10/01/2013

”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



شيخ اياز جي شعري مجموعي
”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
شيخ اياز جي شعر جو هيءُ ٽيون مجموعو آهي، جو ڪتابي صورت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس پهريون مجموعو، ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ جون ۱۹۶۲ع ۾ ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ وارن پڌرو ڪيو، جنهن کي سنڌ دشمن ون يونٽي حڪومت، سنڌ ۽ سنڌي ادب جي بدخواهَن جي چُرچ تي، ٻه ورهيه پوءِ، مئي ۱۹۶۴ع ۾ ضبط ڪيو. سندس ٻيو مجموعو، ’ڪلهي پاتم ڪِينرو‘، ۱۹۶۳ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي پڻ پنج سال پوءِ، ۱۹۶۸ع ۾ ساڳئيءَ حڪومت ساڳين ماڻهن جي چوڻ تي ضبط ڪيو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي هن بيمثل شاعر ڪافي ڪجهه شعر چيو، جيڪو سنڌ جي بحاليءَ ۽ خوداختياريءَ جي جدوجهد هلندي، وقت بوقت، خاص طور ماهياني رسالي ’روح رهاڻ‘ ۾، ڇپبو رهيو، ان دور جو سندس شعر، جنهن ۾ ’جل جل مشعل جل!‘ ۽ ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ ۽ ’رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘ جا ننڍا ڳُٽڪا ۽ ڪيترو ئي ٻيو ڪلام شامل آهي ۽ جيڪو مارچ ۱۹۶۹ع ۾ لڳل ٻئي مارشل لا تائين دور جي پيداوار آهي، ’وڄون وسڻ آئيون‘ نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اميد ته ترت ئي الڳ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو.

هيءُ مختصر مجموعو، جيڪو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ جي نالي سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، ان ۾ جيڪو به شعر آندل آهي، اهو مارچ ۱۹۶۹ع کان پوءِ جي ٻن مهينن جي عرصي ۾ تخليق ٿيل آهي. شعر جي مٿين ٻن ڪتابن جي ضبطيءَ کان سواءِ، اياز جو هڪ نثري ڪتاب، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ، پڻ، ۱۹۶۳ع ۾ شايع ٿيڻ کان پنج سال پوءِ خالص سنڌ دوستيءَ جي سزا طور، ۱۹۶۸ع ۾ ضبط ٿيو.
ڏسجي ته هاڻي سندس هن تازي ڪلام جي اشاعت تي سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي دشمن حضرات جو ڪهڙو ٿو رد عمل ٿئي! چڱائيءَ جي اميد ته منجهن اڄ به ڪانهي. تاريخ جي ثابت ٿيل حقيقت وطن جي غدارن بابت هيءَ ئي آهي ته هنن جي خمير ۾ سواءِ بدديانتيءَ ۽ بدڪرداريءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ سندس جواب بلڪ علاج اهو ئي آهي ته سنڌ جا انقلابي محب وطن پنهنجي وطن پرستيءَ جي جذبي ۽ عمل کي جيئن پوءِ تيئن وڌائين ۽ تيز کان تيز تر ڪندا رهن. اياز جي هن شعر ۾ به وطن تان سِر گهورڻ وارن لاءِ پنهنجي اعليٰ جذبي ۽ مقدس عمل کي وڌائڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو سڏ موجود آهي.
آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڇني ڌار ڪيو ويو. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ کي چؤکنڀو ٻڌي، ون يونٽ جي آڏو اڇلايو ويو. سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي اردوءَ جا وڏي طمطراق سان طبل وڄڻ شروع ٿيا. سنڌي ٻارن کي اردو زوريءَ سيکارڻ جاري رکي ويئي ۽ اردو بازن کي سنڌي سيکارڻ بند ڪئي ويئي! عوام جي تنگ گذراني وسيلن تي قبضا ٿيا. ماڻهن جي زبانن تي ماٺ جون مهرون لڳنديون رهيون. ايوبي دور جي آمريت پنهنجي ننگي روپ ۾ نروار ٿي- ’پاڪستانين‘ ۽ ’مسلمانيءَ‘ جي نالي ۾ عوام جي هر قومي امنگ کي نهوڙڻ جي ڪوشش عمل ۾ آئي. اختيار ۽ اقتدار جي صاحبن پنهنجي پوري طاقت ان تي صرف ڪئي ته سنڌ پنهنجي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ مان اڀري نه سگهي. ايتري لُڙ ۽ انڌڪار ۾ سنڌي شاعر ۽ سنڌي اديب اميد جو ڏيئو ٻاريو ۽ اهو ٽمڪندو رهيو-
هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس!
مون ڪيڏيءَ جَرَ جي جهاڳ مٿان هي ديپُ جلايو آ، پيارا!
تان جو نومبر ۱۹۶۸ع ۾ هي سحر ٽٽو، عوام جون اکيون کليون ۽ عوام اٿيو ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا قلعا ڀرڻ شروع ٿيا. نومبر ۱۹۶۸ع ۾ ون يونٽ جي شڪنجي مان پاڪستاني قومن جي ڇوٽڪاري جو اعلان ٿيو ۽ پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي اولهه پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌي عوام جو سڳورو سنڌ ديس پڻ ٻيهر دنيا جي نقشي تي اڀريو، برحق ۽ بحال ٿيو.
وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي ۽ اهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. اُن ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اَجهل نفرت ۽ بي پناهه غصو موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن جا دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿاڪري سگهن ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي ۱۹۵۴ع ۾ ٽه ماهي رسالو ’مهراڻ‘ شايع ٿيو ۽ ان ۾ اياز جو ۽ ٻين  قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو ۽ هو ڀُو ڀُو ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مڙي آيا ۽ اڄ تائين انهن ۾ اهو ئي شور ۽ غوغا، اهو ئي ڏنگ ۽ اهو ئي زهر اوترو ئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجهن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبان ان بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ ان کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا آزاديءَ ۽ انسانيت جو ادب ۽ فن ۽ ان ادب ۽ فن جا اپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اجهل ۽ اَڏول، پنهنجا ڪنڌ اوچا ڪيو، سرها ۽ سوڀيارا، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندا ۽ للڪاريندا ٿا رهن.
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
 اعلان هزارين، مان نه رڳو!
اياز تي سنڌ  جي ذهني سجاڳي ۽ سياسي خودداري ڏيندڙ فڪر تي پهريان وار جن ڪيا ۽ جتان ٿيا، اهي ڪنهن کان ڳجها ڪونهن. پنج، ڏهه، ويهه نه، پر ستر ستر، اَسي اَسي بلڪ سوين ۽ هزارين ليک، الڳ الڳ ۽ سلسليوار، لکبا رهيا، ڇپبا رهيا ۽ ترجما ٿي، غدارن جي آقائن وٽ رسندا رهيا. سنڌي ليکڪن ۽ انهن جي ترجمن کان اڳتي وڌي، اردوءَ ۾ ليک ۽ ڪتاب لکيا ويا ۽ پنهنجن ان داتائن کي پهچايا ويا. بي نام، گمنام ۽ بدنام نالن سان عرضيون ۽ اظهر ناما هن جي حضور ۾ الڳ پيش ٿيندا رهيا. هڪ ئي مخصوص ۽ نامَ ڪٺيءَ اخبار ۾ هڪ نه، ڏهه نه، ويهه نه، پر سوين ايڊيٽوريل آيا. هر آرٽيڪل، ايڊيٽوريل، عريضيءَ توڙي اظهر نامي جي تانَ ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان جي هڪ ئي تار تي ٽٽندي رهي.
