13/12/2012

سعيد سومري جو ڪتاب ”دعا مان ڪريل لفظ“ جو مهاڳ - ايوب کوسو


ناليواري شاعر سعيد سومري جو ڪتاب ”دعا مان ڪريل لفظ“ جو مهاڳ
هن ڪتاب کي سوين اکيون آهن!
ايوب کوسو
تيز رفتاري جو زمانو آهي، جنهن ۾ ڊيگهه ۽ اينگهه جي گنجائش گهٽجي وئي آهي، جيئن جيئن ماڻهو ماڻهو مشين ٿي وڃڻ واري الميي ۽ تجربي مان گذري رهيو آهي، تيئن تيئن هن ڌرتيءَ تي نئين ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت  به وڌندي رهي آهي، جنهن کان پوءِ اهو ٿيو آهي ته ’وقت نه هئڻ‘ جي احساس لفظ ’مختصر‘ جي معنيٰ جي ڄڻ اهميت ئي وڌائي ڇڏي آهي. ٿورن لفظن ۾ مقصد کي بيان ڪرڻ جي ٿيوري جيئن پوءِ تيئن وجودن جو حصو ٿي وئي آهي. اهو مختصرپڻو ادب تي به اثرانداز ٿيو آهي، ان ڪري ئي شاعريءَ ۾ هائيڪو ۽ ڏيڍوڻي تائين جي ننڍين صنفن کي پذيرائي ملي آهي. ’ڪنهن وٽ ايترو وقت آهي جو ڊگهين لکڻين ۾ منهن وجهي ۽ واري جديد مشيني ماڻهن جي فلسفي کي مدنظر رکي انيڪ ملڪن ۾ ڪهاڻي اڃا به وڌيڪ مختصر بڻجي اتي اچي بيٺي آهي جو انٽرنيٽ تي اسان کي ڪڏهن ڪڏهن چند سٽن يا جملن ۾ لکيل ڪهاڻيون به نظر اچي ڇرڪائي وڃن ٿيون. اهو وقت ۽ تبديليءَ جو ڪمال آهي.

انهيءَ وهڪري اندر ادب ۾ هڪ صنف اهڙيءَ به اچي جاءِ والاري آهي، جنهن کي مختلف نالن سان لکيو ويو آهي. اها صنف جيڪا ليکارين جي احساسن ۽ خيالن جو مختصر سٽن ۾ ميڙاڪو آهي، ان کي ڪڏهن ’نثري ٽڪرا‘ سڏبو رهيو آهي ته ڪڏهن ’نظماڻو نثر‘ چيو ويو آهي. ڪڏهن ’غير افسانوي نثر جا ورق‘ ڪوٺبو رهيو آهي ته ڪڏهن وري ’خيال اڏارون ڪونج جون‘ جو عنوان به ملندو رهيو آهي. ڪن حلقن ان کي ’ڊائري جا ورق ڪري به لکيو آهي. بظاهر ننڍڙن پر حقيقت ۾ بيحد وڏن شاعراڻن ۽ فلسفياڻن خيالن کي اظهار جي مالا ۾ پروئڻ لاءِ اڀاريل هن صنف کي سنڌي ۾ ڪو هڪ قطعي نالو نه ملي سگهيو آهي! ان ڪري سوال ٿو اڀري ته  مختصر شاعراڻي ۽ فلسفياڻي خيالن کي پيش ڪرڻ واري هن صنف جو آخر نالو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ منهنجي خيال ۾ هن صنف کي ’مختصر شاعراڻا نثر ۾ خيال‘ چئجي ته بهتر ٿيندو! ڇو جو نثري ٽڪرا ته رواجي نثر ۾ به لکجي سگهجن ٿا ۽ لکجي رهيا به آهن،پر جيئن ته مشاهدو ۽ مطالعو اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته تخليقي شاعرن مان ئي ڪن شاعرن جيترو حسناڪيون ڀري، هن صنف ۾ لکيو آهي، ڪو ٻيو عام نثرنويس اُن ۾ اُها رنگيني، بارش ۽ خوبصورتي نه اُڻي سگهيو آهي يا بنهه گهٽ اُن کي حسناڪي ۾ ٻوڙي سگهيو آهي. هن صنف جو بنياد ئي جيئن ته شاعراڻو ۽ فلسفياڻو آهي، ان ڪري هن صنف جي بيهڪ، اُڻت ۽ تازگي نه رڳو شاعراڻي نثر ۾ ئي وڌيڪ متاثر ڪندڙ لڳي ٿي، بلڪل اهڙي شاعراڻي نثر ۾ جيڪو اسان کي شيخ اياز، عبدالواحد آريسر، آغا سليم جي سٽن ۾ نظر اچي ٿو.
هيءَ صنف ڪيئن وجود ۾ آئي؟ واري سوال جي جواب کي ڳوليندي آئون گمان تي بيٺو آهيان ته هن خوبصورت صنف جي بنياد پوڻ جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا يا آهن. هڪ سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کاهوڙي ليکڪ هن قسم جو تجربو تڏهن ڪيو هجي، جڏهن ڪنهن نه سمجهه ۾ ايندڙ ٻوليءَ جي شاعريءَ جي شعرن کي ترجمي ۾ سامهون پڙهي، پوءِ متاثر ٿي ان نثري ترجمي ۾ دل کي ٻوڙي پوءِ پنهنجو پورهيو ڪيو هجي! ۽ اهو تجربو بلڪل اهڙو هجي، جهڙي هيءَ صنف آهي! توڙي جو هيءَ صنف ڪو به ترجمو ناهي، نه وري ان نيت سان به لکي وئي آهي، پر اسان وٽ هن صنف سان جيئري جُـٺ اها به ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ٿيندي ڏٺي وئي آهي ته ڪن سيکڙاٽن اردو وغيره جي شعرن کي کڻي ترجمي ۾ پلٽي، پنهنجي ليکڪ هئڻ جي خوشفهمي جو مزو ماڻڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏل رهيا آهن!
هــن صنف جي وجود ۾ اچڻ جو ٻيو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪي ليکڪ ڪتابن جو مطالعو ڪندي ڪتاب مان ڪي وڻندڙ سٽون انڊر لائين ڪري ڇڏيندا آهن، يا پنهنجي نوٽبڪ تي لکي ڇڏيندا آهن، ممڪن آهي اهو شوق متاثر ٿيڻ جي عمل مان گذري، اهڙيون سٽون پاڻ لکڻ جي تجربي تائين پهچي هن صنف جي وجود ۾ اچڻ جو سبب بڻيو هجي! اهي ته ٿيا گمان! ممڪن آهي ته اصل حقيقت ڪا ٻي به ٿي سگهي ٿي.
هيءَ صنف ڪيتري آڳاٽي آهي؟ ان جو تفصيل ڪو ادبي محقق ئي بهتر نموني ٻڌائي سگهي ٿو، پر اسان وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ هن شاعراڻي خيالن واري صنف کي بلندي تي پهچائڻ وارو ليکڪ بنا شڪ جي شيخ اياز ئي آهي، جنهن پنهنجي جمالياتي ذوق جي بارش ۾ بلند شاعراڻي ۽ فلسفياڻي فڪر ذريعي هن جواڻ صنف کي نواڻ جا ويس پارائي محبوبا بڻايو آهي. اياز هن صنف کي نه وسرندڙ گهرائي ۽ حُـسن ڏنو آهي، جنهن جا ڪيئي مثال ’واٽون ڦُـلن ڇائنيون‘، ’پنهل کان پوءِ، جڳ مڙيوئي سپنو‘، ’شاعريءَ جو سجدو‘ ۽ ٻيا ڪتاب موجود آهن. هن صنف ۾ 1990ع کان پوءِ جي ايندڙ سالن ۽ 2000ع جي شروعات کان هن مهل تائين ڪي ٻيا به ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ اڪبر سومري جو’ڪيسوڦل‘، صنوبر سيد نالي ڪنهن ليکڪا جا ٻه ڪتاب، منهنجو ’بارش سوچي ٿي‘ ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪتاب شامل آهن. ٻين انيڪ ليکڪن جو اڻ ڇپيل ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو اڃا پڌري ٿيڻ جو منتظر آهي! (ان ئي صنف ۾ لکيل هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جيڪو مرحوم اديب رسول بخش قريشي جو لکيل آهي، جيڪو پڌرو ٿئي ها ته هن صنف کي ضرور ٽيڪو ملي ها!)
ويجهڙ ۾ ڪافي ليکڪن ۽ ليکڪائن هن صنف ۾ لکڻ تي زور رکيو آهي، پر اڪثريت پيروي يا سطحيت جو شڪار ٿيل نظر اچي ٿي، تمام گهٽ اهڙيون تخليقون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ’هيءَ نئين ڳالهه آهي يا ڇرڪائيندڙ خيال‘ آهي.
ان سڄي صورتحال ۾ اسان جي بيحد سهڻي ۽ ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس سعيد سومري جو هن شاعراڻي خيالن واري صنف ۾ نالو ۽ پورهيو ڀلوڙ مقام تي ۽ بيحد اڳڀرو ئي نظر اچي ٿو. هن صنف ۾ سعيد سومرو حيران ڪندڙ حدن کي ڇهندي نظر آيو آهي، اُن ڪري کيس هن صنف جو ’شهزادو‘ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. جيئن ته سعيد سومرو بنيادي طور تي نج تخليقي شاعر آهي ۽ هن جو مزاج شاعريءَ جي حُسن سان ڀريل آهي، ان ڪري ئي سعيد جو فڪر ۽ شاعراڻي ٻولي، هـُـن جي هــن پورهئي کي بيحد جدت سان سامهون آڻي بيهاريو آهي، ايڏي حسناڪيءَ سان لکڻ جو نمونو اسان کي ٻين نوجوانن وٽ ورلي نظر اچي ٿو.
دعا مان ڪريل لفظ‘ سعيد سومري جو هــن صنف ۾ لکيل اهو مڪمل ڪنوارو ڪتاب آهي، جنهن کي سعيد ڪنهن وجد واري ڪيفيت ۾ لکيو آهي، جنهنڪري هُـن جي سٽن ۾ هنڌ هنڌ تي بيباڪي ۽ بيساختگي خوشبو بڻجندي محسوس ٿئي ٿي. هي سڄو ڪتاب نثر جو هوندي به شاعري جي تاثر کي قائم رکندي موهي ٿو. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب ۾ نثري ٽڪرن لکڻ واري تاثر کي، مختصر سٽن ۾ اوتيل خيالن جي وهڪري الڳ ڪري ڇڏيو آهي، رڳو نثري ٽڪرن لکڻ وارو انداز سعيد ڪٿي به اڀرڻ نه ڏنو آهي، صرف شاعراڻي خيالن جي ميڙاڪي جو ئي رنگ قائم رکي نواڻ وارو رستو  اختيار ڪيو آهي. ان ئي حوالي سان هي پورو ڪتاب لکيو ويو آهي.
اهو خوبصورت نمونو ٻاهرين ادب ۾ اسان کي خليل جبران وٽ واضح نموني نظر اچي ٿو، پر سعيد جو فڪر الڳ حقيقت آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي پيروي ڪرڻ جو ڪو به عنصر موجود ناهي.
سعيد سومري جي هن ڪتاب کي سوين اکيون آهن، جيڪي واجهائيندڙ آهن، جيڪي ڪجهه ٻڌائيندڙ آهن، انهن ۾ نڪور نياپا آهن، انهن ۾ محبتون آهن ۽ انهن ۾ سچ جي پوئواري جو حُسن مهڪندڙ آهي. تخليق وجد مان اڀرندي آهي، اهو احساس هن ڪتاب جي صفحي صفحي تي ثابتيءَ سان موجود آهي. سعيد هنن شاعراڻن خيالن  ۾ بيحد بانوري ٻوليءَ کي تخليقيت جي رنگ ۾ ٻوڙيو آهي، اها هـُـن جي شاه ڪاريگري آهي.
هي ڪتاب، لفظن جي مصوري به آهي ته احساسن جي فوٽوگرافي به آهي. هي شاعراڻا خيال، هي ننڍڙا ننڍڙا نثري جملا ائين آهن، ڄڻ ته ڪو عشق اکين سان ڪيو ويو هجي، ڄڻ ڪنهن هاريءَ جي پيرن جي رت جا ڦڙا ڌرتيءَ تي ڪريا هجن، ڄڻ ڳاڙهن گلابن جي موسم ۾ ڪو حُـسن مشڪندو هجي، ڄڻ انتظار جي رستن تي خاموشيءَ جي ريشمي چپن مان ڪا رڙ نڪرڻ چاهيندي هجي، ڄڻ ڪي ڏيئا فجر ٿيڻ جو نياپو پکيڙيندا هجن.
عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته فلسفو عام رواجي نثر ۾ پيش ٿيندو آيو آهي، پر هنن سٽن ۾ اهوئي فلسفو شاعراڻي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري سعيد شاعراڻي خيالن کي حُسن ڏنو آهي، هُن موهيندڙ رواني ۽ تخليق جي هڳاءَ کي سهڻائي سان قائم رکيو آهي.
