”مقالات سرفراز“ (ڪتاب)
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌ کان تازو ئي وڇڙي ويل، پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي صاحب جي انهن مقالن ۽ مضمونن تي ٻڌل آهي جيڪي ڀٽي صاحب الڳ وقتن تي
لکيا هئا ۽ ڇڙوڇڙ ڇپيل هئا يا ڪي اڻ ڇپيل هئا، انهن سڀني کي سهيڙي هڪ خوبصورت ڪتاب
جي شڪل ۾ علامه غلاممصطفى قاسمي چيئر پاران سنڌي پڙهندڙن تائين آندو ويو آهي. هي مقالا
اسان جي دوست ۽ نوجوان اسڪالر ڊاڪٽر
انور فگار هَڪڙي جي محنت جو
ثمر آهن. انور فگار هڪڙو نوجوان اسڪالر آهي ۽ سندس ڪيترو ئي تحقيقي ڪم سنڌي
پڙهندڙن تائين پهتو آهي ۽ ڪيترو ئي اڃا ظاهر ٿي رهيو آهي.
”مقالات سرفراز“ به سندس ان تحقيق ۽ ترتيب جو نتيجو آهي، جنهن ۾
سرفراز ڀٽي صاحب جا مقالا ترتيب ڏنل آهن. ڪتاب ۾ ٽي سنڌي مضمون شامل آهن ۽ پنج
انگريزي مضمون آهن، جن کان پهريان، سرفراز ڀٽي مرحوم بابت سندس قلمي پورهئي ۽ الڳ
کيترن ۾ ڪيل خدمتن بابت، ڊاڪٽر اندر فگار، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر ثناءُ
الله ڀُٽي صاحب جا مضمون ڏنل آهن.
مجموعي طور 125صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ انهن ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ وچور پڻ
ڏنل آهن جيڪي چيئر پاران هن کان اڳ ۾ ڇپجي چڪا آهن. پڪي جلد ۽ سفيد پني تي ڇپيل هن
ڪتاب جو مُلهه 130 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment