24/11/2012

ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو - منير چانڊيو



سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي!
ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ تي تبصرو
منير چانڊيو
سنڌيءَ ۾ هر سال ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجن ٿا، جن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن کي ڪتابن واري ڪٻٽ ۾ رکڻ به فقط جاءِ سيڙائڻ ئي ٿيندو، پر انهن ۾ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا آهن، جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”تقدير ملي نه ملي“ وليج شاد آباد ويلفيئر آرگنائيزيشن جوهيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو شاعر لياقت عليلياقت“ آهي. هيءُ ڪتاب هر ان ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن جون سنڌي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي بهتر اُميدون نه آهن. مون کي پڪ آهي ته لياقت عليلياقت“ جي شاعري پڙهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جي بهتر مستقبل ۾ ويساهه پختو ٿي ويندو.

”لياقت“ جي شاعريءَ ۾ جتي ڪيترائي روشن خيال ۽ ترقي پسند خيال آهن، نفيس ۽ ڪومل احساس آهن، ڪيتريون ئي خوبصورت تشبيهون آهن، پنهنجي ماحول جي بهترين عڪاسي ۽ منظرنگاري آهي، اتي ئي پنهنجي وطن ۽ پوري انسانيت سان پيار ۽ انسيت به آهي ۽ رڳو ايترو ئي نه، پر هن کي شاعريءَ ۾ پنهنجي جذبن جي اظهار جو ڀرپور ڏانءُ به آهي، نتيجي ۾ سندس شاعري پڙهندڙ تي زبردست اثر ڇڏي ٿي.
مان سندس غزلن جي ڪيترن ئي خوبصورت ۽ من موهيندڙ بندن تي دل سان مُرڪيو آهيان، انهن تي بي پناهه پيار آيو اٿم ۽ ڪيترن ئي غزلن جي بندن جي خيال جي گهرائيءَ، ان جي اثرائتي پيشڪش ۽ ان جي اندازِ بيان جي وڻندڙ گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويو آهيان. ”لياقت“ جي ڪيترن ئي مڪمل غزلن ۽ ڪن غزلن جي ڪجهه بندن کي شاعريءَ ۾ بهترين اضافو سڏي سگهجي ٿو. ايئن ئي سندس حُسن ۽ محبت تي لکيل غزل يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي دلين ۾ ڌڙڪن ٿا. هو پنهنجي ڏانءَ ۽ مزاج ۾ سنڌي غزل جو ڏاڍو خوبصورت ۽ مصور شاعر آهي. هن جي غزل جو هڪ مطلع آهي:
سُنگهي گل اوهان جو چپن تي رکيو،
سو منظر چُمي مون اکين تي رکيو.
هوءَ گُل سُنگهي پنهنجي چپن تي رکي ٿي، شاعر اهو منظر چُمي پنهنجي اکين تي ٿو رکي. اهڙو حُسناڪ خيال مون شاعريءَ ۾ اڳ گهٽ پڙهيو آهي. (ان ۾ منهنجي محدود مطالعي جو به ڏوهه ٿي سگهي ٿو.) ان خوبصورت غزل جا ٻيا به ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ بند آهن، جيئن:
اسان ڄڻ خدا کي ڇُهي آ وتو،
اسان هٿ جو تنهنجي هٿن تي رکيو.
اسان ڪهڪشائون ڇُهي ڄڻ وتيون،
اسان هٿ جو تنهنجي بدن تي رکيو.
هن جي هٿ کي ڇُهڻ سان خدا کي ڇهڻ، يا محبوب جي بدن تي هٿ رکڻ سان ڪهڪشائون ڇهڻ واري ڳالهه شاعر ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڪئي آهي. محبوب جي هٿ ۽ بدن کي ڇهڻ جي تصور سان ئي ڪيترائي نرم نرم احساس جنم وٺن ٿا. انهن بندن ۾ شاعر ڏاڍي وڻندڙ رومانويت پيدا ڪئي آهي.
توکان جڏهن ٿي موٽبو آهي،
ڪئي پهر پاڻ ڳولبو آهي.
