02/12/2012

ڏات جو ڏيهه - تولارام سوٽهڙ


ڏات جو ڏيهه
تولارام سوٽهڙ
ادب ڌرتيءَ جي سُڳنڌ هوندو آهي، جنهن ۾ ديس جي باشندن ۽ اُتان جي ريتن، رسمن، ميلن، محفلن، رنگن ۽ نَکٽن جا عڪس ۽ پاڇولا انڊلٺي رنگن جيان نکريل نظر ايندا آهن. ائين سنڌي ادب به دنيا جي ادب سان همسري ڪرڻ لائق آهي. سنڌ جا ڏات ڌڻي تخليق جي ڪينواس تي موهه، فهم ۽ ساڃاهه جون ڪايائون پلٽيندي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جي وسعت لاءِ هڪ طرف خدمت ۾ سرگردان آهن ۽ ٻئي طرف احساسن جي ڌڙڪن سان جذبن کي زندهه رکڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.

ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته، ”شاعري جذبن سان ڀرپور روح جي موسيقي آهي، جنهن جي غير موجودگيءَ سان احساسن جي موت جو خدشو رهندو آهي.“ ان ڪري احساسن کي زندهه رکڻ لاءِ سنڌي ادب جا سرگرم تخليقڪار پنهنجي ذهني وسعت ۽ مشاهداتي سگهه آهر ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ اهڙيءَ ريت ڏات جي ڪائنات سدا روشن رهندي اچي. بقول تاج جويي جي:
ڏات جي ڏيهه ۾، رات ٿيڻي نه آ،
گيتَ سنگيتَ جي مات ٿيڻي نه آ!
اڄ جيڪڏهن سنڌ سونهاري، پنهنجي سونهن، سوڀيا ۽ قدامت جي ڪري دنيا ۾ مقبول ۽ محترم آهي ته ان جو سهرو مفڪر، محققن، عالمن اڪابرن، شاعرن ۽ ليکڪن جي سر تي سونهي ٿو ۽ نه مفادپرست سياستڪارن ۽ ڪامورن ڏي وڃي ٿو! ڇاڪاڻ ته سنڌ، ان جي تهذيب ۽ ٻولي، لطيف جي شاعريءَ وسيلي عالمي سطح تي پهتي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان جي عظمت ۽ حسناڪيءَ جا ساز ٻُرڻ لڳا. اسان جي ڀٽائيءَ جو هر لفظ مجسم سنڌ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب، ريتون  ۽ روايتون، معاشي ۽ سماجي حالتون، ٻولي، تاريخي واقعن، ڪردارن ۽ قديم ماڳن مڪانن جا عڪس ملن ٿا:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
-
ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا ...!
شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز، اُن جي راهه وٺي، سنڌي ٻوليءَ، ادب، تهذيب ۽ تمدن لاءِ شاعري سرجي ۽ ڪتاب لکيا. اياز اهل سنڌ کي وقت ۽ حالتن پٽاندر سماجي شعور ڏنو. پنهنجن گُل رنگ گيتن ۽ نزاڪت ڀرين نظمن ذريعي ڌرتيءَ تي ميري اک رکندڙن کي لفظن جا ڪانَ ڪُکين ۾ ڇِڪيندو رهيو.
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙَ تَنهنجا نه مُرجهائجن!
-
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان....!
شاعريءَ جي فن بابت تبصرو ڪندي اياز پنهنجي ڪتاب ’جر ۾ ڏِيئا جهمڪن‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جي شاهه لطيف تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ هجي ۽ ٻئي ۾ آءٌ هجان ته تارازيءَ جي ڳني هوند ڀڄي پوي!“
