18/12/2012

ادبي حقيقت نگاري - اڪبر لغاري


ادبي حقيقت نگاري
اڪبر لغاري
نشو ڪيترو ئي زوردار ڇو نه هجي، ان کي نيٺ ته لهڻو ئي هوندو آهي. رومانيت جو کيپ به آهستي آهستي ٽٽڻ لڳو ۽ يورپ خمار آلود اکيون کولي حقيقت جي ڪوَڙاڻ کي چيت سان چکڻ لڳو. عجيب لطف آهي رومانيت ۾.  تخيل جون حسين واديون آهن جن ۾ جذبن جي ندين جا  تيز وهڪرا آهن. ڪائنات جي بي ڪران وسعتن ۾ هر شيءِ ۾ حسن ئي حسن  نظر اچي ٿو. ڀيانڪ ۽ هيبتناڪ شين ۾ به بي پناه ڪشش محسوس ٿئي ٿي، تباهي ۽ بربادي جو احساس به نٿو ٿئي، بس بي قابو توانائي، هڪ  لذت آميز جنون، هڪ پر ڪيف بي قراري هر وقت ماڻهوکي پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿي. ليڪن بقول ڪنهن اردو شاعر جي ته
کهلي جو آنکه تو ن وه ٿا ن وه زمانا ٿا
دهڪتي آگ ٿِي.  تنهائي ٿِي ، فسانا ٿا 



رومانيت جي خوابناڪ ميرانجھڙي روشني ختم ٿيڻ لڳي ۽ حقيقت جي تيز روشني يورپ جي ذهن کي بيدار ڪرڻ لڳي. فرانس جي سرزمين ڪيترين ئي سياسي، سماجي، فڪري، ادبي ۽ لساني نظرين، تحريڪن ۽ لاڙن جي جنم ڀومي رهي آهي. فرانس، جتي رومانيت جي ولادت ٿي، حقيقت نگاري جي لاڙي به اتي ئي اکيون کوليون.

حقيقت نگاري هڪ لاڙو، هڪ رجحان ئي آهي جيڪو تحريڪ وانگر پوري يورپ ۽ پوءِ پوري دنيا ۾ پکڙجي ويو. حقيقت نگاري اصل ۾ رومانيت جي ردِ عمل ۾ پيدا ٿي. هر وقت داخلي سوچ، تخيل، ماضي پرستي ۽ خيالي دنيا يورپ جي منطقي  ذهن جي لاءِ گھڻي عرصي تائين قابلِ قبول نه رهي. هي يورپ ۾ سائنسي ۽ شعوري سجاڳي جو دور هو. علم حياتيات اهو ڏس ڏئي رهيو هو ته ماڻهو کي ماڻهو سمجھو، خدا نه. نفسيات ماڻهو جي ڪيترن ئي مخفي روڳن کي ظاهر ڪري سندس قدم زمين تي رکيا. نوان سياسي ۽ سماجي نظرياوجود ۾ آيا. معاشي علم ترقي ڪئي ۽ ٽيڪنالجي سبب صنعتي ترقي پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳي.
ماڻهو جي سماجي ۽ معاشي حالت ۾ تبديلي اچڻ لڳي، ان جي روزگار جا وسيلا ۽ پيداوار جا اوزار تبديل ٿيڻ لڳا. ان جا مسئلا ساڳيا نه رهيا ۽ انهن جي جاءِ تي نون مسئلن ڪر کنيو. ماڻهو خوابناڪ داخليت جي گنبذ ۾ پنهنجي ئي گونج کي ڪو ازلي آواز سمجھڻ جي بجاءِ خارجيت جي خراب ليڪن حقيقي دنيا ۽ ان جي مسئلن کي سمجھڻ، پرجھڻ ۽ حل ڳولڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو.  
ادبي حقيقت نگاري جا اهم نقطا هي آهن :
§         خارجي دنيا ۾ ماڻهو جي حقيقي مسئلن جي عڪاسي ڪرڻ.
§         حقيقتن جي خوردبين ( Microscopic ) ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ انهن کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ.
§         اڪثر شاعري جي بجاءِ نثر کي اظهار جو ذريعو بنائڻ.
§         مشاهدي ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ ۽ حقيقتن کي غير شخصي، غير جذباتي ۽ معروضي انداز ۾ بيان ڪرڻ ۽ ليکڪ جي سڌي مداخلت کان پرهيز ڪرڻ.
