شاهه ڪريم شناسي جو
تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
بدر ڌامراهو
پس منظر
شاهه عبدالڪريم،
سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ ۾ شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿو. شاهه عبدالڪريم هالا جي قديم شهر مٽيارن ۾ 20 شعبان 944 هه
مطابق 23 جون 1537ع تي ڄائو. سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر
صادق رضه سان ملي ٿو. سندس بابت هڪ روايت آهي ته هڪ ڀيري مخدوم ضياءُ الدين جي
واعظ جي محفل ۾ ويا. جڏهن واعظ پورو ٿيو ته واپس وريا ته، مخدوم ضياءُ الدين جي
نظر سندس پٺيءَ تي پئجي ويئي ۽ فرمايائين:
”سبحان الله، هي ڇوڪرو هنن ڏينهن ۾ ئي حضرت عليه السلام سان هم صحبت آهي، جيڪڏهن
جواني ۾ کيس ڏسان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي.“
شاهه ڪريم 88 ورهين
جي ڄمار ۾ 7 ذوالقعد 1032هه مطابق 17 نومبر 1622ع تي وفات ڪئي. سندس رسالي جي سهيڙ
جو سهرو سندس مريد محمد رمضان بن عبدالواسع عرف مير دريائي جي سر تي آهي، جنهن
1038هه ۾ شاهه ڪريم جي وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ لکي پورو ڪيو ۽ ان جو نالو ”بيان العارفين و تنبيھ الغافلين“ رکيو. هي رسالو 1200 هه ۾ عبدالرحمان پٽ محمد ملوڪ
ڪاٺ ٻانڀڻ کي هٿ آيو، جنهن پهرين ربيع الاول 1210 هه ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. پهرين
ان جا يارهن باب جوڙيائين بعد ۾ باقي باب لکيائين. اهو نسخو 1293هه ۾ مخدوم
عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي سڌاري بمبئي مان ڇپايو.
انهيءَ کان پوءِ
مرزا قليچ بيگ اهو رسالو نئين سر ترتيب ڏئي ”رساله
ڪريمي“ نالي سان 1904ع ۾ ڇپايو، تنهن کان پوءِ 1937ع ۾
ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي ”شاهه ڪريم جو رسالو“
(شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام) نالي سان
ڇپايو. انهيءَ کان پوءِ 1962ع ۾ ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي اهو رسالو نئين سر، نئين ترتيب سان ڇپايو.
ڪريم جو ڪلام
اڳين
رسالن جِي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي مرتب
ڪيل رسالي سان ڀيٽ ڪبي ته منجهس تمام وڏو فرق ملي ٿو. شاهه ڪريم جي
رسالي جا اڳيان ڇاپا نهايت ناقص هئا، سواءِ
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي واري مرتب ڪيل رسالي جي. ڊاڪٽر دائودپوٽي
وارو تيار ڪيل شاهه ڪريم جو رسالو مستند رسالو هو، پر ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جو مرتب ڪيل رسالو اڃا به وڌيڪ معتبر هو، ڇاڪاڻ ته منجهس تذڪره
نويسي ۽ تاريخ نويسي جون سڀئي تقاضائون پوريون ڪيون ويون هيون. ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي تيار ڪيل نسخن
۾ زمين آسمان جو فرق هو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، قلمي نسخن کي ڀيٽي،
ان جي اصلي صورت کي قائم رکندي متن ترتيب ڏنو. يقيناً اڪثر دائودپوٽي به ائين ئي
ڪيو هوندو، پر پوءِ به ٻنهي ۾ زمين آسمان
جيترو فرق آهي. انهيءَ فرق اڳتي هلي واضح ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، ملفوظات جي علمي مواد، تاريخي ۽ جاگرافيائي اهڃاڻن تي تحقيق ڪري
نهايت تفصيل سان ڪتاب ۾ آندو آهي. منڍ ۾ شاهه ڪريم جي سوانح حيات، شاعري، تعليمات،
سنڌي منظوم ترجمي جي لسانياتي خصوصيتن، قديم سنڌي رسم الخط، فارسي ۽
سنڌي قلمي نسخن تي تفصيل سان روشني وڌي اٿس.
ڪتاب جي منڍ ۾ جامع
مقدمو لکيو اٿس، جنهن ۾ مٽياري جي ساداتن
جي قبيلن جو احوال آندو اٿس ۽ شاهه ڪريم جو قبيلو ثابت ڪيو اٿس. ان ۾ شاهه
ڪريم جي حسب نسب کان ويندي سندس وڏن جو سنڌ ۾ اچڻ، ولادت، تعليم ۽ تربيت جواني جي
اٿي ويٺي، بزرگن جون خدمتون ڪرڻ، مريدي وٺڻ، پير ڀائن سان روش، جواني ۽ وچين وهي،
عبادت، رياضت، ڪسب معاش، ويندي وفات تائين جي عرصي جو جائزو ورتو اٿس ۽ هنڌين
ماڳين صوفين جون ريتون روايتون ۽ رسمون آنديون اٿس. هي مثال ئي کڻي ڏسجي.
”سهروردي
سلسلي جي باني حضرت ابو النجيب عبدالقاهر سهروردي (وفات 563 هجري) پنهنجي مشهور
ڪتاب ”آداب المريدين“ ۾ ”صوفي ۽ ڪسب معاش“ تحت
لکيو آهي.
صوفين کي
ڪسب معاش ۽ حلال جي تلاش ڪرڻ گهرجي، صوفين جو ان اصول تي اجماع آهي ته حلال رزق لاءِ پورهيو ڪرڻ گهرجي، سڀ متفق آهن، ته
پورهيو ۽ واپار ۽ هنر ۽ ڪاريگريءَ جو ڌنڌو مباح ۽ عمدو ڪم آهي. البت رزق جي
طلب ۾ پاڻ کي صفا گم ڪري ڇڏڻ، لالچ ۾ منهن وجهڻ، ۽ مال گڏ ڪري رکڻ کي صوفي خراب
سمجهن ٿا.“
حضرت شاه
عبدالڪريم انهيءَ اصول جو عملي نمونو پيش ڪيو آهي. حلال رزق جي حاصل ڪرڻ لاءِ هر
قسم جو پورهيو ڪيائين، جهڙوڪ: جهنگ وڍڻ، کاٽي کڻڻ، هر ڪاهڻ، پوکي راهي ڪرڻ وغيره.
پورهيو ڪندي به الله جي ياد کان غافل نه رهيو؛ ۽ شريعت جي اتباع ۾ به ڪمي نه
آندائين. يعني رزق جي طلب ۾ گم نه ٿيو ۽ نه ڪجهه ميڙي رکيائين. بيان العارفين ۾ هڪ
راويت آئي آهي ته:
”هڪ ڀيري
احمد فقير کانئس پڇيو ته قوت گذران لاءِ ڪهڙو ڪم ٿا ڪريو؟ فرمايائونس: ڪوڏر هڻندو
آهيان ۽ کيڙڻ جو ڌنڌو ڪندو آهيان.“ تنهن تي وري چيائينس:” ڪوڏر هڻندي ۽ هر کيڙيندي
اوهان خدا کي ڪيئن ساريندا هوندا؟“ تڏهن
سيد صاحب مشڪي فرمايو: ”اسان کان موليٰ سائين ڪڏهن به وسرڻ جو نه آهي. اي احمد
فقير، ان لاءِ مثال وٺ، ته جڏهن ڪا عورت دلا ڀري مٿي تي رکي هلندي آهي، ته اهي دلا
کيس هلڻ ۽ ڪڇڻ کان روڪيندا آهن ڇا؟“
هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سيد صاحب ڪيئن صحيح عملي زندگي گذاري.
سندس هڪ بيت جي هيءَ مصرع سندس عملي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿي:
”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.“(1)
ٻئي فضل ۾ شاهه ڪريم جي شخصيت
۽ ڪردار کي اجاگر ڪيو اٿس ۽ سماع تي بحث ڪري سنڌي سماع جو طريقو بيان ڪيو اٿس.