 ڳالهه اِتي دنگ نه ٿي آهي . . . . اياز سان گڏ اُستاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ ۽ ٻيا ڪيترا ڏات ڌڻي، شاعري ۽ ادب جي جوت جلائيندا آيا ۽ هاڻي اُن لاٽ جي مشعل سنڌ جي نوجوان ذهنن جي هٿن ۾ آهي. اهي به ڀٽائي، اياز ۽ عالمي شاعرن جي مطالعي ۽ ان جي شاعريءَ مان واس وٺي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڌڄَ ۽ لڄ سلامت رکڻ سان گڏ شعور ۽ ساڃاهه جو سڳو به سوريندا اچن.
سوچ ۽ شعور جي لاٽ ۽ تَجليءَ ۾ اسان جو ٿر ڄائو ۽ نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ڀارو مل امراڻي به اڳرو آهي، جنهن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ادب کي ٻه خوبصورت ڪتاب ڏنا آهن. هن جي شاعريءَ جو تازو ڪتاب ’مُرڪن مالهائون‘ (2012ع) ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان اڳ هن ٿر جي لوڪ ادب تي هڪ ڪتاب ’گيت سانون، من ڀانوڻ جا‘ (2009ع) سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وڌو.
ڀارو مل امراڻي، ٿر جي نئين ٽهيءَ جو زمان حال جو اهم شاعر آهي، جنهن مختصر ادبي ڄمار ۾ شاعريءَ جي کيتر ۾، خاص ڪري نظم جي صنف ۾ اعليٰ ۽ عالمي معيار جا تخليقي نظم سرجيا آهن. هن جي ڪتاب ’مرڪن مالهائون‘ ۾ غزل، نظم، وايون، بيت به شامل آهن. ڪتاب جو پبلشر، ٿر جو ناميارو اديب ۽ سماج سڌارڪ دليپ ڪوٺاري آهي، جنهن پنهنجي اداري ’نينهن پبليڪيشنز، مٺيءَ‘ پاران هي خوبصورت ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ جي امام، شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته، ”دور جديد ۾ اسان جا ڏاها، جي ارڏا به آهن، اجهل به آهن، اهي مارڪس، لينن، ٽراٽسڪي، مائو، هوچي منهه وغيره جي هر قول تي ائين جهڙپ ٿا ڏين، جيئن جڏهن ٻارَ، ٻير جي وڻ کي ڌوڻي نه سگهندا آهن، تڏهن ڌرتيءَ تان اُهي ٻير چونڊيندا آهن، جي هوا ۾ ڪري پوندا آهن. يا طوطا چچري ڦٽي ڪندا آهن.“ پر ڀارو، شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪرڻ کان اڳ شايد اياز جي اُن قول کي پڙهي ورتو هو، اُن لاءِ ئي ته هُن پنهنجي شاعريءَ ۾، جتي پيار ۽ سونهن کي ڳاتو آهي، اُتي انقلابي اڳواڻن ۽ عالمي سطح جي ڏات ڌڻين سان به مخاطب ٿيو آهي، جن ۾ ٽراٽسڪي، الندي، لورڪا، ماياڪو وسڪيءَ کان وٺي ’ڇاڇري جو سج‘ ڄام ساقي شامل آهن.
ٿر جي هن نوجوان اديب کي پنهنجو هڪ سادو مزاج، ترنم ۽ انداز آهي، جنهن وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار پنهنجي پيشرو شاعرن: ادل سومري، اياز گل، حليم باغي، ايوب کوسي، سائينداد ساند ۽ ٻين جي قطار ۾ پنهنجي جاءِ جوڙڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي آهي.
شاعريءَ بابت شاعرن جا مختلف رايا ملن ٿا:
اقبال:
ميري نوائي پريشان ڪو شاعري نه سمجهه،
ڪه مين هون محرم راز درون مئخانه!
مير تقي مير:
ڪيا ٿا شعر ڪو پرده سخن ڪا،
