شيخ اياز جي شعري مجموعي
”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
اياز جي اڳئين شعري مجموعي ’راج
گهاٽ تي چنڊ‘ جي پيش لفظ لکندي، منهنجو خيال هو ته ان جي هڪ نظم- چاندني
راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان، ڄڻ تون
هئينءَ‘ (ص - ۱۸۳) جو هڪ مطالعو آخر ۾ ڏيندس. پر ڏيندي ڏيندي، ڪنهن طرح اهو
رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم. هتي ان جي پورائي طور، ڳالهه جي سلسلي جا ٻه لفظ لائق
پڙهندڙن جي آڏو رکڻ ضروري ٿو سمجهان. اهو سڄو نظم هيئن آهي:
چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
يا سُڳنڌن ۾ ڀريل
ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،
ڄڻ تون هئينءَ.
کير ٿر تان گڊ ڪو نئن
گاج تي جيئين جهُڪي،
تئن مان هيس.
رڻ ۾ ڪوئي هرڻ پاڻي
ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،
تئن مان هيس.
تون ملينءَ مون کي ته
سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
اياز
جي عادت رهي آهي ته پنهنجن شعرن کي اڪثر عنوان ڪونه ڏيندو آهي. هن نظم کي به عنوان
نه ڏنو اٿس. دنيا جي ڪيترن
وڏن شاعرن جو اهو دستور رهيو آهي. مثلن ٽئگور، خليل جبران
۽ ٻين جو- شايد انهيءَ هڪ خيال کان به ته پڙهندڙ سندس شعرن لاءِ عنوان پاڻ تجويز ڪن!
ائين اياز جي هن نظم کي به اسين چاهيون ٿا ته پڙهندي پڙهندي، ڪو عنوان ڏيئي سگهون
ٿا ۽ ان جو روح، ان جو اصل نقطو، ائين پاڻ تي واضح ڪري سگهون ٿا. ان ۾ ڪم آيل ٻوليءَ
لاءِ ته هڪ نظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڪو هڪ لفظ به ان جو اهڙو نه آهي، جو ڪنهن عام
پڙهندڙ لاءِ به اوپرو يا اوکو هجي ۽ اها به، جيئن اياز جي اڪثر شاعريءَ جي تيئن
خاص هن نظم جي به پنهنجي نوع جي هڪ وڏي خوبي آهي ۽ ان جي اصل مطلب کي سمجهڻ ۾
پڙهندڙ جي لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿي.
هيءُ
ٽن بندن جو هڪ مختصر مگر ڳُتيل ۽ هر طرح مڪمل نظم آهي. ان جي پهرئين بند ۾، ’تون‘
اشاري سان انسان جي ڪنهن ويجهي کان ويجهي تعلق جي، ڪنهن خاص سُٻنڌ جي، ڳالهه ڪيل
آهي، جنهن سان شاعر مخاطب آهي. ’تون‘، رابيل جي ان ٻوٽي جيان آهين، جيڪو چانڊوڪيءَ
۾ به، نور جيئن ٻهڪندو هجي، ’تون‘، فضائن ۾ خوشبوئن ڀريل واءُ جو اهو جهوٽو آهين
جيڪو لڳندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، پر ڪڏهن-نه- وسرندڙ ۽ سدا محسوس ٿيندڙ تازگي ۽
سُرهاڻ پوئتي ڇڏي ويندو آهي!
’هئينءَ‘
ماضيءَ جو صيغو ۽ گل (جي ڇڻي وڃن ٿا)
۽ واءُ جو جهوٽو (جو گذري ويندو آهي) تن سان ان ’تون‘ جي مشابهت ان جي محدود ۽ بي ثبات
هجڻ ڏانهن اشارو ڪندڙ آهن.