ظاهر ته غدار ۽ غاصب جو واسطو ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان سان رڳو نالي جو هوندو آهي پر پهريون ۽ آخري واسطو سندن پنهنجي غرض سان ٿئي ٿو. اياز، سنڌ جي نئين فڪر کان سندن پنهنجو وجود نامسعود خطري ۾ هو ۽ آهي. جيڪي هزارن لکن پاڻ جهڙن انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي پٺيان چُچڪاري هلائڻ يا پنهنجي اڳيان هڪلي هلائڻ تي هريل هجن ۽ جن جي پيٽ پروريءَ ۽ خرمستيءَ جو دارو مدار انهن ئي ماڻهن جي رَت سَت تي هجي، ڏهڪاءُ ۽ ڏيک ئي فقط جن وٽ پنهنجي بچاءَ جا هٿيار هجن، تن جو سڄو سارو اسلام ۽ ايمان سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪوبه سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هلان ته ڇا، پر ان ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي ۽ جيڪو ائين ڪندو، ته ظاهر آهي ته اهو سندن انهيءَ اسلام ۽ انهيءَ ايمان جي دائري کان وٽن نڪتل ئي شمار ٿيندو. اهو ئي سبب آهي، جو هنن هيءُ سڄو عرصو پنهنجيءَ  سڄي ڪاوڙ ۽ ڪدورت جو نشان اياز کي ۽ سنڌ لاءِ نئين پيغام رکندڙ سنڌ جي نئين شعر ۽ نئين ادب کي بڻايو.
اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي، ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀيئي وارَ اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سِر تي سٺا. اسان جا سمورا ساٿي، خود اُهي جيڪي بنهه مُهڙ ۾ هئا، سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پنهنجو سينو سپر بنائي بيٺو.
پاڪستان جي ۲۳ سالن ۽ سنڌ جي شايد سڄيءَ تاريخ ۾، نجي فن ۽ ادب لاءِ، ڪنهن کان ايتري قرباني نه ڪڏهن گهري ويئي ۽ نه ورتي ويئي، گلائون، تهمتون، گاريون، دڙڪا، حملا، شهر نيڪاليون، نظربنديون، ڪال ڪوٺڙيون ۽ ڪيس مٿان ڪيس، هي ته اياز ۽ سندس وجود سڀ ڪجهه ٻڌو، ڏٺو ۽ سٺو ۽ ان کان پوءِ به نه هيڻو ٿيو ۽ نه پنهنجي راهه تان هڪ پير هٽيو ۽ هچڪيو. سچ آهي ته مقصد جي مومل کي، جي ماڻڻو آهي ته ڪاڪ محل کي سر ڪرڻو ئي پوندو، ميهر سان ملڻو آهي ته دهشت ڀرئي درياءَ جي لهرن ۾ لڙهڻو ئي پوندو، پنهنجي پنهل کي پهچڻو آهي ته ڪيچ جا جبل جهاڳڻا ئي پوندا، ملير جي مارن سان ملي مرڪڻو ۽ مڪهڻو آهي ته عمر جي قيد جا ڏيهاڙا ڪاٽڻا ئي پوندا.
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،
جني جي ورونهن، سڄڻ آيو مون ڳري.
اهو انسان، جو آزاد منش آهي ۽ پنهنجي اندر جي اجهل آواز کي ئي حق جي ڪسوٽي سمجهي ٿو ۽ پنهنجي عمل لاءِ آخري فيصلي جو اختيار ڏئي ٿو، هر حالت ۾ ۽ هر گهڙيءَ اهو ماڻهو دنيا کي پنهنجي ارادي جي آڏو جهڪائڻ جي جدوجهد ۾ رڌل رهي ٿو ان راهه ئي هيءَ جدوجهد ۽ اهڙي ماڻهوءَ جي نيڪ نيت ۽ اعلى ارادي جي ضمانت آهي. سرچاءُ ان ماڻهوءَ لاءِ خسيس سڌن ۽ ادنيٰ ارادن اڳيان هار مڃڻ جي برابر آهي. هن جو پڪو پهه، اَٽل ويساههُ جبل کي به هٽائي سگهي ٿو. ’آڏو ٽڪر ٽر، متان روههَ  رتيون ٿئين!‘ هُن جو مٿو رتو رت ئي سهي، پر اهو هميشه اُڀو ۽ اوچو رهي ٿو.
خود قربانيءَ، صبر ۽ سڀڪجهه سهڻ جو هيءُ سبق پنهنجيءَ پيڙهيءَ ۽ پنهنجن آئنده پيڙهين لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ جن به سنڌ جي سپوتن پنهنجي قول ۽ فعل سان قائم ڪيو آهي، انهن جي سٿ ۾ اياز جي جڳهه پهرينءَ صف ۾ آهي. پنهنجي دور جي اديبن ۽ فنڪارن جي ٻاريءَ ۾، بلڪ هند- پاڪ جي سڄيءَ ادبي تاريخ ۾، اياز جو هيءُ درجو يڪتا چئي سگهجي ٿو.  ڪاليداس، امير خسرو، شاهه عبداللطيف، غالب، ٽئگور، سر محمد اقبال، برصغير جا هي سڀيئي عظيم ۽ لافاني اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا لاڏلا ٿي رهيا، (غالب جو ڪجهه سَٺو، اهو ڪو پنهنجي ادب ۽ فن ۽ ان جي فڪري للڪار جي سزا ۾ نه پر سندس پنهنجي ذات لاچارين جو نتيجو هو ۽ اقبال ته اسان جي ست سمنڊ پار کان آيل حڪمرانن جي لقب خاص جو نوازيل هو ۽ پنهجي دور جي پست کان پست پيل جاگيرداري اقتدار جو آخر تائين وظيفه خوار به هيو!)
بهرحال، هو سڀيئي پنهنجي پنهنجي دور جي بيٺل ۽ مڃيل اقتدار جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان محفوظ رهيا، بلڪ ڪجهه گهٽ ڪجهه وڌ، ان جا دلبند ۽ پيارا بنيا رهيا. اهو انهيءَ ڪري هو، جو هو پنهنجي پنهنجي دور جي ان مڃيل ۽ بيٺل اقتدار جا ڪافر يا منڪر نه هئا. هنن جي سڄي انسان دوستي ماڻهوءَ جي اڪيلي مَنَ ۾ جهاتي وجهي، ان جي اسرارن کي پڌري ڪرڻ ۽ ان کي حيواني حد تان کڻي انساني حد تائين آڻڻ ۽ ان کان مٿي نيڻ تائين محدود هئي. اها ڪا پنهنجيءَ جاءِ تي رواجي ڳالهه ڪانه هئي، بلڪ واحد مقصد انساني اصلاح ۽ ارتقا جي سمورين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو اصل کان اهو ئي رهيو آهي. پر هنن انساني خير واسطي حق ۽ حسن جي تلاش ۽ تبليغ ۽ سلسلي ۾ اهو لازمي نٿي ڄاتو ته سندن دور جي سماج کي قائم رکندڙ، اڪيلن انسانن کان الڳ ۽ پرانهين، عام مڃيل ۽ سوگهي بيٺل سياسي يا مملڪتي اقتدار کي به رد ڪيو، للڪاريو ۽ ڊاٺو وڃي. منجهانئن جيڪي ان اقتدار جا نوازيل ۽ وظيفه خوار نه هئا، انهن جي طبَع جي ڪيفيت ۽ تخليقي عمل جي پکيڙ ۽ پهچ به افلاطون جي فيلسوف‘  کان گهڻي مٿي ڪا نه هئي، جيڪو ’ڏسي ٿو ته کيس ڪو ساٿي ڪونهي، جنهن جي مدد سان هو وڌي حق جو بچاءُ ڪري ۽ سلامت رهي سگهي! پاڻ کي هو ائين سمجهي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو وحشي درندن جي وچ ۾ رهندو هجي. انهن جي انياءَ ۽ پاپ کي نظر انداز ڪري يا قبولي، ائين ته هو نٿو ڪري سگهي ۽ جي مقابلو ڪري ٿو ته وستيءَ جو يا ڪنهن ٻئي جو ڪو ڀلو ڪري سگهي، تنهن کان اڳتي پنهنجي جان گنوائي ويهندو ۽ ائين اجايو پنهنجي ڪم کان به ويندو ۽ دنيا جي ڪم کان به ويندو. اهي ويچار دل ۾ آڻي، هو ماٺ ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجيءَ پَر ۾ جو ڪم هو نيڪ ۽ ضروري سمجهي ٿو، سو ڪم ڪندو رهي ٿو، بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر، جيڪو سخت طوفان ۽ آنڌيءَ ۾ وٺجي ويو هجي ۽ مٽيءَ ۽ ڳڙن جي بوڇاڙ کان بچڻ لاءِ ڪنهن ڀٽ جي آڏ ۾ ويهي رهيو هجي.