تاريخ معصومي جي حوالي سان سنڌي سماع بابت لکي ٿو:
”ڳچ جيترا
ماڻهو اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، جن مان ڪي پنهنجي زبان ۽ سر سان بيت پڙهندا آهن ۽
ٻيا ان سر موافقق سماع ڪندا آهن. سماع ڪندي ڪن تي حال پوندو آهي ۽ گهوڙي وانگر پڙ
ڪڍندا آهن ۽ مست ٿي ويندا آهن. ويٺلن مان
هر هڪ انهن جي چيلهه کي قابو جهلي بيهندو آهي، پوءِ هو نچندا آهن ۽
وڏا آواز ڪندا آهن. ٻن ٽن سماع ڪندڙن جو
اهڙو آواز هڪڙي هنڌان اچڻ، عجيب پڙاڏو وجهي ڇڏيندو آهي ۽ ميل يا وڌيڪ مفاصلي تي
ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.“(2)
ٽئين فصل ۾ شاهه
ڪريم جي علمي لياقت ۽ قابليت کي بحث هيٺ آندو اٿس. چوٿين فصل ۾ شاهه ڪريم جي دور ۾
برصغير ۽ سنڌ جي سياسي سماجي حالتن جو عالمانا جائزو ورتو اٿس. فخري بن اميري
هروي جي ”تذڪره روضة السلاطين و جواهرالعجائب“
جي حوالي سان لکي ٿو:
”شاهه
اسماعيل صفوي پنهنجي ٽئين سلطنت جو بنياد انهيءَ چوٿائيءَ ۾ وڌو. انهي ئي زماني ۾
محمد خان شيباني پنهنجي خونريزين ۽ لشڪر ڪشين ذريعي ايران، توران ۽ خراسان جي سر
زمين کي ڀيليندو، خون جا واهڙ وهائيندو رهيو. آخر انهيءَ چوٿائيءَ ۾ پاڻ به سڀ
ڪجهه وڃائي، مارجي ويو. آل تيمور جو آخري چراغ انهيءَ زماني ۾ هرات ۾ هميشھ لاءِ
گل ٿي ويو. ڪيترائي شهزادا مارجي ويا.
جيڪي بچيا اهي اهڙا ڇڙ وڇڙ ٿيا ۽ هڪ ٻئي کان اهڙا وڇڙيا جو ڪڏهن به نه
مليا. اهڙو ئي حال آل تيمور جي ٻي شاخ جو
فرغانه ۾ ٿيو. بابر پنهنجي بادشاهي وڃائي، توران کان خيبر جي لڪ تائين وادين ۽ پهاڙن جي لاهن چاڙهن ۾ پنهنجي قسمت آزمائيندو
رهيو.“(3)
انهيءَ ئي زماني ۾
سنڌ جون حالتون بيان ڪندي لکي ٿو:
”ڄام نظام
الدين 25 ربيع الاول سنه 866هه کان 914 هه تائين نه فقط ملڪ تي حڪمراني ڪئي، پر
ماڻهن جي دلين تي بادشاهي ڪئي. هو نهايت نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو، اعليٰ منتظم،
بهادر ۽ خوش اخلاق بادشاهه هو. جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر ۽ فراست ۾ سندس ڪو به
شاني ۽ ثاني ڪو نه هو. سنڌ تي اڌ صدي سندس حڪمراني، سنڌ لاءِسچي رحمت
هئي. ملڪ ۾ امن و امان هو ۽ ماڻهو ريئان کيئان هئا. دنيوي خوشحاليءَ سان گڏ
دينداريءَ جي لحاظ کان به وڏي رحمت هئي. ديني ۽ دنيوي علمن جي اشاعت لاءِ سنڌ جي
چپي چپي تي مدرسا ۽ خانقاهون هون. ڄام نندو پاڻ عالم، فاصل، زاهد ۽ عابد هو.(4)
اڳتي لکي ٿو:
”شاهه عبدالڪريم عليھ رحمة
جي ولادت کان ٻه ورهيه پوءِ سن 1540ع ۾ شاهه حسن ارغون جي زماني ۾ همايون، شير شاه
سوريءَ کان شڪست کائي، لاهور ۽ اُچ کان ٿيندو، روهڙيءَ جي ويجهو پهتو.
مرزا شاه حسن کيس ڀڄائڻ لاءِ اُچ کان بکر تائين درياه جا ڪنارا
ويران ڪري ڇڏيا، ته جيئن همايون جي لشڪر کي رسد نه ملي سگهي. آخر اها حالت ٿي، جو
همايون جا ماڻهو اٺ ۽ گهوڙا ذبح ڪري کائڻ لڳا. اهو حال ڏسي همايون، جوڌپور جي راجا
مالديو جي لکڻ تي جوڌپور روانو ٿيو. جوڌپور کان 30 ميلن جي پنڌ تي هو، ته کيس معلوم ٿيو، ته جوڌپور جي
راجا جي دل ۾ کوٽ آهي. انهيءَ ڪري تڪڙو تڪڙو جيسلمير روانو ٿيو. جيسلمير جي راجا پاڻي روڪي ڇڏيس. انهيءَ ڪري عمرڪوٽ
آيو، جتي اڪبر ڄايس. ٽن سالن جي رولڙي کان پوءِ جڏهن همايون قنڌار وڃڻ جو خيال
ڪيو، ته شاهه حسن سندس مدد لاءِ هٿ وڌايو ۽ انهيءَ ئي سال هو قنڌار هليو ويو.“
”انهيءَ ئي سال شاه حسن کي اڌ رنگي جي
بيماي ٿي پيئي. سنه 962هه (1554ع) ۾ وفات ڪيائين. ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس زال ماه
بيگم کيس زهر ڏيئي مارايو. جيئن ته کيس ڪو به اولاد ڪو نه هو، انهيءَ ڪري مرزا
عيسيٰ ترخان تخت تي ويٺو، جيڪو سندس نپايل هو. هن ماهه بيگم سان شادي به ڪئي. سال
به ڪو نه گذريو، ته محمود خان سان سندس اختلاف ٿي پيو، جيڪو بکر جو حاڪم هو. محمود
خان پاڻ کي خودمختيار ظاهر ڪيو. سنه 963هه (1555ع) ۾ مرزا عيسيٰ بکر تي حملو ڪري،
گهيرو ڪيو. اڃا گهيرو ئي ڪيون ويٺو هو ته، گوا جي پورچوگيزن ٺٽي تي حملو ڪيو. ٺٽي
کي ڦريائون، باهيون ڏنائون ۽ آخر ۾ ڪيترن ماڻهن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا. ايڏي
ڦر ڪيائون، جو سندن چوڻ موجب ايڏي ڦر سڄي ايشيا ۾ ڪا نه ڪئي
هئائون.“(5)
پنجين فصل ۾ شاهه
عبدالڪريم جي دور ۾ سنڌ جي علم ادب جو جائزو ورتو اٿس لکي ٿو ته:
”ارغونن جي زبان فارسي هئي. شاهه حسن
ارغون فارسي زبان جو شاعر هو ۽ ”سپاهي“ تخلص ڪندو هو. انهي ڪري فارسي زبان ۽ شعر
کي فروغ مليو. پرڏيهي شاعر به سنڌ ۾ آيا، ته ڏيهي ماڻهن به فارسي ۾ شعر چيو. ان
دور جي فارسي شاعرن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن“:
”مرزا شاهه
حسن، مخدوم ميران حيدر هروي، شاهه جهانگير هاشمي، شاهه حسن تڪدري، مولانا فخر
هروي، مير شاهه مسعود صدر.“(6)
انهيءَ کان پوءِ
ڪيترن ئي فارسي شاعرن جو احوال آندو اٿس ۽ فارسي نثر ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل سان
ذڪر ڪيو اٿس. ان کان پوءِ سنڌي شعر ۽ سنڌي شاعرن جو احوال آندو اٿس. لکي ٿو :
”تاريخ مان
ان زماني جي ڪن شاعرن جا نالا به ملن ٿا، جهڙوڪ: شيخ حماد جمالي، اسحاق لوهر ۽
راڄو ستيو دل. سمن جي دور ۾ ساموئيءَ جي ستن درويشن جا ست بيت مليا آهن. ساموئي
درويشن جي شهادت جو واقعو ڄام تماچيءَ جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو، جيڪو 1375ع ۾ تخت تي
ويٺو. انهن ستن بيتن مان به ڪيترا پوئين دور جا ٺهيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو، ته
سمن جي دور ۾ سماع جي محفل ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا.“(7)
انهيءَ کان سواءِ شاهه ڪريم جي دور جي ڪن شاعرن جو تعارف ۽ سندن بيت نموني
طور ڏنا اٿس.