§         ٻولي سادي ۽ غير شاعراڻي، لهجو دوستاڻو ۽ ظرافت وارو، سنسني خيزي کان پرهيز، نظرياتي طور جمهوريت پسند.
§         حقيقت کي امڪان تي فوقيت.
§         افساني ۽ ناول ۾ جزئيات نگاري ۽ تفصيل تي زور، زندگي جي تلخ، بي رحم، ظالم ۽ قبيح حقيقتن کي بيان ڪرڻ، تصوير جي سياه رخ جي نمايان عڪاسي ڪرڻ.
§         حواسي ۽ جذباتي تسڪين جي بجاءِ ادب کي زندگي جي مڪروه حقيقتن، مڪارين، براين، بڇڙاين وغيره کي عيان ڪرڻ گھرجي.
§         حقيقت پسند ادب کي معاشري جو نقاد هجڻ گھرجي.
§         معروضي حقيقتن کان علاوه، اديب کي ماڻهو جي اندر ۾ لهي، ان جي فطرت ۽ منفي لاڙن، لالچ، خود غرضي وغيره جي به عڪاسي ڪرڻ گھرجي.
فرانسيسي ليکڪ بالزاڪ کي ادبي حقيقت نگاري جو بنياد رکندڙ سمجھيو وڃي ٿو، جنهن کان پوءِ گستاف فلابيئر ۽ موپاسان حقيقت نگاري کي عروج تي پهچايو. انگريزي ادب ۾ حقيقت نگاري کي جارج ايليٽ 1880 ڌاري متعارف ڪرايو ۽ هڪ شاهڪار ناول ”مڊل مارچ“ لکيو. آمريڪا ۾ حقيقت نگاري جو لاڙو وليم ڊين هاويل ذريعي پهتو ۽ روس ۾ وري ان کي پشڪن ۽ گوگول مقبول بنايو. ائين حقيقت نگاري جو لاڙو پوري دنيا ۾ پکڙجي ويو. ليڪن پنهنجي ديرپا اثر پذيري ۽ ڪلاسيڪي حيثيت حاصل ڪرڻ سبب روس، آمريڪا ۽ فرانس جي حقيقت نگاري کي خصوصي حيثيت حاصل آهي. روس ۾ پهرين پشڪن ۽ گوگول کان پوءِ ترگنيف ۽ چيخوف وڏا حقيقت نگار ليکڪ بنجي اڀريا. دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ به  حقتقت نگار هئا ليڪن فلابيئر کان مختلف. دوستو وسڪي انسان جي اندر ۾ لهي ان جو مشاهدو ڪيو ۽ اتي جنم وٺندڙحقيقت کي ناولن جو روپ ڏنو جن کي نفسياتي حقيقت نگاري چيو وڃي ٿو. ساڳي طرح ٽالسٽاءِ به ڪردارن جي نفسياتي وڍ ٽڪ ائين ڪئي جيئن ڊاڪٽر آپريشن ڪرڻ وقت ڪندا آهن.
آمريڪا ۾ هڪ سول وار ختم ٿي تـه ٻي سول وار شروع ٿي جيڪا لفظن سان وڙهي ويئي ۽ فريق هئا روماني ۽ حقيقت نگار. رالف والڊو ايمرسن ۽ ٿوريو روماني ليکڪ هئا جڏهن تـه مارڪ ٽوئين، وليم ڊين هاويلز ۽ هينري جيمز وڏا حقيقت نگار هئا، جيڪي بالزاڪ، فلابريئر ۽ ترگنيف جي اثر هيٺ، انسان جي مسئلن ۽ انساني صورتحال جي عڪاسي حقيقت پسنداڻي انداز ۾ ڪري رهيا هئا. سندن مؤقف اهو هو تـه ادب کي بورزوا  غرور ۽ طور طريقن تي وار ڪرڻ گھرجي. فرانس جي جن حقيقت نگارن هن لاڙي جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪيو، انهن چند اهم حقيقت نگارن جو مختصر احوال ضروري آهي:
بالزاڪ ( 1799کان 1850) بالزاڪ دنيا جي چند اهم حقيقت پسند ناول نگارن مان هڪ آهي. هن فرانس جي زندگي جي هر رخ تي ناول لکيا جيڪي لڳ ڀڳ 100 کن آهن جن سڀني کي گڏي نالو ڏنائين  la Comedie Humaine. بالزاڪ انسان جي فطرت جي گھري مشاهدي ۽ ان جي روز مره جي زندگي ۽ ان ۾ ايندڙ تلخ حقيقتن جي شاندار عڪاسي ڪئي آهي. پڙهندڙن کي بالزاڪ جا ناول اڄ به نوان نڪور لڳن ٿا ڇو تـه انسان جي فطرت تمام آهستي تبديل ٿيندي آهي. انسان جي پيڙا کي بالزاڪ کان وڌيڪ صحيح نموني شايد ئي ڪنهن چٽيو هجي.