دنيا جي ههڙي ماٺ ميٺ ۾ پيدا ٿيل عظيم فلسفي ۽ عظيم ادب جتي انسان جي حيواني امنگن کي ٺاري ۽ ٺيڪ ڪري انسانيت جا معيار آهستي آهستي وڌايا ۽ انساني زندگيءَ جي هر دائري ۾ اعليٰ اخلاقي قدر پيدا ڪيا، اتي انهن معيار ۽ قدرن تي نه پهچندڙ، بلڪ انهن جي ضد ۾ هلندڙ سياسي اقتدار جي مالڪن کي هر وقت مجبور پڻ ڪري بيهاريو ٿي ته، جي سچ پچ نه ته ڪم از ڪم دعويٰ جي صورت ۾ ئي سهي، هو انهن معيار ۽ قدرن سان پنهنجي اقتدار جي وابستگيءَ ۽ مطابقت جا وڏي واڪ اعلان ضرور ڪندا رهن! جنهن جو بهرحال هيءُ ته نتيجو ضرور نڪتو ٿي ته جيڪڏهن افلاطون جا ’فيلسوف‘، سندس خواهش پٽاندر، پاڻ بادشاهه نٿي بڻجي سگهيا، ته بادشاهه انهن جي فلسفي  کي پنهنجي مفاد ۾، هر وقت ۽ هر هنڌ، ڏاڍيءَ چالاڪيءَ ۽ چرب زبانيءَ سان استعمال ۾ ضرور آڻيندا رهيا ٿي.
ظاهر آهي ته جڏهن انساني فلسفو ۽ ادب ائين وقت جي اقتدار جو، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت، هٿيو ٿي ڪم اچڻ لڳي، تڏهن هڪ ته اهو فلسفو ۽ ادب حڪمران جي ضبطيءَ ۽ ظلم کان بچيو رهي ٿو ۽ ٻيو ته ان حالت ۾ ادب ۽ فلسفي جي بنهه نئينءَ جنس جي گهرج ٿئي ٿي ۽ ان جا اپائيندڙ دستوري اديبن وانگر ماٺيڻا ۽ ڪنهن ڀت جي آڏ ۾ اجهاپي وٺندڙ نه، پر ميدان جا مرد ۽ ڪوٽن جي ڪُنگرن تي ڪمند وجهڻ وارا ڪي لينن، ڪي مائوزي تنگ، ڪي هوچي من، ڪي جيولس فيچڪ، ڪي حيدربخش جتوئي، ڪي گل خان نصير، ڪي جي- ايم- سيد، ڪي اياز ۽ ڪي رسول بخش پليجا هوندا آهن. نئين دور جا هي نوان ڏاها ۽ نوان اديب ۽ شاعر قبيلي ئي ٻئي جا آهن ۽ هنن جو ادب ۽ هنن جو فڪر پختي کُتل ۽ سڀ کان آڻ ۽ عقيدت جي ڏن وصول ڪندڙ هر اقتدار، هر تقدس، هر ڍونگ ۽ ڍڪوسلي کي رد ڪري ٿو. للڪاري ٿو ۽ ان سان وڌي وڌي وچڙي ۽ وڙهي ٿو- ’اوشال عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي واهيرن جي!“
اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما، سندس طالب علميءَ جي ڏينهن ۾ به ڳايا ويندا هئا.
او باغي، او راڄ دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني!
مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ۾ اياز ۽ ٻه چار ٻيا دوست ڪراچيءَ مان هڪڙيءَ ريتي ڍوئيندڙ کٽاري لاريءَ ۾ چڙهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪ سيٽ لاءِ ڪامريڊ عبدالغفور جان سرهنديءَ جي چونڊ لڙڻ واسطي گڏجي نڪتا هئاسين ۽ پورو مهينو ٿر جي ڀٽن ۾ اسين لاريءَ جي ڍانڍي تي چڙهيا، ڀٽڪندا رهيا هئاسين ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اياز سان گڏ اياز جو گيت-
انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ!
جئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ چونڪ،
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ،
جئن ڏئي اٿي جواب- انقلاب!....
ڳائيندا رهيا هئاسين. پوءِ ۱۹۴۶ع ۾ رسالو ’اڳتي قدم‘ نڪتو، جنهن سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر ان ٿورڙيءَ حياتيءَ ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو. ترت ئي انگريزن ملڪ ڇڏيو ۽ ساڻن گڏ لکن ماڻهن پنهنجا هزارن سالن جا ٺهيل ماڳ ۽ مڪان ڇڏيا ۽ ڪروڙن انسانن انسانيت جا سمورا سکيل سبق- محبت جا، مروت جا، شرافت ۽ فضيلت جا- الف کان ي تائين ائين وساريا، ڄڻ اهي انهن سکيا ئي ڪونه هئا. دوئيءَ ۽ ڌڪار جا دئيت پنهنجين اونداهين ۽ ڀيانڪ چُرن منجهان نڪري، سڀني پاسي پکڙي پيا. درندگيءَ جي هن عام دٻڙدؤنس ۾ هڪ ديانتدار آرٽسٽ ڪو وقت، افلاطون جي ’فيلسوف‘ وانگر، ڪا ڀٽ آڏ ڏيئي، پنهنجي دک ۽ پيڙا جون گهڙيون ڳڻي ويهي نه گذاري، ته ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي! ناسازگار ماحول سان ٽڪر کائڻ بيسود سمجهي، وقتي پاسو جهلي ويهڻ ۽ ابدي سچ ۽ صداقت ۽ سهارو ڳولڻ- اهو فرار نه آهي ۽ جي فرار آهي ته اهڙو فرار ڪو ڏوهه نه آهي. هر انقلابيءَ کي ڪڏهن اهڙيءَ صورتحال ۾ گهارڻو ئي پوي ٿو، بشرطيڪ هو ماحول سان سرچاءُ نه ڪري، هن جي اهڙي وقت ۾ ماٺ، سا خود به وڏو جهاد آهي.