ڇهين فصل ۾ شاهه ڪريم جي شاعريءَ تي بحث ڪيو اٿس ۽ بيتن جو تعداد ڄاڻايو
اٿس. سندس چوڻ مطابق شاهه ڪريم جي بيتن جو تعداد92 آهي، جنهن مان هڪ بيت شيخ پراڙ
جو ۽ ٻئي بيت ۾ شڪ ڏيکاريو اٿس ته شايد اهو بيت قاضي قادن جو آهي. انهيءَ کان پوءِ
بيت جي وزن تي هندي عروض جي ڇند وديا مطابق بحث ڪيو اٿس، ۽ ڇند وديا جي بحرن جو
جائزو ورتو اٿس. انهيءَ کان پوءِ شاهه ڪريم جي شعر جي ٻوليءَ تي بحث ڪيو اٿس ۽
نتيجو ڪڍيو اٿس ته شاهه ڪريم جي شعر جي ٻولي لاڙي آهي. لاڙي محاوري جون لسانياتي خوبيون ۽ خاصيتون
بيان ڪيون اٿس. لاڙي محاوري بابت لکي ٿو ته:
”لاڙي لهجي
جي ڪيترن لفظن ۾ گهڻائپ ترڪ ڪيل هوندي آهي. انهن کان سواءِ لاڙي لهجي ۾ ڪيترن لفظن
۾ ڊگها سر بدلائي ننڍا ڪيل هوندا آهن ۽
ننڍا بدلائي ڊگها ڪيل هوندا آهن. معياري لهجي ۾ جيڪي لفظ ”اَن“ سان شروع ڪيل هوندا
آهن، لاڙي لهجي ۾ ”اَ“ کي بدلائي ”اِ“ ڪيو
ويندو آهي. هيٺ شاهه ڪريم جي شعر مان اهڙا لفظ ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ معياري لهجي کان
سر آواز تبديل ٿيل آهن:
لاڙي
لهجو معياري لهجو تبديلي
تن تون اون < اَن
جنءَ جيئن اين < اِ
پِئو پَيو اَ < اِ
لُههُ لوه او < اَ
پري پرين اين < اي
تِهه تنهن اَن < اِ ۽ اِن < اِ
جاب جواب وا < اَ
جِهِه جي هه < ي
مُنّ مون اون < اُ
ٻهار ٻاهر آ < اَ ۽ اَ < آ
ٻَهر ٻاهر آ < اَ
ڪِہِ ڪنهن آن < اِ ۽ اِن < اِ
مُھُ منهن آن < اُ
ٻِئي ٻي اِي < اِئي
تِهين تَهين اَ < اِ
جني جنين اين < اي
انين اونهي او < اُ ۽ هي < اين
پاهجي پنهنجي ان < آ ۽ اِن < اِ
ڪِنءَ ڪيئن اِي < اِ (8)
شاهه ڪريم جي شعر ۾
جيڪي پهاڪا، چوڻيون ۽ صنعتون آهن، سي کولي نروار ڪيون اٿس ته
رومانوي داستانن بابت چيل بيتن کي به ڌار ڌار رکيو اٿس.
شاهه لطيف تي شاهه
ڪريم جو تمام گهڻو اثر آهي، اهڙو اثر اسان کي شاهه لطيف جي واين ۽ بيتن ۾
ظاهر ظهور ملي ٿو. شاهه ڪريم جي شعر جون
کوڙ ساريون مصرعون تضمين طور کنيون اٿس. اهڙي اثر کي هن
فصل ۾ تفصيل سان بيان ڪيو اٿس.
ستين فصل ۾ ”بيان العارفين“ جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن جو تفصيل آندو
اٿس ۽ ان جي رسم الخط کي هاڻوڪي رسم الخط
سان ڀيٽيو اٿس. انهيءَ کان پوءِ متن شروع ٿئي ٿو. شروع ۾ ”اهڃ“ عنوان سان
مختلف نسخن جون علامتون ڏنيون اٿس. انهيءَ کان پوءِ باب وار متن
آهي ۽ هر هڪ باب کي هڪ عنوان ڏنو اٿس. اهڙا عنوان هن طرح آهن: باب پهرين جو عنوان
آهي ”شاهه ڪريم جي ولادت ۽ پيري مريدي“. باب ٻئي جو عنوان آهي: ”شاهه ڪريم جي
بزرگيءَ جي تعريف“. باب ٽئين جو موضوع آهي: ”حق جي واٽ جي طلب“. هن عنوان کي وري
مختلف ننڍا عنوان ڏنا اٿس، جهڙوڪ: فقير جو کاڌو، فقير جي رهڻي ڪهڻي، فقير جو لباس،
شاديءَ بابت رايا، علم بابت رايا، ذڪر ۽ وصال، شريعت ۽ طريقت.
باب چوٿين جو موضوع
آهي: ”نماز ۽ ورد وظيفا“. باب پنجين جو موضوع آهي: ”سوال جواب“ باب ڇهين جو عنوان
آهي: ”حلم، تواضع ۽ مجاهدي جي بيان ۾“. باب ستين جو موضوع آهي: ”سخاوت جي بيان ۾“.
اٺين باب جو موضوع آهي: ”محبت ۽ شوق جي بيان ۾“. نائين باب جو موضوع
آهي: ”سماع ۽ وجد جي بيان ۾“. باب ڏهين جو
موضوع آهي: ”توحيد جي بيان ۾“. يارهين باب جو عنوان آهي: ”نبين جو احوال“. ٻارهين
باب جو عنوان آهي: ”بزرگن ۽ ولين جا نڪتا“. تيرهين باب جو موضوع آهي: ”سنڌ جي
بزرگن جون حڪايتون“. چوڏهين باب جو عنوان آهي: ”شاهه ڪريم جي تصوف
بابت“. ان کان سواءِ بيان العارفين جي ٻين بابن جو به تعارف ڏنو اٿس.
متن ۾ هرهڪ
بيت جي شرح ڏني اٿس ۽ تصوف جا باريڪ نڪتا نهايت سليس انداز ۾ سمجهائيندي ٻين صوفي
بزرگن، جهڙوڪ: مولانا رومي، حڪيم سنائي، شاهه لطيف، سچل سرمست، خواجه محمد زمان
لنواري وارو ۽ فريد الدين عطار جا قول ۽ شعر آندا اٿس.
متن کان پوءِ
”اپٽار“ جي عنوان سان ڏکين لفظن جي معنيٰ، لفظن جا ڌاتو ۽ اصطلاحن جي شرح ڪئي اٿس.
آخر ۾ شاهه ڪريم جي بيتن جي شرح ۽ پوءِ قاضي قادن جو تعارف ڏنو اٿس، ڇاڪاڻ ته بيان
العارفين ۾ سندس چواڻي ته ست يا اٺ بيت شامل آهن.(9)
هن ڪتاب جي سڀ کان
اهم خوبي بيان العارفين جو متن آهي، پر جيڪا ڳالهه هن ڪتاب کي اڃا به وڌيڪ وزنائتو
بڻائي ٿي سا آهي شاهه ڪريم جي دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي، ادبي تاريخ ۽
جاگرافيائي حالتن جو جائزو. نه رڳو ايترو پر شاهه ڪريم جي بيتن جي پس منظر ۾ سنڌ
جي ڳوٺن، شهرن، علائقن، پرڳڻن ۽ دريائن جي وهڪرن ۽ حالتن تي نهايت تفصيل سان روشني
وڌي اٿس.
