نامور شاعر سعيد سومري جي ڪتاب
”دعا مان ڪِريل لفظ“ بابت تاثر
آدرشن جا آستانا
ولي رام ولڀ
آئون سعيد سومري کي
هڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻان. سندس شاعري
مختلف صنفن جي صورت ۾ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. تازو سندس غزلن جو مجموعو ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ (2000) ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن
تي ٻڌل ٻيو مجموعو ’درد جي باک‘ (2001) هڪ ٻئي
پٺيان پڙهڻ جو موقعو مليو ته سندس اندر جي اڇل جي اثر پذيري، جذبن جي ڪوملتا ۽
احساس جي گهرائي منهنجي من کي پائي ويئي.
چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن رچنا جي پيشڪاريءَ ۾ نرالپ ۽
انفراديت نه هوندي ته ان کي جدت يا نواڻ جو نالو ڏيئي نه سگهبو، تنهنڪري اُن جي
شروعات اُتان ٿيڻ گهرجي، جتي گذريل سفر جو انت ٿيو هجي. اسان وٽ سنڌي شاعريءَ ۾
جن موضوعن جو گهڻو واهپو ٿي رهيو آهي، اُنهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ناريءَ سان محبت جا
ڪيترائي جهان ۽ جُهتون آهن، جن کي ادبي محاوري ۾ رومانواد ڪوٺيو ويو آهي. ڌرتيءَ
سان واڳيل محبت ۾ ڌرتيءَ جي مهما کي سرشٽيءَ جي سونهن سان جوڙي، ناريءَ جي سونهن
جا انڊلٺي رنگ ۽ نينهن جا نت نوان ۽ بي انت روپ پسايل هوندا آهن، جن ۾ ونيوڳ (وڇوڙو)
سنيوڳ (ميلاپ) ۽ سنڀوڳ (جسماني سٻنڌ) جي ڀوڳنائن ۽ ماڻيل آنند مئه گهڙين جو بيان
ٿيل هوندو آهي. سعيد سومري جي شاعريءَ ۾ مون اهڙا ئي رنگ روپ پسيا آهن، جو آئون
مڳـڌ ٿي ويو آهيان.
هاڻي جو سعيد سومري جي نئين ڪتاب ’دعا مان ڪريل لفظ‘ جو مسودو مليو اٿم ۽ جڏهن اُهو
پڙهيو اٿم ته سمجهان ٿو ته انهن تحريرن کي فرينچ ادب جي’پينسي‘ (pen see) يا يوناني
ادب جي ائفورزم (aphorism) جي صنفن
۾ بيهاري سگهجي ٿو. پينسي جي معنى آهي، اُهو ڳُــوڙهو ويچار يا فڪر جيڪو
ادبي فارم ۾ هجي. اهو ننڍڙو جملو به ٿي سگهي ٿو، يا ڪيترن ئي صفحن تي ڦهليل هوندو
آهي، جڏهن ته ائفورزم هڪ مختصر پر جامع جملي کي چئبو آهي، جيڪو مثال ڏيئي، ڀيٽ ڪرڻ
جي ذريعي، تشبيهه يا استعاري جي شڪل ۾ ڪنهن شيءِ يا ڳالهه جي خلاف اظهار راءِ سان
پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري. اهڙيون تحريرون ذهن جي اصليت ۽ تيزفهميءَ کي ظاهر
ڪنديون آهن ۽ ادب جي شاهڪار جي حيثيت ماڻينديون آهن. سارُ ۽ سرهائي اندر جي سوُجهي
هونديون آهن، ايتري قدر جو اُهي رياضياتي سڌانت بنجي وينديون آهن، جو ڪارڻ فطري
سوُجهي پيدا ڪندا آهن ۽ فطري سوُجهي وري ڪارڻ کي مٽائي ڇڏيندي آهي.