اياز جي هن دور جي شاعريءَ ۾ ’ازل‘ جو لفظ بار بار اچي ٿو، ڇو ته هڪ مجبور فنڪار ان ۾ ئي داخلي سڪون حاصل ڪري ٿو ته ’انت حق ۽ صداقت کي فتح آهي، ۽ آءٌ ان سان آهيان.‘ ۱۹۵۴ع ۾ ٽه ماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي شروع ٿيڻ تائين جيڪي سال گذريا، اهي اياز جي انهيءَ داخلي زندگيءَ جي دور جا سال هئا. ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ وارو شعر جو مجموعو گهڻي قدر اياز جي انهيءَ داخلي ڪيفيت جي پيداوار آهي.
۱۹۵۶ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ سان جيڪو ناحق ٿيو، ان جي خلاف جدوجهد سنڌ ۾ ساڳي بغاوت جاڳائي، جيڪا انگريز سامراج جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اٿي هئي. سنڌ جي تهذيب ۽ زبان تي ڏاڍي ڪنهن نحس ستاري جو پاڇو آيل هو. ائين ڏسجي رهيو هو ته سنڌ جا شاعر ۽ اديب ڄاڻ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ڪنهن ٻيءَ تهذيب جا بنهه ڪي ٿرڊ ريٽ نقال بنجي ويندا. عين هن آزمائش جي گهڙيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي ٻولي، پنهنجون روايتون، پنهنجي تهذيب جو احساس، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجو آڪاس موٽائي ڏنو. ان کان اڳ جو جديد سنڌي شاعر شيراز ۽ لکنؤ جو ڪو لوڌيل وائڙو پينو معلوم ٿيندو هو، جنهن جي ٻولي ٽي حصا اردو ۽ فارسي، جنهن جي شاعريءَ جو مڪاني رنگ به غير سنڌي، ان جا گل، ٻوٽا، وڻ، جبل، درياءَ، لوڪ ادب، اشارا، تمثيلون، ڪنايا، روايتون ۽ ڪردار به سڀ غير سنڌي هئا. انهن جي هر ڳالهه مان ڌاريائپ جي بُوءِ ٿي آئي.
هڪ پوئلڳ ۽ پاڻ کان بيزار قوم جا اهي ئي پرڪار هوندا آهن. سنڌ جي ادب کي سنڌي ڪري جياريو وڃي ۽ ان لاءِ منجهس هر ڳالهه جي پنهنجائپ پيدا ڪئي وڃي. ان ۾ سنڌ جي ڪارونجهر ۽ کيرٿر، منڇر ۽ ڪينجهر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان، ڪراچيءَ ۽ ڪيٽي بندر، سنڌ جي لاک رتيءَ لوئيءَ ۽ اجرڪ، سنڌ جي سونهن ۽ ست سان سينگاريل سهاڳڻين جي هارَ سينگار ۽ ڳهن ڳٺن، سنڌ جي سدا ملوڪ جوان مردن جي پٽڪن ۽ ڪهاڙين، سنڌ جي همرچي، موري ۽ هوجمالي ۽ سنڌ جي وڻن ٻوٽن، جيتن ۽ جانورن، سنڌ جي پکين ۽ گلن ۽ انهن جي آزاد اڏام ۽ پُربهار رنگينين ۽ ساهه سيبائيندڙ سڳنڌ جو ورائي ورائي ذڪر آندو وڃي ۽ جڏهن سنڌ جي اڳيان هي شعر پيش ٿيو، تڏهن دنيا ڄاڻي ٿي ته سڄي سنڌ جهومي اُٿي ۽ ان جي لُونءَ لُونءَ  سُرندي جي تندن وانگر ٻري اُٿي ۽ اڃا تائين ٻُرندي رهي ٿي. هن شاعريءَ جي پنهنجائپ سنڌ جي نوجوانن تي اهو اثر ڪيو، جو سنڌ سان وفاداريءَ جي ڏوهه ۾ جهليل هي سَون جا سَو قيدي جوان، جيلن ۾ ائٽ ڪتيندي، کٿا اُڻندي ۽ چڪيون پيهندي، ان کي گڏجي ڳائيندا رهيا ۽ هينئر به جتي آهن، اُتي ڳائيندا رهن ٿا.
نومبر ۱۹۶۸ع فيبروري ۱۹۶۹ع جي عوامي جمهوري تحريڪ ۾ قيد ٿيل سنڌي ۽ مهاجر ڪراچي جيل ۾، سڀ جا سڀ گڏجي، تاڙين جي تار تي، ’هُڙڪ هلو! ڌيمي هلو!‘، ڳائيندا هئا ۽ لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندا رهندا هئا. سنڌ جي سپوت ۽ مٿانس ساهه صدقي ڪندڙ سرويچ، حفيظ قريشيءَ، جو چوڻ آهي ته، ”جي سنڌ آزاد ٿيڻي نه هجي ها ته شيخ اياز پيدا نه ٿئي ها!“- ”سنڌ جو آواز شيخ اياز.“ نئين سنڌ جو هڪ عوامي نعرو بنجي چڪو آهي ۽ جتي به سنڌ ۾ ڪو عوام دوست ۽ انقلاب پسند ماڻهن جو جلسو يا ميڙ ٿئي ٿو، اُتي اڄ وڏي جوش ۽ اوچي آواز سان اهو نعرو ٻُري ٿو:
”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو! سهندو ڪير ميار، او يار!“
”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سِيس نمايان، مِٽي ماٿي لايان!“
هي ۽ ٻيا گيت دلپسند ترانا بنجي چڪا آهن ۽ کانئن هر مجلس ۽ محفل ۾ گهُري گهُري ڳارايا وڃن ٿا. اهو ساڳيو اياز، جنهن کي پنج سال اڳ حيدرآباد منجهان گهڙيءَ جو نوٽيس تي، پنجاهه پوليس وارن  جي پهري هيٺ، شهر بدر ڪيو ويو، جڏهن ڪراچي جيل مان ڇُٽي جنگشاهيءَ جي اسٽيشن تي پهتو، تڏهن هزارها ماڻهن ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا هنيا ۽ سندس ريل گاڏيءَ کي زوريءَ روڪائي ’کانئس سهندو ڪير ميار، او يار! سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!‘ چورايو ۽ ان کان پوءِ ڪوٽڙيءَ  جي اسٽيشن تي انبوهن سندس آجيان  ڪئي ۽ نيٺ جڏهن حيدرآباد اسٽيشن تي پهتو، تڏهن ويهه هزار ماڻهو اتي کيس ڏسڻ لاءِ موجود هئا ۽ اتان کيس جلوس ۾ نيئي، هنن قلعي ۾ سنڌ جي امر سپاهيءَ هوشوءَ شيديءَ جي قبر تي ويهاري، کانئس سندس شعر ٻڌو ۽ اهڙيءَ عقيدتمنديءَ جي جذبي ۾ سرشار ٿيل لکن ماڻهن اياز کي حيدرآباد کان سکر تائين هر ريلوي اسٽيشن تي مانُ ڏنو ۽ سکر اسٽيشن تان ڪلهن تي کڻي، ڳائيندي، نعرا هڻندي، پراڻي سکر ۾ سندس گهر تائين کيس پهچايو.