شاهه ڪريم جي رسالي
تي جنهن انداز ۽ نموني ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي روشني وڌي آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي،
اهڙي تحقيق اسان کي ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿي ملي. تنهنڪري چئي
سگهجي ٿو ته، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي شاهه ڪريم تي ڪيل تحقيق منفرد آهي ۽
سنڌي ادب ۾ مٿانهون مقام رکي ٿي.
شاهه ڪريم جي ڪلام جي مختلف
ڇاپن جو تقابلي جائزو
”ڪريم جو ڪلام“ جو پهريون ڇاپو 1963ع ۾ ڇپيو.
هي ڇاپو ڊيمي سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل هو. هي ڇاپو سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه
ڪاليج سکر تحت ڇپيو هو. ان جو ٻيو ڇاپو 1976ع ۾ ڇپيو. هي ڇاپو ڊيمي سائيز جي
172 صفحن تي مشتمل هو. هي ڇاپو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي قائم ڪيل اشاعتي
اداري، سنڌي ادب اڪيڊمي لاڙڪاڻو طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن
ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1995ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇپپايو. هي ڇاپو 202 صفحن تي
مشتمل هو.
ٽنهي ڇاپن ۾ مواد
جي ترتيب جي لحاظ کان فرق آهي. اهو فرق مواد جي سڌارن ۽
سنوار جي ڪري آهي. جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو هو،
تيستائين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”بيان
العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اپٽار“ عنوان تي پي ايڇ ڊي ڊگري ڪري چڪو هو، تنهنڪري
بيان العارفين جا سنڌي خواهه فارسي، قلمي توڙي ڇاپي نسخا نظر مان ڪڍي چڪو هو. ٻئي
ڇاپي جي منڍ ۾ ٻه اکر عنوان سان پيش لفظ ۾ اهڙي ڳالهه جو اظهار ڪندي چوي ٿو:
”هي ڪتاب
پي ايڇ. ڊي جي ڊگري لاءِ لکيل ڪتاب جي روشني ۾ سڌاريو ۽ وڌايو ويو
آهي. ايتري قدر جو هي هڪ نئون ڪتاب ٿي پيو آهي. هن جو مقدمه وڌيڪ جامع آهي، جنهن ۾
ڪيترين ئي ڳالهين جي وضاحت موجود آهي. متن ۾ شاهه ڪريم جا بيت نئين سر سڌاري ڏنا
ويا آهن ۽ حاشيءَ ۾ مختلف قلمي ۽ ڇاپي نسخن جون پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. اپٽار
واري ڀاڱي ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ شرح به نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪئي وئي آهي.“(10)
پهرين ڇاپي ۾ پيش
لفظ کان پوءِ شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو تعارف لکيل آهي، ٻئي ڇاپي ۾ اهو تعارف شامل
ڪونهي، ٽئين ڇاپي ۾ وري ٻئي ڇاپي وارا ”ٻه اکر“
شامل ناهن. ٽئين ڇاپي لاءِ ”نئين ايڊيشن لاءِ ٻه اکر“ عنوان سان پيش لفظ
آهن.
پهرين ڇاپي ۾ مقدمي
جو عنوان ”حياتي جو احوال“ آهي، جيڪو ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ مٽائي
”سوانح حيات“ ڪيو ويو آهي. پهرين ڇاپي ۾ مختلف عنوان ڏنا اٿس ۽
ٻئي ڇاپي ۾ انهن عنوانن کي مختلف فصلن ۾ ورهايو ويو آهي. ٻئي ڇاپي ۾ هن باب
جا ست فصل آهن، ٽئين ڇاپي ۾ به ست فصل آهن. ٻنهي ڇاپن جي هن باب جا عنوان ساڳيا
آهن. پهرين ڇاپي ۾ ڪن جاين تي فقط هجري سن ڏنا ويا آهن، پر ٻئي ۽ ٽئين
ڇاپي ۾ سڀني هجري سنن جي برابر عيسوي سن به ڏنا ويا آهن.
پهرين ڇاپي ۾ شاهه
عبدالڪريم لاءِ ”شاهه ڪريم“ آندو اٿس، پر ٻئي ڇاپي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ ”شاهه عبدالڪريم“
آندو اٿس. پهرين ڇاپي ۾ شاهه عبدالڪريم جي والد جو نالو ڪن هنڌن تي سيد لله عرف
سيد لعل محمد(11) آندو اٿس. پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ شاهه عبدالڪريم جي والد جو نالو
سيد عبدالڪريم بن سيد لعل محمد شاهه عرف لَلهُ شاهه (12) آندو اٿس. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين ڇاپي ۾
شاهه عبدالڪريم جي والد جو نالو سيد لَلهُ
آندو اٿس ۽ لعل محمد سندس تخلص ڄاڻايو اٿس، پر ٻئي ڇاپي ۾ شاهه عبدالڪريم
جي والد جو نالو سيد لعل محمد ۽ تخلص
لَلهُ شاهه آندو اٿس. اها غالباً درستي ڪئي اٿس.
پهرين ڇاپي ۾ شاهه
عبدالڪريم جو شجرو بيان ڪندي سيد عبدالمومن جو تخلص نه ڄاڻايو اٿس، پر ٻئي ۽ ٽئين
ڇاپي ۾ ان جو تخلص مينهه شاهه ڄاڻايو اٿس.(13) ساڳيءَ طرح شاهه عبدالڪريم جي حسب
نسب ۾ جلال شاهه جو تخلص ڪونهي، پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ سيد جلال شاهه جو تخلص جرار
شاهه(14) آيو آهي.
پهرين ڇاپي ۾ سيد امير
علي بن سيد محمد بن سيد حسين(15) آيو آهي، پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ اهو نالو ”سيد مير
علي شاهه بن سيد يوسف شاهه بن سيد حسين شاهه“(16) آيو آهي.
پهرين ڇاپي ۾ علي
بن سيد احمد، جڏهن ته ٻئي ڇاپي ۾ حسين بن سيد ابراهيم آيو آهي.(17)
پهرين ڇاپي ۾ امام
جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام علي زين العابدين بن امام حسين بن سيدنا امام
علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عليهم اجمعين تائين شجرو بيان ٿيل آهي، پر ٻئي
ڇاپي ۾ شجرو امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق تائين ڏنو ويو آهي.
پهرين ڇاپي ۾ شاهه
ڪريم جي مرشد بابت ”مرشد وٺڻ“ عنوان سان
احوال آهي.(18) پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ انهيءَ عنوان کي بدلائي ”هندستاني (بهار)
بزرگن جي صحبت“(19) عنوان ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ بهار جي رهواسي
سلطان ابراهيم جو ذڪر آيل آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي 22 تي ”سير و سفر“ جي سري سان احوال آهي. ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ شاهه ڪريم جي هڪ
بيت جو واڌارو آڻي، شاهه ڪريم جي سير سفر سندس شاعري مان ثابت ڪيو ويو آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي 22 تي تهجد جي سري سان شاهه ڪريم جي
نماز جو بيان آهي، جيڪو ٻئي ڇاپي ۾ خارج ڪيو ويو آهي، پهرين ڇاپي ۾ ”سير و سفر“
عنوان کان پوءِ ”تهجد“ ۽ پوءِ ”ڪسب معاش عنوان آهي، پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾
”سيروسفر“ کان پوءِ ”ڪسب معاش“ عنوان آهي.
پهرين ڇاپي ۾ ”اولاد“
عنوان کان پوءِ ”سندن سجاده نشين“، ”سندن مريد“، ”صورت،
پوشاڪ ۽ گذران،“ ”اخلاق ۽ عادتون، ”سماع جو شوق“، ”علميت“، ”مذهب ۽ مشرب“، ”سياسي
حالت“، ”ملڪ جي ادبي حالت“، ”ڪريم جو ڪلام“، ”شعر جو انداز“، ”شعر
جي ٻولي“، ”شعر جو وزن“، ”شعر جو مضمون“، ”ادبي درجو“، ”پوين
شاعرن تي اثر“، ”شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف“ ۽ ”ڪلام جي تاليف“ عنوان آهن، پر ٻئي ڇاپي
۾ ”اولاد“ عنوان تي فصل پورو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ٻيو فصل شروع
ٿئي ٿو. ٻئي فصل جو عوان آهي ”شخصيت ۽ ڪردار“ جنهن ۾ ”فيض جي پالوٽ“، ”شخصيت“،
”سماع جو شوق“، ”سنڌي سماع“ ۽ ”شاهه ڪريم جي درگاهه تي ٿيندڙ سماع“ عنوان شامل
آهن.