ائفورزم پنهنجو پاڻ ۾ مختصر، اڻپورو ۽ زوردار هئڻ سبب،
پڙهندڙ جي ذهن ۾ سوال ڇڏي ويندو آهي، جنهن جو مهندار يوناني فيلسوف هيپوڪريٽيس (Hippocrates) کي ڪوٺيو ويو آهي. جرمن ادب ۾ گوئٽي (Goethe) ۽ فيلسوف شوپنهار (Schopenhauer) ۽ نيچي
(نطشي Nietzsche) انهيءَ
صنف کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. جرمن ليکڪ گابريل
لائوب (Gabriel
lob) جو انهيءَ صنف ۾ لکيل ڪتاب ’ڏکارو‘
منطق ۽ ذڪر لائق آهي. هن اهو ڪتاب تڏهن لکيو هو جڏهن 1968 ۾ چيڪوسلاوڪيا ۾ روسي فوجون
گهڙي آيون هيون ۽ هُـو اولهه جرمنيءَ ڏي هليو ويو هو. رياستي جبر، مذهبي بنياد پرستي،
سماج جي ٻٽن معيارن جي نتيجي ۾ سرجيل ادب مان وقت جي دانهن جو پڙاڏو سرجڻهارن جي
نوٽبڪن، ڊائرين، جرنلن، روزنامچن ۽ ٻين ساروڻين جي ورقن مان نڪري اڄ به ادب جو
شاهڪار ليکجي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ سنڌي ادب ۾ شيخ اياز
سڀنيءَ کان اڳاهون آهي، جنهن جي خطن جي مجموعي ’جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙي‘ (1963)۽ ان ۾ شامل ڪيل جملا پنهنجي پاڻ ۾ گهرو فڪر رکن ٿا ۽
سوچ جو سامان ميسر ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب جي مهاڳ ۾ محمد
ابراهيم جويي لکيو آهي ته ’... جن ۾ سندس شاعراڻي ٻولي به آهي ۽ سندس انوکا
۽ تازه دم فڪري نُڪتا به موجود آهن ....‘ انهيءَ صنف ۾ شيخ اياز جا جامع ڪتاب ’واٽون ڦلن ڇائنيون‘ (1985)، ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘ (1984) ۽ ’گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا‘ (1996) نهايت اهم آهن.
سعيد سومري جي شاعري سندس ئي سوچ ۽ تجربن جو نچوڙ آهي ۽
ائفورزم جي هڪ وسيع روايت سان واڳي، هُن
شيخ اياز جي پيرن تي پير رکي، پنڌ پنهنجو ڪيو آهي، جنهن ۾ من اندر جا انڀـو، ۽ ڳُـوڙها
ويچار ۽ جملن جا ڳورا ڌڪ punch lines)) سندس ئي سرجيل آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته
جيڪو سرجڻهار پنهنجين رچنائن ۾ ماضيءَ کي سميٽي، حال کي پروڙي ۽ مستقبل کي پنهنجي
ڀاڪر ۾ ڀري اڳتي وڌي ٿو، اُن جو اثر سهيوڳي سرجڻهارن تي اڻٽر هوندو ئي آهي، پر
ايندڙ وقتن ۾ به سندس رچنائن جو آواز ٻرندو رهندو.
چيو ويندو آهي ته اهڙو ڪو ٻار نه هوندو جيڪو چترڪار نه
هوندو ۽ نه وري اهڙو ڪو جوان هوندو جو شاعر نه هوندو. ٻالڪپڻ ۽ جوانيءَ جون وهيون
شاندار ۽ گوناگـون تجربن سان ڀريل هونديون آهن، جڏهن انساني آتما سرشٽي، ماڻهن،
ايتري قدر جو ڪنهن فرد جي سنگ ۾ اچي ٿي ته اهڙا تجربا جنمجن ٿا، جيڪي سمهيل سپنن
جي محل ۾ بتيون روشن ڪري ڇڏيندا آهن، جن مان آدرشن جا آستانا ٺهندا آهن ۽ پوءِ
اُهي بتيون وسامنديون ناهن، اُهي صورتون ڊهنديون ناهن بلڪ اُهي اُنهن شاعراڻن
اولڙن ۽ اهڃاڻن جي زندگي دوران جيئريون رهنديون آهن ۽ ايندڙ وقتن ۾ پريرڻا (اتساهه)
جو ڪارڻ بڻبيون آهن.
