18/02/2013

اياز جانيءَ جو ھمرچو - امر پيرزادو (Amar Pirzado)


اياز جانيءَ جو ھمرچو
جائزو: امر پيرزادو
همرچو ميگزين جي پهرين ۽ اهم خاصيت اها آهي ته همرچو هڪ نج ادبي ميگزين آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ سياسي مداخلت هوندي به آهي ته اها ادبي پيرائي ۾ ئي هوندي آهي، ڪنهن سياسي پارٽي جي ايجنڊا، نعري بازي يا ڪنهن ليکڪ جي مشروط سياسي حمايت نه هوندي آهي.

اها افسوس سان گڏ حيرت جي ڳالهه پڻ آهي ته ميڊيا جي هن آزاد دور ۾ به اسان کي اهڙا ترقي پسند ۽ روشن خيال سماجي، ادبي توڙي ميڊيا جا پليٽ فارم گهٽ نظر ٿا اچن، جتي روشن خيال طبقي جا ماڻهو هڪ هنڌ ملي سگهن، پنهنجون لکڻيون شيئر ڪري سگهن. ان ڏس ۾ سوشل ميڊيا پنهنجو پاڻ بيشڪ ملهايو آهي پر اتي به مختلف ماڻهن جي مختلف سوچ ڪنهن منطقي نتيجي تي پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهي ٿي. سنڌي ادبي سنگت به هاڻي ادبي ڪم گهٽ ۽ سياسي سرگرمين ۾ گهڻي ملوث ٿي وئي آهي. سو هن دور ۾ هم خيال ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن جي ڪنهن منظم تنظيم سان گڏ، روشن خيالي جو آواز بلند ڪندڙ هڪ علمي ادبي رسالي جي کوٽ پڻ شدت سان محسوس ڪئي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ همرچو انهن ڪجهه رسالن مان هڪ آهي جتي اهڙي فڪر سان تعلق رکندڙ ليکڪ پنهنجيون تخليقون ڇپائيندي دل جو سُڪون محسوس ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ رسالي جي ايڊيٽر ۽ خوبصورت شاعر اياز جاني کي اڃا به گهڻي ڌيان ۽ محنت جي ضرورت آهي ڇو ته بهتري جي گنجائش هر هنڌ هر حال ۾ رهندي آهي. اياز جاني جنهن مالي بحران مان گذرندي همرچو ڪڍي ٿو ۽ ان جو ادبي معيار برقرار رکي ٿو ان جو اندازو هن جي ويجهن دوستن کي ئي ٿي سگهي ٿو. هتي ادارن کان وڌيڪ فرد ڪم ڪندا آهن، پنهنجي ذات ۾ ادارا سڏيا ويندا آهن پر فردن سان وري الميو اهو هوندو آهي ته انهن وٽ جذبو ۽ صلاحيت هوندي به وسيلن جي اڻاٺ هوندي آهي. رسالي ۾ ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر، ايڊيٽوريل بورڊ وغيره جا نالا شامل هوندا آهن پر ڪم سڄو ايڊيٽر ئي ڪندو آهي ڇو ته هڪ باضمير ايڊيٽر بنا معاوضي جي فقط دوستي جي ٻَلَ تي ٻين کان ڪم وٺڻ ۾ پاڻ ئي بي چيني محسوس ڪندو آهي. سو همرچو جون جيڪي به خوبيون، خاميون آهن ان جو ڪريڊٽ رسالي جي ايڊيٽر اياز جاني ڏي ئي وڃي ٿو ۽ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته رسالي ۾ خوبين جو تعداد سرس آهي. جاني جيئن ته پاڻ شاعر آهي ان ڪري هن جي جمالياتي حس رسالي جي سيٽ اپ ۾ پڻ نظر ايندي آهي، شاعري کي سهڻي انداز سان ڇپڻ ته ڪير هن کان سکي!
همرچو جو تازو پرچو پڻ مٿي ڄاڻايل سڀني خوبين سميت مارڪيٽ ۾ پڌرو ٿيو آهي. سراج صاحب جي خوبصورت تصوير ٽائيٽل کي کنيون بيٺي آهي ۽ ٽائيٽل تي شاعري هلائڻ واري روايت تمام سڀاويڪ آهي جنهن کي جاري رکڻ گهرجي. غلام حسين رنگريز جي آتم ڪٿا تمام اهم سلسلو آهي، اها ادبي تاريخ آهي جيڪا رسالي ۾ قسط وار ڇپجي نيٺ ڪتابي صورت ضرور وٺندي. اسان کي افسوس ٿيندو آهي ته بابا (انور پيرزادو) کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو وقت نه مليو پر اهو ڪم هن جي زندگي ۾ ڪنهن رسالي جو ايڊيٽر ڪري پئي سگهيو، جيئن هاڻي جاني، رنگريز صاحب جي حوالي سان ڪري رهيو آهي. سيف ٻنوي تي لکيل امداد حسيني جو مختصر تعارف وڻندڙ ۽ اهم آهي. سيف جهڙي اهم پر نظر انداز ٿيل اديب تي امداد حسيني جهڙي جڳ مشهور شاعر لکي ته بي قدريءَ جي چهري جي سموري ميراڻ صاف ٿيندي به نظر ايندي آهي.
همرچو ۾ سراج الحق ميمڻ جي لاڏاڻي تي ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ عمر قاضي جا مضمون آهن. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي حوالي سان رسالي ۾ مبارڪ علي لاشاري ۽ ستار پيرزادي جا ليک شامل آهن. قربان جتوئي تي اقرار پيرزادي جو پروفائيل، منور سراج جي ڪهاڻي ”ڊسمبر جو پهريون ڏک، رئوف کوسي جي ڪهاڻي سان گڏوگڏ رسول ميمڻ، ضراب حيدر، خالد بروهي جون لکڻيون، امر پيرزادي جي پهرين مجموعي ”عشق“ تي رئوف نظاماڻي جو تنقيدي اڀياس ۽ محسن ميمڻ جو رحمت الله ماڃوٺي جي ناوليٽ ڳولا جو اڀياس شامل آهن. ساجد سومري جو هلندڙ سلسلو پوسٽ ماڊرن سنڌي شاعري ۾ انساني صورتحال پڻ شامل آهي. شاعري ۾ راشد مورائي،، عبدالحڪيم ارشد، نواز علي شوق، اختر درگاهي، رفيق سيال، حنيف عاطر، حبدار سولنگي، رخسانه پريت، روبينه ابڙو، رحمت پيرزادو ۽ ٻيا شامل آهن. آخر ۾ ميگزين ۾ ڇپيل روبينه ابڙو جو هڪڙو خوبصورت شعر اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.
پو جواني آ اجائي جسم جي،
جيڪڏهن ڪا آهي پيري روح ۾.

No comments:

Post a Comment