گستاف فلابيئر ( 1821 کان 1880) فلابيئرجو تعلق به فرانس سان هو. هن خود ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي حقيقت نگار نه چيو ليڪن سندس لکڻيون کيس اتم درجي جو حقيقت نگار ثابت ڪن ٿيون. فلابيئر جو پيءُ ڊاڪٽر هو جنهن سبب سندس ننڍپڻ اسپتال جي ماحول ۾ گذريو. اسپتال ۾ هن انسان ذات کي تڙپندي ۽ سسڪندي ڏٺو۽ ويجھڙائي کان موت جي راڪاس کي زندگيون چٽيندي ڏٺو. سندس ناول ”مادام باوري تمام گھڻو مشهور ٿيو جنهن تي پوءِ فلمون پڻ ٺهيون. هن ناول لکڻ تي فلابيئر تي ڪيس پڻ هليو جتان پوءِ هو باعزت بري ٿي ويو. زندگي بابت سندس رويو نااميدي وارو هو۽ هن معاشري جي سياه رخ کي وڌيڪ چٽيو. مادام باوري جي روماني زندگي جون ناڪاميون ۽ آخر ۾ خودڪشي جي ذريعي فلابيئر اڻ سڌي طرح اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري تـه روماني مزاج، حقيقت جي بي رحم  دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ نه صرف ناڪافي بلڪـ نقصانڪار آهي. فلابيئر ناول ۾ پلاٽ کان وڌيڪ اهميت ڪردار ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي جهان کي ٿو ڏي. سندس اثر مارسل پرائوسٽ، هينري جيمز، جيمس جوائس ۽ ٻين ڪيترن ئي ناول نگارن تي پيو.
موپاسان ( 1850 کان 1893)  موپاسان به فرانس جووڏو افسانا نگار ۽ ناول نگار هو. مٿس فلابيئر جو وڏو اثر هو. فلابيئر سندس ماءِ جو دوست هو جنهن اڳتي هلي سندس ملاقات ايمائيل زولا سان ڪرائي جنهن جو اثر موپاسان تي فلابيئر کان به وڌيڪ ٿيو، جنهن سبب موپاسان حقيقت نگاري کان اڳتي وڌي نيچرلزم جي لاڙي تحت افسانا ۽ ناول لکڻ لڳو. سندس لکڻيون انتهائي سنجيده، نااميدي تي ٻڌل ۽ انساني ڪوششن کي فضول ۽ بي معنى قرار ڏيندڙ آهن. سندس ڪردار ڪنهن خاص طبقي مان هئڻ يا سندس مرڪزي خيال ڪنهن خاص طبقي جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن جي عڪاسي ڪرڻ بجاءِ عالمِ انسانيت جي بي وسي کي ظاهر ڪن ٿا، بي وسي جيڪا هو پنهنجي ئي اندر جي منفي قوتن ۽ جبلتن يا معاشري جي مجموعي منفي طاقتن اڳيان محسوس ڪري ٿو. سندس خيال مطابق انسان ڪڏهن انفرادي تـه ڪڏهن اجتمائي جبلتن ۽ خواهشن جي انڌ اڳيان مجبور آهي. موپاسان بهادري، سخاوت ۽ ٻين انساني قدرن جو منڪر نه هو ليڪن سندس خيال مطابق اهي سڀ انفرادي سطح تي آهن ۽ انسان مجموئي ۽ اڪثريتي طور ڪميڻو، نيچ، خسيس ۽ پست قدرن ۾ جڪڙيل آهي جنهن سبب نه صرف هو پاڻ ڀوڳي ٿو پر ٻين جي ڀوڳنائن جو به سبب بڻجي ٿو. سندس بهترين ڪهاڻي The Necklace سمجھي وڃي ٿي جنهن ۾ هڪ جوڙو ڪنهن پارٽي ۾ وڃڻ لاءِ پاڙيسري عورت کان هيرن جو هار اڌارو وٺي ٿو جيڪو انهن کان گم ٿيو وڃي. اهو جوڙو ٺيڪ ان جهڙو ٻيو هار ڳري قرض تي وٺي پاڙيسري کي واپس ڪري ٿو ۽ قرض چڪائڻ لاءِ ڏهه سال مشقت ڪري ٿو. آخر ۾ ان جوڙي کي خبر پوي ٿي تـه جنهن هار لاءِ هنن پنهنجي زندگي جا ڏهه قيمتي سال ضايع ڪيا اهو هار تـه نقلي هو. هاڻ انهيءَ ڀوڳنا جو ذميدار ڪير؟  پارٽي ۾ اڌارو هار پائي ڪوڙي شان و شوڪت ظاهر ڪرڻ واري سندن سطحي خواهش يا هار اڌارو ڏيندڙ جي بي حسي يا اهو معاشرو جتي انسان جي بجاءِ اهميت هڪ هار کي حاصل هجي؟ اها آهي موپاسان وٽ حقيقي انساني صورتحال جنهن ۾ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون انسان جومقدر آهن.        