مون کي سعيد سومري جي ائفورزم جي صنف ۾ لکيل فڪرانگيز
ڳـوڙهن ويچارن مان لڳي ٿو ته سندس پالنا پيار ۽ قربانيءَ جي لافاني جذبن سان ٿي
آهي، جيڪي سندس فن ۽ فڪر جي آبياري ڪندا رهيا آهن، نتيجي ۾ شاهڪار فن پارا سرجي
آيا آهن، جيڪي ادب ۾ هميشه زنده رهندا.
’دعا مان ڪريل لفظ‘
شاعر/ليکڪ زندگيءَ کان فرار لاءِ نه رچيا آهن، بلڪ ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهي سندس
شاندار درشٽيءَ (vision) جي صورت
اختيار ڪري ويا آهن، جن ۾ ڪٿي محبت جو نماڻو رنگ ملي ٿو ته ڪٿي ڪروڌ ڀري نفرت، ڪٿي
طنز جو تکو تير، ته ڪٿي پاٻوه ڀري ٻاجهاري هٿ جو ڇهاءُ. پر مون کي لڳي ٿو ته هو هڪ
شاعر جي حيثيت سان سرشٽيءَ سان محبت جي ڏوريءَ سان سلهاڙيل آهي ۽ هوريان هوريان
اندروني آنند جو مزو ماڻيندو اڳيان وڌيو آهي، ڇو جو شاعري/شاعراڻي خيال سان کيڏڻ ۽
ڪرم ڀوميءَ ۾ پنهنجي ڀومڪا نباهڻ ايئن آهي جيئن مقدس زندگي گذارڻ.
دعا مان ڪريل لفظن مان مون ڪجهه لفظ ميڙي کنيا آهن،
اوهان به ڏسو:
* ڳوڙها لفظ هجن ها ته ڪيتريون نه ڊڪشنريون ٺهن ها!
* سرءُ جي مينهوڳيءَ ۾ اڌ اگهاڙي ٻار جهڙو هُـو وڻ مون
کي بوندن پويان ڊوڙندو ڏسي ڇا سوچيندو هوندو؟
* پاڇانوان ايترا نه ميڙ، جو رات لهڻ جو گمان ٿيئي!
* ننڊ به ناٽڪي وينگس جو موڊ آهي.
* دوست وڇڙبا آهن ته گهڻا ئي خواب ايئن مري ويندا آهن،
جيئن سياري جي ڊگهي بارش ۾ جهرڪين جا معصوم ٻچڙا!
* اي منهنجي غمگين سنڌڙي! مان ڪڏهن توکان خدا وانگر بي
فڪرو ٿيندس!؟
* حسناڪ دؤر تي طنزون ڪرڻ وارا، ڪوڙهه جهڙي وقت تي
ايترا ماٺ ڇو آهن!؟
* خاموشي خدا جي شاعريءَ جو ڪائون نمبر بيت آهي؟
* سجدي ۾ به تنهنجو خيال ....! اُف! مان قيامت ڏينهن
خدا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس!؟
* يا خدا! پنهنجي تنهائي جو اڌ حصو ورهائڻ وقت، توکي
رڳو آنءُ ئي مليو هيس!؟
* خواجه فريد جي ڪافي هئي يا فجر وقت پکين جي’هو.. هو
...‘!؟
* چنڊ به گنگا ۾ ڇا گناهه ڌوئڻ لٿو آهي!؟
* پربتن ۾ هيءَ هوا ڪنهن لاءِ رڙيون ڪندي ٿي وتي!؟
* وڻ ته شهيدن جون مائرون آهن، اُهي ماتم ڪيئن ڪن!؟
* هن جا پير ئي گدلا آهن، تون جُتي ڇنڊي ڇو ٿي
پارائينس!؟
* جُهڪي نه ملندا ڪريو، مون کان منهنجو ماڻهو هجڻ نه
کسجي وڃي!