اسان جي جاگيرداراڻي ۽ فرسوده سماج ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ ذات، پنهنجين ذاتي انائن ۽ پنهنجي ڪوڙي تقدس کان سواءِ ڪجهه نظر ئي نه ايندو آهي، پر هو جڏهن پنهنجي پرينءَ سان ملي ٿو اچي ته کيس نه پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ نه ئي پنهنجيءَ ذات جون انائون ٿيون نظر اچن. هو ته ڪيئي پهر پنهنجو پاڻ کي ڳولڻ ۾ مصروف آهي. لياقت جي غزل جو هڪ بند آهي، ته:
دل چوي ٿي غزل لکان اهڙو،
تنهنجي سهڻي بدن بگي جهڙو.
شاعر کي پنهنجي پرينءَ جي بدن سان جيڪا نسبت آهي، سا ان کان پنهنجي پرينءَ جي سهڻي بدن بگي جهڙو غزل لکائڻ ٿي چاهي. اُتر سنڌ ۾ ’بگو‘ لفظ ’ڀوري‘ لفظ جي متبادل طور ڪم ايندو آهي، جنهن کي عام ماڻهو گهڻو استعمال ڪندا آهن. لياقت جي شاعريءَ ۾ عوامي ٻوليءَ ۽ لهجي جو سُٺو مثال آهي. ان کان سواءِ لياقت جو هڪ ٻيو به ڏاڍو خوبصورت غزل آهي، جنهن ۾ هن ڪمال تشبيهن جو استعمال ڪيو آهي.
جهُڙ مٿان ليڪو کنوڻ جو، سينڌ تنهنجيءَ جيان لڳو،
هوءَ جا انڊلٺ آ جُڙي، شايد اٿئي آرس ڀڳو.
نيڻ تنهنجا ڄڻ ته ٽيڙو، پير تنهنجا ڄڻ ڪَتي،
باک ڄڻ تنهنجي بدن تان، اوچتو کسڪيو لَٽو.
لياقت علي لياقت فطرت جي حُسناڪ منظرڪشيءَ کي محبوب جي جسم جي مختلف حصن سان ڀيٽي تشبيهون ڏيڻ ۾ وڏي ڪاريگريءَ کان ڪم ورتو آهي. جهڙ مٿان کنوڻ جي ليڪي کي پرينءَ جي سينڌ سان تشبيهه ڏيڻ، نيڻن کي چمڪندڙ ستارن (ٽيڙن)، پيرن کي ڪَتين، هن جي جسم تان اوچتي لَٽي جي کسڪڻ کي باک، ڳاڙهي وڳي ۾ هن جي روپ جي نکرڻ کي گلابي گُل جي مٿان ماڪَ-ڦُڙي سان تشبيهه بلڪل به نئين ۽ منفرد آهي. هن غزل جو سڀ کان خوبصورت خيال اهو آهي ته هن ۾ انڊلٺ جي جُڙڻ کي پرينءَ جي آرس ڀڃڻ سان منسوب ڪيو ويو آهي. دل ۾ گهر ڪري ويندڙ ان احساس جي ڪري هيءُ غزل ڏاڍو وڻندڙ ٿي پيو آهي. هڪ ٻئي غزل جا بند آهن:
اها شام منڇر، ڪنول ياد آهي،
مون کي پيار جو هر ڪو پل ياد آهي.
اسان کي اوهان جون اکيون ياد آهن،
اوهان جي اکين جو ڪجل ياد آهي.
هن غزل ۾ ياد جي ڇا ته مصوري ڪئي وئي آهي! هڪ شام جو پل، جيڪو اڳ ئي پيارو هجي ٿو، اهو به وري منڇر جهڙي حَسين ڍنڍ تي مٿين ٽنهي سهڻن لقائن جي لياقت ڏاڍي سهڻي ترتيب رکي آهي. ان بند جي هيٺين سٽ ته مٿينءَ سٽ کان به وڌيڪ سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. ”مون کي پيار جو هر ڪو پل ياد آهي.“ هو پاڻ ۾ جيترو به وقت گڏ رهيا، گهميا، ڦِريا، اُٿيا، ويٺا، رُسيا، پرچيا، ناز ۽ نخرا ڪيائون، شاعر کي سو سڀ ياد آهي. مون کي ذاتي طور اها سٽ ڏاڍي وڻي آهي. هڪ ٻيو بند آهي:
چنڊ توکان چِٽو ڪٿي آهي!
انب توکان مِٺو ڪٿو آهي!