هن مان معلوم ٿيندو
ته، ٻئي فصل ۾ ”سماع جو شوق“ کان سواءِ ٻيا عنوان وڌايا اٿس. ٻئي
ڇاپي ۾ ٽئين فصل جو عنوان آهي: ”علمي لياقت ۽ مشرب“. پهرين ڇاپي ۾ علميت واري
عنوان کي بدلايو ويو آهي ۽ عنوان رکيو ويو آهي: ”علم و فصل“ باقي
عنوان، جهڙوڪ: ”مذهب ۽ مشرب“
ساڳيو برقرار رکيو ويو آهي. ان کان پوءِ چوٿون باب شروع ٿئي ٿو. هن باب کي ”سنڌ
جون سياسي حالتون“ عنوان ڏنو ويو آهي. پهرين. ڇاپي ۾ صفحي 35 تي عنوان آهي: ”سياسي
حالت“ يعني پهرين ڇاپي جي انهيءَ عنوان، ”سياسي حالت“ کي بدلائي“
سياسي پس منظر“ عنوان ڏنو ويو آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي
40 تي ”ملڪ جي ادبي حالت“ عنوان آهي، ٻئي ڇاپي ۾
اتان کان پنجون فصل شروع ٿئي ٿو. هن فصل کي عنوان ڏنو ويو آهي: ”سنڌ جو علم ۽ ادب“
يعني پهرين ڇاپي واري عنوان ”ملڪ جي ادبي حالت“ عنوان کي بدلائي ٻئي ڇاپي ۾ ”علمي
حالت“ عنوان ڏنو ويو آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي
44 تي ”ڪريم جو ڪلام“ عنوان کان ٻئي ڇاپي ۾ نئون فصل يعني فصل ڇهون رکيو ويو آهي.
ان کي عنوان ڏنو ويو آهي: ”شاهه ڪريم جي شاعري“. هن فصل ۾ پهرين ڇاپي واري عنوان
”شعر جو انداز“ ۽ ”بيتن جو تعداد“ عنوان ڏنو ويو آهي.
پهرين ڇاپي ۾
”شعر جو انداز“ کان پوءِ ”شعر جي ٻولي“ عنوان اچي ٿو. ٻئي ڇاپي ۾ هي عنوان ”شعر جو
وزن“ کان پوءِ اچي ٿو. ”شعر جو وزن“ ۾ بيت جي وزن تي مفصل بحث ڪيو ويو آهي، جيڪو
پهرين ڇاپي ۾ ڪونهي. ساڳيءَ طرح، پهرين ڇاپي ۾ ”شعر جي ٻولي“
عنوان سان، شاهه ڪريم جي شعر جي ٻوليءَ جو جائزو مختصر يعني ڇهن ستن پئرائن ۾ بيان
ڪيل آهي، پر ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ انهيءَ عنوان تي مفصل روشني وڌي اٿس.
لاڙي لهجي جون لسانياتي خوبيون ۽ خصوصيتون به بيان ڪيون ويون آهن، ته سر آواز،
وينجن، لاڙي و لهجي جي وسرڳ آوازن ۽ پدن تي تفصيل
سان روشني وجهي مفصل ۽ مدلل بحث ڪيو ويو آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي
47 تي ”شعر جو مضمون“ عنوان سان مختصر بحث ٿيل آهي،
پر ٻئي ڇاپي ۾ انهي موضوع تي جامع بحث آهي. منجهس واڌارا ۽ سڌارا
آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام مان چوڻيون ۽ پهاڪا، صنعتون، رومانوي داستان عنوانن وارو
واڌارو مواد آهي.
پهرين ڇاپي جي صفحي
54 تي ”ڪلام جي تاليف“ عنوان هيٺ بيان العارفين جي تياري جو تفصل سان جائزو ورتو
ويو آهي. ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ اهو مواد نئين فصل يعني ستين فصل ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان
کي ”بيان العارفين“ عنوان ڏنو ويو آهي. هن فصل ۾ بيان العارفين تي بحث ڪيو ويو
آهي، بيان العارفين جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان
سواءِ بيان العارفين ۾ استعمال ٿيل صورتخطي ۽ موجوده دور ۾ رائج صورتخطي ۾ جيڪو فرق آهي، ان تي به
روشني وڌي وئي آهي ۽ هاڻوڪي رسم الخط ۽ پير حسام الدين جي ڪتب خاني واري فارسي
نسخي، پير جهنڊي واري ڪتب خاني واري فارسي نسخي، منصوره ڪاليج واري فارسي قلمي
نسخي، سنڌي ادبي بورڊ واري نسخي، بمبئي واري سنڌي ڇاپي جي ڀيٽا جو چارٽ به تيار
ڪري ڏنو ويو آهي، جنهن سان شاهه ڪريم جي ڪلام جي هر هڪ نسخي کي پڙهڻ سولو ۽ سهنجو
ٿي پيو آهي.
پهرين ۽ ٻئي ڇاپي
کي جڏهن ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، متن ۾ به ڪجهه سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا آهن،
جيڪي هن طرح آهن:
پهرين ڇاپي ۾، پهرين باب جو عنوان ”حق جي يادگيري، خود قرباني، راز لڪائڻ، تجريد، تفريد، مجاز“ وغيره آهي، جڏهن ته ٻئي ڇاپي ۾
پهرين باب جو عنوان ”شاهه ڪريم جي ولادت ۽ پيري مريدي آهي.
پهرين ڇاپي ۾
پهريون بيت هن طرح آهي:
تون چؤ الله هيڪڙو، وائي ٻي مَ سک،
سچو اکر من ۾، سو ئي لکئو لِک.
ٻئي ڇاپي ۾ پهريون بيت آهي.
ان در سندي مڱڻي،
اڳي اِيَ نه هير،
جنءَ ڊگها ڪري پير،
سڄيون راتيون سمهي.
يعني پهرين ڇاپي ۾ شاهه ڪريم
جو پهريون بيت، ٻئي ڇاپي ۾ ٻيو نمبر آيو آهي، جڏهن ته ٻئي ڇاپي جو پهريون بيت،
پهرين ڇاپي ۾ 70 نمبر تي آهي. اهڙيءَ طرح سڄي متن جي ترتيب پهرين ڇاپي جي ڀيٽ ۾
ٻئي ڇاپي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.
پهرين ڇاپي ۾ بيتن
جي پڙهڻي جي سلسلي ۾ اهڃ به ڪونهي، پر ٻئي ڇاپي ۾ اهڃ ڏنل
آهي، جنهن ۾ سورنهن پڙهڻيون ڏنل آهن. اهڃ
هن طرح آهي:
نمبر
|
نسخي جو نالو
|
اهڃاڻ
|
1
|
پير حسام الدين جي ڪتبخاني وارو فارسي قلمي
|
ح
|
2
|
پير جهنڊي واري ڪتبخاني وارو فارسي قلمي
|
جهه
|
3
|
منصوره ڪاليج وارو فارسي قلمي
|
م
|
4
|
سنڌي ادبي بورڊ وارو سنڌي قلمي
|
س، سنڌ
|
5
|
بمبئيءَ وارو سنڌي ڇاپو
|
بم
|
6
|
هريسنگ ڪتب فروش وارو ڇاپو
|
هر
|
7
|
رساله ڪريمي: مرزا قليچ بيگ
|
ق
|
8
|
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو
|
د
|
9
|
محمد رضا وارو اصلوڪو نسخو
|
ر
|
10
|
فقير ڌڻي پرتي وارو نسخو
|
د
|
11
|
تنبيھ الجاهلين؛ مطبع ڪريمي
بمبئي، 1336هه < 1917ع)
|
ت
|
12
|
بدرالمنير: مخدوم عبدالله نرئي وارو، مطبع علوي بمبئي
|
ب
|
13
|
مصلح المفتاح: سيد علي محمد شاهه، مطبع فيض سبحاني
ڪوٽڙي، 1322هه (1904ع)
|
ص
|
14
|
معراج نامون، مطبع ڪريمي بمبئي، 1332هه (1913ع)
|
ن
|
15
|
سير بستان (قصص الانبياءُ)، تصنيف 1070 هه، مصنف
محمد حسين، مطبع ڪريمي بمبئي، 1331هه (1912ع)
|
ي
|
16
|
مجموعه مدحيات مطبع ڪريمي بمبئي،
1334هه (1915ع)
|
ج (20)
|
ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾
شامل متن ۾ باب پهرين ۾ فقط هڪ بيت آهي. ٻئي باب
۾ ڪو به بيت ڪونهي. هي باب شاهه عبدالڪريم جي بزرگيءَ جي بيان ۾ آهي. ٽئين
باب جو عنوان آهي: ”حق جي واٽ جي طلب“. هن باب جو پهريون بيت يعني
اصل ۾ ٻيو بيت پهرين ڇاپي ۾ پهريون ٿي آيو آهي.
