27/02/2013

ميرا جِي - س ب کوسو (S B Khoso)

پنهنجي دور جو وڏو شاعر
ميرا جِي
س ب کوسو
سندس شخصيت جي جيڪڏهن تصوير ٺاهجي ته ميرا جِي ساڌو واري ويس ۾ نظر ايندو. هٿن ۾ مالا، وڏا وار، ڪنن ۾ والا، ڪلهي تي هڪ ٿيلهو جنهن ۾ پنا ئي پنا ۽ پنن تي لکيل سندس نظم. ميرا جِي جڏهن ادبي ميدان ۾ لٿو ته ان وقت ڪيترائي ناليوار شاعر اديب اڳ ۾ موجود هئا. انهن ۾ فيض احمد فيض، ن م راشد ۽ ٻيا شامل آهن. فيض احمد فيض به اردو ۾ شاعري ڪندو هو. ميرا جِي پنهنجي اسلوب ۽ خوبصورت خيالن ۽ منفرد انداز جي ڪري پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. فيض احمد فيض چئي ٿو ”ميرا جِي جا ترجمه شاندار تخليقي ڪارنامه آهن، ميرا جِي جنهن انداز سان عالمي ادب جا حسين نمونا اسان تائين پهچايا آهن، سي رڳو ترجمه نه پر ايجاد آهن.“

25/02/2013

ڇا نوجوانن کي شاعري نه ڪرڻ گهرجي؟ - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)


ڇا نوجوانن کي شاعري نه ڪرڻ گهرجي؟
زرار پيرزادو
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ تازو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا تبديلي آڻڻي آهي ته پوءِ نوجوانن کي شاعري ڇڏڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ذريعي تبديلي ناهي ايندي.
·                     ڊاڪٽر مبارڪ علي مُلڪ جو ناميارو تاريخ دان آهي، سندس راين ۽ خيالن کي يقيني طور تي اهميت ملندي رهندي آهي ۽ سندس ان راءِ جو به اختلافن باوجود بهرحال احترام ڪرڻو پوندو پر ان تي اڪيڊمڪ بحث پڻ ڪرڻ ضروري آهي.

سياست ــ سماج ۽ آزادي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان اديب خالد چانڊئي جو ڪتاب
سياست ــ  سماج ۽ آزادي
رکيل مورائي
سنڌ جا نوجوان، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي سدائين هڪ ذهين شخص واري نظر رکندا آهن. اسان جو دوست خالد چانڊيو انهن منجهان آهي. هو هڪ سياسي ذهن سان گڏ سماجي ڄاڻو  ۽ نظرياتي شخص آهي، ساڳئي وقت هو هڪ سنجيده پڙهندڙ به آهي ته لکندڙ به! سندس لکيل منصور حلاج تي ڪتاب اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. خالد چانڊيو جتي هڪ ڄاڻو ۽ ڏاهو شخص آهي، اتي هڪ اداري ساز شخص به آهي ته هڪ دلبر دوست به هڪ سنڌ دوست سياسي ذهن به. سندس تازو ڪتاب انهن ليکڪن جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪي هُن سنڌ توڻي ملڪ ۽ عالمي تناظر ۾لکيا آهن ۽ اهي الڳ موقعن تي ڇپيا پڻ آهن، هاڻ جڏهن اهي سڀ ليک سهيڙجي هڪ ڪتاب ۾ آيا آهن ته هڪ پڙهڻ جهڙو سنجيده ڪتاب جڙي پيو آهي، جيڪو عام يا وقت کي پاس ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ بنهه نه آهي پر هيءُ ڪتاب  انهن پڙهندڙن لاءِ آهي، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ سوچيندا آهن ۽ سوچڻ کان پوءِ لوچيندا آهن ۽ سندن ان لوچ جي سبب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي شعوري طور ڪجهه حاصل ٿيندو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ به پڙهندڙن کي گهڻو ڪجهه سنڌ جي حوالي سان پلئه پوندو ۽ ساڳئي وقت اڄ جي عالمي حالتن بابت به هو ڄاڻيندو. جيڪڏهن منجهس ڪجهه ڄاڻڻ جي صلاحيت هوندي ته ڇاڪاڻ ته، هيءُ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪي خاص گهريون گهرجن. ساهت سرسوتي گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپايل هن 160 صفحن واري ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي.