وهي آخر ڪو ٺهرا فن همارا!
شيخ اياز:
شاعري جي روح گرمائي نه ٿي،
منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.
۽ هيڏانهن ڀارو چوي ٿو:
دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو آ،
شعر ڪوئي ٺَهِي ويندو آ.
هو پنهنجي شاعريءَ جي فڪر ۽ اُڏام بابت خود چوي ٿو:
ميان! ڇا ڏسين ٿو فِڪر جي بلندي،
ازل کان اسان وٽ اُڏارون اُڏارون!
ڀاروءَ، ننڍن وزنن تي، پر سرل ۽ سلوڻي ٻوليءَ سان گڏ پنهنجو لهجو ۽ انداز نکاري بيهاريو آهي:
توڙي نقصان ٿئي ٿو دل جو،
درد ڌارڻ ۾ مزو ايندو آ.
ڀارو، 1997ع کان باقاعدي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ لاڳيتو مطالعي ۽ مشاهدي سان اڄ ادبي دنيا ۾ جوڳي جاءِ ٺاهي چڪو آهي. هو شاعريءَ جي صنعتن تي عبور رکي ٿو. وٽس بسنت جي هير کي ڇُهڻ جهڙا لفظ موجود آهن:
گُل اوهان جي حُسن جا ملڻ سان مِٺِي،
ڏات جي پوپٽن کي وڻِي زندگي!
ڀارو، محبوب جي ماڻن ۽ رمزن کي پنهنجي زندگيءَ جو سهارو سمجهي ٿو:
اِها لوڏ تُنهنجي، اِهي ڪوڏ تُنهنجا،
عُمر جاسهارا، اوهان سان رَکون ٿا.
اسان جو هي ساده مزاج، مٺڙو ۽ محبتي دوست، جڏهن پاڻ کي پنهنجي محبوب سان ڀيٽي ٿو ته ڪيڏو نه نج مقامي ماڻهو ٿو لڳي:
هو سانوڻ جو ڀريل بادل،
ٿر جو آءٌ اُڃارو ماڻهو.
-
ميڙ ڏٺم ماڻهن جا ڳولي،
ڪونهي ڪو هُن پارو ماڻهو.
هن وٽ شاعري، صرف لفظن جي وڍ ٽُڪ ۽ صنايع بدايع نه آهي، پر وٽس خيال جي پختگي، تشبيهن، استعارن جو حسن به آهي:
ريشمي تاڪيو آ سڄو ئي بدن،
هار کاڌي اوهان جي حُسن کان گُلن.
-
سال ٿيا ڪي پيا جي چَڳن کي ڇهئي،
آڱرين کي وري ڏَسَ ساڳيا ڏِجن.
ڀارو، پنهنجن واين ۾ تاريخ جي جهروڪي ۾ ڏسي ٿو ته ڪجلاسر جي ڪپ تي پهچي وڃي ٿو ۽ سڏونت- سارنگا جا قصا ڇيڙي ويهي ٿو:
سونا ڦل سَڳين ۾،
ڇيرن ڇَمڪارُون
ڪجلاسر جي ڪپ تي.
ورثي ڪارڻ ورچيون،
ڪولهِيءَ ڪُوڪارُون
ڪجلاسر جي ڪپ تي.
منهنجي خيال ۾ ڀارُوءَ غزلن جي ڀيٽ ۾ نظم ۽ وايون جاندار رچيون آهن. هن جا نظم: ’منهنجي ديس جا ليکڪ‘، ’مون ڪاسٻي جي مندر ۾ هن کي پاتو‘، ’پر هوءَ ڳاڙهي آهي‘، ’عشق کي اوتار مڃيندس‘، ’سنڌ راڻي‘، ’آءٌ ٽراٽسڪيءَ سان رهاڻ ڪرڻ ٿو چاهيان‘، ’هو ڇاڇري جو سورج‘، ’جهانسي جي راڻيءَ جي تلوار‘، ’ڌرتيءَ جا راسوڙا‘، ’روپلو ڪولهي‘، ’حشو ڪيولراماڻي‘ ۽ ’لورڪا جو فڪر‘- سندس ڏيهي ۽ پرڏيهي شخصيتن کي خراج جا شاهڪار نمونا آهن. اهڙيءَ طرح نظم ’جهانسيءَ جي راڻيءَ جي تلوار‘ ۾ ڀارُو، شيخ اياز کان اُها مياڻ اُڌاري وٺي ٿو ۽ اهڙن جاندار ڪردارن تي نظم لکي، پنهنجي علمي ادبي شعور سان گڏ روشن خياليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.
اُميد ته ڀاروءَ جي ڪتاب ’مُرڪن مالهائون‘ نئين ٽهيءَ ۾ پيدا ٿيل هڪ تخليقي خال کي ڀرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو.

No comments:

Post a Comment