05/01/2013

جيسين منهنجا گيت نه مرندا - لطافت علي جوهر



جيسين منهنجا گيت نه مرندا،
تيسين مان به مرڻو ناهيان
لطافت علي جوهر
شيخ اياز انهن مفڪر شاعرن مان هڪ آهي جن جو فڪر ۽ فلسفو صدين تائين سنڌي سماج ۾ درخشان ستاري جيان چمڪندو رهندو سندس شمار دور حاضر جي عظيم شاعرن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو. شيخ اياز پيشي جي لحاظ کان وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ اعليٰ پايي جو اسڪالر پڻ هو پر هن پنهنجي ڏات سان سنڌي شاعريءَ کي نئون رخ ڏنو.
هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي نوجوان نسل جي نمائندگي ڪندي منجهن نئون روح ڦوڪي انقلاب جي عظيم آدرش لاءِ راهه هموار ڪئي.
”مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان.“
هن شاعري کي حريت پسندن ۽ آزادي جي متوالن لاءِ جنگ جي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو سندس شاعريءَ قوم ۾ سجاڳي ۽ جاڳرتا سان گڏوگڏ کين آزادي جي قدرو قيمت ۽ قومي غيرت سان گرمائي ڇڏيو.

اياز جي شاعري جتي عظيم ڪونڌر ۽ سورهيه سرويچ پيدا ڪيا ته اُتي ساڳئي وقت نه ٿڪجڻ وارا ۽ نه هٽڻ وارا سپاهي پيدا ڪيا جيڪي طبقاتي نظام خلاف جنگ لڙيا ۽ حقن جي آزادي لاءِ اجتماعي توڙي انفرادي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا، اياز جا گيت سپاهين جيان وڙهيا ۽ هر محاذ تي سرواڻي ڪندا رهيا. شيخ اياز سنڌ جي جديد شعور جو بانيڪار هو هو نئين سنڌ جي اڏاوت جي اڏيندڙن مان هڪ هو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ شيخ اياز جهڙن شاعرن جي موجودگي ۽ سندن ڪيل ادبي ۽ شاعراڻي خدمت هڪ وڏو سرمايو آهي. شيخ اياز جي زندگي جا ڪيترائي رخ آهن. هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سندس وڏي قدر ۽ منزلت هئي.
اياز سنڌي ۽ اردو ٻولي ۾ شاعري ڪئي. هن ۶۰ سٺ کن نثري ۽ شاعري جا مجموعا لکيا جيڪي سندس ادبي عظمت ۽ ڏاهپ جي گواهي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن. سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ پنجابي ٻولين تي مهارت رکندڙ شيخ اياز جي پهرين لکڻي ۱۹۳۸ع ۾ شايع ٿي. اهڙي طرح ۶۰ سالن تائين هو ادبي کيتر جي آڪاش تي اڏرندو رهيو.
شيخ اياز جو وڏو ڪارنامو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي اردو ٻولي ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي جنهن سان نه صرف برصغير جا ماڻهو حضرت شاهه عبداللطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان واقف ٿيا بلڪه ٻين لاءِ تحقيق جا دروازا کليا.
اياز ”شاهه جو رسالو“ جو اردو منظوم ترجمي جي مقدمي ۾ اردو، فارسي، سنسڪرت ۽ هندي شاعري جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون چيون آهن ۽ جن فلسفيانه نقطن تي بحث ڪيو آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس تنقيد ۽ فلسفي سان ڪيترو گهرو تعلق آهي.
ڀؤنر ڀري آڪاس“ سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب ۾ جديد شاعري جو پهريون سگهارو آواز بڻجي اڀريو جيڪو هڪ نئين جذبي ۽ آهنگ سان گونجڻ لڳو. ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ انڌيرن ۾ گم ٿيڻ بجاءِ ادب جي اُفق تي سورج بڻجي روشني ڦهلائڻ لڳو. ان رات جي انڌيرن کي گم ڪيو. ترقي پسند نقادن ۽ روشن خيال اديبن ۽ شاعرن ان جو دل جي گهرائين سان استقبال ڪيو.
سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾
جيڏانهن نهاريوم، چوڏهين جي چانڊاڻ هئي.
