01/12/2012

ماهوار ”ڪينجھر“ جون سنڌي ادب ۾ ڪاوشون - پروفيسر نذير احمد سومرو


ماهوار ”ڪينجھر“ جون سنڌي ادب  ۾ ڪاوشون
پروفيسر نذير احمد سومرو
انساني ايجادن ۾ ڪاغذ اها شيءِ آهي، جنھن علم و ادب، شاعري، مذهب ۽ تھذيب، ثقافت ۽ انساني معاشري جي تفريحي مواد کي، ايندڙ نسلن تائين محفوظ رکڻ جو اهڙو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جو املھه/ماڻڪ موتي ۽ قيمتي سرمايو هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، ڪاغذن ۾ سھيڙيل سرڪاري رسالي ”نئين زندگي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ”مھراڻ“ کي تاريخ ڪٿي وساري سگهندي؟ انھن رسالن شيخ اياز، اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، علي محمد مجروح، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، بردو سنڌي، ماستر هزارو خان مجاهد، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، سليم ڳاڙهوي، هري دلگير، نياز همايوني، ابراهيم منشي، تنوير عباسيءَ کان استاد بخاريءَ تائين ۽ عمدن نثرنگارن، محققن ۽ مترجمن جو تعارف سنڌي پڙهندڙن سان ڪرايو ۽ سن 1950 واري يا ان کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ عثمان ڏيپلائيءَ جا رسالا؛ ”انسان ۽ ”عبرت، ذوالفقار راشديءَ جو لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”مذهبِ انسانيت، هالا جو ”فردوس، حميد سنڌيءَ جو ”روح رهاڻ“ (1920ع واري ڏهاڪي ۾ پڻ حيدرآباد سنڌ مان هڪ رسالو ”روح رهاڻ نالي سان نڪرندو هو)، طارق اشرف جو ”سھڻي، نوناريءَ جو ”بادل، نوابشاهه جو ”ادا، موري شھر جي ”باک، تاج بلوچ جو ”سوجهرو، انور جو رسالو ”سنڌ، گُل ڪونڌر جو ”ادب ۽ ناز سنائيءَ جي ”ڪينجهر جو شمار اهڙن مخزنن/ رسالن منجهان آهي، جن پڙهندڙن جو هڪ وڏو وسيع حلقو پيدا ڪيو ۽ پڙهندڙ انھن رسالن جو انتظار ڪندا رهيا آهن. سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ اهڙن رسالن جا نالا کڻڻ سان انھن جي ايڊيٽرن جو نالو فوري طور ذهن ۾ ايئن اچي وڃي ٿو جيئن گلاب، رابيل ۽ رات جي راڻيءَ جي گلن جي نالي کڻڻ سان انھن جي خوشبو جو تصور يا ماکيءَ جي نالي کڻڻ سان ماکيءَ جو صاف شفاف ۽ مٺاڻ جو احساس. ايئن رسالي ”مھراڻ جي نالي کڻڻ سان محترم محمد ابراهيم جويو ۽ مرحوم غلام محمد گرامي، ”انسان سان جڙيل نالو محمد عثمان ڏيپلائي، ”نئين زندگي معنى عبدالواحد سنڌي، ”روح رهاڻ سان ڳنڍيل نالو حميد سنڌي، ”سوجهرو جو نالو وٺڻ سان تاج بلوچ ۽ ”ڪينجهر جو نالو وٺڻ سان ناز سنائي سميت سڀني جون الڳ الڳ تصويرون ذهن تي اُڀري اچن ٿيون. سنڌُ محمد عثمان نالي ٻه ماڻھو اهڙا اديب پيدا ڪيا جن پنھنجي ڏات تي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ نمايان ۽ منفرد حيثيت حاصل ڪري ورتي. انھن منجهان هڪ، ”انسان رسالي وارو محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيو ”ڪينجھر وارو محمد عثمان عرف ناز سنائي. ٻنھيِ جي ذات ميمڻ هجڻ پڻ حيرانگيءَ جھڙي ڳالهه آهي. انھن ٻنھي جي رسالن کي ڇرڪائيندڙ ۽ انوکي مواد ڪري پسند ڪيو ويو يا پسند ڪيو وڃي ٿو.

ڪنھن به رسالي جي عمارت، جن ٿنڀن تي بيھي ٿي، انھن ٿنڀن منجهان اهم ۽ مضبوط ٿنڀو؛ ايڊيٽر ٿئي ٿو. هر رسالي جي ادبي معيار کي برقرار رکڻ جي سڄي ذميواري ايڊيٽر جي مٿان هوندي آهي ۽ رسالي ۾ ايڊيٽوريل نوٽ جي اهميت اهڙي هوندي آهي جھڙي مُنڊيءَ ۾ ٽِڪ ۽ هيري جي. ”مھراڻ رسالي ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد گرامي يا ”نئين زندگيءَ ۾ مرحوم عبدالواحد سنڌيءَ جا ايڊيٽوريل نوٽ سرڪاري رسالن جي ڪري سرڪاري پاليسيءَ کي نظر ۾ رکي لکيل هئڻ باوجود به ادبي لحاظ کان موتين جي مالھا آهن، پر رسالي ”انسان، ٻُڏي ويل ”سھڻيءَ جي ميھار طارق اشرف، ”سوجهرو ۾ تاج بلوچ ۽ ”ڪينجهر ۾ ناز سنائيءَ جا لکيل ايڊيٽوريل ان ڪري الڳ شناخت رکي ادب جو شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انھن پنھنجي لکيل ايڊيٽوريل نوٽ ۾ ادبي مسئلن سان گڏ سنڌ جي حقيقي مسئلن يا ٻرندڙ مسئلن کي پڻ پنھنجي قلم جي نوڪ تي آندو.
ڪينجهر ۾ جڏهن رقيبن طرفان هٿراڌو طوفان آڻي/ آڻائي ”ڪينجهر کي ٻنھي ڪنارن کان جل ٿل ڪري ڇڏيو ته طوفان ۾ هلندڙ ٻيڙي (”ڪينجهر) جي ملاح (ناز سنائي) پنھنجي قدرتي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، هن ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچايو ۽ ايئن ”ڪينجهر پنھنجي ملاح جي معرفت طوفاني برسات وارين راتين ۾ پنھنجا 100 ڦيرا پُورا ڪيا. ”ڪينجهر ۾ شايع ٿيل تنقيدي مضمونن کي ساراهڻ بجاءِ ان جي ايڊيٽر کي ملامتن جو نشانو بڻايو ويو. ان ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو ته رسالي ”ڪينجهر ۾ ڪھڙي نوعيت جو مواد شايع ٿي رهيو آهي، حالانڪ ”ڪينجهر ۾ اهڙو مواد شايع ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ نه رڳو عالمن لاءِ پر عام پڙهندڙ لاءِ به ان ۾ دلچسپيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي. الائي ڇو اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيدي عمل کي زياده فروغ نه ملي سگهيو آهي. لڳي ٿو ته اسان جا اديب، قلمڪار ۽ شاعر، پاڻ کي اعلى ۽ ارفع سمجهي، تنقيد کان بالاتر سمجهن ٿا. ان جو شايد هڪ سبب هيءُ به آهي ته هر شخص (قلمڪار) پنھنجي طبعي رُجحان يا پنھنجي علمي ۽ فڪري سطح مطابق سوچي ٿو. ان ڪري اسان جي فڪري انتشار ختم ٿيڻ جي بجاءِ ان ۾ ڏينھن به ڏينھن واڌرو ۽ اضافو ٿيندو رهي.
ڪينجهر ۾ شايع ٿيل تنقيدي مواد جي ڪري رسالي ”ڪينجهر کي سنڌي ادب ۾ اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا اردو ادب ۾ ناصر بغداديءَ جي منفرد رسالي ”بادبان کي آهي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هن رسالي (بادبان) کي سڄي هندوستان ۽ مغرب جي ملڪن ۾ جتي جتي اردو گهر جي نالي سان ادارا آهن، اُتي پسند ڪيو وڃي ٿو. تنقيدي عمل ته تاريخي آئيني برابر هوندو آهي. ڇا تاريخي آئيني کي ڀڃڻ سان تاريخي حقيقتون اسان جي مرضيءَ پٽ-اندر بدلجي سگهن ٿيون؟ ايئن ”ڪينجهر به تاريخي آئينو ڏيکاري ٿو. ”ڪينجهر جي ايڊيٽر يا قلمڪارن جي شايع ٿيل مواد ۾ ڏنل اکرن، لفظن ۽ جملن ۾ هڪ سچائي آهي. اهڙي طرح ”ڪينجهر جي ايڊيٽر جي هر تحرير اثرائتي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سچائي ۽ صداقت جي توانائيءَ وارو تاثير شامل آهي. تنقيد جھڙي معياري لفظ کي نڪته چيني جھڙي ڪرڀ ڀرئي لفظ برابر سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته تنقيد ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. نقاد کي قاضي ٿي فتوى ڏيڻي پوي ٿي ۽ اها قاضيءَ جي ذميواري ناهي ته سندس ڏنل فتوى ڪنھن جي حق ۾ وڃي ٿي يا ڪنھن جي خلاف! پنھنجن ۽ پراون جي لکڻين تي تنقيد ڪري ۽ ڇاپي، ناز سنائي جرئت مندي، همت ۽ بھادريءَ جو ڪم ڪري، ”ڪينجهر جو معيار برقرار رکيو آهي. تنقيد اها شيءِ آهي، جنھن سان دوستي ۽ تعلقات ۾ فرق پئجي سگهي ٿو يا اچي وڃي ٿو، پر ”ڪينجهر ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي، پنھنجو سفر يعني تنقيد نگاري جاري رکي، سنڌي ادب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو آهي.