11/11/2012

سنڌ هيرن جي کاڻ - رکيل مورائي



سنڌ هيرن جي کاڻ
رکيل مورائي
آئون دل جي حضور سان اها ڳالهه ڪريان ٿو ته مون کي جڏهن به اسان جو دوست رسول بخش پنهنجي لکڻيءَ يا پنهنجي سڀاءَ جي سبب ياد آيو آهي ته مون کي سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ محاورو ذهن تي تري آيو آهي ته ”شخص ته گهه جو گهڙو آهي.“ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٻيا به اهڙا شخص ضرور ملي ويندا پر اهي فقط شخص هوندا، رسول بخش جهڙا خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ بي بها نثر نويس نه هوندا ۽ جيڪي بي بها نثر نويس آهن، اهي رسول بخش جهڙا شخص نه آهن. ان ڪري رسول بخش سان اهي هڪ کان وڌيڪ نسبتون لاڳو آهن. ساڻس به ته سندس جهمپير واري ڪاٺ جي ڏاڪڻ واري اوطاق سان به.

رسول بخش جي اوطاق سنڌ جي اديبن جي وڏي حصي جي اهڙي اوطاق آهي جتي هر در ۽ ديوار ۾ ڪيترن دوستن جا اوجاڳا، ٿڪ ۽ پريشانيون واسو ڪن ٿيون، جن کان اهي دوست پريشان ٿي ڪجهه گهڙين لاءِ ئي اچي شانتي حاصل ڪندا هئا ۽ رسول بخش جي ٻاجهه سندن مٿان بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جيان ڪڏهن به سج لهڻ جي توڻي سج اڀرڻ جي محتاج نه هوندي هئي. جهمپير جنهن تي اڻ ڳڻي جديد شاعري ڪئي وئي آهي، ان جو محرڪ رسول بخش آهي ۽ مان ۽ احمد سولنگي به هن اوطاق، جهمپير جي ۽ رسول بخش جي ٻاجهه حاصل ڪري چڪا آهيون، جنهن جو اعتراف احمد سولنگيءَ جي ان بي مثال نظم ۾ آهي، جنهن جي هڪ سٽ آهي: ”درد جهمپير ۾ لٿو آهي“ ۽ ائين رسول بخش ۽ جهمپير اسان لاءِ ڄڻ ٻه عقيدا بڻجي ويا آهن.
رسول بخش جي ڪهاڻين جو مجموعو ته ڪافي عرصو اڳ ڇپيو هو، جنهن کان پوءِ سندس نثر جو لاجواب ڪتاب سنڌ هيرن کاڻ ڇپيو جنهن ۾ مختلف شخصيتن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تي خاڪن نما مضمون هئا. هاڻ سندس ان ئي ڪتاب جو ٻيو حصو شايع ٿيو آهي، جنهن جو پڻ ساڳيو ئي نالو آهي، هن ڪتاب ۾ پڻ سندس مضمون خاڪا ۽ ڪجهه ڪتابن بابت ليک آهن، جيڪي هن مختلف موقعن تي لکيا آهن ۽ ڪي ڇپيل، ته ڪي اڻڇپيل آهن.
هن ڪتاب ۾ جن شخصيتن بابت خاڪا آهن، انهن جو انگ ٽيويهه کن آهي، جن ۾ سرويچ سجاولي، غلام حسين رنگريز، مريم مجيدي، ج ع منگهاڻي، نجم عباسي، انيس انصاري، طارق عالم ابڙو، عزيز جعفراڻي، اسير ملاح، استاد جمن، جيجي زرينا بلوچ، نور بانو، سينگار علي سليم، وحيد علي، گلزار علي، غلام سرور جتوئي، اياز امر شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.
رسول بخش جي لکڻي، ان جي ٻولي ۽ ان جو سڀاءُ بلڪل سندس شخصيت جيان ٻاجهارو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان محبت، پيار ۽ احترام ئي اندر ۾ جاڳي ٿو. انهن شخصن لاءِ جن بابت هن لکيو آهي يا جن ڪتابن بابت هن لکيو آهي، رسول بخش جي لکڻ جو لهجو اهڙو آهي ڄڻ هو اسان سان ڪچهريءَ ۾ احوال اوري رهيو آهي ۽ ائين هيءُ ڪتاب ڪچهريءَ جهڙي ئي خوشگوار موڊ ۾ سڄو سارو پڙهي سگهجي ٿو، جيڪو توهان کي ٿڪائيندو نه، ڇاڪاڻ ته هن جي لکڻي اهڙي آهي جيڪا ٿڪائيندڙ نه آهي.
جڏهن رسول بخش ڪهاڻي لکڻ گهٽائي هئي ته اسان مايوس ٿيا هئاسين پر سندس هيءُ ڪتاب پڙهي محسوس ٿيو ته اسان جي مايوسي اجائي آهي، رسول بخش قلم ڦٽي نه ڪيو آهي، هو مسلسل لکڻ واري عمل ۾ آهي، پر پنهنجي ٿڌي، ڌيرج ۽ بردبار طبيعت وانگر هن کي لکڻين جو انگ وڌائڻ جو ڪو شوق نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو نج تخليقڪار آهي ۽ سندس لکڻي جي به اها ئي سڃاڻپ آهي، سندس هيءُ ڪتاب 136 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ هن ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي، سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايل هن سهڻي ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ ڪيترين ئي دلين ۾ تانگهه هوندي ۽ اها تانگهه هاڻ پوري ٿي آهي، جنهن لاءِ ثقافت کاتو جس لهڻي.

No comments:

Post a Comment