11/01/2013

شيخ اياز جي ڪتاب ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



محمد ابراهيم جويو
ڏهه مهينا ٿيا ته ’جل جل مشعل، جل!‘ جا سدا ملوڪ ۽ روح ۾ امر جوت جاڳائيندڙ گيت شايع ٿيا. اُهو اپريل جو مهينو هو، ٻه مهينا پوءِ، ان سَٿَ مان رهجي ويل ٻه وايون، ”پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اُڀ تائين جهوليندو،اهڙو ڏينهن به ايندو!“ ۽ ”هيءَ هيءَ ڪونج نه مار، اڙي آهيڙي!“ ۽ ٻه غزل ”وسڻو آهي، هانءُ نه لاهه، ڇورا، ٻج ٻه ٽي ڪي ڇٽ!“ ۽ ”ڪهڙيءَ کوهه، کنئيءَ جي لاءِ،“ ”روح رهاڻ  جي جولاءِ ۱۹۶۷ع وري پرچي ۾ شايع ٿيا.

ان کان پوءِ ’اياز‘ اسان کي ٽي ’لوڪ گيت‘ ”ڏيهه نه آيئي منهنجو ڏانءِ!“، ”انبڙيون ڳول نه ڇورا، ڏينهن تتي ۾!“ ۽ ”اوءِ ڪَجَري گُجر، پير هوريان ته ڌر!“ ۽ ٻه گيت- هڪڙو ناچ ڌن تي رچيل، پريت پرينءَ جي پايل پايل، آيل آيل!- گهايل گهايل- منهنجا پير!“  هاءِ جواني جهوٽو ڙي!“ منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو تو کان سندر ڦول، موتيا!“ ۽ ”مانجهاندي جا ماڳ سوين، پر منهنجو پنڌ پري!“ ۽ ٻه غزل ”ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن ڪيئن چيو، پر وائي سڀ کي وات هئي!“ ۽ ”چارڻ سو جو چنگ سوا، لاهي سڀ لاڳاپا لڳ!“ ۽ ٻه نظم- ”منهنجي ڪوتا جاپ جُڳن جا، اڻ ڳاتل آلاپ جڳن جا“ ۽ ”تون مان دور نه آهيون پيارا!.. توکي مون کي روز ملائي، سنڌوءَ جو سپنو!“ ـــ ۽ آخر ۾ ٻه بنهه ننڊ مان جاڳائڻ ۽ هانوَ ۾ هُرڻ واريون لوليون. ”شال دولهه ٿئين! شال دودو ٿئين!، شال سورهيه ٿئين! سنڌ تي سر ڏئين! لوليون! او ابا! لوليون!“ ۽ ”لولي لال! جيئن شال! جيئي سنڌ، تنهنجي سنڌ! جيئي جند، تنهنجي جند! لولي لال!“
اهي سڀ اُجرا اُجرا، املهه گيت اسان جي شاعر هنن ڏهن مهينن ۾ اسان کي ڏنا آهن. اڄ اسان جي سامهون اياز جا ”هي گيت اڃايل مورن جا“ موجود آهن. ڪل ۴۷ گيت آهن ۽ ڪيڏا نه مند ماس جا، رسيل ۽ رسيلا آهن هي سڀئي گيت!  هيتري مختصر عرصي ۾ ڪو جوهري هيرن موتين جا ٿال ڀري آڻي اسان جي آڏو رکي ۽ پوءِ اسان کان فقط انهن جي سڃاڻڻ ۽ سانڍڻ جو دام گهري ته اسين پاڻ کي ڪيترو نه خوش نصيب سمجهي سگهون ٿا!
اياز پنهنجي شاعريءَ متعلق لکندي، پاڻ کي هڪڙي اهڙي موتي ميڙيندڙ ٽوٻي سان مشابهت ڏني آهي ”جو، جڏهن ٽٻي هڻي، مٺ ڀري، مٿاڇري تي ايندو آهي، تڏهن هن جون اکيون پاڻيءَ ۽ مٽيءَ سان ايترو لُڙاٽيل هونديون آهن، جو هن کي ٻيءَ ٽٻيءَ لاءِ ڪافي ساهي پٽڻي پوندي آهي.“ پنهنجيءَ شاعريءَ  کي هن هڪ چڙهندڙ وير سان پڻ ڀيٽيو آهي[1]، جا جڏهن لهندي آهي ته پوئتان ”فقط سڪل ٺوٺ پهاڙيون ڇڏي ويندي آهي.“ شعر جي آمد يا لفظي پيراهُن ۾ اجهل ۽ اَمُل خيالن ۽ جذبن جي ٻڌجڻ، متعلق لکندي، شاعر جي ”تحت الشعور جي هيجان“  کي گهاٽن جهنگن ۾ شڪار ڪندڙ وحشي آفريڪين جي دهلن سان ڀيٽيو اٿس، جن جي ”هل هلاچي تي شڪار هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي، آخر انهن جي ڄار ۾ اٽڪي ڦاسي ويندا آهن ۽ پوءِ دهل جو آواز ڍرو ٿيندو ويندو آهي ۽ نيٺ ان جي جهيڻي جهانءَ پاتار ۾ پيهي ويندي آهي ۽ جيستائين اهو شڪار ونڊبو ورهائبو نه آهي ۽ وري آهيڙين جا آنڊا بک ۾ وٽبا نه آهن، تيستائين اهي دهل ٻڌڻ ۾ نه ايندا آهن.
اياز هن سلسلي ۾ شاعر جي خود محويت کي بت تراش جي جنون سان پڻ ڀيٽيو آهي، جنهن جا هٿ ”ڇيڻيءَ تي زبرا ڌڪ هڻي، لهولهان ٿي پوندا آهن ۽ وري پڙ ۾ پيهي، ٻيءَ مورتيءَ کي ڇڪي اچڻ لاءِ انهن چٿيل چچيل هٿن کي ڪجهه آرام جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي.“ ست سال اڳي پڻ هڪ خط ۾ اياز فنڪار جي تخليقي جذبي جي انهيءَ وير ۽ اَلڙ، هل هلاچي ۽ ماٺ، پالوٽ ۽ ٺوٺ سوڪهڙي جي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي[2]، پنهنجي شاعريءَ جي ڏات کي ”بيوفا سريت“ ڪوٺيو هو، جيڪا ”مون کي هميشه ڇڏي ويئي آهي!“ ۽ ٻه سال پوءِ جڏهن اها ”بيوفا سريت“ هڪ ڀيرو وري وٽس موٽي آئي هئي ۽ کيس جاڳايو هئائين[3]، تڏهن ائين ٿي لڳو ته، لکڻ وقت، هن جو مينديءَ رتو هٿ منهنجي هٿ تي رکيل هو ۽ گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبوءِ ڏيئي رهيا هئا. شمع تي شمع جلندي رهي، ڪوئي پتنگ ڪونه هو، فقط منهنجا خيال کنڀڙاٽيون هڻي رهيا هئا ۽ منهنجيءَ جاڳ ۾ جرڪي رهيا هئا.“
’جل جل مشعل، جل‘ جي پالوٽ کان پوءِ، ائين وچ وچ ۾، ڪو ڪو شعر تخليق ٿيندو رهيو، نه ته شاعر جي دل ساگر سانت ۾ رهي. پڇاڙيءَ ۾ ”هي گيت اڃايل مورن جا“ جبل تان لهندڙ ڪنهن مست نئن وانگر، سڀ جا سڀ، اٺن ڏهن ڏينهن ۾ جڙي راست ٿيا، جن جي رواني ۽ موج مون تقريباً هر روز ڏٺي ۽ جن جو مدمست آواز مون هر روز ٻڌو. اها منهنجي مخالفن جي مون سان مهر ٿي، جو بيمار سنڌ جي پيرانديءَ کان اٿاري ان جي سيرانديءَ کان ويهڻ جو شرف ڏنائون[4] ۽ ائين، ٻيهر، عمر جي پوئين دور ۾، سنڌ جي هن اجهل ۽ امر آواز، منهنجي ماکيءَ کان مٺي ۽ موتين کان املهه دوست سان ايڏو قريب رهڻ جو وجهه مليم.