نيچرلزم
حقيقت نگاري کي جيڪڏهن انتها تي وٺي وڃجي تـه ان کي نيچرلزم جو نالو ڏجي. ايمائيل زولا (Emile Zola) پنهنجي نيچرلزم جو بنياد سائنسي حقيقتن يا جبريت، خاص ڪري ڊارون جي نظريي تي رکيو، يعني انسان جي عمل، رويي ۽ فڪر جو دارومدار، ان جي موروثيت، جينز، ماحول ۽ معاشري تي آهي. رومانين انسان کي هڪ ديوتا، عظيم ۽ خود مختيار هستي ڪوٺيو هو جڏهن تـ حقيقت نگارن ان کي انسان ئي رهڻ ڏنو پر ايمائيل زولا انسان کي هڪ مجبور مخلوق بنائي پيش ڪيو جيڪو حالتن جي جبر جو شڪار ٿي اهو ئي ڪري ٿو جيڪو حالتون هن کان ڪرائڻ چاهين ٿيون.

حقيقت نگاري جي  ڪک مان ڪجهه ٻيا ادبي لاڙا ڦٽي نڪتا جن مان ٽي لاڙا اهم آهن. انهن جو مختصراحوال ڪجهه هن ريت آهي:
1. سماجي حقيقت نگاري
سائنسي ترقي جڏهن صنعتي ترقي کي وڌايو تـه شهرن ۾ مزدور طبقو ۽ ڪچيون آباديون وڌڻ لڳيون جنهن سان گڏ هيٺيون وچولو طبقو پڻ وڌڻ لڳو. صنعتي ترقي ۽ پرماريت امير طبقي جي حيثيت ۽ شان و شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪيو. نتيجي ۾ امير ۽ غريب جو فرق وڌيڪ نمايان ۽ وڌيڪ اذيت ناڪ بنجي ويو. مسڪينن جي اهنجن ۾ روز بروز اضافو ٿيڻ لڳو. استحصال ذريعي امير جون ٽجوڙيون ڀرجڻ لڳيون ۽ غريب کي گرهه به مشڪل سان ملڻ لڳو. انهيءَ سان گڏ مارڪسي فڪر به تيزي سان ڦهلجڻ لڳو ۽ ان جو اثر سنئون سڌو ادب تي پوڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ ادب ۽ فن ۾ حسن جي بجاءِ هيٺئين طبقي جي حالتِ زار جي عڪاسي ڪرڻ اديب ۽ فنڪار جي اولين ذميداري بنجي ويئي. حقيقت نگاري ۾ اديب غير جانبدار بنجي صرف حقيقتن جي عڪاسي ڪري رهيو هو ليڪن سماجي حقيقت نگاري ۾ اديب کي ڌر بنجي مظلوم جو ساٿ ڏيڻو پيو. سماجي حقيقت نگاري جو مقصد هو، ”خوبصورت ادب جي بجاءِ مظلومن ۽ مسڪينن جي اهنجن جي عڪاسي ڪريو، ظالم جي ظلم کي وائکو ڪرڻ لاءِ قلم کان تلوار جو ڪم وٺو ۽ مظلوم جي مدد ڪريو. سماجي حقيقت نگاري جي لاڙي هيٺ جيڪو ادب تخليق ٿيو ان جا اهم نقطا هي هئا:
·                     سماجي حقيقت نگارن به رومانيت تي وار ڪيو ليڪن موضوعيت ۽ تخيل جي به ڪجھ گنجائش رکي.