باب چوٿين جو موضوع
آهي: ”نماز ۽ ورد وظيفا“. پهرين ڇاپي جو
ٻيو باب، ٻئي ڇاپي جو پنجون باب ٿي آيو آهي. اهڙيءَ طرح
پهرين ڇاپي جو ٽيون باب، ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي ۾ ڇهون باب بنايو ويو
آهي. چوٿون باب، ٻئي ڇاپي ۾ ستون باب آهي. پهرين ڇاپي جو پنجون باب،
ٻئي ڇاپي جو اٺون باب ۽ پهرين ڇاپي جو ستون باب، ٻئي ڇاپي جو ڏهون
باب آهي. پهرين ڇاپي جو اٺون باب ٻئي ڇاپي جو يارهون
باب آهي. پهرين ڇاپي ۾ نائين باب تي عنوان ڪونهي. ٻئي ڇاپي ۾ نائين باب جو عنوان
آهي: ”سماع ۽ وجد جي بيان ۾“، ٻارهين باب جو
عنوان، ”بزرگن ۽ ولين جا نڪتا“. تيرهين باب جو عنوان آهي،
”سنڌ جي بزرگن جون هدايتون“ ۽ چوڏهين باب جو عنوان ”شاهه ڪريم جي تصوف بابت“ آهي.
سورهون ۽ سترهون باب نهايت مختصر ۽ بنا عنوان جي آهن. اهڙيءَ طرح پهرين ڇاپي جو
متن نَوَن بابن تي مشتمل آهي، پر ٻئي ۽ٽئين ڇاپي جو متن سورنهن بابن ۾
ورهايل آهي.
پهرين ڇاپي ۾ متن
کان پوءِ ”اپٽار“ عنوان سان پهرين بيان العارفين ۾ آيل ماڻهن جو
احوال، پوءِ شهرن ۽ پرڳڻن جو، پوءِ درياهن جو ذڪر ۽ بعد ۾ ڏکين لفظن
جي معنيٰ ۽ انهيءَ کان پوءِ بيتن جي شرح، آخر ۾ ”بيان
العارفين ۾ ڌاريو ڪلام“ آيو آهي، جنهن ۾ قاضي قادن جا بيت، ٻين شاعرن
جو ڪلام، هندي ڪلام، پارسي بيت ترتيبوار آيل آهن.
ٻئي
ڇاپي ۾ پهرين لفظن جي معنيٰ، پوءِ بيتن جي شرح،
انهيءَ کان پوءِ قاضي قادن جا بيت ۽ شرح شامل آهي. آخر ۾ بيان العارفين
۾ شامل ڌاريا بيت ۽ انهن جي شرح آهي. هن ڇاپي ۾ بيان العارفين ۾ آيل ماڻهن جو
احوال شهرن، پرڳڻن ۽ درياهن جو ذڪر ڪونهي.
ٽئين ڇاپي ۾ متن
کان پوءِ ڏکين لفظن جي معنيٰ شامل آهي. انهيءَ کان پوءِ بيتن جي شرح آهي،
بعد ۾ ترتيبوار بيان العارفين ۾ قاضي قادن جا بيت، بيان العارفين ۾ آيل بزرگن جو
احوال، بيان العارفين ۾ آيل شهرن ۽ پرڳڻن ۽ دريائن جو تفصيل سان ذڪر
شامل آهي، پوءِ شاهه ڪريم جا بيت پوءِ بيان العارفين ۾ قاضي قادن جا
بيت آخر ۾ بيان العارفين ۾ ٻين شاعرن جا بيت آهن.
هن مان معلوم ٿيندو
ته ڪيترو ئي اهڙو مواد آهي، جيڪو پهرين ڇاپي ۾ موجود هو پر ٻئي ڇاپي ۾ شامل ڪونهي،
البت ٻئي ڇاپي ۾ جيڪو به مواد آهي ان کي سڌاري ترتيب ۾ آندو ويو آهي. ٽئين
ڇاپي ۾ وري سمورو مواد آهي، يعني جيڪو مواد ٻئي ڇاپي ۾ ڪونهي،
سو ٽئين ڇاپي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڪريم جو ڪلام ۽
شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام جو تقابلي جائزو
ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽي جو ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“
جو پهريون ڇاپو 1937ع ۾ ڇپيو ۽ ان جو سڌاريل ڇاپو 1977ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
ڇپايو، انهيءَ عرصي دوران 1963ع ۾ ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي ”ڪريم جو ڪلام“ نالي سان شاهه
عبدالڪريم جو رسالو ڇپايو. هي ڇاپو جڏهن ڇپجي
مارڪيٽ ۾ آيو ته ڪن ڌرين مٿس کوڙ سارا الزام لڳايا ته، هي ڪتاب، علامه
دائود پوٽي جي ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ جو نقل آهي، جڏهن ته ايئن نه
هو. علامه دائود پوٽي واري ايڊيشن ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي واري ڇاپي ۾ تمام گهڻو
فرق آهي. ٻنهي ڪتابن جو تقابلي جائزو هت پيش ڪجي ٿو، جنهن مان معلوم
ٿيندو ته ٻنهي عالمن جو تحقيقي ڪم الڳ الڳ آهي. ٻنهي عالمن جو علمي ڪم پنهنجي
پنهنجي جاءِ تي الڳ الڳ اهميت رکي ٿو. منجهن کوڙ سارو فرق به موجود آهي. ڪن جاين
تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪم وڌيڪ
اهميت وارو ۽ وڌيڪ بهتر معلوم ٿئي ٿو. اهڙا ڪجهه مثال هت پيش ڪجن ٿا.
ڊاڪٽر علامه دائود
پوٽو، شاهه ڪريم جو شجرو هن طرح بيان ڪري ٿو:
”سيد
عبدالڪريم بن سيد لعل محمد عرف لَلُه بن سيد عبدالمؤمن عرف ممون بن سيد هاشم بن
سيد جلال محمد عرف جرار ولد سيد شرف الدين ولد سيد مير علي بن سيد حيدر بن سيد
امير علي ولد سيد محمد.“(21)
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، شاهه عبدالڪريم جو شجرو هن طرح بيان ڪري ٿو:
”سيد عبدالڪريم شاه بن سيد لعل محمد شاه عرف لَلهُ شاه بن سيد عبدالمومن
عرف مينهھ شاه بن سيد هاسم شاه بن سيد حاجي شاه بن سيد جلال محمد عرف جرار شاهه بن
سيد شرف الدين شاه بن سيد مير علي شاه بن سيد حيدر شاه بن سيد مير علي شاه بن سيد
يوسف شاه بن سيد حسين شاه بن سيد ابراهيم بن سيد علي الجواري بن سيد حسن الاڪبري بن سيد جعفر ثاني بن امام موسيٰ
ڪاظم بن امام جعفر صادق“.(22)
هن مان معلوم ٿيندو
ته، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪتاب ۾ سيد امير علي بن سيد محمد
تائين شجرو ڏنل آهي. سو به کٽل آهي، منجهس ”سيد حاجي شاهه“ جو نالو کٽل آهي. جيڪڏهن مرزا قليچ بيگ وارو
”رساله ڪريمي“ ڏسجي ته منجهس ساڳيو علامه دائود پوٽي وارو ڏنل شجرو هوبهو ملي ٿو.
