امتياز منگي جو ڪتاب
هڪ خوبصورت شهر جو سفرنامو
الطاف شيخ
اڄ ايران ۽ ترڪي اسان کي يورپ جهڙو
لڳي ٿو پر يقين ڪريو سٺ جي ڏهي تائين اسان جو پاڪستان انهن ٻنهي ملڪن کان ترقي ۽
خوشحالي جي لحاظ کان جي مٿانهون نه هو، ته برابر ضرور هو. ۱۹۶۵ع ڌاري پاڪستان،
ايران ۽ ترڪيءَ گڏجي علائقائي ترقي لاءِ پاڻ ۾ RCD نالي هڪ يونين ٺاهي، جيئن هڪ ٻئي جي ملڪن جا ماڻهو بنا ڪنهن
پاسپورٽ ۽ ويزا جي گهمڻ ڦرڻ، واپار وڙي ۽ تعليم لاءِ ايندا ويندا رهن. اسان جي ملڪ
جا ڪيترائي ڪوئيٽا کان ريل يا بس رستي ايران جو بارڊر ٽپي زاهدان پهتا ٿي، جتان
پوءِ ايران جا مختلف شهر گهمندا تبريز پهتا ٿي، جيڪو ايران جو شهر ترڪي جي بارڊر
وٽ آهي. تبريز مان بس، ٽئڪسي يا ٽرين رستي ترڪي جو بارڊر ٽپي انقره ۽ استنبول جهڙا
شهر گهمي آيا ٿي. ڪنهن به پاڪستانيءَ، ايران يا ترڪيءَ ۾ رهي پوڻ نٿي چاهيو. آخر
هو اتي رهي به ڇو؟ جڏهن هو پنهنجي ملڪ ۾ خوش هو، کيس روزگار هو ۽ پاڪستان ۾ کائڻ
پيئڻ جي هر شيءِ سستي هئي. وڏي ڳالهه امن امان هو. سبي جو شهر هجي يا جيڪب آباد،
هر غريب غربو سڪون جي ننڊ ستو ٿي. اڄ ايران ۽ ترڪي جهڙا ملڪ جيڪي اسان کان پٺٽي
هئا، سي اڳيان وڌي ويا آهن. امتياز منگي صاحب
پنهنجي ترڪي جي هن سفرنامي ۾ ترڪي جي ترقي بابت تفصيلي ڳالهيون لکيون آهن.
مصر وانگر ترڪي به ٻن کنڊن ۾ اچي
ٿو. مصر ملڪ جو ڪجهه حصو ايشيا ۾ آهي، ته ڪجهه آفريڪا ۾. ترڪيءَ جو به ڪجهه حصو
ايشيا ۾ آهي، ته باقي حصو يورپ کنڊ ۾ آهي، بلڪ جتي ايشيا ۽ يورپ کنڊ ملن ٿا اتي
ترڪيءَ جو تاريخي شهر ۽ بندرگاهه استنبول آهي. اسان کي مصر کان وڌيڪ ترڪي ويجهو
پوي ٿو. مصر جو آفريڪا وارو حصو صوماليا، اٿوپيا ۽ سوڊان بعد اچي ٿو ۽ ايشيا وارو
حصو يمن، سعودي عرب ۽ اردن کان پوءِ اچي ٿو. هوڏانهن ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فقط
ايران آهي. ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ان کان سال اڳ اسان ڪجهه
دوستن ترڪي گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو پر آخري وقت تي آئون وڃي نه سگهيس. منهنجا دوست
ڏهه ڏينهن بعد ايران ۽ ترڪي جو چڪر هڻي ڪوئيٽا موٽي آيا جتان پوءِ ڪراچيءَ پهتا.
