04/11/2012

امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب ”جواب ڏيو“ تي تنقيدي نظر - انجنيئر عبدالوهاب سھتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)


امان الله سومرو جي لکيل ڪتاب  
”جواب ڏيو“ تي تنقيدي نظر
انجنيئر عبدالوهاب سھتو
حيدرآباد جي بازارِ حسن سان تعلق رکندڙ، ارم عرف ببليءَ واري مشھور ڪيس ۾ ملوث، ميرپورخاص جي مختيارڪار، ايس.ڊي.ايم ۽ ڊي.سيءَ جي معطل ٿيڻ جي باوجود؛ غير مطمئن، ناراض ۽ احتجاجاً بک هڙتال تي ويٺل، وڪيل ۽ اوٿ ڪمشنر، امان الله سومرو[1] جو لکيل ڪتاب ”جواب ڏيو“ تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ستن زالن جو وَرُ رهڻ سان گڏوگڏ، گهڻين ئي اصيلائن سان ڪارو منھن ڪندڙ، خيرپورميرس مان لڏي، ميرپورخاص ۾ اچي آباد ٿيندڙ صاحب وٽ ”هُن بازار“ سان تعلق رکندڙ عورتن لاءِ تمام گهڻي عزت آهي، جڏهن ته وچ-واري ماڻھوءَ سان کيس نفرت آهي.
”مان ڀڙوي ۽ ڀڙوت جي ڌنڌي کان سخت نفرت ڪندو آهيان. اهي ڀڙوا ٽائيپ سياستدان ۽ ڪامورا ئي دراصل سماج جا ويري آهن ۽ سماج جي اوسر ۽ واڌ ويجهه جي اڳيان بند ٻڌيو ويٺا آهن. انھن کان ته چڪلي جي رنڊي عظيم آهي، جيڪا آهي ته رنڊي پر خون پسينو وهائي پنھنجو پيٽ ڀري ٿي. سچ پڇو ته مون کي رنڊيءَ جو ڪردار ڏاڍو وڻندو آهي. دل چوندي آھي ته ڪنھن رنڊيءَ سان دوستي رکان، ڇو جو رنڊيءَ جي دوستي پائيدار هوندي آهي. اها پنھنجي يار کان ڪا به ڳالهه نه لڪائيندي آهي. جڏهن ته ڀڙوا پنھنجن ئي ساٿين سان قدم قدم تي دوکو ڪندا آهن.“(175/27)[2]
هيءُ ڪتاب، سال 96-1995ع جي لکيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. ماستر صالح ميرجت جي هنيل ڌاڙي ۽ ضمانت تي کنيل قرض جي هڙپ ڪرڻ کان متاثر ٿي لکيو ويو آهي. ”حديث ديگران“ تحت ٻين ڪامورن جو احوال پڻ شامل اٿس.
هڪ سچي وارتا، هوبھو ائين بيان ڪيل آهي، جيئن پيش آئي آهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ واري آتم ڪٿا واري ڪتاب ڪيئي ڪتاب وانگر، هن ڪتاب ۾ به ڪا لِڪ لڪوٽي  ٿيل نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪتب آندل ٻولي، فن ۽ فنڪاريءَ کان پاسيري آهي. عوامي عرف بازاري زبان استعمال ٿيل آهي، جنھن کي اردوءَ وارا لچر ۽ انگريزيءَ وارا Vulgar چوندا آهن.
ڊائري لکڻ به هڪ فن آهي، جنھن ۾ هڪ ماڻھوءَ سان پيش آيل واقعن کي قلمبند ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهي چڱيءَ طرح ۽ منظم نموني سان لکيا وڃن ته تواريخ جو حصو ٿي پوندا آهن. هيل تائين لکيل آپ بيتيون، اصل ۾ ڊائرين/روزنامچن تان جڙي راس ٿيون آهن. اهڙيءَ طرح آپ بيتي، آتم ڪٿا Biography کي به تواريخي حيثيت ملي ويندي آهي. جيئن اردوءَ ۾ لکيل شھاب نامه ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ”جنب گذاريم جن سين“، ”هُو ڏوٿي هُو ڏينھن“ ۽ ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ کي تاريخي حيثيت  آهي.
ان کان علاوه ”يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد عابد ۽ ”چين جي ڊائري“ پير علي محمد راشدي وغيره به تاريخي حيثيت رکن ٿيون.
سفرناما به دراصل، ڊائريءَ جو هڪ روپ آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کان وٺي، ماهتاب محبوب، عنايت بلوچ، احمد علي رند وغيره جا لکيل سفري روزنامچه به توريخي حيثيت رکن ٿا.
مٿئين بحث مان سمجهه ۾ آيو ته ڊائري؛ سوانح عمريءَ/آپ بيتيءَ/آتم ڪٿا/سفرنامي/سرگذشت ۽ تواريخ وغيره جو سرچشمو ٿيندي آهي. انھيءَ ڪري ليکڪ لاءِ اهو لازم آهي ته ڊائري لکڻ وقت، پنھنجي ذاتي جذبات کان ٻاهر نڪري، سچائيءَ جو رستو اختيار ڪندي، حالات ۽ واقعات کي تحقيقي انداز ۾، سلوڻيءَ ۽ شائسته زبان سان بيان ڪري. ”ماءُ“ ۽ ”ابي جي جوءِ“ وارو فرق ذهن ۾ رکندي، ٻولي استعمال ڪئي وڃي ته نتيجو خراب نه نڪرندو.
ڌاري عورت کي ”امان!“ ڪوٺبو ته خوش ٿيندي، جڏهن ته سڳيءَ ماءُ کي ”ابي جي جوءِ“ ڪوٺبو، ته به ڪاوڙجي پوندي. جڏهن ته ڪن حالتن تحت، ٻنھي لفظن جي معنى لڳ ڀڳ ساڳي آهي.
حالات واقعات، هوبھو يا ائين جو ائين پيش ڪرڻ ضروري هجن ته پوءِ، وقت سيڙائي، ڪم از ڪم، انھن کي مناسب لفظن ۾ گهڙي ٺاهي پيش ڪجي. ائين ڪرڻ سان ئي سودمند ٿيندا.
هن ڪتاب ۾ پيش آيل حالتن جي هوبھو شڪل، عواميءَ ٻوليءَ ۾ بيان ڪئي وئي آهي. گهڻن پڙهندڙن کي ڀلي پسند به اچي، پر جيئن ته ان تي محنت ٿيل نه آهي، تنھنڪري اها لکيت، زماني ۾ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي.
ڏينھن ڏٺي جو، لٺ هٿ ۾ جهلي، کلئي ميدان ۾ بيھي، پنھنجي سڳيءَ ماءُ کي ”ابي جي جوءِ“ چوڻ، ڪٿان جي عقلمندي آهي!؟
هن ڪتاب جو ڪو صفحو ناهي، جنھن ۾ گار نه هجي. ڪا سِٽَ ناهي، جنھن ۾ صورتخطيءَ (Proof) جي چُڪ نه هجي. ڪو جملو ناهي، جيڪو گرامر جي اصولن تحت ترتيب ۾ رکيل هجي. ڪا پيراگراف ناهي، جنھن ۾ خيال جي ڌارا جو تسلسل هجي، پوءِ اهڙي ڪتاب لکڻ جو ڇا مقصد آهي!؟
پاڻ ئي لکي ٿو؛ ”مان پاڻ ڪونه ٿو لکان! پر اهو اندر جو انسان، مون کي ويھڻ ئي نه ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته مان لکان ۽ ڪتاب ڇپرايان.“(60/15)
دارصل هيءُ ڪتاب، هڪ پمفليٽ جي نموني تي، ذاتي ڪمپيوٽر ۾، ڪمپوز ڪري ڇپرايو ويو آهي. جڏهن ڪارو ناڻو غلط ڌنڌن مان حاصل ٿيندو آهي ته اهو اهڙن ئي رستن ۾ ضايع ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن، لکيل ڊائريءَ مان فضول ٽڪرا ڪڍي ڇڏجن ها ۽ باقي مواد کي ترتيب ڏئي، سنواري سڌاري، سموهي ۽ سينگاري پيش ڪجي ها ته هوند ڪارائتي شيءِ ٿي پوي ها، ڇو جو هڪ ماڻھوءَ سان پيش آيل واردات/واقعي مان، نصيحت وٺڻ خاطر، هر ڪو ان کي پڙهڻ/ٻڌڻ پسند ڪري ها.
لکيت مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتابُ ذهني بيزاريءَ جي حالت ۾ لکيو ويو آهي. ليکڪ جو ڄڻ، وڻ وڻ ويري هجي. ايتري تائين جو سڳا عزيز به دشمن ٿي پون. ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”مان پنھنجيءَ ماءُ کان سخت نفرت ڪندو آهيان، ڇو جو هن پنھنجي مفادن خاطر مون کي هر طرف کان ڪٽي ڇڏيو آهي. .... منھنجو جيڪو به دوست منھنجي آفيس ۾ ايندو هيو، ان کي چوندي هئي ته اهو مون کي سمجهائي. مان چريو ٿي ويو آهيان. اڌ مغزي آهيان. ان سازش ۾ نظر محمد، منھنجو ڀاءُ، به شامل هيو .... منھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ، جيڪي جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيل هيون، مٿان وري نظر محمد ڀاءُ، جيڪو جنسي ٻلو هيو، مون کي زوريءَ دسي، رسن سان ٻڌي، منھنجي .... ۾ ڏنڊين سان ڳاڙها مرچ وجهندا هيا .... منھنجي ماءُ انتھائي گُهٽيا درجي جي عورت هئي. حد کان وڌيڪ ڪنجوس ۽ بکي هئي....“(116/2)
ايڏين مخالفتن هوندي، ليکڪ سنئين لڱي گهمندو ٿو وتي، جنھن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ٻڍڙيءَ ماءُ جي دعا اٿس. ماءُ جي دعا، جنت جي هوا. اها ته جابر حاڪمن سان به شامل رهي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، بر انجام وقت، سندن شاملِ حال نه رهي هئي.
ماءُ ته هر حال ۾ دعا ڪندي ئي آهي، پر پيءُ به تڪليف پھچڻ کان پوءِ، دعائون پيو ڪندو آهي. ”ڪوبه پيءُ، چاهي ڪيترو به غريب ڇو نه هجي، پنھنجي هٿن سان ڪونه ماريندو آهي.“(94/32) جيڪڏهن پيءُ، پٽ لاءِ ايتري شفقت رکي ٿو ته پوءِ اها ماءُ، ان پٽ لاءِ نه رکندي هوندي، جنھن کي ڏهه مھينا جيءَ سان سانڍيو اٿائين؟!
بھرحال هر ديواني کي، پنھنجي ئي ڪمن ۾ دانائي/ڏاهپ نظر ايندي آهي ۽ دعوى ڪندو نظر ايندو آهي، ”.... منھنجو خواب ساڀيان ٿيندو. اها ڪا ديواني جي بَڙِ ڪونه آهي. هڪ عقلمند انسان جي سوچ آهي.“(142/21)
ڪڏهن ڪڏهن لڏ ۾ به لعل لڀي پوندو آهي. اهڙن رندن وٽ به، آزمائش خاطر، رمز جون ڳالھيون هونديون آهن، ڇو جو دنيا جي تختي تي ڪا به شيءِ، اجائي نه خلقي وئي آهي. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته، ”چوي ڇا ٿو“، اهو ناهي ڏسڻو ته ”چوي ڪير ٿو.“
1.      عورت ڇا آهي؟
1-1: ”عورت اها شيءِ آهي، جنھن جي اڳيان فرشتن به سجدا ڪيا آهن. پر هڪ ڳالهه جيڪا مون عورت ۾ ڏٺي، اها آهي ته مڙس ڀلي کيس ڪيترو به چاهي، ڪجهه به ڪري وجهي، ڀلي سونو ٿي پوي، پر عورت ضرور ڪونه ڪو ڪرتب ڏيکاري. جھڙيءَ طرح مرد پرائيءَ عورت ۾ وڏي دلچسپي وٺندو آهي، مون ڏٺو آهي ته، عورت به ٻئي مرد ۾ اهڙيءَ طرح دلچسپي وٺندي آهي.“(11/2)
2-1: ”ڪنھن پوڙهي (Aged) مرد کي نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪرڻ گهرجي. ان شاديءَ جي ناڪاميءَ جا سؤ فيصدي امڪان آهن.“(72/10)
3-1: ”عورت بک ۾ رهي سگهي ٿي پر مار موچڙي ۾ گڏ رهي نه ٿي سگهي.“(72/27)
4-1: ”عورت دوزخ به آهي، ته جنت به.“(72/30)
5-1: ”عورت هڪ ئي وقت، چئن مردن کي راضي رکي ٿي سگهي، پر مرد هڪ ئي وقت چئن عورتن کي راضي نه ٿو رکي سگهي، پوءِ اهو کڻي ڪيڏو به شھزور ڇونه هجي.”“(72/34)
6-1: ”عورت ۾ مرد کان وڌيڪ ساڙ ۽ حسن آهي. عورت، ٻيءَ عورت کي، ڪنھن به قيمت ۾ برداشت ڪونه ڪندي.“(73/2)
7-1: ”عورت جي پيار تي، پوليس جي يار تي ۽ ننڍي ٻار جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي.“ (62/24)
8-1: ”جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيل عورت، سٺي ماءُ ثابت ٿئي يا نه، پر سٺي سس ڪنھن به قيمت تي ثابت ڪونه ٿيندي. ان ڪري اوهان به ڪوشش ڪري، پنھنجي ڌيءُ جي شادي اهڙي هنڌ نه ڪجو، جتي ٿيڻ واري سس، ويجهڙ ۾ بيوه ٿي هجي.“(115/32)
9-1: ”مون سوچيو آهي ته ڪورٽ ۾ وڪالت ڪونه ڪندس ۽ ڀاڄوڪڙين/عورتن جا قسم ناما به ڪنھن ڪورٽ مان تصديق نه ڪرائيندس. پر جي بحيثيت، اوٿ ڪمشنر، ڪڏهن ڪنھن عورت جو قسم نامو آيو ته فوراً ڪندس، ڇو جو اها منھنجي ڊيوٽي آهي. باقي وڪيل ٿي مان ڪنھن به عورت جي طلاق واري يا ٻئي معاملي تي ڪوبه ڪيس نه وڙهندس، نه ئي مشورو ڏيندس. مون ڏٺو آهي ته، مجموعي طور، ان قسم جون جيڪي به عورتون مون وٽ آيون هيون، مون انھن سان ڪارو منھن ڪيو، .... ڇو جو انھيءَ ۾ انھن عورتن جي رضامندي به شامل هئي.“(86/10)
2.      بوتل جو جن
طاقت ۽ وس هوندي، دشمن کي بخشي ڇڏڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ ۾ ئي دانائي آهي. جيڪڏهن اٻھرو ٿبو ته، مالي ۽ جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.
1-2: ”منھنجي حمائتين مون تي زور ڀريو هيو ته مان کين اجازت ڏيان ته هو ماستر صالح ۽ تنو ڀيل جو مٿو ڪچو ڪري وجهن. پر مون کين اها اجازت ڪونه ڏني، ڇو جو مون کي ڊپ هيو ته جي مون اهو طاقت جي استعمال جو جِنُ بوتل مان ڪڍيو ته سڀاڻي اهو جن مون کي به ڳھي ويندو. ڇو جو مان تاريخ جو شاگرد آهيان، مون طاقت جي استعمال ڪندڙن جو حشر ڏٺو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته هٽلر جو موت ڪيئن ٿيو، مسولينيءَ جو لاش اٽليءَ وارا ڪيئن گهٽين ۾ گهمائيندا هيا. مون اهو به ڏٺو ته جنرل ضياءَ ڪيئن هوا ۾ رک ٿي ويو ۽ الطاف جو حشر ڇا ٿيندو؟ اهو وقت ئي ٻڌائيندو.“(48/12)
3.      انقلاب ۽ بغاوت ۾ ڇا فرق آهي؟
سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ، چالاڪ ماڻھو، پنھنجي هر فعل کي سياسي رنگ ڏيندا آهن ۽ دعوى ڪندا آهن ته، اسان ائين انقلاب آڻينداسين. ڪنھن جي گهر ۾ گهڙي، چوري ڪرڻ کي سازش چئبو آهي. ائين انقلاب نه ايندو آهي. انقلاب ته ائين ايندو آهي، جيئن چين وارن آندو هو.
1-3: ”هڪ دفعي مائوزي تنگ جون فوجون لانگ مارچ ڪندي اچي هڪ ڳوٺ ۾ ترسيون. لانگ مارچ کان چائنا جا ماڻھو واقف ٿي چڪا هئا، جو اهي جتان به لنگهيا پئي، اتي عوام کي اَنُ پاڻي ڏئي پوءِ اڳتي پئي وڌيا. جنھن ڳوٺ ۾ مائوزي تنگ جون فوجون ترسيون، ان ڳوٺ جي هڪ پوڙهي عورت، چيني سپاهين کي پنھنجو گهر خالي ڪري رهڻ لاءِ ڏنو. صبح ٿيو ته اها پوڙهي مائي، جڏهن پنھنجي گهر جي ان ڪمري ۾ وئي ته ٻيو ته سامان ٺيڪ هيو، هڪ رومال غائب هيو. مائيءَ دانھون ڪرڻ شروع ڪيون ته هن جو رومال چوري ٿي ويو آهي. فوراً سپاهين جي قطار لڳائي وئي. تلاشي شروع ٿي. هڪ سپاهيءَ جي کيسي مان اهو رومال نڪتو. ان تي ان پوڙهي عورت چيو ته رومال جي ته ڪابه قيمت ڪونه آهي پر هي ان ڪري قيمتي آهي جو هن جي ڌيءُ کيس اهو تحفي ۾ ڏنو آهي. انقلابين فيصلو ڪيو ته سپاهيءَ رومال چوري ڪري ڏوهه ڪيو آهي ۽ عوام جي اعتماد کي ڌوڪو ڏنو آهي، پوءِ چوري چاهي ڪک جي هجي يا لک جي، چوري چوري آهي. ان تي چوريءَ جي ڏوهه ۾ ان سپاهيءَ کي شوٽ ڪيو ويو. اهو آهي انقلاب. هت آهي بغاوت، بغاوت ۾ ائين ٿيندو آهي، جو جيڪو ڏاڍو سو گابو. عوام ۾ چاهي حڪومت ۾، مان ڪنھن به پارٽي، تنظيم يا فرد جو نالو ڪونه ٿو وٺان. انقلاب ۾ ماڻھو لک پتي ڪونه ٿيندا آهن. بغاوتن ۾ ماڻھو ڪروڙ پتي ٿي ويندا آهن.“(3/18)
2-3: ”اديب ۽ دانشور اهو ٿا چون ته، هت فرانس وارو انقلاب ايندو. مان نه ٿو سمجهان ته هت ڪو انقلاب ايندو. هتي ته اڃا جمھوريت ئي ڪانه آئي آهي ته انقلاب ڪٿان ايندو؟ هت بغاوت اچي سگهي ٿي، مگر انقلاب نه ٿو اچي سگهي، ڇو جو انقلاب بذات خود جمھوريت آهي.“(3/4)
3-3: ”انقلاب، هڪ شرافت جو نالو آهي.“(3/16)
4-3: ”سازشي، بغاوت جو ٻچ ڇٽيندا آهن ۽ طاقت ۽ ڏاڍ ان کي جنم ڏيندو آهي. ان ڪري هتي به اهو ڪامياب ويندو، جيڪو هڪ ته سازشي هجي ۽ سازش ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ضروري آهي. جھڙيءَ طرح ماکي ۽ مٺاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي نه ٿا سگهن، اهڙيءَ طرح سازش ۽ ڪوڙ به هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن. ان ڪري ملڪ جي موجوده صورتحال، منھنجي خيال ۾، گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي جاري رهندي.“(4/3)
5-3: ”ايڌي چوي ٿو ته انقلاب رت وهائڻ سان نه، پر رت وڪڻڻ سان ايـنـدو. رت ته هيروئني به جام پيا ڏين. ڇا ائين رت ڏيڻ سان انقلاب ايندو؟!“(149/33)
4.      دنيا خاطر، مذهب ۽ سياست کي استعمال ڪرڻ
مذهب کي دنيا خاطر استعمال ڪرڻ معنى پنھنجا ٻئي جھان وڃائڻ. مذهب کان علاوه، سياست کي پنھنجي ذاتي مفادن خاطر قربان ڪرڻ واري جي حيثيت، چور، فراڊيءَ ۽ بي ايمان جھڙي آهي.
