هٿن تي سجايل مينديءَ جا گلدان ۽ رنگريز
غوث پيرزادو
بٺوري جي هوائن ۾ هڪ عجيب خوشبو آهي. هن شهر جي ورڪڙ ڳلين ۾ هڪ
مقناطيسي ڇڪ آهي. بٺوري واهه ۾ تڙڳندڙ ٻارڙن جي ٽهڪن جي
جادوءَ کي ڪير نظرانداز ڪري سگهندو؟ بٺورو منهنجي عشق جو محور ان ڪري به آهي ڇو ته
اتي سحر انگيز سائين رنگريز رهي ٿو. مون کي الائي ڇو بٺوري مان گذرندي ڪنن ۾
سائين رنگريز جا ڪومل ڪومل ٽهڪڙا ٻرندي محسوس ٿيندا آهن، پوءِ توڙي جو سائين ڇونه
کڻي گلشن حديد ڪراچيءَ ۾ هجي. بٺورو مون کي سائين رنگيز وانگر حسين ۽ سندس ٻيو روپ
لڳندو آهي.
”ورق ورق
زندگي“ سنڌ جي هن سهڻي شاعر ۽ نثر نگار جي تازي نوٽ جي ورقن تي ٻڌل
ڪتاب جو نالو آهي، جيڪو تازو ئي سنڌي ساهت گهر طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. پڪي
جلد سان 140 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا رکي وئي آهي. رنگريز هن ڪتاب جي
ارپنا پنهنجي ابي امڙ جي نالي ڪئي آهي، گڏوگڏ هن ڪتاب جو انتساب يا ارپنا پنهنجي
پرين ۽ دوست نور محمد کيبر جي والده ۽ والد کي به ڪئي اٿائين.
سڄڻ
ميخون ڏونگرين، ڏونگر ڀونءِ ڪير،
اهڙا سيڻ سڌير، ڪين
لهندين ڪي ٻيا.
ارپنا جي پڄاڻي جڏهن ڀٽائيءَ جي هن بيت سان ٿئي ٿي ته ان وقت ئي اهو
احساس شدت سان ٿيڻ لڳي ٿو ته هي ڪتاب انتهائي غيرمعمولي هوندو ۽ پڙهندڙ جي دل اندر
ضرور پنهنجي جاءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب ويندو.
نوٽبڪ جي ورقن ۾ موجود مواد پڙهڻ کان اڳ شروعاتي صفحن تي اسان جي
ملاقات سنڌ جي چوٽيءَ جي ڏاهن ۽ تخليقڪارن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي،
نور محمد کيبر ۽ رسول
بخش درس سان ٿئي ٿي، جن جو نثر،
پڙهندڙ دلين کي هٿن ۾ جهلي پوءِ پڙهندا آهن. سندن نثر تي شاعريءَ جو گمان ٿيڻ
لڳندو آهي. مٿين سهڻن ليکڪن سائين رنگريز جي هن ڪتاب ۾ سندس شخصيت بابت جيڪي رايا
ڏنا آهن سي به ڄڻ ته جادوگر بڻجي لکيا اٿائون. پل ۾ کلائي به رهيا آهن ۽ پل ۾
رئاري به رهيا آهن. پڙهڻ وقت هڪڙو خيال ذهن جي اندر داخل ٿي وڃي ٿو ته ڇا ايڏو
پيار ڪندڙ دوست هن دنيا ۾ اڃا موجود آهن؟ ڇا اهڙا دوست ڪنهن کي اڄ جي دنيا ۾ به
ملي سگهن ٿا جهڙا رنگريز کي مليا آهن؟ پر سوال جڏهن خود جواب بڻجي ويو آهي ته مان
ڊاڪٽر مانجهيءَ جو هي جملو پڙهڻ شروع ٿو ڪريان: ”سائين غلام حسين رنگريز صاحب
پنهنجي سفر جي ابتدا ڌرتيءَ جي حصي تان ڪئي ۽ آءٌ ڪيڏو خوشنصيب آهيان ته پنهنجي
اندر ۾ محبتون سانڍي رکندڙ هي محبتي شخص ۽ مڻيادار انسان منهنجي استاد جي صورت ۾
رهنما به رهيو آهي ته منهنجو دوست به. سندس ويجهڙائي جو احساس منهنجي اندر ۾ ڪنهن
ڪميءَ جي پوراءَ جهڙو ڀانئجيم پيو.“
سچ به سائين غلام حسين رنگريز جي شخصيت جو ڪمال ئي آهي، جنهن جو خلوص
ڪٿي ۽ ڪڏهن به ماٺو نه ٿيو آهي جو ٽيهارو سالن جو
عرصو گذارڻ کان پوءِ به سندس دوست ايڏو وڏو ٽريبيوٽ کيس پيش ڪندي، خوشي ۾ نه پيو