مون کي ترڪي ۽ ايران نه وڃڻ جو ڪو خاص ڏک نه ٿيو جو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته
ڪجهه مهينن بعد ڄاڻ ته جهاز تي چڙهيس ۽ پوءِ ايران ۽ ترڪي گهمبو رهبو. پر عجيب
اتفاق آهي جو ۶۰ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿي ويس پر منهنجو جهاز ايران نه ويو. بعد ۾ ۶۳
کن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خرچ تي ايران وڃي ڏٺم. باقي ترڪي نه فقط پهرين سال وڃڻ
جو موقعو مليو پر خبر ناهي ڪيترا دفعا پوءِ به استنبول (ترڪي) وڃڻو پيو. روس،
رومانيا ۽ بلغاريا جي بندرگاهن ۾ ويندي به ترڪيءَ ۾ ترسڻو پيو ٿي جو مٿين ملڪن جي
بندرگاهه ۾ ويندي يا موٽندي باسفورس سمنڊ جي حصي مان لنگهڻو پوي ٿو. باسفورس سمنڊ
جي سنهي پٽي آهي جيڪا بحر اسود (Black Sea) کي ڀؤنچ سمنڊ
(Mediterranean) سان ملائي ٿي. باسفورس ايشيا ۽ يورپ کنڊ کي
جدا ڪري ٿو جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي استنبول جو شهر آهي يعني نه فقط ترڪي ملڪ پر
سندس بندرگاهه استنبول ٻن کنڊن ۾ آهي. استنبول جيڪو ڪنهن زماني ۾ رومن سلطنت جو
مرڪز رهيو ۽ قسطنطنيه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان جو احوال هن سفرنامي جي ليکڪ
امتياز منگي صاحب بيحد دلچسپ انداز ۾ احوال لکيو آهي. ڪتاب جا ڪيترائي باب استنبول
بابت آهن جيئن ته ”استنبول يورپين ڪيپيٽل
آف ڪلچر“، Istanbul-Through my Eyes، ايشيا وارو استنبول،
A Joint trip to Istanbul وغيره. استنبول
(جنهن کي ماضي ۾ Constantinople ۽ بائزنتم ۽ ٻين ڪيترن نالن سان سڏيو ويو
ٿي) ترڪي جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ترڪيءَ جي گاديءَ جو هنڌ جيتوڻيڪ انقره (Ankara) آهن پر پکيڙ توڙي آدم شماري ۾ استنبول وڏو آهي. ان کان علاوه استنبول
يورپ ۾ ٻيو نمبر ۽ دنيا ۾ چوٿون نمبر وڏو شهر
چيو وڃي ٿو ۽ سندس آدم شماري ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. استنبول شهر باسفورس
سامونڊي درگاهه جي ڪپرن تي ائين آهي جيئن روهڙي سکر.
باسفورس کي ”استنبول ڳچي سمنڊ“ به
سڏجي ٿو جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي وچ مان لنگهندڙ سوڙهي سمنڊ کي ملاڪا ڳچي
سمنڊ (Malacca Strait) سڏجي ٿو. ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ ته سوڙهو آهي
۽ جهازن جي ڪراسنگ وقت خبردار رهڻو پوي ٿو ته متان هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي نه وڃن يا
وچ کان پري ٿيڻ تي ڪناري ڏي تانگهي پاڻي واري گپ ۾ ڦاسي نه پون، پر سائين هي
باسفورس وارو ڳچي سمنڊ ڏاڍو سوڙهو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن Low Tide ۾
ته هڪ هڪ ٿي جهاز لنگهي ٿو. ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ کي چيني سمنڊ سان
ملائي ٿو. اهڙي طرح هي باسفورس (سامونڊي درياهه جي پٽي) بحر اسود (Black
Sea) کي ايجين (Aegean) سمنڊ سان ملائي ٿي. ايجين سمنڊ ميڊيٽرينين سمنڊ جو هڪ حصو آهي
جيئن اسان وارو عربي سمنڊ، ايراني نار يا خليج بنگال هندي وڏي سمنڊ (Indian
Ocean) جا حصا آهن.
باسفورس، دنيا جو خوبصورت سمنڊ
مڃيو وڃي ٿو، ڇو جو اهو هڪ سوڙهي درياهه مثال آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي يورپ
جهڙو سهڻو شهر استنبول اڏيل آهي. ذرا تصور ڪريو اسان جڏهن هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ
جهڙي ڪنهن ڳوٺ جي بس اسٽاپ واري هوٽل تي ويهي چانهه پيون ٿا ۽ چانهه پيئندي ايندڙ
ويندڙ بسين، ٽرڪن ۽ ڪارن کي ايندو ويندو ڏسون ٿا ته ڪيڏو نه خوش ٿيون ٿا ۽ هيڏانهن
استنبول ۾ سمنڊ جي ڪناري وارين هوٽلن ۾ ماڻهو ويهي بسين ۽ ڪارن بدران اوچين عمارتن
جهڙا سهڻا جهاز ۽ ٻيڙيون ڏسن ٿا. بحر اسود سمنڊ ۾ روس، بلغاريا ۽ رومانيا جا ڪيترا
ئي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن. انهن ڏي ايندڙ ويندڙ جهاز ۽ ترڪي جا جهاز هتان هن سوڙهي
سمنڊ (باسفورس) مان لنگهن ٿا.
سمنڊ جي هن حصي (باسفورس) جي اهميت
ڏسي، ۳۳۰ ۾ روم جي شهنشاهه ”ڪانسٽنٽائين دي گريٽ“ هتي ڪانسٽنٽينوپل نالي شهر اڏرايو
جيڪو پوءِ مشرقي رومن سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ليکيو ويو. بعد ۾ ۱۴۳۳ع ۾ عثمانيه
سلطنت جو هن شهر تي قبضو ٿيو ۽ مٿس استنبول نالو رکيو ويو. استنبول جي ٻن حصن ڏي
اچ وڃ لاءِ فيريون (وڏيون پئسينجر ٻيڙيون) هلن ٿيون. ۱۹۷۳ ۾ هن سمنڊ جي پَٽيءَ
مٿان پهرين پل ٺاهي وئي جيڪا اٽڪل هڪ ڪلوميٽر ٿيندي. هن پل کي باسفورس پل سڏين ٿا
۽ ٻي پل جنهن جو نالو فتح سلطان محمد پُل رکيو ويو آهي، اها ۱۹۸۸ ۾ مڪمل ٿي ۽ هاڻ
ته جنهن وقت وڻي ان وقت بس، ڪار يا ريل ذريعي يورپ پاسي واري استنبول کان ايشيا
پاسي واري استنبول ۾ اچي وڃي سگهجي ٿو جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون يا پينانگ ۽ بٽرورٿ
پل ٺهڻ بعد اچي وڃي سگهجي ٿو. انهن ٻن پلين کان علاوه هڪ عدد زمين دوز ٽنل سمنڊ
هيٺان ٺهي رهيو آهي. بهرحال هي سڀ ڳالهيون سائين امتياز منگي جو سفرنامو ”اپسرائن جي شھر استنبول ۾“ پڙهي ياد اچي ويون.
امتياز جي سنڌي ڏاڍي سٺي آهي. هن جا جاڳو، عبرت،
عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڪالم ايندا رهن ٿا. هن جي لکڻيءَ ۾
روانگي آهي. ان سان گڏ امتياز جو ڳُوڙهو اڀياس Observation
Power به قابل تعريف آهي. هن پنهنجي سفر جون
ڪيتريون ئي ڳالهيون پنهنجي انداز سان نوٽ ڪري اسان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ معلومات
لاءِ لکيون آهن. امتياز سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس ۾ B.Sc آنرس ۽ لا ڪرڻ بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي. هن وقت هو
ڪشمور ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر آهي. هو HRDN (هيومن رسورسز
ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ) جو ميمبر پڻ آهي جنهن
اداري طرفان هن جو استنبول وڃڻ ٿيو. اھا HRDN هڪ غير سرڪاري
پاڪستاني بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد فلاح ۽ بهبود، سرڪاري ۽ خانگي
ملازمن توڙي سماجي ڪارڪنن کي واسطيدار ادارن ۾ ٽريننگ ذريعي فعال ۽ ڪارآمد بڻائڻ،
رفريشر ڪورس، جديد ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز ۽ انٽرنيٽ جي استعمال وغيره ۾ ڀڙ ڪرڻ آهي.
امتياز
پنهنجي استنبول جي سفرنامي ۾ نه فقط ”ٻن کنڊن واري شهر“ بابت بلڪ سڄي ملڪ ترڪيءَ
تي پڻ لکيو آهي. اسان پاڪستان جي رهاڪن لاءِ هيءُ سفرنامو نه فقط دلچسپي ۽ وندر پيدا
ڪري ٿو پر معلومات پڻ. ”ترڪيءَ جو نوجوان نسل“، ”ترڪي يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين
جو ميمبر ڇو نه؟“ ۽ ”قبرص جو مسئلو“ جهڙا باب اسان جي نوجوان شاگرد کي معلومات سان
گڏ سوچ ۽ ويچار جي خوراڪ پڻ مهيا ڪن ٿا.
امتياز
منگي صاحب هن پنهنجي سفرنامي ۾ استنبول جي نيري مسجد، ”تاپ ڪاپي“ ميوزيم ۽ استنبول
شهر جي ٻين ڪيترين اهم ۽ تاريخي شين جو پڻ تفصيلي احوال لکيو آهي. اسان جي ماڻهن
جو ترڪيءَ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ گهمڻ جي شوقينن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ ضروري
آهي ته هن قسم جا سفرناما ضرور پڙهن. ساڳي وقت امتياز لاءِ اها ئي دعا آهي ته هو
اڃا ننڍي عمر جو آهي، کيس ٻاهر وڃڻ جا ٻيا به ڪيترا ئي موقعا ملندا رهندا ۽ اميد
آهي ته هر دفعي پڙهندڙن لاءِ هن کان به ٿلهو سفرنامو پيش ڪندا رهندا.
No comments:
Post a Comment