1-4: ”مان مذهب کي، ڪڏهن به ڪنھن به ڳالهه ۾ استعمال نه ڪندس ڇو جو، مذهب جي استعمال سان، ماڻھوءَ جو ضمير مري ويندو آهي. جھڙو جنرل ضياءَ جو مري ويو هيو، جو هن پنھنجي محسن کي گهٽا ڏئي ماريو هيو.“(53/5)
2-4: ”چور، ڀڙوي ۽ رشوت خور جو ضمير صفا مري ويندو آهي، چاهي اهو ڪير به هجي. ايڪس، واءِ يا زيڊ هجي. معاشري لاءِ، چور ۽ ڀڙوا تمام خطرناڪ آهن. جڏهن چور، ڀڙوا ۽ رشوت خور، معاشري جا چڱا مڙس ٿي وڃن ته پوءِ ڇا بچندو؟! اهو اوهان ئي سوچيو! انھن سوچن مون کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي مون سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن قوم جا سٺا ماڻھو، سوچڻ بند ڪندا آهن ته پوءِ معاشري جون ديوارون لڏڻ لڳنديون آهــن. پوءِ گولي عرف بندوق جي ٻولي هلندي آهي. سچائي دفن ٿي ويندي آهي.“(56/26)
3-4: ”شاباس آهي، اسان جي ڪفن فروش، ايڌيءَ کي جو ٻلين جون لاشون/لاش پيو دفنائي. وٽس ايتري دولت آهي، جو سچو ٿي، غريب عوام ۾ ورهائي ته گهڻي غربت ختم ٿي سگهي ٿي. پر ايڌي وڏو پيداگير آهي. نالي ۾ ته سماجي ڪارڪن آهي پر سماج جي نالي ۾ سماج جي کل لاهيندو آهي. ايڌي ملڪ مان لڏڻ جي ڌمڪي ٿو ڏئي ته حڪومت چڪرائجي ٿي وڃي. حڪومت ان ڪري ڪونه ٿي چڪرائجي ته ايڌي هليو ويندو ته لاش ڪير دفنائيندو؟! مئل ماڻھوءَ کي ته هرڪو دفنائيندو ..... پر .... حڪومت ان خوف کان ٿي چڪرائجي ته سندس دولت، جيڪا بئنڪن ۾ جمع ڪئي اٿائين ۽ جنھن تي ٽيڪس به معاف آهي، سا هتان هلي ويندي .....“(149/27)
5.      دولت جو نانگ ۽ ان جا ڪرشما
دولت خاطر، دين ۽ دنيا وڃائي ولھو ٿيڻ ۾، ڪا به ڪاميابي ناهي.
1-5: ”دولت اهو نانگ آهي، جيڪو جنھن کي چڪ پائيندو آهي، اهو يا ته مري ويندو آهي يا وري ذهني طرح اپاهج ٿي ويندو آهي.“(59/30)
2-5: ”مون کي روچيرام وڪيل صلاح ڏني ته، غريبن جي مدد ڪرڻ جو ايترو اونو اٿئي ته پوءِ عبدالستار ايڌي ۽ عمران خان وانگر، بئنڪ ۾ پئسا جمع ڪري، پوءِ غريبن جي خدمت ڪر. بک/سڃ تي غريبن جي ڪھڙي مدد ٿي سگهندي؟“
مون کيس چيو، ”جيڪڏهن دولت، غريبن جي خدمت جو ذريعو هجي ها ته پوءِ، اڄ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ايترا ته دولتمند ماڻھو آهن، جي رڳو اهو بئنڪن ۾ رکيل رقم جي سال جو وياج غريبن ۾ ورهائين ته جيڪر ملڪ مان اڌ غربت ختم ٿي وڃي! پر دولت اهو نانگ آهي، جيڪو جنھن کي چڪ پائي، تنھن کي ئي چريو ڪري ڇڏي.“(59/29)
3-5: جيڪڏهن غريبن جي مدد ڪرڻ لاءِ، دولت جو هجڻ ضروري هجي ها ته، ”گوتم ٻڌ، پنھنجي حڪومت ڇڏي، سک ۽ سچائيءَ جي تلاش ۾ جهنگلن ۾ ڪونه وڃي رهي ها. حضرت عيسى ڦاهيءَ ڪونه چڙهي ها! سقراط کي زهر ڪونه پيئڻو پوي ها. يا وري ويھين صديءَ جي عظيم انسان ذوالفقارعلي ڀُٽي کي ظالم گهٽا ڏئي ڪونه مارين ها!“(59-26)
4-5: ”پارٽيءَ جي قيادت مان، ساڃاهه نڪري وئي آهي. هي دولت جي ڍونڍ ۾ گم ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ جي گوءِ ۾ لڳا پيا آهن ته ڪير ڪيترو امير ٿو ٿئي ۽ پوءِ به کين سک نصيب ناهي.“(67/19)
5-5: ”دولت جي زور تي، هر وڏو ماڻھو، ننڍي ماڻھوءَ سان ظلم ڪندو آهي. اڳي مڇين لاءِ مشھور هئو ته، ’وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي ڳھي ويندي آهي‘، پر هاڻي وڏو ماڻھو، غريب کي ڳھي ٿو وڃي.“(63/32)
6-5: ”جڏهن شرافت برقعو پائي لڪندي وتندي ته پوءِ ملڪ ۽ حڪومت جو بچي وڃڻ هڪ معجزو ئي هوندو آهي.“(63/22)
7-5: ”ڪالهه مون هڪ ٽرڪ ۾ رڍون ڏٺيون، جن جون ٽنگون کٽ وانگر واڻيل هڪ وڏي کٽولي ۾ بند هيون. هيٺ هڪڙيون رڍون هيون ته وري مٿان ان کٽولي ۾ اوتريون ٻيون رڍون هيون. چُري پُري به نه پئي سگهيون. وڃڻو تمام پري هين. ان کان اڳ مون هڪ ٽرڪ ٻيو ڏٺو، جنھن ۾ ٽي ڍڳيون ۽ هڪ مينھن ٻڌيون هيون. هڏا هڪ ٻئي سان گسي رهيا هين. ٻوٿ ٻاهر ٻڌل هين، ڪنڌ به نه پئي ڦيري سگهيون؛ زبان ٻاهر نڪتل هين ۽ گگ پئي ڳڙين. دل چيو ته، هن ظلم تي دانھون ڪيان. هيڏي هوڏي نگاهه ڦيرايم ته مون کي انسان نظر ئي ڪونه آيا. مٽيءَ جا بوتا هيا، جن ۾ سامري جادوگر ساهه ڀريو هيو. انھن مان ڪي اڇا ڪفن پھريل هيا، جن جي هٿن ۾ سيٽيون هيون، جيڪي وڄائي ٽرڪ وارن کي روڪيائون. ٽرڪ وارن ٻڪ ٻاهر ڪڍي سندن کيسن ۾ وڌا .... سيٽي وڳي ۽ ٽرڪ هليا ويا.“(64/2)
8-5: سڌرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. ضرور ڪنھن هڪ کي ميدان ۾ لھي، ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ته ٻڌڻي پوندي. ڪيستائين ڪوڙن دليلن/ بھانن سان جان ڇڏائبي!؟
”مختيارڪار جي هيڊ منشيءَ کي ايماندار رهڻ لاءِ چيم ته ورندي ڏنائين، ’مان ڪيترو به ايماندار ٿيان، سچ ڳالھايان! ڪجهه به نه ٿيندو! ڇو جو اڪثريت خراب ٿي وئي آهي. ”Majority is Authority  جڏهن اڪثريت ئي غلط هــجــي ته پــوءِ هــڪ ســچـي ۽ ايماندار ماڻھوءَ کي، هر ڪو چريو سڏيندو آهي.“(64/32)
9-5: ڏوهه ڪرڻ لاءِ، اسان اسٽيل باڊي آهيون. چڱائي ڪرڻ وقت، اڪثريت جو دليل ٿا ڏيون. ”اسٽيل باڊيءَ نالي همراهه به ته ٻين انسانن وانگر، چم جو ٺھيل آهي. هنن مغرورن کان ڪو ئي پڇي ته انسان فولاد جو ڪيئن ٿيندو؟ هنن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته انسان جو جسم، فولاد جو ڪونه ٿيندو آهي. انسان جا جذبا، فولاد جا هوندا آهن. هڪ پاسي فولادي جسم آهي ته ٻئي پاسي فولادي نـظريـا ۽ جـذبـا آهــن. هــاڻي اوهان ٻڌايو ته فتح ڪنھن جي ٿيندي؟!“(99/18)
6.      پوليس ڇو ۽ ڇا لاءِ آهي؟
پوليس جو ڪم آهي، ڏوهن کي روڪڻ ۾ مدد ڪرڻ. اها به مجبوري ڏيکاري ته پوءِ ڇا ڪجي؟
1-6: ”مون ڀورومل سب انسپيڪٽر کي چيو، ’منھنجو سامان پير آفتاب شاهه جي منشي گل محمد جي گهر پيو آهي. هلو ته هلي ڇاپو هڻون!‘ اهو ٻڌي، ڀورومل ڪنن کي هٿ لائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته، هو اها جرئت نه ٿو ڪري سگهي. باقي جي ٻيو ڪو غريب هجي ها ته ڀورومل، ان جي گهر ائين ڪاهي پئي ها، جيئن فاتح فوج، مفتوح قوم جي گهرن ۾ ڪاهي پوندي آهي.“(91/25)
2-6: ”هڪڙي صوبيدار، ٻئي کي گاريون پئي ڏنيون، ’جي جانچ سڻڀي هجي ها ته جانچ ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪرين ها. هِيءَ جانچ اڻڀي آهي، ان ڪري ڪابه ڪارروائي ڪونه ٿو ڪرين!‘“(71/6)
7.      ڪورٽون ۽ انصاف جي تقاضا
پوليس کان بعد، اها ذميواري ڪورٽن تي عائد ٿئي ٿي ته مظلوم جي داد رسي ڪن. انھن جو نظام اطمينان بخش هئڻ گهرجي.