هڪ ڀيري، منهنجي هڪ ٻئي پياري دوست ۽ رفيق محترم گرامي صاحب ويٺي وٺي، شاعريءَ جي ڪرشمه آرائي متعلق حيرت جو اظهار ڪندي، چيو ته، ”هي آخر ڪهڙو اسرار آهي، جو صدين کان وٺي، سوين بلڪ هزارين شاعر محبوب جي حسن ۽ عشق جي هڪ ئي موضوع تي ايترين ٻولين ۾، ايترا نئين کان نوان خيال ۽ ايتري نئين کان نئين انداز ۾، چئي ٿا سگهن!“  شعر ۽ شاعريءَ جو هيءُ اسرار واقعي حيرتناڪ آهي. محبوب ۽ ان جو حسن ۽ انساني دل ۾ عشق جو اڌمو- اهي زمان ۽ مڪان سان واسطو رکندي به زمان ۽ مڪان کان آجا ۽ اوچا، سوچ جي دام ۾ ڪڏهن به نه ڦاسڻ جهڙا گهڻ- روپي ۽ گهڻ- رنگي ڪرشما آهن ۽ شاعر جي انوکي ڏات انهن جي انهيءَ پهچ کان ٻاهر سراب ۾ جذب ٿي، جو ڪجهه اسان کي ڏئي ٿي، اهو نئون آهي ۽ ان جي حيرتناڪي اسان جي عقل ۽ احساس کي عاجز ڪيو ڇڏي. هن مجموعي ۾، اياز جا ٻه گيت- ”ڇا ڇا نه سمندر سرجي!“ ۽ ”پهريون پهريون لفظ خدا جو ’ڪن فيڪون‘“ شاعر جي انهيءَ تخليقي هيجان ۽ شاعريءَ جي انهيءَ پراسرار ڪرشمه آرائيءَ تي ڪجهه روشني وجهن ٿا.
بهرحال، شاعر جي ’تحت الشعور جو هيجان‘، جيڪو هن جي شعري تخليق جو فوري باعث بنجي ٿو، سو ڪو بي سبب ۽ ڪنهن سماجي خلا ۾ ڪونه ٿو پيدا ٿئي. شاعر پنهنجي سماج سان واڳيل انسان آهي. ماضيءَ سان هن جو ڳانڍاپو ۽ مستقبل ڏانهن هن جي ذميواري ئي هن کي حال جي فرض شناسيءَ ۽ فرض ادائيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ان ڏانهن آماده ڪري ٿي. تخليقي ڪيفيت ۾، شاعر جي ڏات جي اظهار لاءِ ”گذريل واقعات رکيل انگوري شراب وانگر مدمستيءَ واري خوشبوءِ“ جو ڪم ڏين ٿا. ” هي گيت اڃايل مورن جا“ تخليق ٿي، انهن جو سبب، انهن جو مواد ۽ پس منظر پنهنجي ديس ۽ ٻاهرئين عالم جا اهي دک ۽ پيڙا جا واقعا ئي معلوم ٿيندا، جيڪي گهڻي زماني جا پراڻا به آهن ۽ هلندڙ وقت جا تازا پڻ آهن.
پنهنجي ديس توڙي ٻاهر، اڳي ۽ هاڻي هن ٿوري وقت ۾، جو ڪجهه گذريو آهي ۽ گذريل رهيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. فردن کان قومن تائين جيترو ڪو هيڻو ٿي رهيو آهي، اوترو ان سٺو آهي. سنڌ ۾ اسين رهون ٿا ۽ دنيا جي بساط اسان جي اڳيان موجود آهي. آزاديءَ جي راهه ۾ ويٽنام جي بي مثل قوم جا بي مثال ڪارناما هنن ڏهن مهينن ۾ پنهنجي معجزه نما حد کي پهتا. هن ئي عرصي ۾ عالمي انقلاب جو شيردل سرويچ، چي گوئويرا، شهيد ٿيو. هابيل ۽ قابيل، بابل جو شهر، دهليءَ جو سرمد شهيد، جهانسيءَ جي راڻيءَ جو لاش، ٽيپوءَ جي ڪنڌ، مسدس حالي، شو جو ڪوڙو ناچ، ڦاسي گهاٽ، ڪار مان لهندڙ نازنين، مزدور جا ٻار، ورديءَ وارا بوٽ، ’جبل جو بلئڪ آئوٽ‘ جنهن ۾:
بمباريءَ جي ڀَوَ کان بجلي
آهي روز وسائي ويندي،
پر هو چوڏهينءَ چنڊ کڙيو آ
(رات ته ناهي ڏينهن ڏٺو آ)
اُن کي ڇو نه وسائي ٿو ڪو؟
اُن کي ڪير وسائي سگهندو!
هي ۽ ٻيا سڀ اهڙا واقعا، جن جا بيان ”هي گيت اڃايل مورن جا“ آهن، اهي اسان جي پنهنجي زندگيءَ جي لاڳيتي ۽ اکٽ داستان جا ئي واقعا آهن. انهن ۾ ڪهڙا وقتي اهميت جا آهن ۽ ڪهڙا دائمي اهميت جا- ان جو فيصلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي! فن جو بهرحال ڪمال هيءُ آهي ته، اهو وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾ دائميت ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي. سماجي ڪارج جي ڀرپور ادائگي فقط اهڙي پد تي پهتل فنڪار ۽ ان جو فن ئي سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. اياز جي هر شعر ۾ انهيءَ قسم جي تاريخي ۽ سياسي ذمينداريءَ جو احساس موجود ملي ٿو.
هيءَ ذمينداري، جيڪا هر سچي فن جي تخليق لاءِ لازمي ۽ بنيادي شرط آهي، شاعر يا اديب محض وعظ ۽ نعري بازيءَ سان پوري ڪري ڪونه سگهندو. ان لاءِ هن کي فن جي اثر آفرينيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. چونڊ ٻولي، تشبيهه ۽ استعارو، علامت ۽ تمثيل ڪرڻا پون ٿا. اياز جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ سلسلي جون نيون ترڪيبون بيشمار آهن، هنن ئي گيتن ۾ اوهان کي اَواڪ اُڃ، ڪنٺ ڪٺورن جا، سپني ول، تارونءَ ۾ تلوارون، آنڌيءَ ۾ آکيرا، ڌرتيءَ تي دستارون، ڇپر مان ڇاٽ، آکيري جي اوٽ، ڏر جو ڏڍ، ڏاڍ جي آڍ، چنگ جي چڻنگ، گلابي گهڙيون، ماڪ مهل، لهوءَ جي ندي، گهنڊ گناهن جا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي ترڪيبون ملنديون، جن مان اڪثر، پنهنجي اصطلاحي مفهوم توڙي علامتي مقصد ۾، شاعر پهريون ڀيرو استعمال ڪيون آهن. مثلاً ”تارونءَ ۾ تلوارون“  جي ترڪيب (”سرمد ڇا ٿو سوچي“ واري گيت ۾)  فتويٰ باز مُلن جي زبانن لاءِ ڪم آيل آهي، زبانن کي تلوارن سان تشبيهه ڏيئي (تلوار جو وڍ ڇٽي وڃي، زبانن جو وڍ نه ڇٽي) ۽ انهن جي چوٽين کي تارونءَ ۾ کتل چئي، متعصب ملن جي انهيءَ پريشانيءَ ۽ حيرت کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کين سرمد تڏهن به وڌو هو ۽ هاڻي به هو آهن ۽ هو تارونءَ ۾ تلوارون لڳايو، سوچ ۾ ورتا ويٺا آهن ته سرمد تي آخر ڪهڙي ۽ ڪيئن ڪا يڪ تڪائي فتويٰ ڪڍي وڃي. فن جي ڪمال جو هيءَ گيت هڪ عجيب مثال آهي.
هن سڄي گيت ۾، تاريخ جي ان ڀيانڪ ۽ روح مٺ ۾ آڻيندڙ گهڙيءَ کي، صديون گذريل وقت جي پاتال مان لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي، هڪ بت تراش يا رنگن جي چترڪار وانگر، اهڙي دائميت ڏني ويئي آهي، جو پڙهندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اها هوبهو اڄ به اسان جي آڏو بيٺي آهي.
هونئن به، هر دور جو حقيقي شاعر پنهنجي مضطرب روح جي ظاهر ۽ پنهنجي انقلاب آفرين پيغام جي بيان لاءِ پنهنجي جدا ٻولي پيدا ڪندو آهي. ان ٻوليءَ ۾ هن جي سڃاڻپ هوندي آهي. هن جي هر لفظ ۽ سٽ درسني هوندي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جي جهلڪ ڏسبي آهي. ٻيا شاعر هن جي ٻولي استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اها انهن جي ٻولي ٿي نٿي سگهي. دراصل، ٻين همعصر ۽ پوءِ ايندڙ شاعرن جي اهڙيءَ پيروڪاريءَ سان ئي ان اڳواڻ شاعر جي ٻولي مقبول عام ٿيندي آهي ۽ قومي ٻوليءَ جي لفظي، اصطلاحي، ترڪيبي ۽ علامتي ذخيري جو حصو بنجي، ان جي اظهاري صلاحيت جي اڀرڻ جو سبب بنبي آهي.
اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي، هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو. ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ جي ڪجهه اوائلي نظمن ۽ غزلن کان سواءِ، هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽ ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي ۽ شعري خيالن ۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، ان مان هن جي شعر ۾ بنهه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت پيدا ٿئي ٿي. ايتري قدر جو ٻڌڻ سان ڪلام جي فڪري مواد ڏانهن پهرئين ڀيري ڌيان ئي نٿو وڃي. حقيقت ۾ هر فن جو ڪمال پڻ ان جي اها معصوميت، جا ساڳئي وقت بي انتها پيچيده جذبات ۽ گهريءَ فڪري ولوڙ جو اظهار ٿئي ٿي ۽ اها پنهنجائپ، جنهن کي پڙهڻ سان ائين سمجهبو ۽ ائين دل ٿيندي ته اهڙو شعر آءٌ به ٺاهي سگهندس ۽ اجهو ٺاهي ٿو وٺان!
شاعر جي ٻوليءَ جو خاص حصو اهي علامتون پڻ آهن، جيڪي هو پنهنجي مقصد جي ادائگيءَ لاءِ ڪم آڻي ٿو. غزل جي شاعريءَ جون علامتون ساقي ۽ ميخانو، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پروانو وغيره، حسن و عشق ۽ تصوف جي ڪيفيتن کان سواءِ هاڻي سياسي ۽ سماجي خيالن جي اظهار لاءِ پڻ ڪم آنديون وڃن ٿيون. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جون علامتون- چانگو، ڪانگ، ائٽ، سامونڊي، چارڻ، ٽوپو، کاهوڙي، جوڳي، وڻجارو وغيره ۽ سنڌ جي داستانن جا سڀ ڪردار، واقعا ۽ حالتون به عشقيه ۽ تصوف جي مضمونن کان علاوه هاڻي سماجي ۽ سياسي فڪر جي ترجمانيءَ لاءِ ڪم اچن ٿيون. (۽ انهن کي ائين سماجي ۽ سياسي فڪر جي اظهار لاءِ علامت طور ڪم آڻڻ ۾ به اياز جو پهريون ۽ مکيه هٿ رهيو آهي.)
پر تاريخ ۽ سياست جي هڪ ذمه بردار شاعر جي حيثيت ۾، پنهنجي فڪري اظهار لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ سموري مروج اصطلاحي، تشبيهي ۽ علامتي ذخيري ۾ اياز ڪافي اضافا ڪيا آهن. مثلاً آرائين، ڄَرَ، اڃ، آهيڙي، مڌ ماتا، ناگاساڪي، ڀنڀٽ، سپنو، ماڪ، مور، نڙ، گوري، گجري، پلر پيئڻ، ٻاٽ، راڳي، سَرُ (تلاءُ) ، ڇَر، ڪارونجهر، ڪينجهر، اروڙ، اُمارو، اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي لفظ ۽ نالا اياز پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي پيغام جي اظهار لاءِ علامتي انداز ۾ ڪم آندا آهن. اهي سڀ علامتون ٺيٺ سنڌي آهن، جيڪي هن پهريون ڀيرو ڪم آنديون آهن. هر اهڙي لفظ جي علامتي ڪارج جي ظاهر ڪرڻ لاءِ، هن جي شعر ۾ ڪنهن اهڙيءَ رعايت جو اهتمام موجود رهي ٿو، جنهن سان اهو لفظ پنهنجي معمولي حيثيت مان ڦري علامتي حيثيت جو حامل بنجي وڃي ٿو. مثلاً ’او آرائين!‘ واري گيت جو هيءُ بند:
”آو آرائين!
تنهنجيءَ جهوليءَ ڪهڙا گل؟“
”دوها، سائين!
پيار لُٽايا جيڪي پَل“
گيت جي هن بند ۾ ’دوها‘ لفظ آڻي، ان جي رعايت سان ’آرائين‘ کي شاعر، انقلابي مفڪر ۽ مبلغ جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ سڄي گيت ۾ جيڪي ٻيا اهڙا لفظ ڪم آيا، مثلاً ’سرءُ‘، ’ڳاڙها گل‘ وغيره، ان پهرينءَ مرڪزي رعايت سان، پنهنجي پنهنجي علامتي حيثيت ۾ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ازخود اڀري اچن ٿا.
گيتن جي هن مجموعي جو نالو ”هي گيت اڃايل مورن جا“ خود علامتي اهميت رکي ٿو. ’گيت‘ دانهن، فرياد يا سڏ جي علامت آهي، ’مور‘  وطن دوست انقلابيءَ جي علامت آهي ۽ مور جي ’اڃ‘ کي آزاديءَ ۽ انقلاب جي پياس يا خواهش چئي سگهجي ٿو ۽ ڇاڪاڻ ته هي گيت سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن ۽ سنڌ جي شاعر پنهنجي وطن جي بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جي پس منظر ۾ چيا آهن، تنهن ڪري هي گويا سنڌ جي وطن دوست انقلابين جا آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ فرياد يا سڏ آهن.  هي گيت پنهنجو علامتي مفهوم پڻ رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جن انساني اعليٰ قدرن جا اهي حامل آهن، اهي قدر زمان ۽ مڪان جي حدن کان بالاتر آهن. اياز جي فن جي عظمت انهيءَ ۾ ئي آهي، جو سندس شاعرانه علامتون نه فقط پنهنجي معاشري ۽ حالات جي تصوير ڪشي ڪن ٿيون، بلڪ انهن مان سندس پڙهندڙ ساريءَ انسان ذات جي تاريخ ۽ تقدير جي جهلڪ پڻ وٺن ٿا. اياز جو هيٺيون ننڍڙو گيت انهيءَ سلسلي ۾ خاص ڌيان لهڻي:
ڪتا ڀؤنڪن
ڀاڳيان ڀؤنڪن
چور به ڀؤنڪن ٿا!
ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾!
هر هر هئين ڦاڙ هوا ۾!
چارا ڇرڪن ٿا
تارا ڇرڪن ٿا!
ڪير اويرو آيو آهي؟
هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟
ڪتا- ڏاڍ جا غلام ۽ چاري، ڀاڳيا- عوام ۽ چور- ڏاڍ جا ڌڻي، جارا- آزاديءَ ۽ علم (هوا ۽ روشنيءَ)  جا وسيلا  اخبارون، ڪتاب، تعليمگاهه وغيره)، چارا-  سياسي (قومي) جدوجهد جا رستا (آئيني ۽ غير آئيني) ۽ تارا – عظيم مقصد، اوچا آدرش. لفظ ’ڀؤنڪڻ‘ ٽي ڀيرا ڪم آيو آهي ۽ ٽيئي ڀيرا ان جي اصطلاحي معنيٰ انهن جو، آزاديءَ ۽ انصاف جي حقن لاءِ، بيسود رڙڻ، يا انهن مان ڪن جو خود ڏاڍن سان ملي، حق جي آواز جي خلاف دانهڻ ۽ چورن جو ڀؤنڪڻ معنيٰ سچ کي لڪائڻ، ٺڳڻ ۽ هيسائڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ. جارا، چارا ۽ تارا ٽي ئي ڇرڪن ٿا (تفرقي ۽ تحرڪ ۾ اچن ٿا)، پر ٽنهي جو ڇرڪڻ الڳ الڳ سبب  کان ۽ الڳ الڳ نوعيت جو آهي. اوناڙ- هانءَ نپوڙيندڙ رڙ آهي، جا رات جي سناٽي ۾ ڪنهن ماريل جانور تي ويهي، ڪو اڪيلو بگهڙ ڪندو آهي ۽ ”هر هر“ انهيءَ ڪري، جو هڪڙي اوناڙ کان پوءِ ٻئي هنڌ ويٺل ٻيو بگهڙ ٻئي ماريل جانور تي رڙي، ۽ ٽئين هنڌ ٽيون، وغيره. ”ڪير اويرو آيو آهي- هن وستيءَ ۾ ڇا ٿو چاهي؟“ معنيٰ- ’هن ديس ۾ ۽ هن مئل آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سڏيندڙ ڪو ته آيو آهي! اهو ڪير آهي ۽ اهو ڇا ٿو گهري؟“
هي ننڍڙو گيت ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ جي ڪنهن به رات جو منظر چٽي ٿو. رات جي سناٽي ۾، ستي لوڪ، ان ۾ ڪو خير جو گهورو شخص لنگهي آيو آهي ۽ هڪدم رڙو رڙ ۽ سڏو سڏ پئجي ويئي آهي! هن، تقريباً هر روز واقع ٿيندڙ، صورتحال کي سڄي جو سڄو علامتي طور پنهنجي ملڪ، ڪنهن به ملڪ، بلڪ دنيا جي موجوده توڙي آئينده واقع ٿيندڙ ڪنهن به فسطائي ظالمانه دور جي بيان لاءِ ڪم آندو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت پڙهندڙ جي ذهن کي ڌونڌاڙي، ٻڌايو ويو آهي ته هو پاڻ ڳولي، سوچي ۽ سمجهي ته ههڙي هانءَ ٻوساٽيندڙ ماحول ۾ ڪير نجات جي راهه ڏيکاريندڙ آهي ۽ اهو هر ڪنهن کان ۽ خود کانئس ڇا ٿو چاهي؟
اياز پنهنجي شعر جي فني هيئت تي پاڻ هڪ جدا تفصيلي مضمون لکي رهيو آهي. هنن گيتن ۾ هڪ ٻن هنڌن حاشيي ۾ پڻ هن پنهنجي فن جي انهيءَ پهلوءَ ڏانهن اشارا ڏنا آهن. هن موضوع تي منهنجي پنهنجي ڄاڻ ڪا خاص ڪانهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ لکڻ مناسب نٿو سمجهان، بهرحال، ايتري ڳالهه ته صاف آهي ته شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزن ۽ هندي ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً، هي زير نظر سڀ گيت ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحر وزن تي به انهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته ان ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪو نه ٿو پوي، جيئن فارسي بحر وزن جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙ جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنياد طور قائم رکيو آهي، بلڪ انهن کي اڳتي نيئي، انهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن. مثال طور، هنن گيتن ۽ وائيءَ ۾ پڻ غزل جي نمونن کي ٿوريءَ ڦير گهير سان نظم غزل جي ڦير گهير، ۽ ’ڇڻندڙ پن، وڇوڙيل يار‘، ڳالهه ته هڪڙي آهي!“ وارو نظم وائيءَ جي ڦير گهير جا مثال چئي سگهجن ٿا.
هر فن جي اصلي ۽ آخري عظمت ان جي سچائي آهي. اياز کي ڪجهه چوڻو آهي ۽ هو چوي ٿو. هن جي شعر، جو هيترو چؤٻول پيدا ڪيو آهي ۽ سنڌي ادب جي دنيا ۾ ايتري يڪتائي حاصل ڪئي آهي، ان جو خاص سبب هن جي پنهنجي فڪر، پنهنجي اندر جي آواز ۽ پنهنجي فن سان سچائي آهي، ’افسوس جو اسان جو شاعر هيءُ مضمون اڃا پورو ڪري نه سگهيو آهي.* ۽ سچ جي هوندي ماڻهوءَ جي ٻي هر لياقت، جنهن کي ڏات ٿو سڏجي، ثانوي حيثيت وٺي ٿي بيهي. سندس پنهنجي هڪ گيت جو بند آهي ته:
”ڏات وڏي شيءَ ناهي،
پر سچ وڏي شيءِ آهي
۽ جو سچ مچائي
سو مچ وڏي شيءِ آهي!“
(۱۹-۲-۱۹۶۸ع)


[1]  روح رهاڻ، جولاءِ 1967ع ـــ ”ڪانارِئا ڪڻڪن“ ص 50
[2]  ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ص 27، ص 62-64
[3]  حوالو ساڳيو
[4]  سنڌ دوستيءَ جي الزام ۾، ون يونٽ سرڪار ليکڪ کي حيدرآباد مان بدلي ڪري جيڪب آباد موڪليو.

No comments:

Post a Comment