انقلابي شاعر جي دنيا جون ٻه صورتون ٿين ٿيون، هڪ داخلي ۽ ٻي خارجي ۽ هو هڪ ئي وقت پنهنجي دنيا جي انهن ٻن نظارن منجهه رهي ٿو. داخلي صورت هن جي دنيا جي اها آهي، جتي هو حقيقتن جي تلخيءَ کان بيزار ٿي، پنهنجي عوام ۾ دنيا جي عوام جي مستقبل جا خواب لهي ٿو ۽ اهي خواب سندس من جي پيڙا جا پاڇا بنجي، هن جي شعر ۾ ظاهر ٿين ٿا ۽ اهي سندس شعر يا اهو ان جو ڪيف ۽ رنگ عالمي آفاقي ٿئي ٿو. هن جي دنيا جي خارجي صورت اها آهي، جڏهن هن جي پنهنجي سماج جون انقلابي قوتون ايتريون اڀريل هونديون آهن، يا هو سمجهندو آهي ته اڀريل آهن، جو  اهي اڳتي وڌي، پنهنجي وس ۽ مرضيءَ سان سماجي ڦير گهير آڻي سگهن، تڏهن هو پنهنجيءَ شاعريءَ کي انهن ميدان ۾ بيٺل، جهيڙي ۾ رڌل ۽ اڳتي وڌندڙ انقلابي قوتن جي جولاني امنگن ۽ اَٽل ارادن جو ترجمان بنائي، ويڙهاند جي ميدان ۾ انهن سان گڏ آڻي بيهاري ٿو ۽ سندس اها شاعري سندس سماج جي پوري عوام جي پنهنجي شاعري بنجي وڃي ٿي.
اياز جي شاعريءَ ۾ سندس هنن ٻنهي دنيائن جون تجليون موجود آهن. عظيم لينن ’آرٽ اَئنڊ لٽريچر‘ جي نالي سان پنهنجي هڪ تصنيف ۾ انٽرنيشنل تراني جي خالق، گاٽيئر (Gautier) لاءِ چيو ته، ”هو گيت ۾ بهترين پروپيگنڊا ڪندڙ آهي!“  اياز جو هر گيت پروپيگنڊا ڪندڙ آهي ۽ ساڳئي وقت جيئن ئي ۽ جڏهن به، هاڻي يا ڏهن سالن، ويهن سالن يا سئو سالن کان پوءِ، ان جو اهو رول پورو ٿيو ته به اهو پنهنجي عالمي ۽ آفاقي معنيٰ سان ادب ۽ فن جي امل ماڻڪ طور ائين قائم رهندو. فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean Cocteau) کان ڪنهن پڇيو ته، ”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ ان ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي ان مان ڇا کڻي ايندين؟“هن وراڻيو” آءٌ اتان اها باهه کڻي ايندس!“
اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر ان ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اها باهه، ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، ان ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته اتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙبا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا. ٽراٽسڪيءَ ميڪسيڪو جي جلاوطنيءَ ۾ ميڪسيڪو جي عظيم انقلابي آرٽسٽ، ڊيگو ريوير (Diego Rivera) سان گڏجي دنيا جي اديبن ۽ فنڪارن جي انجمن ٺاهي هئي، جنهن جو پڌرنامو پاڻ لکيو هئائين، ان ۾ چيو اٿس ته، ”فن انقلاب جو بهترين ساٿي آهي.“ هيءَ هڪ عجيب اتفاق جي ڳالهه آهي، جو ون يونٽ جي پوئين ڏينهن ۾، اولهه پاڪستان جي ٽنهي مظلوم قومن جا وڏي ۾ وڏا فنڪار هڪ ئي وقت هڪ ئي جيل ۾ بند هئا. بلوچي ٻوليءَ جو بهترين قومي شاعر گل خان نصير، پشتو زبان جو بهترين قومي شاعر اجمل خٽڪ ۽ سنڌيءَ جو بهترين قومي شاعر شيخ اياز، ۱۹۶۸ع جي پوئين مهينن ۾، ملڪ جي ۱۳ ٻين چوٽيءَ جي سياسي قيدين سان گڏ، ساهيوال ۽ پشاور جيل جا قيدي هئا. فن جو انقلاب سان اهو بهترين ساٿ ئي انقلاب جي بهترين پروپيگنڊا آهي، جا ئي انقلاب دشمن قوتن جي راوڻ کي جلائي ڀسم ڪرڻ لاءِ بهترين اماڙيءَ جو ڪم ڏئي ٿي. انقلابي شاعر ۽ اديب اهو ڪم زندگيءَ جي خارجي نظاري منجهه رهي ڪري ۽ ان جي اثر ۽ تقاضا هيٺ، سرانجام ڏئي ٿو.
ادب جو انقلاب سان ساٿ ۽ ان لاءِ بهترين پروپيگنڊا ٿي ڪم اچڻ فقط ان صورت ۾ ممڪن آهي، جو ادب پهريائين ادب هجي، عالمي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي زنده سالار، مائوزي تنگ، چيني اديبن جي ينان ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، ’فن جيسين پهرين ’فن‘ نه آهي، تيسين اهو پروپيگنڊا جو اهل ٿي نٿو سگهي.‘ اياز جي فن کي سنڌي قوم جي انقلابي تحريڪ لاءِ بهترين پروپيگنڊا جي اهميت انهيءَ ڪري ملي آهي جو اهو پهرئين فن آهي. ۽ پروپيگنڊا پوءِ آهي. جيئن حُسن جو ڇيهه ڪونهي،
اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سَنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اُڀري ٿو- ’عدد ناهه عشق پڄاڻي پاڻ لهي!‘ سادا ۽ سهڻا لفظ، انهن جي چوڻ ۽ انهن جو پورو پورو استعمال، شعر جي رواني ۽ نغمگي ۾ ان جو دلبرانه انداز، ڪڏهن ننڍڙا ۽ نزاڪت ڀريا وزن ۽ بحر، ڪڏهن ڊگها ۽ سنگلاخن مان ويندڙ سوارن جو جولاني ترنم، زبان تي بنهه هوا کان هلڪا لڳندڙ رديف ۽ قافيا، هندي ڇيد جو بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال، لوڪ گيتن جون ڌنون ۽ انوکيون علامتون ۽ اشارا اهڙا، جو معنائن جي موتين سان خالي جهول ڀرجيو وڃن ۽ دل ورائي ورائي جهونگارڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي! ڪهڙيون ڪهڙيون سِٽون آهن، جي اياز جي شعر جون پنهنجي ترنم، حسنڪاريءَ ۽ ميٺاج سبب دل ۾ گهر ڪري نٿيون ويهن! مون سون اهڙن نوجوانن کي ٻڌو آهي، جن کي اياز  جا سڄا سڄا نظم، گيتن جا گيت سَوَن جا سوَ  بيت، دوها ۽ وايون برزبان ياد آهن،  قومي جدوجهد جي هر دور ۾ اياز ڪي اهڙيون تز سٽون لکيون آهن، جيڪي ان دور جي تاريخي روح جون ترجمان هئڻ سان گڏوگڏ فن جي لطيف ۽ پهچ کان ٻاهر بلندين جا نشان پڻ آهن، مثال طور:
*
جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي
*
ڏسي ڏکيا ڏِيل، ڳوڙها ڳلِ ڳڙي پيا
*
او ڌرتي، او ماءُ، تنهنجي کِهه منهنجون اکيون
*
ڳوڙها ڳاڙ نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ
*
واسينگن جي واٽ، آهي سفر سچ جو
*
سانڍيا منهنجي ساهه، ڏکڙا ساري ڏيهه جا
*
شال کسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ
*
جهڄي پيو مَنُ جهونجهڪڙي جو، سانجهي آ سُنسانُ
*
منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!