·                     غريب ۽ مسڪين عوام جي حوصلـه افزائي ڪندي کيس هيرو ڪري پيش ڪرڻ.
·                     پورهيت طبقي ۾ ولولو پيدا ڪرڻ تـه جيئن انقلاب لاءِ راه هموار ڪري سگھجي.
·                     اميد آفريني پيدا ڪرڻ ۽ مايوسي تي وار ڪرڻ.
·                     حب الوطني ۽ قوم پرستي کي فروغ ڏيڻ.
·                     ادب کي عام فهم، عوام جي امنگن ۽ ان جي محسوسات مطابق بنائڻ، تجريدي ادب کان پاسو ڪرڻ.
سماجي حقيقت نگاري روس ۽ فرانس ۾ پير پختا ڪرڻ کان پوءِ سڄي دنيا جي ادب ۽ فن تي پنهنجو اثر ڇڏيو. برِصغير ۾ اها ترقي پسند تحريڪ جي صورت وٺي هڪ وڏي ادب جي تخليق جو باعث بڻي. سماجي حقيقت نگاري اڄ به مظلوم ۽ مسڪين جي زندگي جي عڪاسي ڪري رهي آهي. ليڪن روس ۾ ان کي اسٽالن جي نظر کائي ويئي.
جيڪڏهن ادب تي حڪومتِ وقت جو دستِ شفقت پئجي وڃي تـ اهو ان لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي، ڇو تـه پنهنجي عنايت جي سلي ۾ حڪومتِ وقت ڪجھ ”توقعات“ به  رکندي آهي جيڪي پوريون ٿيڻ جي صورت ۾ ادب جو ٻيڙو ٻڏي ويندو آهي ۽ توقعات پوريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ اديب در بدر ٿي ويندو آهي. 1932 ۾ اسٽالن جي حڪم تي Soviet Writers Union of جو بنياد رکيو ويو جنهن سماجي حقيقت نگاري کي تسليم ڪيو. 1934 ڌاري آزاد ادبي تنظيمن کي ختم ڪيو ويو ۽ صرف اهي اديب جيڪي U.S.W جا ميمبر هئا اهي ئي ڇپجي پي سگھيا ۽ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ يا سوشلزم سان اختلاف رکندڙ اديبن جو ناطقو سينسرشپ ذريعي بند ڪيو ويو. اهڙي صورتحال ۾ صرف حڪومت نواز ادب ئي ڇپجڻ لڳو ۽ ڪميونزم کان سوا باقي هر شيءِ تي تالو. نتيجي ۾ تخليقي قوتون خشڪ ٿي ويون ۽ سوويت يونين ۾ سماجي حقيقت نگاري جي جڳھ ورتي ”سوشلسٽ حقيقت نگاري“.
2. سوشلسٽ حقيقت نگاري
        اسٽالن فن ۽ ادب کي به مشرف به ڪميونزم ڪري انهن کي سرخ ٽوپي پارائي ڇڏي. جيڪي اديب ڪميونزم جي پرچار ڪرڻ لڳا انهن کي انعام و اڪرام ۽ باقي سڀ گھر ڀيڙا. تخليق ڪڏهن به پابندين ۽ پهرن ۾ پروان چڙهي نه سگھندي آهي. نتيجي طور 1934 کان 1990 يعني سوويت يونين جي ٽٽڻ تائين روس ۾ وڏو ادب پيدا نه ٿي سگھيو. اسٽالن جي حڪم تي روس ۾ ايندڙ ٻاهريون ادب بند ڪيو ويو. سوشلسٽ حقيقت نگاري جا اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
·         ادب کي پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ جي حق ۾ ۽ بورزوا خلاف لکڻ گھرجي.
·         ادب کي سوشلسٽ حڪومتن جي پروپيگنڊه ۽ ڪميونزم جي ڦهلاءِ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي.
·         سوشلسٽ نظريي جي مسلسل ۽ موثر پرچار ڪري پرولتاريـه جي تربيت ائين ڪجي جو ان کي نئين سانچي ۾ ڍالي ان کي هڪ مڪمل نئون ماڻهو New Soviet Man  ٺاهجي.