1-7: ”خبر ناهي ته انصاف ملندو يا انصاف جو خون ڪيو ويندو؟ ڇو جو .... عدالتي نظام، هاڻي مڪمل طور تي، تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڪناري تي پھچي چڪو آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي: ”Delay in justice is deny to justice  عام ماڻھن جي وات ۾ اهو ئي اکر آهي ته هن ملڪ ۾ انصاف مري ويو آهي. جنھن ملڪ ۾ انصاف مري ويندو آهي، اهو ملڪ به سڪرات ۾ هوندو آهي. ڏسو ته ڪيڏي نه مھانگائي ٿي آهي! ماڻھو مھانگائي برداشت ڪري ويندو، پر بي انصافي برداشت نه ڪري سگهندو، ڇو جو بي انصافي اهو وڻ آهي، جيڪو صرف ڪنڊا ئي ڏيندو آهي. جيڪي ڪنڊا، انسان پنھنجي بدن ۾ چڀندا محسوس ڪندو آهي.
هاڻي جاگيردارن نظام  ايڏو ته گندو ڪري ڇڏيو آهي جو ماڻھن کي هن نظام مان ڌپ اچڻ لڳي آهي.“(102/6)
2-7: ”مان ته هونئن به پاڪستان جي عدالتي نظام مان مطمئن ڪونه آهيان، ڇو جو انصاف دير سان ٿيڻ جي ڪري، انصاف وٺندڙ ٿڪجي ٽُٽـي پوندو آهي ۽ هن ۾ اها همت ئي ڪونه رهندي آهي جو هو انصاف وٺڻ جي ڪوشش ڪري. جيئن ڪيس هلندو رهندو آهي، هو به ان سان گڏ هلندو رهندو آهي. بقول منھنجي دوست سليم عاجز جي، ”...... انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ، ٽي شيون ضروري آهن؛
1- حضرت خضر عليہ جي عمر
2- حضرت ايوب عليہ جو صبر
3- قارون جو خزانو.“(105/13)
3-7: ”جج دير سان ڪورٽ ۾ اچن ٿا ۽ ..... ڪورٽ ٽائيم ۾ قرآن شريف جو دور ڪن ٿا. ڪو به مسلمان، قرآن شريف جي دور ڪرڻ تي اعتراض نه ڪندو پر الله سائينءَ کي انھن ججن جي، دور ڪرڻ جي پرواهه ناهي. هي انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهن. هيءَ ڳالهه عام، مشھور آهي، ’هڪ دفعو انصاف ڪرڻ، سؤ سالن جي عبادت کان بھتر آهي.‘ کين خدا، ثواب ڪمائڻ جو موقعو ڏنو آهي. ثواب به ڪمائين ته (پگهار جي صورت ۾) پئسا به ڪمائين يعني ان ثواب ڪمائڻ جو معاوضو به کين ملي ٿو.“(104/20)
4-7: ”جج صاحبان کي اها خبر ڪونه آهي ته، ڪيسن ۾ دير جي ڪري، ڌرين کي ڪيڏو نه مالي نقصان برداشت ڪرڻو ٿو پوي. هنن کي ته ڪورٽن ۾ ويھڻ جي پگهار ٿي ملي پر فريادي ۽ جوابدار ته پنھنجي ٻچن جو پيٽ ڪٽي، اچي ٿا ڪورٽن ۾ ويھن. اهو ڪيس، جنھن جو ويھن ڏينھن ۾ فيصلو ٿي ٿو سگهي، ان ۾ 400 کان به مٿي ڏينھن لڳي ٿا وڃن. ڇا اها بي انصافي ناهي؟ ڇا اها عدالتي بي انصافي ناهي؟!“(105/33)
5-7: ”جيتري قدر انصاف جو تعلق آهي، ان جي حالت اها آهي ته هو پاڻ سڪرات ۾ آهي. ڪورٽن ۾ ڪاغذ قلم ڪونه آهي. ڪلارڪ فريادين کان، نوٽيس ڪڍڻ لاءِ به، ڪاغذ ٿا گهرن.“(106/16)
6-7: ”هيءُ خدا جو ڏمر هيو، جيڪو (نا اهل آفيسرن جي شڪل ۾) اسان جي مٿان ڪڙڪيو هيو. اها اسان جي اعمالن جي شامت آهي، جيڪا اسان ڀوڳي رهيا آهيون. اهي چار ماڻھو، 1- ڊپٽي ڪمشنر، 2- سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، 3- سيشن جج ۽ 4. صدر بار ائسوسيئيشن، جيڪڏهن سچا هجن ۽ ايماندار ٿين ته مان يقين سان چوان ٿو ته شھر ۾ ٻڪريءَ جو ٻچو به چوري نه ٿي سگهي.“(111/17)
7-7: ”هڪ دفعو انصاف ڪرڻ، سؤ سالن جي عبادت کان بھتر آهي.“(104/24)
8-7: ”امن نه، پر انصاف کپي، ڇاڪاڻ جو امن، انصاف جي پيٽان جنم وٺندو آهي.“(107/5)
9-7: ”اسان جي ملڪ جي عوام کان اجتماعي سوچ ختم ٿي وئي آهي. هينئر هرڪو پنھنجي جان بچائڻ جي فڪر ۾ آهي ۽ اها جان تڏهن بچندي، جڏهن نوڪرشاهيءَ ۽ سياستدانن جي تابعداري ڪبي، پوءِ ڀلي پاٿاريداري ڪريو، عصمت فروشيءَ جا اڏا هلايو يا رشوت کائو، ڪجهه به ڪونه ٿيندو. باقي رهيو عدالتي نظام!