*
مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب
*
ڀري ڀري پيءُ، جيسين جيئين، گهڙيءَ گهڙيءَ جو جام
*
جيون- نيا مٺڙي مٺڙي سُر ۾ پئي ڪجهه ڳائي
*
ترس اي حسن ازل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نٿو!
*
اي زمانن جا ضمير! تنهنجي ڪهڙي منزل مقصود آ؟
راتڙي، هيءَ نور جي برساتڙي.
*
مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا، ڪٿي سڀ الائي ويا، ڪير سمجهي!
*
تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ!
*
ڪنهن جي لاءِ ڪُماچ، صديون رهيو سانت ۾؟
*
تو جا سمجهي سِٽ، سا آڳ اٿئي انمول
*
سنڌڙي تنهنجو ساهه، جرڪيو منهنجي جيءَ ۾
*
روئي پيئي رت، سڏڪا ڀري سنڌڙي
*
ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟
*
اوري اَچ ته اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان
*
شال وسن او سنڌڙي، تنهنجا کيت وسن!
*
ڪانئر ڳولي ڪالهه، سڀاڻو سرويچ جو
*
ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان
*
سنڌڙي، مون کي سڏ ته ڏي، تون چپ ڇو آهين، ڇا هي؟
*
اي ڏورانهان! ڏسڪي تو ڏي ڪيسين پنهنجا نيڻ کڻان؟
*
سنڌڙي تنهنجو ساهه ’اياز‘، مري نه ٿيڻو آهي مات
*
ڪرندا آخر ڪوٽ ڪڏهن، ماروئڙو! او ماروئڙو!
*
ٻولي گولي ناهه ’اياز‘، ان جو وس فقط واڪو
*
تنهن جِيون کي آڳ لڳاءِ، جنهن ۾ ناههَ ڪَرم جو ڦل
 *
او منهنجا محبوب وطن! تو سان ساڳيو لونءَ لڳاءُ
*
سهنجو سمجهه نه سِٽ کي، نور نچوئي لک!
*
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي!
*
هن گهڙيءَ، هن ويرَ، هلندي ڪائي هوت ڏي؟
*
سنڌڙيءَ شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو
*
سُک نه سنڀري سنڌڙي، اُڀري سج لٿا
*
گهاٽ مٿان گنگهور گهٽا ۽ اڄ ڪلهه جو انسان
*
ساڀيا ۽ سپني ۾ ويڇا جو به مٽائي، ٻول انهيءَ جي ٻانهڙي آهيان
ڳاڙها ڳاٽ، سگهارا ڳڀرو، پنڌ، پرينءَ جو پُور،
الو ميان! ديس نه دل کان دور
*
سَڌ سهانگي، مڌ مهانگو، سر جو سودو ڪير ڪري!
مو کي ويٺي مَٽ ڀري!
*
ڳڀرو ڳهرا، ديس اسارو، موڳو منهنجو مَنُ
*
عشق عقاب، پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي!
ڪير انهيءَ کان کٽي؟
*
سنڌڙي، تنهنجو نانءُ وَتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو
*
هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ ’اياز‘ نه مرڻي آ!
*
هي ماڻهو وهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تيئن رُڪ ٿيا
*
ميهار ملڻ جي ويلا آ،
ڪر ڳالهه گهڙن ۽ گهيرن جي.
*
گُجري توتي گج ته آ، پر
جُهڙ ۾ ڪاوا جهڙا ڪک، ڇر تي ڇوههُ، ڇَمر جا پاڇا
*
تانگهه نه تاڙي تانگاه تڙ، اَؤتڙ اَؤتڙ آءُ ميان!
*
 تون ته ڪنڌيءَ جو ڪانڌ ميان،
هاءِ ڪُنڍيءَ ۾ منهنجو من!
 *
اوءِ ڪجري گُجر، پير هوريان ته ڌر،
هاءِ گهاگهر نه ڇُلڪي پوي‘
*
اي ڪينجهر، تنهنجي ڪنڌيءَ تي
ڪوئي ته تماچي اچڻو آ!
*
 جنهن وقت به ڪو، مون گيت چيو، هن ڌرتيءَ جو
ڄڻ ڪوئي قرض چُڪو آهي
*
رات آئي وئي، تون نه آئين ڪَهي،
ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي!
*
ڪَنول ڪَنول تي تنهنجا ڳل، ٿيندي ماڪَ مهل
انڌو اُڀ انڌاري ڌرتي، ڏيئا ڏيئا ڳاٽ مان...
*
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو!
پنهنجي پنهنجي ڏينهن ۾ توڙي پوءِ، هي ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيئن جڙيل هيرن جي لڙهين ۾ پوتل سٽون سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ مصروف نوجوانن، اديبن ۽ ادب سان واسطي رکندڙ هزارها ماڻهن جي ورد زبان رهيون ۽ انهن لاءِ مشعل راهه ٿي ڪم آيون. قومي جدوجهد سان اهو ساٿ ۽ ان لاءِ بهترين پروپيگنڊا جو هي ’ڪم‘ اياز جو شعر خاص طرح ۽ سنڌ جو نئون ادب مجموعي طور فقط تڏهن ادا ڪري سگهيو، جو سنڌ جي عوام ان ۾ پنهنجي ۽ بني نوع انسان جي امنگن جو عڪس ۽ ساڳئي وقت اعلى قدرن جي حسن آرائي ۽ جاذبيت موجود ڏٺي. هيءَ هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي ته، هڪ وڏيءَ حد تائين، سنڌ جي نئين سياست شيخ اياز جي شعر ۽ جي- ايم- سيد جي نثر جي ئي پيداوار آهي.
اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو، جيڪو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ جي عنوان سان هتي پيش ٿي رهيو آهي، ان ۾ ٻه منظوم ڊراما، جن کي مغربي ادب ۾ اوپيرا (Opera)  سڏجي ٿو، ۱۹ وايون ۽ گيت، ۳۷ غزل ۽ ۱۸ نظم آيل آهن. منظوم ڊرامائن ۾ ’دودي سومري جو موت‘ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن جا ڪردار پراڻا به هاڻوڪا به آهن. هيءُ ڊرامو قومي  جدوجهد جي پڌر تي زندگيءَ ۽ موت بابت ٻن مختلف نظرين جي عملي اظهار جو ڊرامو آهي. هڪ نظريو اهو جو انسان هر قيمت تي جيئڻ ۽ جيئڻ جو لطف وٺڻ گهري ٿو، عزت ۽ ذلت توڙي ٻيو ڪو اخلاقي قدر، انفرادي توڙي اجتماعي نوع جو، هن لاءِ ان سلسلي ۾ بي معنيٰ ٿين ٿا، ٻيو نظريو اهو، جنهن ۾ زندگيءَ لاءِ ايترو پيار ۽ پاٻوهه ۽ موت کان ايتري لاپرواهي ۽ بي اونائي آهي، جو جيئڻ لاءِ جيڪڏهن ماڻهوءَ کي مرڻو پوي،ته هو بي ڌڙڪ موت جي منهن ۾ هليو وڃي.