·         پرولتاريـه کي مضبوط، خوش ۽ مطمئن ڏيکارجي ۽ سندس رهڻي ڪهڻي کي تمام گھڻي اهميت ڏجي.  سوشلسٽ ڊڪٽيٽر کي عظيم ماڻهو ڪري پيش ڪجي.
سوشلسٽ حقيقت نگاري تحت صرف انهن ملڪن ۾ لکيو ويو جيڪي سوشلزم جي اثر هيٺ هئا. هن لاڙي تحت لکندڙن ۾ مئڪسم گورڪي ۽ شولوخوف  وڏا نالا آهن. مئڪسم گورڪي جو ناول ماءُ ٽين دنيا جي ماڻهن ۾ ڪافي مقبول ٿيو ليڪن غور سان پرکيو وڃي تـه اهو دوستووسڪي، ٽالسٽاءِ ۽ چيخوف جي تخليقن کان گھڻو گھٽ آهي.
اسٽالن جي موت کان پوءِ ڪجھ نرمي ڪئي ويئي ليڪن ادب تي رياست  جي تسلط کان آزادي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ملي. 
3. جادوئي حقيقت نگاري
حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري جي لاڙي هيٺ هڪ سئو سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ادب تخليق ٿيندو رهيو. هن عرصي دوران  ٻيون ڪيتريون ئي ادبي ۽ فڪري تحريڪون آيون جيڪي حقيقت پسندي جي لاڙي کي به متاثر ڪنديون رهيون. نفسيات، ساختيات ۽ پسِ ساختيت، جديديت ۽ مابعد جديديت ، ثقافت وغيره جي اثرن هيٺ حقيقت نگاري جي شڪل به ڪافي تبديل ٿي ويئي ۽ ويهين صدي جي آخر ڌاري ان جيڪو روپ ورتو ان کي سڏيو وڃي ٿو جادوئي حقيقت نگاري.
جادوئي حقيقت نگاري ميلاپ آهي معروضي سائنسي حقيقت ۽ داخلي نفسياتي حقيقت جو. هن ۾ انساني  داخليت جا  پهلو يعني جذبا، فڪر، خواب، ثقافتي ڏند ڪٿائون ۽ تخيل، معروضي حقيقتن سان ملي اهڙو ادب تخليق ڪن ٿا جن جو اثر جادو جهڙو ٿئي ٿو. (هتي جادو استعاري طور استعمال ٿيل آهي).
 جادوئي حقيقت نگاري ۾ رومانيت جا جزا دلڪش انداز ۾ ملايا ويندا آهن. ليکڪ جو انداز بيانيـه، متحير ڪندڙ ۽ قصـه گوئي وارو، ڪهاڻي جو انجام غير متوقع ۽ غير معمولي هوندو آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ”نا قابل ِفهم“ عنصر جو هجڻ. ڪي ڪردار، حالات يا واقعات نا قابلِ فهم هوندا آهن جن جي وضاحت نه تـه ڪردار يا حالات ڪندا آهن  نه ئي وري ليکڪ ڪندو آهي. اهو پڙهندڙ تي ڇڏيو ويندو آهي تـه هو پنهنجي  سمجهه مطابق ان جي تفهيم ۽ تفسير ڪري.
گارشيا مارڪئيز، بن اوڪري، يان مارٽل، ٽوني موريسن وغيره جادوئي حقيقت نگاري جا بهترين ناول نگار آهن. بن اوڪري جو ناول In Arcadia  ۽ يان مارٽل جو ناول  Life of Pi ضرور پڙهڻ گھرجي. يان مارٽل جو ڪمال اهو آهي تـه هن حقيقت جو هڪ ننڍڙو ڪئنواس کڻي ان تي تخيل جا ايترا تـه رنگ ڀريا آهن جو انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي.
حقيقت نگاري جو سفر جاري آهي ۽ اهو انسان جي ارتقا سان گڏ پنهنجا روپ پڻ بدلائيندو رهندو. حقيقت جنهن جا هزار رنگ آهن ۽ حقيقت جنهن جو پنهنجو ڪو رنگ نه آهي ۽ ڏسندڙ کي صرف ان رنگ ۾ نظر اچي ٿي جنهن ۾ هو ان کي ڏسڻ چاهي ٿو. ان حقيقت جا رنگ برش ۽ قلم جي ذريعي اسان تائين پهچندا رهندا.

1 comment: