڳڙهيل جاهل کان خدا جي پناهه!
ڄڻ سوئر موتي پاتا هُجن!
اهڙي ٿيڻ کان ته ڄمجي ئي نه
جي ڪو ڄمي پوي ته به
ڌرتي شل ان جي قدمن کان پناهه ۾ رهي.
بنا انتظار، شل اهو سڌو دوزخ داخل ٿئي،
اهڙن جاهلن جو ڪو علاج ئي ناهي.
انهن جو موت سواءِ ڀلا حل ڇاهي؟
عملدار هُجي ته رُڳو ڦوڪجي ۽ وڦلي
کيس حد کان وڌ ٺلهي واهه واهه وڻي،
پٿر جا پيل پاوا جهڪي سگهن ٿا،
پر ڪو اهڙو جاهل مجال جو مُڙي!

No comments:

Post a Comment