مون شاعريءَ ۾ انب جو اهڙيءَ طرح استعمال ٿيندي نه ڏٺو آهي. انب ته ڪنهن قدر شاعراڻو احساس رکندڙ لفظ به نه ٿو ڀانئجي، پر مٿئين بند ۾ انب کي اهڙيءَ ريت ڪم آندو ويو آهي، جو هن جو اُتي احساس ئي بدلجي وڻندڙ ٿي ويو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ به لياقت جي فن ڏانهن وڃي ٿو. ان کان سواءِ هُو چئي ٿو:
رات جو آسمان تارن سان،
هوبهو آ تنهنجي گهگهي جهڙو.
هن رات جي وقت ۾ ستارن سان جڳمڳائيندڙ آسمان جي پنهنجي پرينءَ جي گهگهي (چولي/ قميص) سان ڀيٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ ڀرت جو اهڙو ته شاهڪار ڪم ڪيل آهي جو اهو آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جهڙو ڏيک ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ ستارن سان آسمان جو ذڪر تقريبن هر شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، پر هر شاعر ان ۾ پنهجي الڳ سونهن تخليق ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت لياقت به ستارن سان ڀريل آسمان جي پرينءَ جي گهگهي سان ڀيٽ ڪري ان ۾ الڳ وڻندڙ احساس پيدا ڪيو آهي. سندس هڪ ٻئي غزل جا بند آهن:
هن اونداهي زندگيءَ ۾ روشني آهي اڃا،
مون ۾ جو آباد ڪنهن جي عاشقي آهي اڃا.
اي حُسن! تون جي اچين سجدا اٿم سانڍي رکيا،
مون کي ڪرڻي زندگيءَ ۾ بندگي آهي اڃا.
هڪ غريب، غلام ۽ پسمانده سماج جي ماڻهوءَ جي اونداهي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن روشني آهي، ته اها ان ڪري آهي، جو هن جي من ۾ عشق آباد آهي، مطلب ته عشق ماڻهوءَ جي اونداهي زندگيءَ کي روشن ڪري ڇڏي ٿو. عشق سان اهڙو رويو اسان جهڙن فرسوده سماجن جي ماڻهن لاءِ ڏاڍو مثبت ۽ ڪارائتو آهي. جنهن سماج ۾ محبت/ عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نياڻيون جيئريون پوريون وڃن، مٿن ڪتن جي بڇ ڪئي وڃي، گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيون وڃن ۽ انتهائي انسان سوز حالت ڪري پوريون وڃن ۽ لڳ ڀڳ ساڳي حالت مردن سان به هجي، اهڙي سماج ۾ محبت جي تبليغ ڪرڻ، هڪ پيار ڪرڻ واري انسان دوست سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ برابر آهي. اسان جهڙن فرسوده ۽ پٺتي پيل سماجن کي رومانوي شاعريءَ جي به تمام گهڻي ضرورت آهي.
انهيءَ کان سواءِ لياقت مختلف لقائن کي جنهن ريت بيان ڪري تشبيهه طور ڪم ٿو آڻي، اهو ڏاڍو وڻندڙ ٿو لڳي. مختلف ۽ متضاد لقائن ۽ احساسن کي اهڙيءَ طرح کڻي ٿو اچي، جو اهي تڪليفن واري احساس مان بدلجي پرسڪون بڻجي وڃن ٿا.
نه هوش ۾ رکي ٿي، نه هوش کان ٻاهر،
نهار تنهنجي ۾ قدرت، الئه ته ڇا آهي.
مٿيون بند به پنهنجي خيال جي حوالي سان ڏاڍو نفيس ۽ وڻندڙ آهي. هن جي نهار جو اهو الئه ته ڇا عجب آهي جو اها کيس نه ته هوش ۾ ٿي رکي ۽ نه ئي هوش کان ٻاهر. اها هڪ متضاد وارتا آهي، جيڪا وڏي ڪاريگريءَ سان حسين بڻائي وئي آهي. هن غزل جو رديف به ڏاڍو وڻندڙ آهي. مٿيون بند پڙهي مون کي سنڌي غزل جي بيحد حُسناڪ شاعر جاويد شبير جي هڪ غزل جو بند ياد پيو:
وجود پنهنجي جو قصو به آ عجيب گهڻو،
اسان نه يار جي اندر، نه يار کان ٻاهر.