پرهه جو پيغمبر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان ليکڪ مسيح ڪالاڻيءَ پاران سهيڙيل ڪتاب
پرهه جو  پيغمبر
رکيل مورائي
هن ڪتاب ۾ آهن سائين جي ايم سيد جون تقريرون جيڪي اڻلڀ هيون.
ننڍي کنڊ جي وڏي سنڌي عالم، اديب ۽ سياستدان سائين جي ايم سيد جي تقريرن جو هيءُ مجموعو، يقين سان پڙهندڙن لاءِ هڪ اهم ڪتاب آهي، نه رڳو پڙهندڙن لاءِ پر سنڌي ادب بابت، سنڌ جي  تاريخ بابت ۽ سنڌ جي وطن دوست سياست بابت لکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب رهنما طور ڪم ايندو، ساڳئي وقت سيد جي وطن دوستيءَ ۽ علم دوستيءَ جو پڻ هيءَ ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي، جيڪو اسان جي دوست نوجوان لکندڙ ۽ قومي ڪارڪن مسيح ڪالاڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. سيد جون لکڻيون، سنڌ ۽ سنڌي ادب توڻي سياست پڙهڻ  وارن لاءِ مجموعي طور هڪ اهڙو گسُ آهن، جنهن تي سفر ڪري، سنڌي ماڻهن جو آجپو/ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهبو، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن. سيد جسماني جيڪا سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي اها ته پنهنجي جاءِ تي اهم ترين آهي ئي، پر هن هڪ عالم، اديب ۽ مفڪر طور جيڪو سنڌ کي پنهنجي ڪتابن وسيلي ڏنو آهي. اڄ جو سمورو سياسي ۽ نظرياتي توڻي وطن دوستيءَ وارو شعور ان جي عيوض سنڌ مليو آهي. هيءُ ننڍڙو ڪتاب پڻ اهڙي تاريخي شاهدي ڏئي ٿو. 144 صفحن جو هيءُ ڪتاب سنڌ جو سياسي شعور وڌائڻ لاءِ اداري پاران فقط 50 روپين ۾ ڏنو پيو وڃي، جيڪو پڻ هڪ قومي ڪم آهي. اداري جي اهڙي نيڪ ڪم لاءِ جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپيل  هيءُ ڪتاب قومي ڪارڪنن لاءِ مبارڪ تحفو آهي. شال قبول پوي!

جي تون سڌ سڪڻ جي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


سائين مير محمد پيرزادو چوي ٿو
جي تون سڌ سڪڻ جي
رکيل مورائي
سائين مير محمد پيرزادو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت خوبصورت شاعر آهي، خاص طور هو گيت جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي گيتن ۾ سنڌ جا منظر مرڪندي نظر ايندا آهن. پاڻ شاعري به لڳاتار ڪري رهيو آهي ته نثر به لکندو رهيو آهي. هو سنڌي شاعريءَ تي نقاد طور به لکندو رهيو آهي. ٻين به ڪيترن ئي موضوعن سان گڏ شاهه سائين تي هن تخليقي انداز ۾ لکيو آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن جن مان ته اسان پرايو آهي، پر مون شخصي طور نظرياتي طرح به گهڻو پرايو آهي.
سائين مير محمد سنڌ جو هڪ  اهم ليکڪ ته آهي ئي پر هو قومي ڪارڪن به رهيو آهي ته قومي  تحريڪ ۾ هڪ استاد طور به هن جو پنهنجو حصو آهي. سنڌي ادب ۾ به هن جو پنهنجو حصو آهي. تازوئي اسان هڪ نوجوان محمد حنيف سومري نهايت جاکوڙ ڪري، سائين مير محمد جا الڳ الڳ موضوعن تي الڳ الڳ وقتن کي لکيل ۽ ٽڙيل پکڙيل مضمون ڪري هڪ نهايت خوبصورت ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ”جي تو سڌ سڪڻ جي“ هن ڪتاب  ۾ سڀئي شامل مضمون الڳ موضوعن تي هوندي به سائين مير محمد جي حسين نثر جو مثال آهن. سندس نثر به سندس طبعيت وانگر نهايت سنجيدو ۽ وڻندڙ آهي ته ساڳئي وقت موضوع سان نڀاءُ ڪندڙ پڻ!
هيءَ ڪتاب مارئي اڪيڊميءَ جي سرواڻ اسان جي پياري دوست سڪندر ملاح ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ 208 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.