* کــلڻ لاءِ
جن کي چپ نه ڏنا اٿئه، انهن کي خوشيءَ جا ڏينهن ملهائڻ جو حڪم به ته نه ڏيندو ڪر!
* ڪاڙهي ۾ منهنجي نيڻن جا پير نه سڙن ها ته تنهنجي
خوابن تي ڇانوَ ڪيئن ٿئي ها!
* ڪاري جوڙي تي ڳاڙهيون چوڙيون نه پائيندي ڪر، ماتم ۽
عيد هڪڙي ڏهاڙي تي ته ناهي ٿيندي.
* ڪچي گهر جا ٻارڙا به بارش جي دعا نه گهرندا آهن.
* ريلوي جا ٻه بند آهن يا ’ساره شگفته‘ جون ٻانهون
...!؟
* ريشمي وارن جي لڙ،، اشهد آڱر تي ويڙهيندي، مون ڏانهن
ڏسي چيائين: ’وس نٿو هلي نه ته توکي به ايئن الجهائي ڇڏيان!‘
* هي بمُ مان ڪنهن جي گهر مٿان اڇليان؟ سارو عالم
منهنجو ئي گهر ته آهي.
* هڪ آزاد ٽهڪ لاءِ ڪيترن لڙڪن جو ’قَنگ‘ڀرڻو آ اڃا!؟
* پرين! ڳل ڪنهن جا به ڀنل هجن، درد ته پنهنجي اندر ۾
ئي ڦُـٽـي ٿو!
* ميان! ڪوئل جو ڌرم ٿو پڇين يا خلقڻهار تي ٽوڪون ٿو
ڪرين!؟
* زنجير جهومايو ته اسان جي زنده هجڻ جو صـــيـاد کي
وري سُور اُٿي!
* شيخ اياز! توکي ڪيئن خبر پئي ته خدا کي تنهنجي ساراهه
جي ڪاڻ آهي!؟
* جلادن جي آڳنڌ تي ڳاڙها گلاب ناهن ٽڙندا!
* افسوس! عورت اڃا ’ڪڙولين‘ کي ’گجرا‘ سمجهي پائي ٿي!
* ڌرتي ماءُ! تو هيءُ هيتريون سرحدون ڪنهن لاءِ ڄڻيون
آهن!؟
اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ لفظ/ جملا مون کي پسند آهن ۽ اوهان
کي به پسند ايندا.
آخر ۾، پر آخري طور تي نه، سعيد سومري پنهنجي ڪتاب ۾
ڪائنات جي ڪارخاني تي ڪيترائي ڀيرا ڀُـرون تاڻيا آهن، ڪيترن ئي موقعن تي حيرتون
کاڌيون آهن ۽ ڪيترائي ڏکيا سوال پڇيا آهن ــــــ جن جا جواب سندس سوالن ۾ئي لڪيا
پيا آهن، جيڪي هُن رڳو اسان پڙهندڙن سان ونڊيا آهن. ايئن ناهي ته اُهي لفظ دعائن ۾ شامل ٿيڻ جهڙا نه
هئا، اُهي ته جنم وٺي چڪا هئا، غزلن جو بند جُـڙڻ لاءِ نه سهي، پر هن ڪتاب ۾ جيئري
رهڻ لاءِ، جو منهنجي خيال ۾، تخيل پُـورڻتا رڳو تڏهن ٿو ماڻي جڏهن اُهو آدرش ۽
زندگيءَ جي وچ ۾ پُل ٿو جوڙي ۽ حدبنديون ٿو ٽوڙي. هُـو زندگيءَ جي ڏکن کي اهڙي ئي
چاهه وچان چکي ٿو جهڙي چاهه مان خوشيون ٿو ماڻي، پر پنهنجي لڙڪن کي موتين ۾ تبديل
ڪرڻ کان اڳ، هُـو اُهي اوهان تائين پهچائڻ ٿو چاهي ـــ هڪ تحسين ڀري موٽ لاءِ.
No comments:
Post a Comment