سعيد جي هنن سوچن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ نثر، نظم جو کاٽ هنيو آهي. شعرن ۾ اچڻ کان رهجي ويل خيال، شاعراڻي نثر پنهنجي جهوليءَ ۾ کڻي، انهن جي اهميت کي ميرو ٿيڻ ناهي ڏنو. هن ڊائري ڪتاب ۾ هر قسم جا خيال پوپٽن وانگر اڏامندڙ آهن، انهن جي اڏارن ڌرتي کان ڪائنات تائين، ادب کان تاريخ تائين، صدمن کان ٽهڪن تائين، حُسن کان اڪيلائين تائين، منظرن کان وڇوڙن تائين جي رازن تي ڦيرا پاتا آهن. انهن خيالن ۾ قوم پرستي به آهي ته عظيم انسانيت جي پچار جا سڏ به آهن. ڪيئي سٽون انڊر لائين ڪرڻ لائق آهن، جيئن هي سٽون دل کي ڇهڻ واري هنر سان سرشار آهن، پڙهي ڏسو:
* ويران اسٽيشن جهڙيون اکيون کڻي نه ڏس مون ڏانهن، مون وٽ ڪو به سپنو مسافر ناهي، جو تو وٽ ڇڏيان!  
*  تنهنجي مٿي تان سرڪي ويل پوتيءَ جو قسم، مان ڪڏهن ڀي غدار ٿي نه مرندس!
* تاريخ کي اگهاڙو ڪرڻ لاءِ اسان اڃا ڪيترو ننگو ٿينداسي!؟
* اي سنڌ جا ڪل عقل! انبڙي کائيندڙ ڇوڪريءَ جي ماءُ تان سندس ’ڪاري‘ ٿي مرڻ جو وهم ڪڏهن لهندو؟
* يا خدا! هــن جنگاهه ۾ منهنجو لاش سڃاڻڻ وارو به ڪوئي بچائجانءِ!
* ’ابراهيم ذوق!‘ زندگيءَ جي جنون جا ننهه، وڏا ٿي ويا آهن، ان کان اڳي جو هو عقل جا بکيا اڊيڙي وجهن، ننهه، ڪٽي ڇڏجن ته بهتر آهي!
اهڙا انيڪ ڪوملتا ۾ رڱيل خيال هن ڪتاب جي صفحن تي رت جي داڳن ۽ ڦڙن وانگر موجود آهن، جيڪي ماحول جي وحشتن جي عڪاسي جو داستان آهن. هڪ کوکلو سماج ڪٿي بيٺل آهي؟ هي خيال، ان جي چهري جو نقاب لاهين ٿا! حساسيت هڪڙي باهه مان ٽٻي هڻي جنهن به ڪرڀ  کي ميڙيو آهي، اهو هنن صفحن تي چرين اکين سان روبرو ۽ موجود آهي.
سعيد جي هن سڄي ڪتاب ۾ هڪڙي بيقراري سارا شگفته جي وکن جيان رلندي نظر اچي ٿي، انهي بيقراريءَ ۾ ڀيانڪ مشاهدن جي ڌوڙ شامل آهي، بدحواس جنونيت جا پير جن به حـسين ڇاتين مٿان گذرن ٿا، جن به آگميل آوازن کي گُهٽين ٿا، جن به محبوباين کي ٿـڏا هڻن ٿا، اهي سڀ احساساتي تصويرون سعيد اکين جي اڳيان آڻي بيهارڻ ۾ گهڻو ڪامياب ٿيو آهي. هي ڄڻ ته ڪنهن مسافر روح جي رولاڪي جو ڪو سفرنامو آهي، جيڪو سهيڙيو ويو آهي. هن ڪتاب جي انيڪ سٽن ۾ مهذب رومانس جا دلفريب ديدار پلٽيل آهن، جيڪي ڪنهن اُڃ جو داستان آهن، اُها اُڃ اظهار جي محبوب روپ ۾ پڌري ٿي آهي. اُن رومانس ۾ ڪا به اوگهڙ ناهي پر هڪڙي دلربا تميز جي دانهن آلاپيل آهي.
سعيد جا هن قسم جا خيال جنجهوڙي وجهڻ جي صلاحيت سان سرشار چئي سگهجن ٿا:
* هنداڻي جي کيت ۾ چنڊُ، ڇا ڀٽائيءَ جو ڪو نئون لڌل بيت آهي؟
* تنهنجي پوئين جواني جي ياد آهي يا ڪوڙهه جا رهجي ويل ڪي چــٽا!؟
* جڳ کان منفرد ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهوءَ کان ماڻهو ٿيڻ به وسري ويو آهي!
* بارش ٿي هئي، موسم نچڻي جهڙي هئي، نظم لکڻ سولي ڳالهه هئي .... پر مان مزوري تي نه وڃان ها ته پويان ٻار بـُـک مرن ها!