ماپي ۽ اسان جڏهن مانجهيءَ جي رنگريز تي ڪتاب تي لکيل هن مهاڳ سان لڳاتار سفر ڪندي
اڳتي هلون ٿا، ته ليکڪ سان ديوانا وار محبت ڪندڙ سندس هڪ ٻئي دوست نور محمد کيبر
سان ملاقات ٿئي ٿي، جيڪو چئي ٿو: ”رشتن جو نڀاءُ ته ڪو رنگريز کان سکي، هو ڪوري
وانگر رشتا ڳنڍڻ سکيو آهي. هو جنهن سان رشتو ڳنڍي ٿو، انهيءَ کي ٽوڙڻ نه ٿو ڏئي.
رنگريز وٽ رشتن جو مرتبو ڪڏهن به نه مرجهايو آهي. مون انهيءَ جي خوشبو اڳي کان گهڻي
وڌيڪ محسوس ڪئي آهي.“ شاندار ڪهاڻيڪار رسول بخش درس جڏهن رنگريز جو پروفائيل لکڻ
شروع ڪيو آهي، ته هن جي شخصيت کي ايڏي ته دلربائيءَ سان بيان ڪيو اٿائين جو ان کي
پڙهندي ان نازڪ احساسن واري ڪويءَ سان به ملاقات ٿي ٿي وڃي جيڪو انقلابي به آهي،
جيڪو ڪميٽيڊ به آهي، جنهن کي ماڻهن سان ڪميٽيمنٽ جي نتيجي ۾ جيلن جو اذيتون به
برداشت ڪرڻيون پئجي ٿيون وڃن. ”رنگريز ڀٽي جي دور ۾ به جيل ڪاٽيو، ضيائي آمريت به
کيس عتاب جو شڪار بڻايو.“
رنگريز جي ڪتاب ۽ شخصيت تي لکندڙ ليکڪن کان پوءِ هن ڪتاب ۾ جيڪا ليکڪ جي پهرين
لکڻي آهي سا هن جو تاثر آهي جيڪو ”ٺٽو
ڪنهن شاعر جو خواب“ جي نالي
سان لکيل آهي جيڪو اٺن ڏهن پيجن تي ٻڌل آهي. رنگريز جو ٺٽي بابت لکيل تاثر پڙهندي
منهنجو پهريون ڀيرو ان ڳالهه ۾ ويساهه پختو ٿيو آهي ته ”شاعر جو نثر واقعي به
خوبصورت ٿيندو آهي.“ مڪلي ۽ ٺٽي جو ذڪر ڪندي رنگريز هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته: ”هن شهر
جي قدامت، دلبران جون حسناڪيون ۽ پيار پرور مست هوائون دلين کي گهيرڻ ۽ گرفت ۾ آڻڻ
لاءِ عجيب سحر رکنديون آهن.“
سچ پچ به رنگريز جو حسناڪ نثر، پڙهندڙ کي چريو ڪري ٿو وجهي. هن شاعر
واقعي به جڏهن به نثر لکيو آهي ته اهو شاعراڻي مزاج سان لکيو آهي. هن جو نثر ڄڻ ته
شعر بڻجي پيو آهي. سائينءَ جو هي تاثر جيڪو ڪتاب جي مهڙ ۾ موجود آهي سموري جو
سمورو ليڪڻ جهڙو آهي. جيڪا ڳالهه هن ننڍڙي لکڻيءَ ۾ ڪرڻ ممڪن ناهي پر ڪجهه بي
ساختا جملا جيڪي رنگريز جي سموري رومانوي حس چنچلتا ۽ معصوميت سان ڪر کڻي اسان جي اڳيان
بيهي ٿا رهن سي هي آهن ته؛ ”ڪو زمانو هو ته ٺٽي جا سڀ بندرگاهه آباد هوندا هئا ۽
ڏيساور جا واپاري ٺٽي جي بارونق مئخانن ۽ حسن جي دلفريبين ۾ ايترا ته کوئجي ويندا
هئا جو متاع دل به لٽائي ٺٽي جا ٿي ويندا هئا. هي اهو سمو هيو جڏهن شاعر چوندا
هئا: ٺٽي جون ڪراڙيون به ڪاجل پائينديون آهن ۽ هٿيلين تي گلدان سجائينديون آهن.“
ڏيو منهن! اهڙو جملو جنهن ۾ ليکڪ ڪراڙين جي ڪاجل پائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، سچ نه
غضبناڪ آهي. رنگريز جو هي تاثر ٺٽي جي تواريخ کي بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ هن سياسي،
سماجي، ۽ علمي ادبي تحريڪن جو ذڪر به وڏي شانائتي نموني ڪيو آهي. رنگريز جو جملو
ته؛ ”ٺٽي جو تذڪرو، اڀيچند ۽ سرمد جي ذڪر کان سواءِ به ڇسو ۽ اڌورو آهي“.