زندگيءَ جي سهڻين ۽ سٺين شين کي ٻنهي منورتين وارا ماڻهو چاهين ٿا، پر هڪڙا انهن شين کي مفت ۾ ائين ماڻڻ گهرن ٿا، جيئن اهي آهن يا کين ميسر ٿين، ٻيا اهي جيڪي پنهنجي جاکوڙ سان زندگيءَ کي وڌيڪ سهڻو ۽ سٺو بنائڻ به گهرن ٿا ته جيئن کين تنهان ئي وڌيڪ سهڻيون ۽ سٺيون شيون ماڻڻ لاءِ ملي سگهن ۽ ان جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ کين جيئڻ جو اهو ئي رس ملي ٿو، جيڪو خود انهن شين جي ماڻڻ مان کين ملي ٿو. چنيسر جو مَنُ موت جي خوف ۾ ورتل من آهي ۽ هو عزت جي موت کان ذلت جي زندگي بهتر سمجهي ٿو ۽ گيديءَ وانگر ڏهه ڏهه ڀيرا موت مري به زنده رهڻ گهري ٿو، ڇو جو:
”ڏاهپ جو آ ڏس اهو ئي،
جيئڻ جهڙو جس نه ڪوئي.“
*
”هر شيءَ اچڻي وڃڻي آهي،
هر شي ڀيري ڀڃڻي آهي،
جيڪي آهي سو هي پل آ،
ڏوهيءَ جو ساڻيهه به ساڳيو،
بي ڏوهيءَ جو ڏيهه به ساڳيو،
ڇو جو هر ڪنهن کي مرڻو آهي،
ڀونءِ جو اونهو ڀڀ ڀرڻو آهي.“
*
”موت ائين آهُن جي من ۾،
چچڙ جيئن ڪُتي جي ڪن ۾.“
 هِن ڊرامي جو ٻيو ڪردار، ڇولي ڪنڀارڻ، سنڌ ۽ سنڌي تهذيب جي علامت طور آندل آهي، جا پنهنجي اصليت وڃائي ويٺي هئي ۽ اوچتو پنهنجو هر روحاني قدر ڊانواڊول ٿيندي ڏسي، وري پنهنجيءَ اصليت ڏانهن واپس وري ٿي. ٻئي پاسي دودو آهي، جو زندگيءَ جو سرواڻ ۽ ان جو معمار آهي ۽ هو زندگيءَ جي حال ۽ مستقبل جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ موت ضروري سمجهي، کلندي ۽ خوش ٿيندي، پاڻ کي موت جي منهن ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. ا:نهيءَ لاءِ ته زندگيءَ جو سلسلو قائم رهي، وڌي ۽ ان ۾ وڌيڪ حسن پيدا ٿئي:
هر روز پتنگا ڄرڪن ٿا،
ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!
هڪ جوت ٻُجهي، ٻي جوت جلي،
هر وقت جهروڪا جهرڪن ٿا
ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!
هر اوندهه ۾، هر اوجهڙ ۾،
ڪي ماڻهو مُرڪن مَرڪن ٿا
ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين آ!
ڏس، ڏيئي- لاٽ اُئين ئي آ!
ٻيو منظوم ڊرامو، ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘، پڻ هڪ علامتي ڊرامو آهي، جنهن ۾ پڻ، طبقاتي جدوجهد جي پڌر تي، زندگيءَ ۽ موت جي ساڳين ٻن متضاد نظرين جو عملي اظهار ٿيل آهي. ان جا ڪردار ولهار ۽ وينگس ۽ آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو به ڪي رڳو پراڻي جُڳ جا يا ڪي لڪل ڪردار نه آهن. پڙهڻ سان چوڌاري هر ڪو انهن کي پنهنجي آسپاس ڏسي ۽ سڃاڻي سگهي ٿو. وينگس کي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ ولهار کي سنڌ جي آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۽ آڍي، ڪاڍي ۽ ڏاڍي کي انهن جي دشمن ڪردارن، مثال طور سامراج، جاگيردار ۽ سرمايه دار، جي صورت چئي سگهجي ٿو.
مارچ ۱۹۶۹ع کان پوءِ جا ٻه مهينا قومي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ آمريت جي خاتمي کان پوءِ جا ٻه مهينا هئا، جن ۾ عوام جي ان عظيم فتح تي چوڌاري خوشي به هئي ۽ ٻيهر مارشل لا جي اچڻ تي، رنج ۽ نراسائيءَ سان گڏ، اڳتي وڌي اڻ پوري انقلاب کي پوري ڪرڻ جو جذبو ۽ عزم پڻ عام هئا. اياز جو هن مجموعي ۾ آيل سڄو شعر، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، انهن ٻن مهينن جي دور جي تخليق آهي ۽ ان ۾ اها ئي ان دور جي خارجي حقيقت عڪس ٿيل ڏسي سگهجي ٿي. ذڪر ٿيل ٻن منظوم ڊرامائن کان علاوه اها رنج، نراسائيءَ ۽ اڳتي وڌڻ جي عزم جي عڪاسي هن مجموعي جي باقي شعر جي گهڻي ڀاڱي ۾ پڻ موجود  آهي. مثال طور، هيٺيان گيت، غزل ۽ نظم ان سلسلي ۾ پڙهي سگهجن ٿا:
هئه هئه ٻيريون جاڱريون!
هئه هئه آرتيون آڱريون!
*
وٽ جلائي ويهه
آئي رات اُماس جي
*
گهر گهر جوت جلائي،
سانجهي آئي.
*
ڪنب نه تون ڪاپائتي،
ڪنبڻ واريون ڪوههُ ڪتينديون!
*
ڳاڙها ڳڀرو  آئيا-
دولهه منهنجي ديس جا!
*
ونجهه تکيرا  وانجهيو!
گهاٽ پري آهي
*
چٽ پورا ڪيا گهڙي تي مون،
ڏس، نهائين اڃا تتي نه تتي!
*
شاعري، جي روح گرمائي نه ٿي
*
هر منزل کان اڳتي وڃ!
ڪنهن منزل تي پير نه ٺار
*
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي،
ڪي رند ڪڙو کڙڪائن ٿا
*
ڇا سوچان ٿو مان، ڪيئن چوان!
*
دل روز چوي ٿي دور وڃان
*
گهايل سوار کي
ڪارا ڪميت تون
ڪيڏانهن نيندين!
*
جت لُڪ لڳي، جت اڪ تپن،
سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!
*
ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!
مسافر،
ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ!
ادب ۽ فن جا ڪي نقاد اعليٰ ادب ۾ انهيءَ نموني ’پنهنجي وقت جي مسئلن جو ذڪر پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ‘ نه رڳو غير ضروري پر معيوب سمجهن ٿا. سندن راءِ موجب، ادب ۽ فن جي آفاقي ڪيفيت زمان ۽ مڪان جي اهڙي تعلق سبب قائم رهي ٿي سگهي. هنن جو چوڻ آهي ته ادب ڪنهن خاص قوم يا ڪنهن خاص وقت لاءِ نه، بلڪ عالمي اهميت جو ۽ مستقبل يعني ايندڙ نسل لاءِ هوندو آهي. هو ادب جي سماجي ڪارج کان گويا هن معنيٰ ۾ انڪاري آهن ته ادب کي ڪنهن هلندڙ وقت ۾ ۽ ڪنهن خاص سماج لاءِ ڪو ڪارج ادا ڪرڻ گهرجي. پر، ڪيوبا جي انقلاب جي سالار اعظم، فيڊل ڪئسٽرو، جي لفظن ۾ ”اسين چئون ٿا ته اهڙا ڪي به فنڪار ڪين آهن، جيڪي فقط ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي فن جي تخليق ڪندا هجن، پنهنجي ان راءِ کي رد ڪد کان مٿي نه سمجهندي، اسين اهو يقين رکون ٿا ته جيڪو به انهيءَ مفروضي تي هلي ٿو، اهو خود فريبيءَ جو شڪار آهي.
