17/01/2013

پروفيسر نذير احمد سومري جي ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ جو مهاڳ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو



پروفيسر نذير احمد سومري جي پهرئين ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ جو مهاڳ
ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ربِ ڪائنات، دنيا اندر، آزمائش ۽ پرک خاطر، اصل ۽ نقل جي شڪل، هڪجهڙي رکي آهي. اصل؛ سچ آهي، سون آهي، هيرو آهي، ايمان آهي. جڏهن ته نقل؛ ڪوڙ آهي، رول گول آهي، شيشو آهي، ڪفر آهي. سچ جهڙي شڪل، ڪوڙ کي به ملي. چمڪندڙ پتل کي ڏسي، گهڻا سون سمجهي مٿس ڀانڀولجي پيا. شيشي ۾ به هيري جهڙي چمڪ ۽ رنگينيءَ-ذري رکيل آهي.
رات کي ڏينهن کان تضاد آهي ته منجهن فرق به اوڏو آهي جو ٻار توڙي ٻڍو، اگهو توڙي سگهو، عورت توڙي مرد، چڱي نموني پرکي سگهن ٿا ۽ چئي سگھن ٿا ته هيءَ رات آهي، هو ڏينهن هيو. جڏهن ته اکين جي انڌي لاءِ؛ جهڙي رات، تهڙو ڏينهن.

رنگن اندر تضاد پڻ رکيل آهي. رنگساز ۽ کٽي، کين نمبرن ڏيڻ کان اڳي سڃاڻندا آهن. عام ماڻهوءَ لاءِ، لڳي کان پوءِ به، لڳ ڀڳ هڪجهڙا رنگ/ ڪلر ساڳي ڳالھ هوندا آهن.
خوشبوئن منجھ، فضائن ۾ ھوندي به ڦير رکيو ويو آهي. ڀانت ڀانت جا عطر ۽ عنبير، مشڪ ۽ سينٽ بازار ۾ پيا هوندا، سندن خوشبوءِ هڪ ٻئي کان نرالي هوندي. کين ڀيٽي نروار ڪرڻ جنھن تنھن جي جاءِ ناھي. عطار ۽ سرهيو، کين پري کان سنگهي ٻڌائيندو ته فلاڻي خوشبوءِ آهي. جڏھن ته ڀانسانيءَ لاءِ ھڙ ھڪ ئي شيءِ ھوندي.
ذائقن جا به، دنيا اندر، بي انداز نمونا رکيا ويا آهن. هر ميوي جو ذائقو جدارو آھي. هڪ ئي ميوي اندر مخلتف جنسون رکيل آھن. ھر جنس جو ذائقو ٻيءَ کان مختلف ۽ عجيب، متحير ۽ معقول آھي. جھڙي تھڙي کي، کاڌي کان پوءِ به ڪل ڪا نه پوندي. پڇڻ تي فقط ايترو ٻڌائيندو؛ سنڌڙي انب جو ذائقو لنگڙي کان ڀلو هيو. چونسو کائڻ ۾، سروليءَ کان وڌيڪ لذيذ آهي. بينگن ڦلي ۽ ڦجري هڪجهڙا آهن ۽ کائڻ ۾ طوطا پوريءَ جهڙا آهن. مڙني انبن جو سردار ته سنڌڙي آھي پر انور رٽول به ٻيلي انور رٽول آھي. انبن جون ڪيتريون جنسون آهن؛ ڇا منجھن ذائقا آهن؟ سندن رنگ ۽ روپ ڪھڙو آھي؟ سي ته باغائي ۽ آرائين ڄاڻن. عام ماڻهوءَ کي خبر نه پوندي.
مختلف شين جي پرک، مٿي ٻڌايل ڪاسبين کي ان ڪري ٿي آهي، جو مٿن سندن محنت ٿيل آھي. منجھن سندن عمريون ڳريون آھن ۽ پيڙهيون پوريون ٿيون آهن. تڏهن وڃي اھي ان لائق ٿيا آهن جو ھڪجھڙين شين منجھ ايڏا فرق ٻڌائي ٿا سگهن. جڏھن ته ناتجربيڪار ماڻھو ويچارو ته ڪينوءَ ۽ نارنگيءَ، موسميءَ ۽ مالٽي، سنگتري ۽ ترنج منجھ، ھڪجھري شڪل ھئڻ سبب، فرق ٻڌائي نه سگھندو. منجهانئن ملندڙ فائدا ۽ نقصان ٻڌائڻ ته ٿي پري جي ڳالھ. منجھن مختلف جنسون، رنگ روپ ۽ نسل پرکڻ ته ٿيو اڃا وڏو ڪم. عام ماڻھوءَ کي ته اھا به سُڌ ڪا نه پوندي ته ڪھڙي ماحول ۽ مٽيءَ ۾، ڪھڙي مند اندر ڪيترن ھرن ۽ ڀاڻن ڏيڻ کان پوءِ، اھي ڄاپي تيار ٿيندا. وڻ ۾ ئي صحيح پچي راس ٿي کائڻ لائق ٿيندا يا کين پال وجھڻ کان پوءِ کائڻ لائق ڄاڻبو. ڦر لھڻ کان پوءِ ھتي ئي اگھ ڪندو يا کيس ڪنھن ٻئي ملڪ يا منڊيءَ ۾ پڄائبو ته چڱو اپراسو ٿيندو؟ جيترو انھن ڳالھين تي سوچ ويچار ڪبي، اوترو اڃا ڊيگھ کائينديون پر پلئه نه پونديون.
علم و ادب جو جهان به ائين وسيع آهي. گهڻ-پڙهيو ۽ شوق رکندڙ ماڻھو ئي مختلف شين کي پرکي سگهندو. عام ماڻھوءَ کي ڪھڙي خبر ته ڪهاڻي ۽ مضمون ۾ ڇا فرق آهي؟ علم عروض ڇا کي چئبو آھي؟ اھو ته ماھر ئي ٻڌائي سگھندو ته نظم و شعر جون ڪيتريون صنفون آھن؟ انھن ۾ ظاھري ڪھڙا فرق آھن؟ انھن تي طبع آزمائي ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟ مٿن تخليقي يا تحقيقي، تنقيدي يا تجزياتي بحث ڪيئن ڪري سگهبو. گهٽ پڙهيو يا ڪورو ڄٽ، انهن ڳالھين جي پرک ۽ ڀيٽ نه ڪري سگهندو.
تحقيق ۽ تخليق واري تحرير ان جي پختي هوندي، جيڪو گهڻي پڙهڻ سان گڏ، گهڻي مشاهدي منجهان، تجسس وارو ذهن استعمال ڪري لنگهيو هجي. اکيون پوري، وائڙن وانگر ويندڙ کي، ڪل نه پوندي.
جڏهن ته تنقيد يا تنقيص جي صنف، نه پاڻ مرادو ڏانءَ ۾ ايندي آهي ۽ نه مشاهدي سان ذهن ۾ ويهندي آهي. ان لاءِ علم و ادب اندر پيڙهيون وڃايل هجن. رب جي ڏنل ڏات ساڻ هجي. سؤ دفعو پڙهڻ کان پوءِ، هزار دفعو ڪڙهڻ واري عمل مان گذر ٿئي، تڏهن وڃي ان لائقيءَ ٿبو جو ڪنهن جا عيب، اگهاڙئي بنا، سنوارڻ جي تلقين ڪري سگهبي. پنهنجا پَلَوَ آجا ڪندي، ٻين جي دلي خراش کان بچندي، سندن عيبن جي نشاندهي ۽ تراش سان سنوار ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. تنهن هوندي به دنيا اھڙن مانجهي مڻيا دار مڙس کان خالي ناھي. اڃا ڪي آھين، جيڪي اهو جوکم جهڙو قدم ڪُڏي کڻن ٿا. منجھانئن ڪي پار پهچن ٿا، ڪي رڪجي ۽ کٽي به پون ٿا.
تنقيد ڪرڻ واري کي اول پنهنجي پاڻ مان عيب ڪڍي، پوءِ ٻين جا عيب سنوارڻا آهن. اهو عمل، تڏهن سرانجام ڏئي سگهبو، جڏهن پاڻ ۾ پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، صبر ۽ سھپ جي صلاحيت هوندي. لالچ، غرض ۽ وڏائي نه ھوندي. ڇو جو پنهنجو عيب پنھنجي اک سان ڏسڻ، ان جو پاڻ ناقد ٿيڻ، دل جھلي وري ان جو پاڻ ئي ناصح ۽ مصلح ٿيڻ، ڏاڍا ڏکيا ڪم آهن.
اوھان ڀلي سڀني دوستن يارن جي سڄو ڏينھن ويٺا تعريفون ۽ تذڪرا ڪيو، پر ڪنهن کي ڀلجي به ياد نه ايندئو. اگر ڪنهن هڪ جي تنقيد ڪيوَ، اھا سمورن دوستن يارن جي هيانءَ تي تور ٿي پوندي. هر هڪُ اوھان کي انھيءَ عمل سبب، ڪرڙي نظر ھيٺ رکندو. هونئن به ٿري ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي.
رماڙيو رو نان ڪونهي، رُئاڙيو رو نان هي.
اوهان ڀلي پنھنجي ٻار کي ڪيڏو به ڪڏائيندا ۽ پرچائيندا رھو پر اوھان کي ڪير به لوڻو ڦيري نه ڏسندو. اگر کينچل ۾، اوھان جي ئي ٻار روئي ڏنو ته، واٽ ويندڙن جو ڌيان به اوهان ڏانهن کڄي ويندو. روئڻ جو سبب ڄاتي بغير، ڪُرڙين اکين سان اوھان کي گهورڻ لڳندو. وس پڄندس ته وڙهندو، اگر نه ته به اوهان کي ڇڙٻون ضرور ڏيندو. جڏھن ته اوھان ڀلي پرائي روئندڙ ٻار کي خرچي ڏئي، ڳراٽڙي پائي، پرچائي، روئڻ بند ڪرائي، کلائي خوش ڪري، گهر روانو ڪيو، پر اوهان ڏي ڪنهن جو به ڌيان نه ويندو.
سمجھ ۾ آيو ته ٻئي جي دل وٺڻ تي ڪو به خوش نه ٿو ٿئي. البته ڪو اوهان تي ڪاوڙيو آهي ته هر ڪو ڊڪي پيو کانئس سبب پڇندو ۽ اوهان خلاف، ڀڙڪائڻ لاءِ، کيس تازو توانو مواد پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو.
پروفيسر نذير سومرو صاحب، جيڪو ڪجھ، پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ کان پوءِ، لکيو سو گھڻو تڻو، سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۵ع دوران ئي لکيو. ان دؤر ۾ مٿس ۽ ماھوار ڪينجھر اندر سندس آرٽيڪل ڇپيندڙ محترم ناز سنائيءَ صاحب تي، پمفليٽ ڇپيا ھيا. ان جو تذڪرو، ڪچھريءَ ۾ پڻ ڪيو ھيائين. مون سندس دل رکڻ لاءِ، از راھ مذاق چيو ھيو؛ ”ادا مون به ڇھ ست ڪتاب لکي ڇپايا آھن، پر مون تي ته ڪنھن ھڪ اکر به نه لکيو آھي. تو اڃا رسالن ۽ اخبارن ۾ لکڻ مس شروع ڪيو آھي، جو تو تي چوپڙيون ۽ پمفليٽ پيا ڇپجن. ڳالھ سمجھ ۾ ڪا نه ٿي اچي. يا ته ڇپرائڻ وارو تنھنجو دوست ھوندو يا ڪو ذات-ڀائي.“
جڏھن اھو پمفليٽ ڏيکاريائين ته واقعي، سندس ڪنھن ذات-ڀائيءَ، خيرپور منجھان ڇپرايو ھيو. ان تي چپ ڪري ويو. مون کيس چيو؛ ”ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو آيو آھي. ھڪڙو ڪتاب لکندو ھيو، ٻيا ڍوءِ ڍوءِ ڪري، سندس ڪتاب جا اختلاف ڳولي ۽ نروار ڪري، مٿس پابندي لڳرائيندا ھيا. پوءِ پنجن رپين وارو ڪتاب، پنجاھ رپين ۾ به ڳوليو نه لڀندو ھيو. جڏھن ته اھو ڪتاب ھن وقت اگر ڪاٻاڙيءَ ۾ اچي ته ڪير ڏھين رپئي به وٺڻ پسند نه ڪندو.“
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته تنقيد برداشت ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي. ڇو جو اها دراصل ليکڪ جي  ڏُکندڙ رڳ تي هٿ رکي پوءِ ڪئي ويندي آهي. جنهن لکيو آهي، سو پنهنجي پير تان هٽڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته، نقاد کان علاوھ، ھو سڄي دنيا جي نظر ۾ پڻ پنهنجي لفظن اندر غلط ھوندو آهي.
ان لاءِ، مان پنھنجو ذاتي مشاھدي وارو ھڪڙو مثال ڏئي، ڳالھ کي اڳتي وڌايان ٿو. منهنجي آفيس جو ھڪڙو چوڪيدار، بجليءَ جو ڪم پڻ ڄاڻندو ھيو. جنھنڪري ڏينھن جو ڪنھن دڪان تي وڃي سائيڊ جاب ڪندو ھيو ۽ رات جو چوڪي ڏيڻ لاءِ اچي آفيس ۾ سمھي پوندو ھيو. مون کيس چئي ڇڏيو ھيو ته آچر تي ڏينھن جي چوڪيداري به کيس ئي ڪرڻي آھي ۽ سندس آچر جي ڏينھن جي موڪل بند آھي. هڪ دفعي سياري ۾، آچر جي ڏينهن، منجھس موٽر ٺھرائڻ جو ڪم پئجي ويو. موبائيل فون تي رنگ ڪئيمانس ته کڻندي ئي چيائين؛ ”سائين گهر جو پکو خراب ٿي پيو آهي. کوليو ويٺو آهيان. بند ڪرڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو. بند ڪري مان جلد اچان ٿو.“
يڪدم چيومانس؛ ”مون تو کي فون ان لاءِ ڪئي آهي ته منهنجي گهر جو موٽر نه ٿو هلي. منهنجو اندازو آهي ته ان جو سيل سڙي ويو آهي. اهو مٽائبو!“
”سائين پوءِ سيل هتان وٺي اچان!“ يڪدم چيائين.
”ها ڀلا وٺيو اچ!“ ائين چئي مون فون بند ڪري ڇڏي.
سندس ڳوٺ، شھر جي پسگردائيءَ ۾ ھيو، جتان سيل ملڻ ممڪن ئي نه ھيو. منھنجو گھر ۽ آفيس گڏ ھيا، سي شھر اندر ئي ھيا.
اھو ئي سبب ھيو جو منهنجي نظر ۾، سندس ٻئي ڳالھايل جملا ڪوڙ تي مبني هيا. مون ڪوڙي کي ڪوڙو چوڻ بجاءِ، پنهنجو ڪم چئي فون بند ڪري ڇڏي. هو واقعي اڌ ڪلاڪ اندر، سيل وٺي، منهنجي گهر پهچي ويو.
پهرين ڳالھ ته سياري ۾ پکو هلائبو ئي ناهي ته سڙندو ڪٿان؟ ٻيو، سيل دڪان تان ملندو آهي. جڏهن ته هو پکو ٺاهڻ سبب گهر ۾ ويٺو هيو، اتان سيل ڪيئن ملندو؟
اهڙا ڪيئي جملا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محل ۽ وقوع/ موقعي سان ميلُ/ ميچ نه کائيندا آهن. ڪي ته پنهنجي اندر به اختلاف ۽ تضاد پڻ رکندا آهن. جيئن:
۱- ”اسان به مفت مشوري جو دڪان کوليون ويٺا آهيون.“
۲- ”ناني ساڻ هلي ته مان هيکلي هلي وڃان!“
۳- ”مان ڇو چوان ته؛ لالوءَ لوسڻ لُئو آھي!“
پهرئين جملي ۾ آھي ته؛ کوليو دڪان اٿم پر وکر وڪڻان مفت ۾ ٿو. دڪان ته کولبو ئي شين مٿان منافو ڪمائڻ لاءِ آهي، مفت ۾ شيون کپائڻ  لاءِ نه کولبو آهي. مفت ۾ ورھايل شيءِ کي چئبو آهي؛ سبيل. سبيل ۾ به گھڻو تڻو پاڻي ئي پياربو آهي، سو به تڏھن جڏھن واندڪائيءَ ھجي. انھيءَ جملي اندر ئي تضاد موجود آهي.
ٻئي جملي ۾ پڻ ساڳيءَ طرح، في نفسہٖ تضاد آهي. اگر ڪنهن کي اڪيلو ئي وڃڻو آهي ته پوءِ نانيءَ جي ساڻُ هلڻ جي تقاضا ۽ انتظار ڇو؟
ٽئين جملي اندر، ھڪڙي گاھيءَ، جنھن جي ٻنيءَ مان چوريءَ گاھ لُبجي ويو آھي ۽ ھڪڙي ڌنار جو گفتو ڏنو ويو آھي. گاھيءَ جي پڇڻ تي، ٻوڙو ڌنار، ڪنھن تي چغلي ھڻڻ کان لھرائڻ خاطر ائين چوي ٿو. ان بيوقوف کان، جنھن لاءِ جھڙي بٺي تھڙو بھرام، اگر ڪو پڇي ته؛ اي عقل جا اڪابر، جملي جي پھرئين اڌ ۾ تون ٿو چوين ته مان ڪنھن تي جُوڻي ڇو کڻان؟ ساڳئي جملي جي پوئين اڌ ۾ تون چور جو نالو ٿو کڻين! اھو ڇا ٿو بڪين؟
مٿي ڏنل جملن جو ڪارج ته چٿر يا ڊونگل وارو آھي. اگر ان کان ھٽي سندن ڇيد ڪجي ته اھي، پنھنجي پاڻ ۾ ئي، پنھنجي نفي پيا ڪن.
اهڙا جملا، جيڪي بيانَ ۾ اختلافي ۽ متضاد هجن، سي نقاد جي نظر تي ائين چڙهندا آهن، جيئن مک جي نظر ڦٽ تي. سارو صاف سٿرو وجود ڇڏي، اچي ڦُرڙيءَ کي کرڙڻ شروع ڪندي آھي.
اھڙي قسم جا ڪيترا ئي مثال آھن، جيڪي اسان جا ليکڪ حضرات پنھنجي لکڻين ۾ اڻ-ڄاڻائيءَ سبب ڪندا آھن. منجھانئن نموني طور ڪجھ ھيٺ ڄاڻائجن ٿا ته جيئن ڳالھ اڳتي وڌي سگھي.
هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي ھڪ ڪهاڻيءَ ۾، ڪھاڻيءَ جي نائڪه يا محبوبه لاءِ محنت ۽ جانفشانيءَ جو مثال ڏيندي چيو؛ ”او جاني، مون تو لاءِ وڏا جهد ڪيا آهن. تو کي راضي ڪرڻ لاءِ، گرم ڏينهن جي لُڪن منجھ، پراون باغن جا لوڙها لتاڙي، مالهين جو خيال نه ڪندي، ڪنڊيدار ٻيرين منجهان، صوفي ۽ مکڻ ٻير ڇاڻي، تو لاءِ آندا آهن.“
سندس اهو جملو، زمان ۽ مڪان جي حساب سان، ڪوڙ تي مشتمل هوندو. ڇو جو گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٻير ته ٿيندا ئي ناهن. ٻيرن جي موسم جنوري جو مهينو آهي، نه ڪ جون جولاءِ. ان مند ۾ ته انب ٿيندا آهن. اگر اهڙي ڪهاڻيڪار تي ادبي نشست اندر ويٺي، ڪي نقاد تنقيد ڪن ۽ ھيءُ سندن تنقيد تي چڙي پوي ته ان ۾ مھڙ ڪنھن ڏي ٿي ٿئي؟
ٻيو به ننڍڙو مثال، ڳالھ کي چٽو ڪرڻ لاءِ ٿا ڏيون. اگر ڪو وڏي نالي وارو اديب، پنھنجي سفري يادن اندر اهو لکي ته، مان ان کوھ تي ويس جنھن تان مارئي پاڻي ڀريندي هئي. منظر ڪشي ڪندي اڃا به لکي ته؛ ”ڏينهن تتل هيو. ڀر ۾ نه وڻ ھيو نه ٽڻ. نه پکي پکڻ پئي اڏاميو، ڀنڀ بيراني لڳي پئي ھئي. پاڻي ته ڪاٿي به نظر ڪو نه پئي آيو. کوھ منجھ به پاڻيءَ-ڦِنڍ نه هئي. کوھ جي تري اندر ڪک پن ڀريا پيا ھيا ۽ سڄو سڪو پيو ھيو. مون منجهس ڳچي وجهي، وات سان وڏي رڙ ڪئي. منجهانئس، پاڻي نه هئڻ جي ڪري، پڙاڏو اٿيو. پراڏي ۾ ايڏي ته گجگوڙ ۽ آواز هيو جو اھو اٿندي ئي وڃي آسمان تي پھتو ۽ نتيجي ۾ ان جوءِ اندر چرندڙ مال ۾ ٽاھ پئجي ويو.“
هاڻي اگر ڪو ناقد، ان صاحب کان پڇي ته؛ ”سائين منهنجا! کوھ ۾ ٻوٿ مبارڪ وجهي رڙ ڪرڻ کان اڳ، اوهان فرمايو ته، اتي نه پکي ھيو نه پکڻ، نه وڻ ھيو نه ٽڻ، نه پاڻي ھيو نه ئي ڪا پھر ھئي. پوءِ جڏهن اوهان منجھس ڦوڪ ڏني ته منجھانئس وڏو پراڏو اٿيو. جڏھن ته پراڏو ڪکائين تھ تان اٿندو ئي ناھي. اگر وقتي طور تي اھو به مڃيون ته اوھان جي جيئري جاڳندي ڪرامت ۽ مارئي جي نالي پوڻ سبب، کوھ تي اھو لقاءُ ٿيو جنھن سان مال ٽاھ کاڌو. سوال ھاڻي ھيءُ آھي ته؛ اھو مال، اوچتو اتي ڪٿان آيو؟ جنهن ۾ اوهان جي آواز جي پڙاڏي سان ٽاھ پئجي ويو؟ اھو مبادا کوھ صاحب جو ڪمال ھيو يا اوھان جي بابرڪت ڦوڪ جو؟“ ان پڇڻ تي اگر اهو صاحب چڙي پوي ته ان ۾ ڏوھ ڪنهن جو مڃجي؟ پڇڻ واري جو يا چڙڻ واري جو؟
ھڪڙو ٻيو مثال، مان پاڻ تي ئي ٿو ڏيان. مان سال ۱۹۵۹ع ڌاري ڄائم. سقوط ڍاڪا، ۱۹۷۱ع ڌاري ٿيو، جنھن وقت منھنجي عمر ٻارھن سال ھئي ۽ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڇھون درجو پڙھندو ھيس. ھاڻي اگر مان پنھنجي زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾، دوستن يارن جي پٻين تي پئي يادگيرين جو ڪتاب لکان ۽ منجھس اھا ڊاڙ ھڻان ته؛ ”جڏھن ڍاڪا ۾ ڀٽو صاحب، مجيب سان ڳالھيون ڪرڻ ويو ھيو ته مان به ان وفد ۾ ساڻ ھيومانس. مون کي چٽيءَ طرح ياد آھي ته؛ جڏھن مون کي پاڻيءَ جو گلاس آڻڻ لاءِ چيائون، تڏھن کين ڪا راز جي ڳالھ چوڻي ھئي ۽ مون کان لڪائڻ خاطر، مون کي ڪنھن بھاني سان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائون.“ منھنجو اھو جملو، سؤ سال پڄاڻان، ڀلي ماڻھن کي سچ معلوم ٿئي ۽ مون کي اھو ڪور ڦٻي وڃي. پر اڄ جو ماڻھو، ايڏو بيوقوف ۽ انڌو ته ڪونھي جو ھو انھيءَ صريح ڪوڙ کي سچ سمجھي ۽ ان تي آئندي جي تاريخ کي مرتب ڪري؟.
پرفيسر نذير احمد سومرو صاحب به ان قسم جي جملن ۽ بيان بازين کي، جيڪي صريحًا ڪوڙ تي مبني ھجن، پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آئنده لکي ويندڙ تاريخ، درست ٿئي. سندس نظر فقط، تاريخ سان ويساھ گھاتي ڪندڙ ڪوڙن تي ھئي.
سندس تربيت، پڙھيل لکيل ماحول اندر ٿي ھئي. سندس والد سائين عبدالحميد سومرو صاحب ۽ سندس چاچو سائين در محمد صاحب جن، عليڳڙھ جا تعليم يافته ھيا. اھي بي غرض ۽ لالچ کان ڪوھين پري انسان ھيا، جيڪي عليڳڙھ مان ڪشالا ڪري تعليم وٺڻ کان پوءِ به تعليم عام ڪرڻ واري پاڪ پيشي سان، شان مان سان، ياعمر سلھاڙيل رھيا. نه ڪنھن وڏي عھدي/ نوڪريءَ جي تمنا ۽ تقاضا کين ڪنھن وڏيري آڏو جھڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ نه ئي بي ھمت ۽ ھڏ-حرام ٿي ٻين جي ھٿن ڏي ڏسندا رھيا. نه ئي اڄ وانگر پنھنجا ٽيوشن سينٽر کولي انھن ٻارن کي ڦريندا رھيا، جن کي ڏينھن جو پڙھائڻ لاءِ کين سرڪار وٽان پگھار ملندي ھئي. بلڪ پنھنجي محنت ۽ ھٿن جي پورھيي تي ڀاڙيندا ۽ ٻچا پاليندا رھيا. سائين در محمد آخر ڌاري، جڏھن رتوديرو ۾ پنھنجو پرائيويٽ اسڪول کوليو ھيو، تڏھن به ٽيچرس گائيڊن جھڙا تيرھن چوڏھن ڪتاب لکي، ڇپرائي، نالو ۽ ناڻو ڪمايو ھيو. اھڙن ھٿن ۾ پليل ٻار جو ذھن پڻ لالچ کان پري ۽ بي رياءُ ضرور ھوندو. نذير صاحب تي، انھن ٻنھي صاحب علم و ادب جي ڇاپ چِٽي ھئي.
گوٺ ۽ شھر اندر، سندس صحبت پڻ صاحب علم ۽ ادب ماڻھن سان ھئي. جنھن ۾ سر فھرست شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي ھيو. جنھن کيس غلام محمد گرامي، امداد حسينيءَ ۽ وفا ناٿن شاھيءَ جھڙن مدبر شاعرن ۽ اديبن سان ھٿ وٺي وڃي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪرايون. ان کان علاوھ، نئون ديرو منجھ، امام راشدي ۽ منٺار سولنگيءَ سان پڻ ادبي لاڳاپو ھيس. نوڪريءَ منجھ سندس ذاتي دوستي ۽ پريت استاد بخاريءَ، حاڪم شاھ بخاريءَ، مير ٿيٻو، محسن ڪڪڙائي، نواز رڪڻائيءَ ۽ احمد خان مدھوش جھڙن شاعرن ۽ محققن سان رھي. ھم پيشه ليڪچرار دوستن ۾ به سندس دوستي اديبن سان رھي، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل، وليرام ولڀ، مرحوم ملڪ نديم ۽ نواز چنڊ صاحب آھن.
اردو ٻوليءَ تي پڻ خاص دسترس ھيس. جنھن سبب سندس لاڙڪاڻي توڙي ڪراچيءَ جي اردو اديبن سان ڏيٺ ويٺ چڱي خاصي ھئي. منجھن مسلم شميم صاحب، مظھر جميل ۽ ظاھر نوري وغيرھ پڻ سندس گھاٽن لاڳاپي وارن منجھان ھيا. رتوديرو ڪاليج مان جاري ٿيل مسلنيءَ جي اردو ڀاڱي جو پاڻ ايڊيٽر ھيو. ان مسلنيءَ جو اردوءَ وارو ڀاڱو ڏاڍو جاندار ھيو، جو ڪراچيءَ اندر ھڪ اردو اديب سمورا ليک پڙھڻ کان پوءِ چئي ڏنو ھيس؛ ”ليک واقعي مختلف موضوعن تي آھن، پر منجھن اسلوب ساڳيو آھي، جيڪو چغلي پيو ڏئي ته ھٿ ساڳيو ھليل آھي.“
سندس تربيت جيئن ته علمي ماحول ۾ ٿي ھئي تنھن ڪري مٿس ان ڳالھ جو گھرو اثر ھيو ۽ وٽس ايترو صدري علم ڪٺو ٿي چڪو ھيو جو ھو آسانيءَ سان ڪنھن به تحرير جو ڇيد ڪري، مٿس تنقيد ۽ تجزيو ڪري پئي سگھيو. جڏھن ھن، عمر جي آخري حصي ۾ قلم ھٿ ۾ کنيو ته ڏاڍو مضبوطيءَ سان کنيو. جنھن تي به لکيو، بي باڪ ۽ ثبوتن سان. جنھن ڳالھ ۾ شڪ ھوندو ھيس، ان لاءِ ٻيھر ڪتاب اٿلائيندو ھيو يا زندھ جھونڙن سان وڃي ملندو ھيو، ته جيئن اکين ڏٺن ماڻھن جون پڪيون شاھديون ھٿ ڪري، پنھنجي تحرير کي سچو ثابت ڪري. ان سلسلي ۾ جن ماڻھن سان، ڪن معاملن تي بحث لاءِ ويو ھيو، سي ھيا؛ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، آفاق صديقي، سيد ھاشم رضا، مسلم شميم ۽ مخدوم شبير احمد وغيرھ. انھن ماڻھن جا تذڪرا، مھراڻ ھوٽل جي لان تي ٿيل ڪچھرين ۾ پڻ ڪندو ھيو.
وٽس ثبوت جي طور تي کوڙ ڪتاب ساڻ ھوندا ھيا. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪن ڳالھين جي ڀراءَ ۾ جيڪي حوالا ڏيندو ھيو، تن ۾ ڪيترن ڪتابن جا صفحا نمبر به ياد ھوندا ھيس. ثبوت جي طور اگر ٻئي ڏينھن ڪتاب آڻيندو ھيو ته منجھس واقعي ساڳي ڳالھ، ساڳين صفحن تي لکيل ھوندي ھئي. ديوان سنگھ مفتون جو يادگيرين تي مشتمل ڪتاب؛ ناقابل فراموش، مون پھرين وٽس ئي ڏٺو ھيو. ان کان علاوھ اھڙن نالن وارا جھونڙا ڪتاب پڻ ساڻ ھوندا ھيس، جو ھڪ دفعي مرحوم ملڪ نديم صاحب ھڪ ملاقات دوران، مذاق مذاق ۾ چئي ڏنو ھئس؛ ”تو کي ڏس ته سدائين اھڙا ڀيانڪ ڪتاب ڪڇ ۾ کنيو ٿو وتين جن جا نالا ئي عجيب آھن، جيئن؛ ڪالي پربتون ڪي ھري سائي مين.“
بھرحال ھڪ اھڙي ماحول ۾ رچي بسي ۽ پچي نڪتو ھيو جنھن کيس ڪندن ڪري ڇڏيو ھيو. آخري وقت ۾ جيڪو به لکيائين سو ڪنھن کوري ڇا ڄڻ ڪنھن آتش فشان مان نڪتل لاوو ھيو جنھن ھر آڏو آيل کي سرڙي ڇڏيو. ڪو به موضوع، سندس تنقيد واري اک کان بچيل نه ھجي ھان، اگر زندگي ۽ طبيعت ساٿ ڏئيس ھا. افسوس جڏھن لکڻ لاءِ ائنٽ متس ته زندگي پوري ٿيڻ جي گھنٽي وڳس. جوڳي جُوءِ مٽي، رمتا ٿي ويا. رھي نالو رب جو.
سندس ڪم کي ھر ذي علم و فھم، پسند ڪيو پئي ۽ ان جي حيثيت علمي ۽ اڪئڊمڪ پڻ آھي. ڄاڻ ۽ پرک جي گھرجائن لاءِ، سندس انھن مضمونن کي جيڪي مختلف ڪتابن تي ڀرپور نموني تجزئي طور لکيا ويا آھن، ھت يڪجاءِ ڪيو ويو آھي ته جيئن آئندھ جي تاريخ درست رھي. ان کان علاوھ، جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين سي آھن؛ مھاڳ، خاڪا، اڀياسي/تجزياتي يا تنقيدي خط وغيرھ، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. تن جي به ادبي حيثيت آھي. اھي به عام آڏو، ضرورت آھر آڻڻ جي ڪوشش ڪبي. في الحال، پنھنجي وت ۽ وس آھر، پھرين وٽي کير ڀري، پيش ڪجي ٿي.
ھن سڄي ڪم کي معرض وجود ۾ آڻڻ لاءِ، مختلف دوستن مختلف وقتن تي ھمٿايو پئي، جن ۾ عاشق منگي، رشيد ڪٽپر، منظور ڪوھيار، آصف سومرو، رياضت ٻرڙو ۽ ناز سنائي صاحب جن سر فھرست آھن. سندن مشورا ۽ معاونت، ڪتاب جي ترتيب دوران، پڻ رھيا. ان لاءِ سندن ٿورا. مواد کي ڪمپوز ڪرڻ ۽ پروف چيڪ ڪرڻ ۾ رضا بخاريءَ وڏي محنت ڪئي. ان کي ياد نه ڪرڻ، سندس ٿورو نه مڃڻ جي مترادف آھي.  
وڌيڪ پرھندڙ پاڻ نقاد آھن. وٽانئن اگر جوڳي موٽ ملي ته پروفيسر جا ٻيا ليک به سھيڙي ضرور سندن ھٿن تائين پھچايا ويندا.

1 comment:

  1. behtreen kam aen sutho muhag ahe, ahran nasri kitaban aen kam jo qadar thean ghurje, dil chawe thee kitab parhje....

    ReplyDelete