رنگريز جو سمورو ڪتاب ڄڻ ته رنگريز جي آتم ڪٿا لڳي ٿو ۽ پيڙائن جو
زهر اندر ۾ لاهيندي رنگريز جي چپن مان جيڪا ٽٽل ڦٽل صدا نڪتي آهي سا ڄڻ ته سندس
ڪوٽيشن بڻجي وئي آهي.
* اسان آرزوءَ جي سفر ۾ زندگي اجائي نه وڃائي آهي، ڇاڪاڻ ته آرزوءَ
جو ڇانورو به نه ملي ها ته زندگي ڇا هجي ها.
يار وري ماٺيڻي رنگريز، جنهن سان ڪچهريءَ ۾ ويهبو آهي ته اها ڪچهري
ازخود معصوميت سان ڀرپور ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪچهرين ۾ هل هنگامو ۽ رَفنيس نه
هوندي آهي، جنهن جي موجودگي ڪچهرين کي رومانس پرور بڻائي ڇڏيندي آهي تنهن پنهنجي
هن ڪتاب ۾ هڪ جاءِ لکيو آهي ته:
* ”ايتري ماٺ ڪٿان آندئي؟“ هڪ دوست مون
کان پڇيو! ”ڏسين نه ٿو، مون هيترو سارو ڳالهايو آهي! اکين سان، اکرن سان، چترن
سان، ۽ سنگتراشيءَ سان. هيءُ قلم، هيءُ برش، ۽ هيءُ هٿوڙو ۽ ڇيڻي منهنجو ڳالهاءُ
ناهن ڇا؟ هي پنن تي اتريل ڪوتا منهنجو ڳالهاءُ ناهي ڇا؟ تنهنجي اکين سان هم ڪلام
منهنجون هي اکيون منهنجو ڳالهاءُ ناهن ڇا؟ آءٌ ماٺ ۾ ڪڏهن رهيو آهيان. دوست!
منهنجي ماٺ به منهنجو ڳالهاءُ آهي.“
مان ڪڏهن به مٿئين پيراگراف کي رنگريز جو نج داخلي اظهار نه چوندس،
نه وري اهو چوڻ جو ڪڏهن گناهه ڪندس ته هي رنگريز جي دوست سان ٿيل هم ڪلامي آهي
جنهن ۾ هو پنهنجي هڪ جسٽيفڪيشن ٿو ڏئي، ڇو ته رنگريز جي مٿئين پيراگراف ته زندگي
گذارڻ بابت هڪ مڪمل فلسفو آهي، هڪ شاعر آئيڊيل زندگي پنهنجي ذهن ۾ ڪيئن طئي ڪئي
آهي، سا هو ٻٽاڪون هڻڻ جي بدران هڪڙي پيراگراف ۾ اسان کي سمجهائي ويو آهي ۽ گڏو گڏ
اهو سمجهائي ويو آهي ته هڪ تخليقڪار جو آئيڊيل سماج ڪهڙو هجي ٿو.