ان ۾ پڻ ”سيد حاجي شاه، جو نالو کٽل آهي.(23)
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جو سڀ کان اهم ۽ قدر وارو ڪم، شاهه ڪريم جي ڪلام جو سندس دور جي
سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ جي پس منظر ۾ جائزو وٺڻ آهي. هي جائزو ٻن
بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ترتيب جي لحاظ کان مقدمي جي چوٿين فصل ۾ شاهه ڪريم جي
دور جي سياسي سماجي حالتن جو جائزو ورتو اٿس ۽ پنجين فصل ۾ شاه ڪريم جي دور جي
ادبي تاريخ تي ڀرپور نموني بحث ڪيو اٿس ۽ ان دور جي شاعرن احوال آندو اٿس. بيان
العارفين جي پس منظر ۾ لکيل ادبي تاريخ تي هي باب،
سنڌي ادب جي تاريخ جو نهايت اهم باب آهي. هي ٻئي باب اهڙو علمي ڪم آهي، جيڪو اسان
کي ٻئي ڪنهن شاه ڪريم جي ڪلام جي نسخي ۾ نه ٿو ملي.
بيتن جي تعداد جي سلسلي
۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو:
”فقط 94
بيت آهن، جن مان 2 مصراعون، 3 ٽن تڪن وارا بيت ۽ باقي 89 ٻه تڪا بيت آهن، جي هندي
دهرن سان مشابهت رکن ٿا (انهيءَ وقت جي شعر جو ڊول اهڙو ئي ٿو ڏسجي) کان سواءِ
گمنام شاعرن جا 5 بيت، قاضي قادن (قاضن)
جا 7 بيت ۽ ٽي هندي بيت به آهن، جي شاه ڪريم جدا جدا موقعن تي چيا آهن.
يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته انهن 94 بيتن مان ڪيترا خود سندس آهن، ڇاڪاڻ ته ”بيان
العارفين“ واري، ڪن ٿورن هنڌن کان سواءِ
ڪٿي به ائين صاف نه ڄاڻايو ويو آهي ته اهي بيت خود شاه ڪريم جا آهن، منڍ ۾ انهيءَ
ڳالهه ڏي اشارو ڪيو اٿس. بهرحال جنهن صورت ۾ اسان کي انهن بيتن جي صحت يا سقم
سڃاڻن بابت ٻيو ڪو سَجههُ ڪونهي، تنهن صورت ۾ اهي بيت شاهه ڪريم جا ئي
سمجهڻ گهرجن.(24)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شاهه ڪريم جي سنڌي
بيتن جي تعداد بابت لکي ٿو:
”فقط 94
بيت بيان العارفين مان ملن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته سندس ٻيو شعر به هجي، پر اهو اسان
تائين پهچي نه سگهيو آهي. بيان العارفين
مان ست بيت قاضي قاضن جا، 5 بيت نامعلوم شاعرن جا چار بيت هندي ملن ٿا، جي
شاه ڪريم وقت بوقت پنهنجي مجلس ۾ چيا، ٿي سگهي ٿو ته نامعلوم شاعرن جي پنجن بيتن
مان به ڪجهه بيت شاهه ڪريم جا هجن.“(25)
ڊاڪٽر دائود پوٽو
غير يقيني ڪيفيت ڏيکاري ٿو.
يعني ڪجهه بيتن ۾ شڪ به ڏيکاري ٿو ۽ وري مڃي به ٿو ته اهي بيت شاهه ڪريم جا آهن،
پر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اڳتي هلي هڪ بيت شيخ پراڙ جو، ست بيت قاضي قاضن جا ۽ ڇهه
بيت ٻين اڻ ڄاتل شاعرن جا ثابت ڪري ٿو.(26)
ڊاڪٽر دائود پوٽي، شاهه ڪريم جي ڪلام جي وزن تي بحث ناهي ڪيو، پر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، شاهه
ڪريم جي بيتن جي وزن تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. بيت جي وزن تي بحث ڪندي هندي عروض
جي دوها ۽ سورٺا کي ملائي بيت جون هيئتون ۽ صورتون
ٺاهڻ تي مفصل بحث ڪيو اٿس. انهيءَ کان سواءِ شاه ڪريم جي ڪلام جو سنڌي ادب ۾ درجو،
کانئس پوءِ جي شاعرن تي سندس اثر کي به بحث هيٺ آندو آهي. شعر جي ٻولي تي بحث ڪندي
لاڙي لهجي جون خوبيون خصوصيتون، معاري لهجي ۽ لاڙي ۾ آوازن جي تبادلي جو تقابلي
جائزو، پهاڪا، چوڻيون، صنعتون، رومانوي داستان وارا بيت ۽ بيان العارفين جي مختلف قلمي توڙي ڇاپي نسخن جي تاريخ، صورت
خطي ۽ ٻين ڪيترن ئي نون موضوعن تي تفصيل سان لکيو اٿس، اهڙا موضوع يا اهڙو بحث
اسان کي علامه دائود پوٽي واري ڇاپي ۾ نه ٿو ملي.
ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي جي هن نسخي جي هڪ خوبي اها به آهي ته، متن ۾ هر هڪ بيت جي شرح ڏني
اٿس ۽ شرح ۾ تصوف جا باريڪ نڪتا نهايت سولي نموني سمجهائيندي، ٻين
صوفي بزرگن، جهڙوڪ مولانا رومي، حڪيم سنائي، شاهه لطيف، سچل سرمست، خواجه محمد
زمان لنواري وارو، فريد الدين عطار وغيره جا قول ۽ شعر ڏنا اٿس. ان جي ڀيٽ ۾ علامه
دائود پوٽي واري نسخي ۾ فقط تصوف جا نڪتا آندل آهن.
بيتن جي شرح ۾
علامه دائود پوٽي نهايت اختيار کان ڪم ورتو آهي پر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تفصيل سان شرح ڪئي آهي. هيٺيون مثال ئي کڻي
ڏسجي.
علامه دائود پوٽو:
چرِئو جِين چت ڪري، سڱ سڀيئي ڇِن
جي ڀائين پِري مڙان، ته مَتِ موجي ڳِنُ
سنڌي ترجمو: دل ديوانن وانگر
ڪري، سڀ ناتا ڇني ڇڏي، جي ڀائين ته دوست کي ملان ته
اها منهنجي نصيحت وٺ.(27)
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
هن بيت جي پڙهڻي ۽ شرح ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي واري نسخي ۾ هن طرح آهي:
چَرِئَنِ ] 1 [ جِئنءَ چِت ڪري، سڱ سڀئي ] 2 [ ڇِنُ،
جي ڀائين پِريءَ م مڙان، 3] [ ته
مت موجي ڳِنُ.
ترجمو: جيڪڏهن محبوب سان
ملڻ چاهين، ته منهنجي هن نصيحت تي عمل ڪر، دل ديوانن جيان ڪري، دنيا جا لاڳاپا
لاهي ڇڏ ۽ ظاهري عقل جي پابندي ڇڏي ڏي.
ڀٽ ڌڻيءَ به فرمايو آهي:
”جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇڏ.“
انهيءَ نظريي جي مدنظر ڀٽ
ڌڻيءَ سهڻيءَ لاءِ چيو آهي، ته گهڙو جيتوڻيڪ محبوب سان ملڻ جو وسيلو هوس، پر جڏهن هو موٽائي آندو
هوس، تڏهن فراق جو سبب بڻيو هوس، پر جڏهن گهڙو
ڀڳس وسيلو ويس، تڏهن ئي وڃي هميشھ لاءِ محبوب سان ملي:
”گهڙو ڀڳو گهوريو، پاڻان هو حجاب.“
ٻي هنڌ فرمائي ٿو ته:
جڏهن وسيلن، لوڙهي ڇڏي لڙ ۾،
پارارا پرين، تڏهه پڇي سوهڻي.
مولانا جلال الدين روميءَ به
فرمايو آهي:
من چه غم دارم که ويراني بود ــــــ زيرِ ويران گنجِ. سلطاني بود (28)
علامه دائود پوٽي متن کي ستن
بابن ۾ ورهايو آهي، باب هن طرح آهن. باب پهريون حق جي يادگيري، خود قرباني، راز
لڪائڻ، تجريد، تفريد وغيره جي بيان ۾. ٻيو باب ”سوالن جا جواب“، باب ٽيون حلم، تواضح،
مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾“. باب چوٿون ”سماع، وجد، محبت ۽
شوق جي بيان ۾“. باب پنجون ”توحيد جي بيان ۾“. باب ڇهون ”نبين،
ولين ۽ بزرگن جا نڪتا“. باب ستون ”تصرفاتن، دعائن ۽ ڪرامتن جي بيان ۾.“
جڏهن ته ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، متن کي نون بابن ۾ ورهايو آهي. باب هن طرح آهن:
باب پهريون ”حق جي
يادگيري، خود قرباني، راز لڪائڻ، تجريد، تفريد، مجاز وغيره“. باب ٻيو ”سوالن جا
جواب“. باب ٽيون ”حلم، تواضع ۽ مجاهدي جي بيان ۾“. باب چوٿون ”سخاوت جي بيان ۾“. باب پنجون محبت ۽
شوق جي بيان ۾“. باب ڇهون ”سماع ۽ وجد جي بيان ۾“.
باب ستون ”توحيد جي بيان ۾“. باب اٺون ”نبين، بزرگن ۽ ولين جا نڪتا“ ۽
باب نائون بنا عنوان جي آهي.
هنن کي ڀيٽي ڏسبو
ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي نسخي ۾ فرق هن طرح آهي: پهرين باب
۾ ”مجاز“ عنوان واڌارو آهي. ٽئين باب ۾ دائود پوٽي واري نسخي ۾ ”سخاوت“ عنوان
واڌارو آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سخاوت“ عنوان سان نئون باب بنايو آهي.
باب پنجون واڌارو آهي. علامه دائود پوٽي
جي ڪتاب ۾ باب پنجون ”توحيد“ بابت آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي نسخي ۾ هيءُ موضوع ستين باب ۾ آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪتاب ۾ باب ڇهون، ڊاڪٽر
ميمڻ صاحب جي نسخي ۾ اٺون باب ٿي آيو آهي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي
واري نسخي ۾ ڏکين لفظن جي فقط الف بي وار لسٽ ڏنل آهي ۽ لفظن پٺيان
انگ ڏنل آهن، جيڪي بيتن جو عدد ڏيکارين ٿا جيئن:
آڀُ 21
اُڀي 36
اڄهي 57
آرا 86
ارٿ 39
(29)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،
ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني آهي، ۽ انهن جا بنياد ۽ اشتاق به ڏنا اٿس. جيئن:
اڀ = (پرا، اڀ؛ سن. اڀر – اپ = پاڻي + ڀر = ڀرڻ، يعني ڪڪر، آسمان.)
آسمان، آڪاس (ظرف)، مٿي، اڀو، اچو.
آرا = (سن، آرا، آ = تائين + ا = وڃڻ ؛ سن،
آري = اٿلڻ)
ارٿ = (سن: اَرٌٿَ = ڳولڻ) مطلب، معنيٰ، شرح،
اشارو مضمون، ڳالهه، سمجهاڻي، سبب، فائدو(30)
ساڳيءَ طرح علامه دائود پوٽي سنڌي بزرگن جا فقط نالا الف - بي
وار آندا آهن، پر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي رڳو نالا ناهن ڏنا، پر بزرگن جي حالات
جو مختصر پر جامع تذڪرو ڏنو آهي، جيئن:
علامه دائودپوٽو:
(سيد) ابراهيم جو پير پرڏيهي جي نالي سان مشهور آهي
(شيخ) ابراهيم ولد شيخ ريحان جنگلي (ڌ: رهاڻ؟ رادها)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
شيخ ابراهيم: رڪن پور جو ويٺل هو ۽ شيخ ريحان جي والاد مان
هو. شيخ ريحان جهنگليءَ جو اصلي نالو چنيسر هو ۽ ذات جو سومرو هو. تحفة الڪرام جي
روايت موجب، حضرت قلندر شهباز ۽ شيخ رڪن الدين ملتانيءَ شيخ ريحان سان
ملاقات ڪئي. شيخ رڪن الدين جي آمد جي ڪري ئي ان ڳوٺ تي اهو نالو پيو هو. حضرت
قلندر شهباز ۽ حضرت رڪن الدين ملتانيءَ جو گڏجي اچڻ صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ جو حضرت رڪن عالم، حضرت قلندر جي دوست حضرت غوث بهاءَ الحق جو پوٽو هو. تحفة
الڪرام جي روايت موجب: شيخ ابراهيم سيد
صاحب جو هم عصر هو ۽ سيد صاحب جو دوست ۽ پير ڀائي سيد علي ثاني سندس زيارت لاءِ
آيو هو.(31)
اهڙيءَ طرح علامه دائود پوٽي، بيان
العارفين ۾ آيل ڳوٺن، شهرن، علائقن، پرڳڻن ۽ دريائن جا نالا ڳڻيا آهن،
پر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ انهن ڳوٺن، شهرن، علائقن، پرڳڻن ۽ دريائن جي طبعي ۽
تاريخي حالات تي جامع نموني ۾ روشني وڌي آهي.
هن مان ثابت ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو هي
ڪتاب نهايت نرالو، نرالي اهميت وارو ۽ بنيادي ماخذ آهي.
حوالا
(1)
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، سنڌي
ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻه (سنڌ)، ڇاپو ٻيو، سال 1976ع صف 22-21
(2)
ساڳيو،
ص 30
(3)
ساڳيو،
ص 36-35
(4)
ساڳيو،
ص 36
(5)
ساڳيو،
ص 40
(6)
ساڳيو،
ص 45
(7)
ساڳيو،
ص 47
(8)
ساڳيو،
ص 57
(9)
ساڳيو،
ص 169
(10)
ساڳيو،
ص ٻه اکر
(11)
ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“ ڇاپو پهريون سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه
ڪاليج سکر، سال 1963ع، ص 7
(12)
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي
ادبي سوسائٽي، لاڙڪاڻو، سال 1977ع، ص – 6)
(13)
ساڳيو،
ص 6
(14)
ساڳيو،
ص 5
(15)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم
جو ڪلام“، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج،
سکر، سال 1963ع، ص 7
(16)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي سوسائٽي
لاڙڪاڻو، سال 1977ع. ص. 5
(17)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، (ڇاپو پهريون)، سال 1963ع، ص 7 ۽ ڇاپو ٻيو، سال 1977ع، ص 5
(18)
ساڳيو،
ص 15
(19)
ساڳيو،
ڇاپو ٻيو، ص 15
(20)
ساڳيو،
ص 78
(21)
عمر
بن محمد دائودپوٽو: ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي ڀٽ شاهه، سال 1977ع ص 1 کان 5 تائين.
(22)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر، سال 1963ع ، ص 6
(23)
مرزا
قليچ بيگ: ”رساله ڪريمي“، سال 1904ع، ص 2
(24)
عمر
بن محمد دائودپوٽو: ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاه، سال 1977ع، ص 36
(25)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، سنڌي ادبي سوسائٽي لاڙڪاڻو، سال 1963ع،
ص 44
(26)
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”شاهه ڪريم جو ڪلام“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سال 1994ع ، ص
201-200
(27)
عمر
بن محمد دائودپوٽو: ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“،
شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، سال 1977ع ص – 45
(28)
ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“ سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج، سکر، سال 1977ع، ص 151
(29)
عمر
بن محمد دائود پوٽو: ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، سال 1977ع، ص 133
(30)
ساڳيو،
ص 136
(31)
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”ڪريم جو ڪلام“، سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج، سکر، سال 1963ع ص 145.
تمام زبردست کوجنا ۽ ڳولا.
ReplyDelete