شاعريءَ ۾ سڀ کان حَسين صنف غزل آهي، جنهن کي محبوب سان ڪچهري ڪرڻ يا پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ جي به صنف چيو ويندو آهي. اهڙن غزلن کي تغزل واري رنگ ۾ رچيل غزل چيو ويندو آهي، جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪوملتا ۽ خيال جي نفاست جي ڪري ڏاڍا وڻندڙ لڳندا آهن. لياقت جا به تغزل واري رنگ ۾ رچيل غزل ڏاڍا ڪومل ۽ نفيس احساس رکندڙ آهن، جن سان خوب نباهه ڪيو اٿائين. سندس هڪ غزل جا بند آهن:
موتيو اٿئي فدا، عاشق گلاب توتي آ،
بهار جي به نيت خراب توتي آ.
بچا اسان به نه آهيون، نگاهه تنهنجي کان،
ٿي مست دل اسان جي به جناب توتي آ.
اهڙن ڪيترن ئي خوبصورت رومانوي غزلن سان لياقت جو سڄو ڪتاب سينگاريو پيو آهي. هتي ڊيگهه کان بچڻ خاطرچونڊ بند ڏجن ٿا:
مئي هجي مئي سان گڏ حَسين ڀي ڪوئي،
ڪڏهن ڪڏهن ته ساقي اهتمام سان پيئجي.
پيار بدلي رڳو وٺان جنت،
يا خدا! آئون ٻار ڪيئن ٿيندس.
ڪو دل جي ڪعبي ۾ ويهي آ رهيو،
ڪيان ڇا مان ڪافر اُٿي ئي نه ٿو.
هن جي نظر شفا آ نهاري ته ڇا کپي،
بگڙيل نصيب منهنجو سنواري ته ڇا کپي.
مٿين ڪجهه بندن کان سواءِ لياقت جي ٻين به ڪيئن غزلن ۾ تمام گهڻا خوبصورت بند آهن، جن ۾ ڪيترن ئي فطرت جي حَسين نظارن جي وڏيءَ حُسناڪيءَ سان منظرڪشي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي تشبيهن طور ڪم آندو ويو آهي. مٿيان بيان ڪيل بند ته ڏاڍا رومينٽڪ آهن. انهن بندن کان سواءِ لياقت علي لياقت جا هيٺيان غزل به ڏاڍا خوبصورت آهن:
تون ٿو پُڇين ديد منهنجي تو ڏي تڪي ڇو ٿي،
نگاهه تنهجي به جادوگري ڪري ڇو ٿي.
اکين سان پيئاريو نشي کان بچي پئون،
وٺو دل اسان کان خفي کان بچي پئون.
دعائن سواءِ ملي پئو اسان کي،
خدا جي به ٿوري ٿڌي کان بچي پئون.
لياقت علي لياقت جي مٿين غزلن ۾ اٿاهه رومانويت سان گڏ هن جي مٺڙي ۽ پياري ٻوليءَ ۽ نهٺي ۽ نرم لهجي جو انداز به ڏاڍو وڻندڙ آهي، جنهن ۾ وڏين وڏين ڳالهين کي نهايت نفاست سان بيان ڪيو ويو آهي، جن ۾ اٿاهه محبت جي گهرائي، محبوب سان عاجزي ۽ سائنسي فڪر تي ٻڌل عقليت پسندي ملي ٿي. لياقت علي لياقت جي شاعريءَ ۾ اجتماعيت ۽ سڄي جڳ جي خوشيءَ جو پڻ درس ملي ٿو. هو چئي ٿو ته:
اسان پاڻ لئه آ ڪڏهن ڪين سوچيو،
هي جڳ خوش رهي، ٻيا نه اُلڪا اسان کي.
اڄ جي دؤر کي اهڙي قسم جي سوچ جي وڏي ضرورت آهي، جتي ڏينهون ڏينهن ماڻهو انفراديت پسند ٿيندا ٿا وڃن، مجموعي طور انسانيت جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ ماڻهن جو تعداد گهٽبو ٿو وڃي ۽ اهڙي قسم جي اجتماعي سوچ رکندڙ ماڻهن کي چريو ۽ بيوقوف سمجهيو ٿو وڃي، اتي لياقت علي ”لياقت“ جو مٿيون بند ان اسٽيٽسڪو کي ٽوڙي سڄي انسانيت جي ڀلي لاءِ اُتساهي ٿو. هن جي ان وسيع نظر ۽ ڪشاديءَ دل جو دائرو رڳو سنڌ نه آهي، پر هو پوري عالم لاءِ سوچي ٿو. هو سنڌ سميت سڄيءَ دنيا مان ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته پوري انسانيت لاءِ هاڻي ڪوبه غم نه رهڻ کپي.
سنڌ رڳو ڇو دنيا ۾ ظلم نه رهي هاڻي،
پوري انسانيت لئه ڪو غم نه رهي هاڻي.
هڪڙي پاسي دنيا ۾ لياقت علي لياقت جهڙن ماڻهن جو قبيلو آهي، جيڪي انسانيت جي ظلمن، جبرن، ڏاڍن، ڦُرلٽن، عذابن، محرومين ۽ ٻين ڪيترين ئي ذلالتن مان نجات جي ڳالهه ڪن ٿا، انسان جي آزادي، ان جي خوشي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، پنهنجون سُکن ڀريون زندگيون به دنيا جي مظلوم عوام جي بهتريءَ لاءِ گهوري ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي هن ئي دنيا ۾ ڪيترائي ظالم، ڦورو، وحشي ۽ شيطان ماڻهو به آهن، جن پوريءَ دنيا ۾ ظلم ۽ جبر جو راڄ قائم ڪيو آهي. هن قسم جي ماڻهن سان عظيم انسانن هر دؤر ۾ مزاحمت ڪئي آهي. انهن جي انسان دشمن منصوبن کي رد ڪيو آهي، سندن ظلم ۽ جبر جي خلاف ويڙهه ڪئي آهي. ان ئي قبيلي مان لياقت علي لياقت شاعر آهي، ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي اهڙو فرض سرانجام ڏنو آهي. هو چئي ٿو:
ڪڏهن به وڙهين جي جهل سان ته سڏ ڪجانءِ مون کي،
جي تير ٿيندين تون لياقت ڪمان ٿي پوندو.
اسان جو سماج اڃا به ڪيترن وهمن ۽ وسوسن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل آهي. اڄ به اسان جي سماج جا ماڻهو پراڻين ۽ مُدي خارج روايتن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ به ماڻهو ميڊيڪل سائنس کي ڇڏي، وڏيءَ کان وڏي بيماريءَ ۾ به دعائن، ڌاڳن، سڳن ۽ ڦيڻن تي يقين ڪن ٿا. ان روش کي ننديندي لياقت چئي ٿو ته:
دعا کي دوا کان مٿانهون مڃان ڪيئن،
دعا سان زخم ڪو ڇُٽو، ياد ناهي.
هو پنهنجي اٻوجهه، بي سمجهه ۽ سادن ماڻهن کي مخاطب ٿيندي کين تبديل ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو:
سادگيءَ کي ڇڏيو کڻي هاڻي،
دور بدليو آ بودلا نه رهو.
مٿيون خيال ڏاڍو زبردست آهي. هن خيال موجب موجوده سائنسي دؤر جي تقاضائن مطابق اسان کي روايتي بودلائپ ۽ سادگيءَ کي تزڪ ڪرڻو پوندو. هو حب الوطنيءَ جي حوالي سان چئي ٿو:
ڪين مون کي گل وڻيا پرڏيهه ۾،
سنڌ! تنهنجي گاهه ۾ گم ٿي ويس.
جيتوڻيڪ لياقت علي لياقت جي غزلن ۾ گرامر جي حوالي سان پنڪچوئيشنز جون ڪيئي غلطيون آهن، جن کي نهايت سولائيءَ سان درست ڪري سگهجي پيو، جنهن سبب پڙهڻ ۾ اُهو مزو نه پئي آيو، پر نصابي حوالي سان ٽي درجا پاس هن وڏي پڙهيل ڳڙهيل، ترقي پسند، محبِ وطن ۽ انسان دوست شاعر جي شاعريءَ ۾ مون کي رومانويت ۽ ان جي حُسناڪ اظهار، ٻوليءَ جي نفاست، خيالن جي گهرائي، عقليت پسندي، پنهنجي وطن ۽ پوري عالم سان بي پناهه انسيت ۽ پيار ڏاڍو متاثر ڪيو. اهڙي ئي شاعري سڀاڻي جي روشن خيال، ترقي پسند، برابريءَ تي ٻڌل ۽ محبت جي سرزمين طور نئون جنم وٺندڙ سنڌ جو بنياد وجهي سگهي ٿي.

No comments:

Post a Comment