نيرا خواب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان شاعر مير حاجن مير جو شاعراڻو ڪتاب
نيرا خواب
رکيل مورائي
اهو سچ آهي ته سنڌ شاعريءَ جي حوالي ۾ گهڻو خوشحال آهي ۽ اڃا به خوشحال ٿي رهي آهي، جنهن جو مثال تيزيءَ سان ايندڙ شاعراڻا ڪتاب پاڻ سان کڻي اچن ٿا. تازو ئي اسان جي نوجوان شاعر دوست مير حاجن مير جو شاعراڻو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”نيرا خواب“.
هر نئون ڪتاب سنڌي ادب لاءِ خوشگوار پيغام آڻي ٿو. ائين هيءُ ڪتاب به شاعراڻي ادب لاءِ هڪ وڌيڪ پيغام آهي. سنڌي شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي ماڻهو ڪيترا پڙهن ٿا، انهن جو انداز پبلشرن وٽ ئي هوندو، پر جنهن تيزيءَ سان شاعراڻا ڪتاب اچي رهيا آهن اوتري ئي تيزيءَ سان نوجوان لکي به رهيا آهن. مير حاجن مير هن ڪتاب ۾ شاعراڻين صفحن سان جيڪو لڳاءُ شاعر ڏيکاريو آهي، اهو اهڙي اميد پيدا ڪري ٿو ته شاعراڻي فن طرف به اسان جو نوجوان سجاڳ آهي. مير حاجن مير جي هيءَ ٻي وک آهي، جيڪا يقينن اڳتي وڌي ئي آهي ۽ اها اهڙو ويساهه ڏياري ٿي ته هو پنهنجون تخليقي قوتون استعمال ڪري شاعراڻي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ سنجيدگيءَ سان ڏيندو.
126 صفحن جي هن خوبصورت ۽ پڪي جلد سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي ۽ هيءُ ڪتاب سچائي اشاعت گهر ڌڙي پاران اسان جي دوست يوسف سنڌي ڇپايو آهي.

تاڻيان تند نه نبري - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان شاعر سائل پيرزادي جو ترتيب ڏنل ڪتاب
تاڻيان تند نه نبري
رکيل مورائي
ثناءُ الله خاصخيلي سنڌ جو اهڙو نوجوان لکندڙ هئو، جنهن ٿوري عمر ۾ ئي نه رڳو سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو پر وقت کان اڳ اسان کان رسي پنهنجون يادگيريون، پنهنجن دوستن جي دلين ۾ سدائين لاءِ ڇڏي ويو ۽ انهن يادگيرين کي سدائين موجود رهڻ جي لاءِ اسان جي دوست سائل پيرزادي، ثناءُ الله خاصخيليءَ جا ٽڙيل پکڙيل ليک گڏ ڪري هڪ خوبصورت ڪتاب جوڙي سچ پچ نه فقط ثناءُ الله جو سنڌي ادب ۾ نالو محفوظ ڪيو آهي پر ڪتاب جي صورت ۾ ڄڻ ثناءُ الله کي به محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
ٻيءَ طرح هيءُ ٽڙيل پکڙيل ليک، اخبارن ۽ رسالن ۾ رهجي وڃن ها ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن حوالي لاءِ ڳوليا به نه لڀن ها. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب اسان جي نوجوان دوست ۽ وقت کان اڳ اسان کان وڇڙيل ساٿيءَ کي ياد ڪرڻ جو هڪ بهترين سبب بڻيو آهي، جنهن لاءِ سائل پيرزادي کي گهڻو جس هجي. ڪتاب ۾ ثناءُ الله جا 15 ليک آهن، ان کان پهريان دوستن جون ڪي سندس باري ۾ يادون آهن. 152 صفحن جو هيءُ پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل وارو ڪتاب 200 روپين ۾، مارئي اڪيڊميءَ جي اڳواڻ اسان جي دوست سڪندر ملاح سهڻي نموني ڇپايو آهي.