رنگريز جي ڪومل من هميشه پيڙائين جا ڊگها ڊگها ريگذار لتاڙيا آهن.
مان ته چوندو آهيان ته اهو ڪهڙو پل آيو هوندو رنگريز جي جيون ۾، جڏهن هن ٽهڪڙن جا
موتيا پاند ۾ وجهي پنهنجي پيار ڪندڙن کي آڇيا هوندا ۽ ڳوڙهن هن جي اکين جي شاهراهن
تي سفر نه ڪيو هوندو؟ مان ته ڪڏهن ڪڏهن سندس اکين ۾ چتائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان،
ته به ته ائين ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه هوندو آهي. رنگريز مون کي هڪ اهڙي سڏڪي مثل
لڳندو آهي جيڪو هميشه جي لاءِ پنهنجو اجهو بڻائي سندس ڳلي ۾ رهي پيو هجي، تڏهن ته
چئي ٿو ته:
* محبتون ڳوليندي به نه لڀنديون آهن ۽ نفرتون اڻ ڪوٺيون اچي اڱڻ
والارينديون آهن.
* خوشيون خيرات ۾ وٺڻ کان پنهنجا ڏک ئي ڀلا آهن.
عشق جو درياءُ جنهن دل ۾ ڇوليون هڻندو هجي، جنهن جي شخصيت ۾ رڳو پيار
موجزن هجي، ۽ جيڪو شاعر هجي ۽ رنگريز هجي تنهنجي زندگي جو ڪمپليڪس بنگلا، ماڙيون ۽
عياشيون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ هن جي دولت ته محبوب جون اکڙيون کڻي سندس اکين سان
ملائي ٽهڪڙا ڏيڻ هجن ٿيون، مون کي کي حيرت اها ناهي ته رنگريز ڪيڏي نمرتا سان
پنهنجو خيال پيش ڪيو آهي پر مون کي حيرت ان ڳالهه تي ضرور آهي ته هن ڪهڙيءَ ريت ٻن
سٽن ۾ سڄي جهان کي سميٽي ڇڏيو آهي.
* مرڪندڙ مهانڊا کلندڙ ماڻهو، ٽهڪن جا درياءَ ارشاد ساگر ۽ ساحر
پريميءَ جهڙا دوست وڇڙي اجل جي
واٽ وٺن ته حياتيءَ جا باقي پل زهر بڻجيو پون. ”دور ٿيندا وڃن هاءِ ڙي جيئڙا.“
حساس ماڻهن ۽ رومانوي طبيعتون رکندڙ ماڻهن جي ڪل موڙي ئي سندن دوست
ٿيندا آهن، جن سان هو عشق به ڪندا آهن، جن کي هو پنهنجي زندگيءُ جو محور بڻائي پيا
زندگي به گهاريندا آهن، جن سان اٺي جي ٿڌين هوائن ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي ٿر جي ڀٽن تي گهمڻ
۽ ميراث هجي ته مٿان وري انگ انگ بڻجي ويل انهن محبوب دوستن کي وقت کان اڳ وڇوڙي
جو راڪاس پاڻ سان گڏ کڻي هليو وڃي، ته پوءِ سندن پويان رهجي ويل انهن پيار ڪندڙ
دوستن جي چهرن تي جدائيءَ جو ڏک اشتهار بڻجي چنبڙي پوندو آهي، جن کان سواءِ هو جي
به نه سگهندا آهن ۽ جي به رهيا هوندا آهن. ها رنگريز تنهنجي ڏک کي سمجهڻ ڏکيو ناهي
پر تنهنجي هڪ هڪ جملي تي پنڊ پهڻ ٿي بيهڻو پوندو. رنگريز! تنهنجون معصوم ڳالهيون ۽
ننڍڙن ننڍڙن جملن ۾ لکيل حادثن کي سمجهڻ لاءِ حساس
دل هجڻ به نهايت ضروري آهي.
* سائين غلام حسين رنگريز جو هي ڪتاب ”ورق ورق زندگي“ سنڀالي رکڻ
جهڙو ناياب ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي پڙهندي ائين لڳي پيو ماڻهو پاڻ سان ڳالهائي رهيو
هجي. سچ به شاهڪار نثر تي ٻڌل هي انمول ڪتاب آهي.
No comments:
Post a Comment