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ نڪرندڙ کوڙ رسالن کان ”ڪينجهر ڪيترين ڳالھين ۾ گوءِ کڻي ويو آهي. سڀ کان اول ته هي اشتھارن جي مدد کان بغير هلي رهيو آهي. ”ڪينجهر جو آتم ڪٿا نمبر، منھنجو ڳوٺ نمبر (ٻه حصا) ۽ خاڪا نمبر (ٻه حصا) پڙهڻ وٽان آهن. مون کي ته اردو ادب ۾ به اهڙو آتم ڪٿا نمبر نظر ڪونه ٿو اچي. آٿم ڪٿا نمبر کي دُنيا جي ادب ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ”ڪينجهر ۾ شايع ٿيل هر آتم ڪٿا نه ته آتم ڪٿا آهي ۽ نه ئي جڳ ڪٿا پر انسان ڪٿا آهي. هنن ڪٿائن ۾ هڪ عام ماڻھوءَ جا پنھنجا ذاتي ۽ شخصي، ڇرڪائيندڙ تجربا ۽ مشاهدا آهن، جيڪي اهڙي مڪمل سچائيءَ سان لکيا ويا آهن جو اهڙي لکڻ جو حوصلو پاڻ کي پوز خان سمجهندڙن ۽ ورائيندڙن وٽ به ڪونھي. هتي ته لکيل ڊائريون ۽ ذاتي خط به ٽاپ سيڪريٽ چئي پنھنجي گَھرن دوستن ۽ رازدانن کان به لڪايا ويندا آهن.
جيئن ماضيءَ ۾ سنڌي رسالن ”نئين زندگي ۽ ٽه ماهي ”مھراڻ نون ۽ تازه دم شاعرن ۽ اديبن، مترجمن ۽ محققن کي پنھنجي (اسٽيج) ڪاغذن تي آڻي نروار ڪيو، جن مان اڪثر اڳتي هلي صاحبِ ڪتاب بڻيا، جيئن شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، استاد بخاري، وفا ناٿن شاهي، بردو سنڌي ۽ ٻيا کوڙ. ساڳي طرح ڪينجھر به ڪيترن ئي نون قلمڪارن ۽ اديبن، شاعرن ۽ محققن جو تعارف سنڌ جي پڙهندڙن سان ڪرايو، جن منجهان ڪيئي اڳتي هلي صاحبِ ڪتاب بڻيا. اهڙن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ محققن ۾ محبت ٻرڙو، الطاف ملڪاڻي، آسي زميني، سعيد ميمڻ، منير سولنگي، مرحوم م.ن محزون ۽ انجنيئر عبدالوهاب سھتو شامل آهن. انجنيئر عبدالوهاب سھتي جا ته ٻه چار تحقيقي ڪتاب شايع ٿيا آهن. تازو سندس تحقيقي ڪتاب ”ورجيسون جي نالي سان شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب پنھنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان منفرد اهميت رکي ٿو. اهڙي طرح محبت ٻرڙي جي ڪتابن جا مضمون، اَڌَ کان مٿي سڀ کان اول ”ڪينجهر ۾ شايع ٿيا. الطاف ملڪاڻي جي ڪھاڻين جي مجموعي ”ساڀيان کان رٺل سپنا“، سعيد ميمڻ جي شعري ڳٽڪي ”نيڻ سفر ۾، آسي زمينيءَ جي شعري ڪتاب ”مڃتا جي رُڃ ۾ وارن ڪتابن ۾ ڏنل شاعري مان گهڻي شاعري سڀ کان اول ”ڪينجهر ۾ شايع ٿي ۽ عام پڙهندڙن کان داد ورتو. ايئن مرحوم محمد نواز محزون به مسلسل ”ڪينجهر ۾ لکندو رهيو. سندس ڪتابن ۾ آيل مواد گهڻو تڻو ”ڪينجهر ۾ شايع ٿيل آهي.
ڪينجهر جو وجود ناز سنائيءَ جي شوق ۽ ذوق جو تسلسل آهي. اهو ئي سبب آهي جو انتھائي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪندي، هن ”ڪينجهر کي ڪنارن سميت بچائي رکيو آهي. ان جي پاڻيءَ (مواد) جي حفاظت ڪندي، ان کي جاري رکي، سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته ناز سنائي ”ڪينجهر جي مزاج ۽ معيار کي تنقيدنگاريءَ سميت (ڇاڪاڻ ته تنقيد جو فن، نثرنگاريءَ کان گهڻو بلند ۽ مٿاهون آهي) برقرار رکندو ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ ان ساڳئي جذبي سان ڪم ڪري، ”ڪينجهر جي پاڻي (مواد) کي گدلي ٿيڻ ۽ سينوارجڻ کان بچائي رکندو.

No comments:

Post a Comment