”ان جو اهو به مطلب نه آهي ته جيڪو فنڪار پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ڪاوش ڪري ٿو، تنهن لاءِ اهو ڪو امڪان ئي ڪونهي ته هن جي تخليق ايندڙ نسلن وٽ مقبول ۽ معروف ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن فنڪار ڪا تخليق پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ٺاهي ٿو، پوءِ اهي سندس پنهنجي وقت جا ماڻهو ان کي سمجهي به سگهن يا نه، تڏهن، بلڪل ان سبب ڪري ئي، اڳتي هلي، اها تخليق تاريخي ۽ عالمي اهميت حاصل ڪري سگهي. اسين انقلاب ايندڙ نسل لاءِ ڪونه آڻي رهيا آهيون، اسين انقلاب هن نسل جي ساٿ سان ۽ هن نسل لاءِ آڻي رهيا آهيون، پوءِ اهو ايندڙ نسل لاءِ ڪيتري قدر به کڻي فائدي وارو ٿئي ۽ ڪيتري قدر به کڻي اهو تاريخ جو هڪ عظيم واقعو ثابت ٿئي.
”اسين مستقبل جي ماڻهن لاءِ انقلاب ڪونه آڻي رهيا آهيون. هيءَ انقلاب مستقبل جي ماڻهن لاءِ اهميت رکندو، ڇاڪاڻ ته اهو اڄ لاءِ ۽ اڄ جي مردن ۽ اڄ جي عورتن لاءِ انقلاب آهي. جيڪڏهن اسين مستقبل جي نسل لاءِ انقلاب آڻيندا هجون، ته ان حالت ۾ اسان کي هوند ڪير مڃي ۽ ڪير اسان جي پوئتان هلي؟ سچ ته اسين فقط پنهنجي وقت جي ماڻهن لاءِ ئي ڪاوش ڪريون ٿا ۽ اسان جي تخليق انهن لاءِ ئي آهي ۽ ائين ڪرڻ سان ڪا به فني تخليق لافاني شهرت جي اعزاز کان محروم نٿي ٿي سگهي.“
(فيڊرل ڪئسٽرو‘ – دانشورن کي خطاب‘، جون ۱۹۴۱ع)
اياز جي شعر جي فني تجزيي کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي سمجهيو ۽ شايد هيءُ ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي سگهي. خاص طرح اياز جا نظم انهيءَ لحاظ کان مون کي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن. انهن کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي رنگ ڪئنواس تي هاري، برش جي زوردار جهٽڪن سان، گهڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا آهن! ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ ۽ ’رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘ وارا سندس نظم پڙهي، محسوس ٿو ٿئي ته اهي ڪنهن شيش محل جي گهڙيل ۽ ماپيل هڪ ڪرن شيشن وانگر نه آهن، پر ڄڻ اونداهيءَ رات ۾ ڪنهن جوالا اوچتو ڦاٽ کاڌو آهي ۽ ٻرندڙ اڱرن ۽ ڌاتن چوڌاري پکڙجي هڪ عجيب جهرمر لائي ڏني آهي.
نظمن جي انهيءَ بي ساختگيءَ، روانيءَ، رنگا رنگيءَ ۽ انوکائيءَ ۾، ساڳئي وقت هڪ گهري، رچي ريٽي ٿيل انقلابي شعور جو اظهار پنهنجي ڪمال تي پهتل آهي، جنهن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ برصغير جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جو اهو يگانو تصور آهي، جو صدين تائين اسان جي ديس واسين جي روح کي گرمائيندو رهندو ۽ انقلابي سياست جي هر لاهي چاڙهي ۾ ان جو ساٿي ۽ سونهون ٿي ڪم ايندو. مون کي انهيءَ لکڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿي ٿئي ته اياز جي اڳين ۽ هن مجموعي جي نظمن ۽ ٻئي ڪلام ۾ هن ڌرتيءَ جي پيڙهي پيڙهيءَ جي هزارين سال پراڻي پيڙا ڇڪجي آئي آهي ۽ ان پيڙا مان ڇوٽڪاري جو اَمر سپنو به هن جي ساڳيءَ شاعريءَ ۾ آهي، جنهن سپني کي ساڀيان بنائڻ لاءِ هن پنهنجي آرام جي زندگي ترڪ ڪري، قيد ۽ ملامتون قبوليون آهن.
هن مجموعي ۾ آيل اياز جا غزل به غزل جي ايراني ۽ اردو روايت سان پوري بغاوت آهن. انهن کي فقط فارم غزل جو آهي، پر انهن جي ٻولي ۽ انهن جو فني حسن سنڌ جي تهذيب ۽ڌرتيءَ مان ائين اُسريو آهي، جيئن برسات کان پوءِ ٿر اوچتو سائو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي ساوڪ ۽ سرهاڻ لونءَ لونءَ ۾ گهر ڪري ويهندي آهي. هر غزل کي گيت جو ترنم ۽ نظم جي معنوي گهرائي آهي، جا به ان کي روايتي غزل کان بلڪل انوکو ۽ نرالو ثابت ڪري ٿي ۽ شاعريءَ جي هن صنف ۾ هڪ نئينءَ روايت جو بنياد رکي ٿي.
هن مجموعي جون وايون ۽ گيت به فارم ۽ ترنم جي خيال کان ساڳين صنفن ۾ اڳ ڪيل تجربن کان مختلف ۽ وڌيڪ موهيندڙ آهن. مثال طور:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا!
مارو اڪيلڙا!
*
جيجل منهنجي جيئڙو!
هئه هئه منهنجو جيئڙو!
آئي مند گلاب جي
*
هئه هئه منهنجي چولڙي
ڌوءُ نه ڌوٻيءَ گهاٽ تي!
هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هن اڳ ڪڏهن به ڪم نه آندا آهن. اردو شاعريءَ کي ڏسبو ته پوريءَ شاعريءَ ۾ ڪل سَو سوا کن قافيا نظر ايندا. جي ’ولي‘ دکنيءَ کان فيض احمد ’فيض‘  تائين شاعرن وري وري پئي ڪم آندا آهن. اياز هڪ ڀيري ’فيض‘ کان پڇيو: ’فيض! تنهنجي چئن ئي ڪتابن- نقش فريادي، دست صبا، زندان نامه ۽ دست تههِ سنگ- ۾ ڪو اهڙو هڪ به لفظ يا قافيو آيل آهي، جو اڳ اردوءَ جي شاعرن ڪم نه آندو آهي؟“- ته فيض لاجواب ٿي ويو هو. اياز پنهنجي ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالا مال ڪري، ان کي ايڏي  وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي ۽ ان مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻا ئي نه آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نه آهي.
آخر ۾ مان هي لکي اياز جي هن ڪلام جو هيءُ مهاڳ ختم ٿو ڪيان ته شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽ انقلاب ٻنهي کي ايترو هڪ وقت اڀاريو ۽ اجگر ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي، نئين انقلابي سنڌ ان جي جيئري جاڳندي ثابتي آهي ته ڪيئن هڪ انقلابي شاعر پنهنجي فن جي ذريعي قوم جي تقدير ڦيرائي سگهندو آهي. سنڌ جي امر شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه فن جي مقصديت جي باري ۾ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
ريءَ مصلحت مڱڻا، قصر ڪين اچن!
(حيدرآباد، سنڌ، ۲۱-۷-۱۹۷۰ع)

No comments:

Post a Comment