غلام مصطفى
ناهيون جي ڪتاب ”ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾“ جا ٻه اکر
دُور هوندي به دُور
ناهيون
رياضت ٻرڙو
هِتي لاڙڪاڻي جي پروفيسرس ڪالونيءَ ۾ رهندڙ جنهن سنڌ جي سينئر اديب سان
منهنجيون ڪجھ ڪچهريون ٿيون آهن، سو سنڌ جو معروف ڪهاڻيڪار ۽ محقق عبدالوهاب سهتو آهي. ڪچهرين ۾
ادبي ڳالهين سان گڏ ڪتابن جي ڇپائيءَ جون به ڳالهيون پئي نڪرنديون هيون، سو هڪ
ڏينهن سهتي صاحب چيو ته اسلام آباد ۾ غلام مصطفى ناهيون رهي ٿو، جنهن جو هڪ ننڍو ڪتاب ڇپرائڻو آهي، جنهن ۾ سندس
دلچسپي ”ناهيون ذات جي حوالي سان چيل پهاڪن ۽ چوڻين“ ۾ آهي، ڇو ته پهاڪا ۽ چوڻيون
سندس تحقيق جو خاص موضوع آهن ۽ ان تي سندس ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته
ناهيون صاحب جا هڪ ٻه ٻيا مضمون به ناهيون ذات تي تحقيق جي حوالي سان آهن، جيڪي پڻ
ڪتاب ۾ شامل ٿيندا.
سنڌي هڪ قوم آهي. اسان جي ڌرتي، اسان جي ٻولي ۽ اسان جي ثقافت هڪ آهي، پر اها
جدا جدا ذاتين، قبيلن ۽ برادرين ۾ ورهايل آهي. اسان جي بدقسمتي، ته اها ورڇَ، تنوع
جي حسناڪي بڻجڻ بدران ڪيئي بدصورت داڳ
بڻجي وئي آهي. الڳ الڳ ذاتيون، قبيلا ۽ برادريون هڪ ٻئي خلاف قبائلي جھيڙن ۾ پئجي
ويون آهن ۽ وتن هڪ ٻئي جا ماڻهو ماريندا، مال ڦريندا ۽ ڳوٺ تباهه ڪندا. ذات جي ننڍ
وڏائيءَ ۾ هرڪو پاڻ کي معتبر ۽ ٻئي کي ڪمتر سمجھيو ويٺو آهي. ان کان سواءِ پاڻ کي
سنڌ جو ۽ سنڌي سمجھڻ بدران، ’عجمي‘ بڻجي عرب ۽ ايران سان ملايون ويٺو آهي، ايتري قدر
جو بلوچستان جو ۽ بلوچ نه هوندي به بلوچ سڏائي، اوڏانهن جي نسبت تي فخر پيو محسوس
ڪري! جڏهن ته انهن ذاتين تي ٺٺول ڪئي ٿي وڃي جيڪي ڪنهن عمومي ڪِرت سان لاڳاپيل
آهن. ان کان سواءِ ڪيئي تنظيمون مختلف ذاتين جي نالن سان پڻ موجود آهن. انهن سببن
جي ڪري به، سنڌي هڪ قوم طور اوتري ترقي ڪري ناهي سگھي جيتري ان کي ڪرڻ گھرجي ها.
ان پس منظر ۾، ڪيئن ڪنهن اهڙي ڪتاب جي پٺڀرائي ڪري سگھجي ٿي جيڪو هڪ ذات جي
بنياد تي لکيل هجي؟
منهنجي خيال ۾ اهو مقصد ئي آهي، جيڪو ڪنهن ڪتاب جي ڪارج کي چِٽو ڪري ٿو، پوءِ
اهو سائنس ۽ فلسفي جي ڪنهن موضوع تي هجي، علم ۽ ادب جي ڪنهن شعبي يا صنف بابت هجي،
يا ذات، قبيلي يا قوم جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جِي ڄاڻ ڏيندو هجي.
اسان جي اديب دوست غلام مصطفى ناهيون جو هي ڪتاب ”ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾“ به ان تناظر ۾
ڏسڻ ۽ پڙهڻ گھرجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ڄاڻ ڀَرئي تحقيقي ڪتاب جو واڌارو ٿيڻ جي خيال کان مون
عبدالوهاب سهتي کي، ڪتاب ڇپرائڻ جي ذميواري کڻڻ جي هائوڪار ڪئي. مهينو کن اڳ، ان
وقت ئي، سهتي صاحب بنا دير غلام مصطفى جو موبائيل نمبر ملايو ۽ ساڻس پاڻ به
ڳالهايو، ته منهنجي به گفتگو ڪَرائي. اهو اسان جو پهريون آوازِي رابطو هو. پاڻ اڃا
مليا ناهيون، پر هاڻِ دُور هوندي به دُور ناهيون رهيا، گڏيل دلچسپيءَ اسان کي
ويجھڙو ڪري ڇڏيو آهي.
ناهيون صاحب جي هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ڪُل ٽي مقالا آهن، پر انهن مان خاص ڪري
پهرين ٻن مقالن ۾ ڪيئي ننڍا ننڍا تحقيقي ليک مختلف عنوانن تحت سلسليوار سمايل آهن،
جن سان مقالن ۾ تحقيقي انداز پيدا ڪيو ويو آهي. ان طرز تي جيڪڏهن سنڌي قوم جي ٻين
ذاتين بابت به مواد تاريخي تناظر ۾ سهيڙيو ۽ ڇنڊيو ڇاڻيو وڃي ته سنڌ جي ذاتين جي
هڪ جامع تاريخ جُڙي سگھي ٿي.
البت هڪ خاص ڳالهه جي نشاندهي ضرور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ ڪيترائي پڙهيل
لکيل ماڻهو به قوم ۽ ذات کي هڪ چوندا آهن، جيڪا هڪ وڏي غلطي آهي ۽ جنهن کان بچڻ
لازمي آهي، ڇو ته ان سان اسان جي سنڌي قوم ورهائجي وڃي ٿي. غلام مصطفى پڻ ذات ۽
قوم کي ڪيئي هنڌن تي ساڳي معنى ۾ ڪتب آندو آهي. مان سڀني دوستن کي صلاح ڏيندس، ته
هو انهن ٻنهي لفظن کي هڪ معنى ۾ استعمال ڪرڻ کي ترڪ ڪن، جو ان ۾ اسان جي اجتماعي
ڀلائي آهي. اسان سنڌي قوم لاءِ ته پنهنجيءَ ذات، برادريءَ يا قبيلي کي ترڪ ڪري
سگھون ٿا، پر پنهنجيءَ ذات، برادريءَ يا قبيلي لاءِ سنڌي قوم کي ترڪ ڪري نه ٿا
سگھون.
No comments:
Post a Comment