هاڻي ملڪ ۾، عدالتي نظام جي تباهه نه ٿيو آهي ته، برباد ضرور ٿيو آهي. ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ ۾ سالن جا سال لڳي ٿا وڃن. جنھنڪري انسان جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي، جھڙي واچوڙي لڳڻ مھل مٽيءَ جي ٿيندي آهي. هن وقت جو انسان، بتال ٿي ويل آهي ۽ موجوده نفسا نفسيءَ جي ماحول، کيس سڄيءَ دنيا کان لاتعلق ڪري ڇڏيو آهي.“(51/7)
10-7: ”هڪ غريب سان ظلم ٿيو هئو. ڪيسن جي ڊيگهه کان تنگ ٿي، هڪ ڏينھن هڪ لالٽين کڻي، ڪورٽ ۾ پھچي ويو. جڏهن جج صاحب، ڪورٽ ۾ لالٽين کڻي اچڻ جو مقصد پڇيس ته جواب ڏنائين، ’ڪورٽ ۾ اونداهه آهي. ان ڪري لالٽين کڻي آيو آهيان.‘“(62/31)
11-7: ”غلام رسول شاهه جيلاني روڊ تي، اشفاق نالي هڪ شخص جي مانڊڻيءَ جي ڀرسان، هڪ ڪتي ويٺي هوندي هئي. جڏهن به ڪو سپاهي، ورديءَ ۾ هجي يا سول ڊريس ۾، اتان لنگهندو ڏسندي هئي ته مٿس ڀونڪندي هئي. ان کي ڪيترن ئي سپاهين مارڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ هڪ سپاهيءَ، خود پنھنجي هٿ سان، گولي هڻي ماري ڇڏيس. هن دؤر جي انسان کان، ڪتا بھتر آهن. ٻيو ته ٺھيو، گهٽ ۾ گهٽ بي انصافيءَ ۽ ظلم ڪندڙن تي ڀونڪن ته ٿا!“(82/2)
12-7: ”هن دور جي انسان کان، ڪتو وڌيڪ وفادار آهي، ڇو جو محلي وارن جي بچيل ماني کائي، سندن حفاظت لاءِ ڀونڪي ته ٿو. انسان ايترو ته نمڪ حرام ٿي ويو آهي جو، جنھن جو کائي پيئي ٿو، ان کي ئي چڪ پائي ٿو ۽ سڙيون ٻوٽيون چٻاڙي ٿو.“(60/17)
8.      بک ۽ بيروزگاري، هٿ جا کڙا ڪيل مسئلا آهن ڇا؟!
وڏا ماڻھو، پنھنجو پاڻ کي، سدائين مٿانھون رکڻ لاءِ، بک ۽ افلاس هٿ سان پيدا ڪن ٿا. سندن اهو عقيدو آهي ته ماڻھو ڍَوَ تي هوندا ته کين ڪين کيڪاريندا. جيڪڏهن بک تي هوندا ته ڪتي وانگر سندن هٿ نوسيندا.
مٿين سوچ رکندڙ، جانورن کان به پري هوندا آهن. اهي ڀلي مڪي پاڪ وڃن، پر حضرت عيسى جي گڏهه وانگر، موٽڻ کان پوءِ اهي ئي پُستيون پيا ڇڏيندا. اهي سڌرن ته ڇا تي؟ منجهانئن انسانيت نڪري وئي آهي ۽ فقط حيوانيت رهجي وئي اٿن. عام ماڻھوءَ سان سندن واهپو ناهي. اهي پنھنجي خول ۾ بند آهن. تنھنڪري انڌا آهن، گونگا آهن ۽ ٻوڙا آهن. انھن جو سڌرڻ محال آهي.
1-8: ”انسانن کي انسان ٺاهڻ لاءِ، بک ختم ڪرڻي پوندي، ڇو جو بک ئي اها شيءِ آهي، جيڪا ماڻھن مان ماڻھپو ڪڍي ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن انسان مان ماڻھپو نڪري ويندو آهي ته پوءِ ان مان جيڪا تباهي ڦھلبي، اها ائٽم بم جي تباهيءَ کان گهٽ ڪونه هوندي، پوءِ اهي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڪنھن به ڪم جا نه رهندا. اتان نڪتل سائنسدان، ملڪ ۽ قوم لاءِ، ڪيميائي نسخو ڳولھي نه سگهندا .... هيءَ بک/افلاس، سڀ هٿ جون پيدا ڪيل شيون آهن ۽ ان جا ذميدار جيڪي به آهن، اهي اها ڳالهه چڱيءَ طرح ياد رکن ته، هاڻي ’ماني ڪونه آهي ته ڪيڪ کائو‘ جو مشورو ڏيڻ وارا روءِ زمين تان مِٽجي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح، هٿ سان پيدا ڪيل بک ۽ افلاس جا خالق به ائين مٽجي ويندا، جو سندن داستان به نه هوندو داستانن ۾.“(143/15)
2-8: ”اخبار ڪاوش جي پرچي، مورخه 3 مئي 1996ع ۾ هڪ خبر آهي، ’سرڪار زميندارن کي نڌڻڪو سمجهي مارڪُٽ بند نه ڪئي ته هڪ داڻو به نه پوکينداسين.‘ هي بيان سنڌ جي زميندارن جي نمائندن، هر هڪ قاضي عبدالمجيد، عيسى عباسي، قمر الزمان شاهه ۽ علي مير شاهه جي طرفان آيو آهي. هاڻي سوال اهو آهي، ‘ڇا اهي زميندار اهو ٻڌائي سگهندا؟ ته جھڙا وٽن بنگلا  ۽ ماڙيون آهن، تھڙا هارين وٽ آهن؟“ (پوءِ بک/ بيروزگاري پيدا ڪرڻ جي ڌمڪي ڇو نه ڏين؟!)(131/31)
3-8: ”هو چون ٿا ته، هو ڪڻڪ ڪونه پوکيندا. ڪڻڪ کي چيٽ به چوندا آهن. چيٽ پيٽ هوندو آهي. جنھن مھل به چيٽ جي پوک بند ٿي ته پوءِ لازمي غريب جو پيٽ به بکيو رهندو. اها ئي بک هوندي، جيڪا هنن جاگيردارن ۽ وڏيرن جون منڍيون ڏاٽن سان وڍي ڦٽيون ڪندي. پوءِ ماڻھو، فرانس جي انقلاب کي وساري، سنڌ جي انقلاب کي صدين تائين ياد رکندا.“(133/33)
4-8: ”هن دنيا ۾، انسان ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا اُهي آهن، جيڪي واڳون/بگهڙ ۽ مرون آهن. ٻيا اهي آهن، جيڪي ڍڳيون/ڍڳا، مينھون/سانَ، ٻڪريون/ٻڪر، گڏهيون/گڏهه آهن. واڳون، بگهڙ ۽ مرون، سرڪاري ڪامورا آهن، جيڪي هڪ قسم جي جهنگل ۾ ٿا رهن، جتي ڪو به پکي پر نه ٿو هڻي سگهي. ٻئي پاس پوري شھر جا جانور آهن، جيڪي انسانن وانگر پڪين جاين ۾ رهن ٿا، سڪل ماني پسائي کائين ٿا. هنن جي رهائش گاهن ۾ لائيٽ لڳل آهي. هيءُ ڏھبا به آهن ته ڪُسبا به آهن. جڏهن ته واڳون، بگهڙ ۽ مرون، نه ڏھبا آهن ۽ نه ڪُسبا آهن. هو ته ڪم به ڪو نه ايندا آهن. رڳو پاڻ کان هيڻن کي اکيون پيا ڏيکاريندا آهن.“(83/27)