سعيد جي هنن شاعراڻن خيالن جي سڄي وهڪري کي پڙهي ڪنهن مهل سنڌو درياهه ذهن تي تري اچي ٿو ته ڪنهن مهل چانڊوڪين راتين ۾ جنوني ماڻهن هٿان ٻرندڙ ۽ مرندڙ ٻارڙا ياد اچي وڃن ٿا!
سعيد جي خيالن جي ڪوملتا مان ذوق کي اهڙو ئي چس ملي ٿو، جهڙو فارسي جي محبوب شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڙهندي وقت محسوس ڪجي ٿو ۽ هنن بانورن خيالن مان اهڙو ئي هڳاءُ ايندي محسوس ٿئي ٿو جهڙو پشتو بهترين شاعري جي ٽَـپن مان ٽپڪندي روح تائين پهچندوآهي.
سعيد جا خيال هروڀرو ڪٿي به اوپرائپ جا آثار نٿا ڇڏين، پر اهي ويچار اسان جي دل جي آڱـر جهلي اسان جي اندر لهندڙ لڳن ٿا، جنهنڪري اسان انهن کي پٺي ڏئي نٿا سگهون. ادب جو حُـسن ان حقيقت سان واڳيل آهي ته زندگيءَ جي انهن پاسن تي روشني وڌي وڃي جيڪي پنهنجي وجود ۾ گهرائي ۽ سچ رکندا هجن، سعيد سومري به اهوئي رستو اختيار ڪيو آهي.
سٺي ڳالهه اها به آهي ته هن نثري ڪتاب ۾ ڀرتي ڪيل خيالن جي جهلڪ بنهه نه هئڻ جي برابر آهي. سعيد ڪٿي به اڻ ٺهڪندڙ تشبيهون يا ترڪيبون استعمال ناهن ڪيون. سعيد تخليقيت جي روح کي برقرار رکيو آهي، ان ڪري ئي هــن جون ڪيئي سٽون ننڍڙا نظم لڳن ٿيون ـــــ خيالن جي ججهي تعداد کي هن جنهن گهرائي ۾ ٻوڙيو ۽ تاريو آهي، اهو نمونو هـن جي نثر کي اهميت جوڳو بڻائڻ ۾ مڪمل ڪامياب ويو آهي، اهڙو پورهيو تمام ٿورن نوجوان ليکڪن جي قلم مان نروار ٿيو آهي.
هن نثري ڪتاب ۾ تنقيدي حوالي سان ڏسجي ٿو ته هڪ تاثر اهو ضرور احساسن کي ڇهي ٿو ته سعيد شاعراڻن خيالن ۾ ڪافي سوال اٿاريا آهن. اڪثر جاين تي سڌي ڳالهه يا خيال پيش ڪرڻ بجاءِ هــن ان کي سوال ۾ تبديل ڪيو آهي. اهي سوال هوئن ته بيحد خوبصورت ۽ سٺا به لڳن ٿا پر سوالن جي گهڻائي ڪٿي ڪٿي تاثرکي ضربي وجهڻ جو سبب به محسوس ٿئي ٿي. بهتر ائين رهي ها ته پنهنجي خيال کي پيش ڪرڻ کي اوليت ڏئي، وڌيڪ سوالن کي اڀارڻ واري ڪوشش کي گهٽائجي ها ته اڃا به تخليقي سلسلي لاءِ وڌيڪ بهتر تاثر جڙي ها. سعيد هن ڪتاب جي سٽن ۾ هروڀرو ڪو به ورجاءُ ناهي ڪيو، هـن جي سهڻي ۽ سگهاري استعمال ڪيل ٻولي جاڳندڙ اکين جهڙو تاثر ڀري انفراديت جي مهڪ پکيڙڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو، اهو سعيد جي محنت ۽ صلاحيت جو ڪمال آهي.
مجموعي طور تي هي ڪتاب ’دعا مان ڪريل لفظ‘ هڪڙي بهترين ۽ نواڻ جي هڳساڻ سان ڀريل اهميت جوڳي پياري ڪاوش آهي. هيءَ ڪاوش سعيد سومري کي بهترين نثر نويسن جي قطار ۾ آڻي ضرور بيهاريندي. هي ڪتاب ضرور ادبي داد ماڻڻ جي لائق آهي. ويساهه آهي ته هي ڪتاب سنڌي جديد ادب جي وڌندڙ سفر ۾’تحفو‘ ثابت ٿيندو.

No comments:

Post a Comment