اياز وٽ زندگي جو نظريو منفرد آهي. هو زندگي جي جماليات ۽ ڪائنات جي خوبصورتي جو متلاشي ۽ مداح آهي. هو نه زندگي کي هڪ اڪائيءَ ۾ ڏسي ٿو ۽ نه ڪائنات کي. هو اجتماعيت ۽ همگيريت جو قائل ٿو ڏسجي.
ڪوڪي ٿي ڪويل چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڄڻ ساري سنسار کي، ٿي ڏاري ڏکويل،
پرين سان پويل، شال رهي ساهه سڀن جو.
اياز محبوب جي گهڻي جدائي کي نقصان ڪار سمجهي ٿو، ڇو ته ڪيفيتن کي دوام ڏکيو حاصل ٿيندو آهي ان لاءِ چوي ٿو ته:
جدائي جانڊهه، پينهن ڇڏي پيار کي،
سڄڻن مون ساندهه، سوگهو رهج ساهه ۾.
رهي منهنجي روح ۾، سدا تنهنجي سونهن
ورهين لاءِ ورونهن، پلڪ تنهنجي پيار جي
اياز جا بيت جماليات جي جلون سان جگمگائين ٿا. هن جي روح جي رواني بيت تي حاوي آهي.
”ڀوئنر ڀري آڪاس“ ۾ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ کي جنهن بلند مقام تي رسايو آهي، ان جو مثال مشرقي شاعري ۾ ملڻ مشڪل آهي.
ڪلهي پاتم ڪينرو“ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ اياز تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو گهرو اثر آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي سورمين جو ذڪر، بيجل جو ذڪر، جوڳي جو ذڪر ڪري شاعري کي هڪ نئين سونهن بخشي آهي.
جنهن جيون ۾ مومل ناهي
تنهنجو ڪهڙو ڪاڪ محل
اياز محبت جي داستان کي سهڻن لفظن سان سينگاري پيش ڪيو آهي. وارث شاهه ”هير رانجهو“ جي رومانوي داستان کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي امر بڻائي ڇڏيو. ”هير رانجهو“ جو لازوال عشقيه داستان جيڪو صدين کان محبت ۽ چاهت جي علامت طور مشهور آهي. سنڌ، هند توڙي ايران افغانستان تائين انهيءَ جي مقبوليت اياز کي بيحد متاثر ڪيو. اياز جو ايمان آهي ته عشق ڪڏهن به مرڻو ناهي، عشق فطرت جي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ زندهه رهي ٿو. هو چوي ٿو ته ”عورت دنيا ۾ صدين کان پيڙهيل ۽ هيسيل آهي ڪڏهن کيس زنده درگور ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، پر پوءِ به پيار ۽ الفت جو فطري جذبو زنده آهي.“
اياز کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماروئڙن سان ازلي عشق هو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻي کان گهڻو نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو نقشو چٽيو آهي. هن ورهين کان سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ رائج فارسي، عربي ۽ اردو لفظن، محاورن ۽ تشبيهن کان آجو ڪرائيندي شاعري کي سنڌي ويس پهرايو ۽ معصوم ٻار جهڙي مرڪ جيان سريلي ۽ من موهيندڙ لفظن جي چاشني سان ڀريل گيت لکيا ۽ انهن ۾ نئين سرهاڻ ۽ زندگي پيدا ڪئي.
سنڌڙي تنهنجي سينڌ ڏسي
رات ڀٽائي گهوٽ رنو.
قيدي چيتي جهڙو ڏينهن
زخمي هرڻيءَ جهڙي رات
شيخ اياز جديد دور جو سڀ کان وڏو شاعر آهي، سندس شاعري جديد ۽ قديم شاعراڻي تخيل جو ميلاپ آهي. هن سنڌي شاعري جي پراڻن تصورن، اسلوب ۽ موضوعن کي بدلائي نئون طرز احساس،نوان اسلوب ۽ نوان فڪر ۽ تصور ڏنا، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ صدين کان مظلوم ۽ محروم طبقي ۾ نئين جوت جاڳائي نئون ولولو ۽ نئون پيغام ڏنو ۽ صدين کان پيڙهيل ۽ جاگيردارڻي سماج ۾ جڪڙيل محڪوم انسانن کي سجاڳ ڪيو.
ايوبي مارشلا ۾ اڪثريتي ماڻهن جي مرضيءَ خلاف هڪ غير فطري ۽ غير سياسي عمل جي ابتدا ڪندي جڏهن پاڪستان جي ننڍن صوبن کي ون يونٽ جي ذلت ڀريي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو، تڏهن اياز سنڌ جي سورهيه سرويچن ۽ حريت پسندن جي اڳيئن صف جو سپه سالار هو جنهن ون يونٽ خلاف وڏي دليريءَ سان لکيو. سنڌ جي جهر جهنگ، واهڻ وستي سندس انقلابي گيتن سان گونجڻ لڳي. اِهي گيت نوجوان نسل کي اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽي ۾ هڪ نئين سماج جي نويد ڏيڻ لڳا. پنهنجي شاعري ۾ ”اناالحق“ جو نعرو لڳائڻ تي کيس جيل اماڻيو ويو پر هن سچي ”ديش ڀڳت“ کي جيل جون سختيون به جهڪائي نه سگهيون. ”سفيد وحشي“ کان وٺي ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ تائين جو سفر ڪندي اياز سان وڏيون سختيون ٿيون. هو نه رڳو پراون جي ظلم جو شڪار رهيو پر پنهنجن به گهٽ نه ڪئي!
اياز جي ڪتابن تي پابندي مڙهڻ ۽ ڪيترائي قلمي نسخا ضبط ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس ساهيوال جيل ۾ قيد ڪيو ويو.
”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان“
جهڙيون شاهڪار سٽون تخليق ڪندڙ هن عظيم شاعر تي الزامن مٿان الزام لڳايا ويا پر هن ڪنهن به آمر جي آڻ نه مڃي.
۱۹۷۰ع ۾ جيل مان آزاد ٿي جڏهن ريل گاڏي ذريعي سکر ويو ته سڄي سنڌ سندس والهانه استقبال لاءِ اُٿلي پيئي. هن جي شاعري نوجوانن، ٻارن، مردن، عورتن توڙي ٻڍڙن ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. سندس لکيل گيت ”سنڌڙي تي سرڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ڏاڍو عوام ۾ ساراهيو ويو.
اياز جو Vision تمام مٿاهون هو. هن سنڌ يونيورسٽي کي رابندر ناٿ ٽئگور جي ”شانتي نڪيتن“ بڻائڻ پئي گهريو. اياز سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪي اميدون، ارادا ۽ پروگرام کڻي آيو هو اهي هي هئا ته سنڌ يونيورسٽي کي اعليٰ معيار جي حقيقي يونيورسٽي بڻائجي هن سنڌ يونيورسٽي کي آڪسفورڊ ڪئمبرج، برڪلي، قرطبه ۽ جامع الازهر جهڙين يونيورسٽيز جي سطح تي آڻڻ ٿي چاهيو. هن اتي سنڌ جو بهترين جوهر پيدا ٿيندو ۽ وڌندو ويجهندو ڏسڻ چاهيو ٿي جيئن سنڌ جا شاگرد بين الاقوامي علم ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪن ۽ چٽا ڀيٽي جي ميدان ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائين، پر افسوس هن عظيم تخليقڪار ۽ تعليمي ماهر سنڌ شناس محب وطن جو اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو. يونيورسٽي جهڙي تعليمي اداري ۾ وڌندڙ سياسي سرگرمين سندس وائيس چانسلري واري عهدي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو، جنهن سبب کيس اهو عهدو ڇڏڻو پيو.
سنڌ يونيورسٽي کي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ شيخ اياز کان وڌيڪ ڏاها ماڻهو هن وقت تائين نه ملي سگهيا آهن.
شيخ اياز ڪافي عرصو گوشه نشيني اختيار ڪئي پر پنهنجي تخليقي عمل شاعري ۽ تحريرن کي جاري رکيو.
اي سنڌ تون ماءُ آهين
مان تنهنجي ڌرتي مان شاعري جو مواد ائين حاصل ڪندو آهيان،
جيئن ٿر جي ڳاڙهي گانءِ جي اوهن مان ان جو ٻچڙو کير حاصل ڪندو آهي.
شيخ اياز جو هڪ روپ، ورهين کان پوءِ ۱۹۹۵ع ۾ روزانه برسات ڪراچي جي چيف ايڊيٽر طور سامهون آيو. سندس لکيل ايڊيٽوريل ڪافي سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي. هن ايڊيٽوريل کي نظم جي انداز ۾ پيش ڪيو جنهن سان روزانه برسات کي سنڌ جي ادبي سياسي ۽ تعليمي حلقن ۾ وڏي هٿي ملي.
صحت جي خرابي سبب هو اخبار ۾ وڌيڪ عرصو نه رهي سگهيو ۽ گهر تي پنهنجي تخليقي ڪم کي جاري رکيائين ۽ آخري وقت تائين لکندو رهيو. سندس تحريرون هڪ قومي سرمايو آهن.
سنڌ جو هي عظيم شاعر ۽ سنڌ شناس محب وطن انسان ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو.
وقت جيان مان وڃڻو آهيان
وڃي وري ڀي ورڻو آهيان
جيسين منهنجا گيت نه مرندا
تيسين مان ڀي مرڻو ناهيان.

No comments:

Post a Comment