5-8: ”اوهان هيءُ ته ٻڌو هوندو، ’فلاڻي جو رت پاڻي ٿي ويو آهي‘ يا ’هن جو ضمير مري ويو آهي.‘ رت انقلاب جي نشاني آهي ۽ ضمير مڙسيءَ جو نشان آهي. ضمير صرف ۽ صرف، بيغيرتن جومري ويندو آهي ۽ رت بي حياءَ ۽ بي شرم ماڻھن جو پاڻي ٿي ويندو آهي. جنھن ماڻھوءَ کي ضمير ڪونه آهي، منھنجي نظرن ۾ اهو انسان ئي ڪونه آهي، ڇو جو ضمير ئي چڱائيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي تميز ڪرائيندو آهي.“(117/15)
6-8: ”بي ايماني، رن وي تي ٺھيل هڪ ريسٽورنٽ ۾، ڪمره ڪرائي تي وٺي، بي ايمان جي انتظار ۾ ويٺل آهي. هيءُ جنھن مھل حج جون رسمون پوريون ڪري، جھاز ۾ چڙهندو ته اتي جو ايمان، کيس ايئرپورٽ تي هٿ لوڏي ۽ ’ٽا! ٽا!‘ ڪري الوداع ڪندو ۽ چوندس؛ ايمانداريءَ جو اوڏانھن گذر سفر ڪونه ٿيندو .... بعد ۾، بي ايماني سيڪيورٽيءَ وارن کي دوکو ڏيئي، کيس گلن۽ رشوت جي نوٽن جا هار پارائي، ڌام ڌوم سان وٺي ايندي.“(118/9)
7-8: ”نوڪر شاهي ..... عوام کان نفرت ٿي ڪري. هنن ڪڏهن به شھر جو پنڌ دورو ڪونه ڪيو آهي. ڪار ۾ گهر کان ايندا ۽ ساڳي ڪار ۾ بندوق بردارن جي پھري ۾ گهر ويندا آهن.“(111/33)
8-8: ”اهي ئي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن، جيڪي ڏينھن رات ڪمائڻ لاءِ ڪم ٿا ڪن. هزارين روپيا ڪمائي، ٻه مانيون ئي کائيندا هوندا. ڪو سونُ ڪونه کائيندا هوندا، پوءِ هيءَ نفسا نفسي ڇو آهي؟!“(59/11)
9-8: ”مان پنھنجي پٽ/اولاد جو فڪر ڇو نه ڪيان؟! هن ملڪ ۾، ننڍي کان ويندي اعلى تعليم مفت هجي، مستقبل جي ضمانت هجي ۽ پوڙهائپ جي پينشن هجي ته پوءِ مان نه ٿو سمجهان ته ڪو انسان ويھين صديءَ ۾ گهوڙن ۽ ٻين جانورن جو گند کائي.“(59/15)
9.      اقوالِ زرين
هر لکيت، اثرائتي تڏهن ٿيندي، جڏهن ان ۾ سٺا سخن موجود هجن. اهڙا سخن، جيڪي حوالي طور ڪتب اچي سگهن، سي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر هيٺ ڏجن ٿا.
1-9: ”چور جي ڄمار، ٿوري هوندي آهي.“(11/24)
2-9: ”ظلم ڪرڻ واري کان، ظلم سھڻ وارو، وڌيڪ دلير ۽ بھادر هوندو آهي.“(48/22)
3-9: ”جيڪو ماڻھو ڪوڙ ڳالھائي، ان کان ڀلائيءَ جي توقع رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي.“(167/32)
4-9: ”انسان کي ضد ڪرڻ نه گهرجي، ان سان سندس جان خطري ۾ پئجي ويندي آهي.“(35/10)
5-9: ”جيترو ماڻھو وڏو حرامي هوندو، اوترو ئي ننڍو حرامي کانئس ڊڄندو.“(54/15)
6-9: ”موت ته هر صورت ۾ اچڻو آهي. ان جو هڪ وقت مقرر آهي. موت زندگيءَ جي امانت آهي، جيڪا زندگيءَ کي هر صورت ۾ موٽائڻي آهي.“(145/1)
7-9: ”ڪافر جي حڪومت هلي سگهندي، پر ظالم جي حڪومت نه هلي سگهندي.“(32/29)
8-9: ”وڇون، پنھنجي ماءُ جو پيٽ ڦاڙي نڪرندو آهي.“(174/17)
9-9: ”واندو ماڻھو جلد مرندو آهي.“(88/22)
10-9: ”جيڪڏهن ڪنھن انسان جي ڪردار جي باري ۾ ڪا به تحقيقات ڪجي ته پھريون ان جي دوستن کي ڏسجي ته ڪنھن سان اٿي ويھي ٿو.“(90/17)
11-9: ”جڏهن انقلاب پنھنجا خوني پَرَ کوليندو آهي، تڏهن ظالم ٻالڪن جا ڪرتا ڌرتا، ڌرتيءَ تان ائين ميٽجي ويندا آهن، جيئن اکر سليٽ تان.“(94/3)
12-9: ”بک، مھانگائيءَ جي پيٽان جنم وٺندي آهي. اهي بلائون غريبن کي وڻ-ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي وينديون آهن.“(157/15)
13-9: ”جج، جنرل ۽ جيلر، ٽئي ڏاڍا سياڻا هوندا آهن، حراميءَ ۽ حلاليءَ کي ٿڏي تي سڃاڻي وٺندا آهن.“(61/33)
14-9: ”بي ضرر ماڻھو، نه منھنجا دوست آهن ۽ نه دشمن. منھنجو دوست اهو آهي، جيڪو منھنجي آدرش جو حامي آهي ۽ ان لاءِ جدوجھد ڪري ٿو. منھنجو دشمن اهو آهي، جيڪو منھنجي آدرش جو مخالف آهي ۽ ان لاءِ جدوجھد ڪري ٿو. دوست مدد ڪندو آهي ۽ دشمن وڙهندو آهي.“(70/2)
10.  پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جو حصو آهن
ڪتاب ۾ عوامي ٻولي استعمال ٿيل آهي، جيڪا لوڪ ادب سان جنجهيل هوندي آهي. ضرب الامثال يا مثالي ٽوٽڪن کان علاوه، منجهس پھاڪا ۽ چوڻيون، استعارا ۽ اقوال، اصطلاح ۽ ورجيسون جام هوندا آهن. اهي ئي ٻوليءَ جو سينگار آهن. نموني خاطر، ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
1-10: چوري چاهي ڪک جي هجي يا چاهي لک جي، چوري چوري آهي.(3/29)
2-10: جيڪو ڏاڍو، سو گابو.(3/31)
3-10: ڍلن جي پيٽان ڀلا ۽ ڀلن جي پيٽان ڍلا.(2/12)
4-10: گودڙيءَ ۾ به لال هوندو آهي.(2/14)
5-10: ڪنول جو گل هميشه ڪيچڙ ۾ هوندو آهي.(2/13)
6-10: ماکي ۽ مٺاڻ، هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن.(4/6)
7-10: اهڙو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني.(6/7)
8-10: فقيرن جي پويان، ڪتا به ڀونڪندا رهندا آهن.(12/16)
9-10:  ننڍو منھن، وڏي ڳالهه.(21/18)
10-10: ڌڪ جهلي ڀولي، کٽيو کائي فقير.(26/16)
11-10: چور جي گهر ۾ ڌوڙ هوندي آهي.(19/27)
12-10: چور چوريءَ کان وڃي پر هيراڦيريءَ کان ڪونه ويندو آهي.(27/24، 39/26، 136/4، 138/22 ۽ 162/15)
13-10: گروءَ مرائي گانڊ، چيلا اڳيئي چتو.(35/13 ۽ 91/32)
14-10: ڦُرئي کان پوءِ، ڀؤ ڪھڙو؟(44/17)
15-10: مفت جي مال تي، ٽوپي نراڙ تي.(46/27)
16-10: نانگ به مرندو ۽ لٺ به بچندي.(55/19)
17-10: مال ملڪيت، اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.(58/26)
18-10: ٻاهر ملان، اندر ۾ ابليس.(62/20)
19-10: چڱائي، ڪتي جي جوءِ آهي.(63/5)
20-10: وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي ڳھي ويندي آهي.(63/33)
21-10: جيءُ خوش ته جھان خوش.(73/26)
22-10: پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.(83/15)
23-10: پئسا هٿن جي ميرِ آهن.(87/1)
24-10: ڪوڙي کي گهر تائين پھچائي اچجي.(91/11)
25-10: سيد ميرو، ته به پنج سيرو.(94/8)
26-10: ننگن تي غيرت ته ڀولڙن کي به ايندي آهي.(95/7)
27-10: تيل ڏسو، تيل جي ڌار ڏسو.(95/10)
28-10: چور جي گهر ۾ ڏيئو ڪونه ٻرندو آهي.(98/15)
29-10: تخم جو تاثير ۽ صحبت جو اثر.(98/17)
30-10: ڪفن کي کيسا ڪونه هوندا آهن.(129/17)
31-10: چيٽ، آهي پيٽ.(133/34)
32-10: چور کي هميشه کٽڪو هوندو آهي.(134/16)
33-10: چتو ته رهي پر چِتوءَ جي چُتِ به ته رهي.(136/5)
34-10: ڀولو ڪيڏو به پوڙهو ٿي ويندو آهي پر عادت مطابق بولاٽي ضرور کائي.(136/6)
35-10: ماڻھو عادت کان مجبور هوندو آهي.(136/3)
36-10: عادت انسان جو هڪ عضوو ٿي ويندي آهي.(136/9)
37-10: جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.(136/28)
38-10: ڪوڙ ڪوڙ ئي ٿيندو.(136/28)
39-10: جھڙا ڪانءَ، تھڙا ٻچا.(138/8)
40-10: حراميءَ جو پٽ، حرامي ٿي نڪرندو.(138/8)
41-10: جَوَ پوکي، ڪڻڪ ڪين لڻبي.(138/8)
42-10: جيڪو پوکيندو، اهو ئي لڻندو.(139/4)
43-10: ڪوڙ، گناهه جي جڙ آهي.(167/33)
44-10: پوليس ۽ چور جو، ٻليءَ ڪئي وارو مثال آهي.(10/15)
11.  ورجيسون، نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:
1-11: جمع جمع، اٺ ڏينھن. (2/2)
2-11: ڪئي ٻليءَ واري ڪار. (10/23)
3-11: اونڌي ڪري ته ڇا؟ سنئين ڪري ته ڇا؟ (14/16)
4-11:  ڏينھن جا تارا. (17/32)
5-11: لوسڻ جو نڪ. (18/9 ۽ 131/4)
6-11: ڪٽيءَ کائڻ وارا مجنون. (24/12 ۽  45/5)
7-11: اُڏهيءَ کاڌل ڪاٺيءَ واري حالت. (27/33)
8-11: نه ڏهڻ جو، نه ڪھڻ جو. (34/16)
9-11: نورا ڪشتي. (34/24)
10-11: بيداد نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو دور. (37/17)
11-11: آدم بوءِ، آدم بوءِ. (46/13)
12-11: ڀاڙ جا تنبا.  (49/17)
13-11: اها ئي گوڏ، اها ئي گنجي. (57/26)
14-11: چون چون جو مربو. (65/15)
15-11: ڪاريءَ وارا ڪک. (88/14)
16-11: نه لھر، نه لوڏو. (100/16)
17-11:  نه ٻڌو، نه ڏٺو. (120/33)
18-11: چور چور جو پٽ. (138/26)
19-11: ديواني جي بڙ. (142/21)
20-11: نڪ ۾ نوڙي. (161/14)
21-11: نانيءَ ويڙهو. (169/19)
22-11:  ايترو ڀؤ ٿيڻ، جيترو ملان جي واتان قيامت جا منظر ٻڌي به نه ٿئي. (6/6)
23-11: اهڙو مزو اچڻ، جو وڃي ٿيا ست خير. (8/21)
24-11: ائين ڳڙڪائي وڃڻ، جو اوڳرائي به نه ڏيڻ. (23/16)
25-11: ائين نڪري وڃڻ، جيئن هٿن مان واري. (32/10 ۽ 103/1)
26-11: شتر مرغ وانگر پنھنجي ڳچي واريءَ ۾ وجهي پاڻ کي محفوظ سمجهڻ. (41/25)
27-11: ائين گم ٿي وڃڻ، جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ. (50/8)
28-11: اهڙي حالت ٿيڻ، جھڙي واچوڙي مھل مٽيءَ جي. (51/14)
29-11: ائين وات ڦاٽڻ، جيئن اَلَ ڪانءَ جو. (120/30)
30-11: اهڙو ڪڇي، جھڙي ڀت. (125/31)
31-11: ائين اچي پٽ پوڻ، جيئن ڳيرو گوليءَ سان ڦھڪو ڪري. (146/4)
32-11: ائين اڏامي وڃڻ، جيئن هوا ۾ ڪڪر. (156/22)

ان کان علاوه ڪيئي نوان/پراڻا اصطلاح به جَڙيا ويا آهن. ڊيگهه سبب هتي نه ٿا ڏنا وڃن. مجموعي طور، استعمال ٿيل اکرن جي ننڍڙي سائيز، سينسر ٿيل ٽڪرن ۽ غير مڪمل مضمونن جي ڪري، پڙهندڙ جي، پڙهڻ وقت، ڪتاب مان دل کَٽي ٿي وڃي ٿي. ڪؤڙو منھن ڪري، پڙهڻ وارن کي، ڪي موتي ضرور ملن ٿا.


[1] . ڏسو روزانه ڪاوش، اربع 18 فيبروري 1998ع، صفحو نمبر:1
[2] . (175/27) مان مراد، “جواب ڏيو” ڪتاب جو صفحو نمبر:175 ۽ سِٽ نمبر:27 آهي.

No comments:

Post a Comment