نظم
جي ٻئي بند ۾، ’مان‘ جي اشاري سان، انسان جو پنهنجيءَ ان ’تون‘ سان جيڪو ويجهي ۾
ويجهو، اٽوٽ واسطو آهي، تنهن جي ڳالهه ڪيل آهي: مثلاً ، ’تون‘
جي وجود سان ’مان‘ جو وجود ائين ٻڌل ۽ هڪ ٿيل آهي، جيئن ’کيرٿر تي مٿي بيٺل گَڊ جو
هيٺ وهندڙ نئين گاج سان‘، يا رڻ ۾ پاڻي ڏسي ان ڏانهن ڊوڙندڙ هرڻ جو.‘
نظم
جي ٽئين بند کي سمجهڻ جي ڪوشش کان اڳ ان ’مان‘ ۽ ’تون‘ جي سڃاڻپ لازم آهي. ’مان‘
ته ظاهر آهي ته شاعر پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ذات جي رعايت سان، ’عام انساني فرد‘ لاءِ
ڪم آڻي ٿو. ته ان ’مان‘، يعني فرد انسانيءَ جو اهو خاص سٻنڌ، ’تون‘، ڇا آهي، جنهن
کان سواءِ ’مان‘ مان ئي ناهيان؟ ’تون‘ اها جيڪا ’مون‘ کي، فرد انسانيءَ کي، پنهنجي
سڪ ۽ ڇڪ ۾ جيئرو به رکي ٿي، ڇڏي به وڃي ٿي ۽ جنهن ڪارڻ انسان پاڻ به گهوري ڇڏين
ٿا! ڪي ان کي پنهنجو محبوب يا ڪوئي ٻيو مقصود يا ڪوئي ’ماڳ‘ يا منزل چئي سگهن ٿا:
پر شاعر جي نظم ۾ اها ’تون‘ ۽ ان جو ’ماڳ‘ هڪ شيءَ نه پر ٻه جدا شيون آهن.
”’تون‘
جيڪا منهنجي ’سکي‘ آهين، منهنجو ساهه آهين، جنهن جي ملڻ سان مان سمجهان ٿو ته مون
کي سارو ’جڳ‘ ملي ويو، باقي مون کي ڇا کپي؟“ پر ان جي منزل، ان جو ’ماڳ‘ وري به هو
ان کان الڳ، پري ڪٿي، ٿو ڏسي ۽ ان ’ماڳ‘ تائين پهچڻ بلڪ ان ڏانهن وڃڻ جي رڳو واٽ
يا ’دڳ‘ ئي هن کي ملي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته سڀڪجهه هن کي ملي ويو ۽ ٻيو ڪجهه هن کي
سچ پچ به ته ڪونه ٿي کَتو!
تون ملينءَ مون کي ته
سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
ماڳ ڏاڍو آ پري، جي دڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سکي!
ته
اها ’تون‘ اها ’سکي‘- شاعر جي، تنهنجي، منهنجي ۽ هر فرد انسانيءَ جي- ڇا آهن! ان
لاءِ شاعر جو چوڻ آهي ۽ ائين ئي ظاهر به آهي ته، اها خود کيس ۽ هر فرد انسانيءَ کي
ملي ئي وڃي ٿي. مليل آهي ۽ ڪلي طور بي بدل، اَملهه ۽ فقط هڪ ئي هوندي به ’ماڳ‘ جي
ڇڪ کان سواءِ اڪارٿ ۽ فضول گذري ٿي وڃي! شاعر جي اها ’سکي‘، فرد انسانيءَ جو اهو
ساهه سنئون سٻنڌ، چاندنيءَ جو چُٽڪو ۽ بي ثبات، ’ماڳ‘ ۽ ’دڳ‘
جي حوالي سان خصوصاً ڌرتيءَ تي خود انساني زندگي ئي ته آهي! ته پوءِ زندگيءَ جو اهو
’ماڳ‘ ڪهڙو؟ ان ماڳ ڏانهن نيندڙ ’دڳ‘ ڪهڙو! اهي به سوال آهن، جيڪي شاعر، سڄي هن نظم
کي استعارو بنائيندي، ان ۾ پڙهندڙن لاءِ سوالن طور ئي ڇڏيا آهن ته انهن جا جواب
هو، زندگيءَ جي فلسفي ۽ فڪر جي پنهنجي حاصلات مان، پاڻ ئي وڌيڪ ڳولين ۽ لهن.
هاڻي
اسين هن نظم جو هڪڙو تُز نالو به تجويز ڪري سگهون ٿا. مثلاً ”زندگي ۽ ان جو ماڳ“،
”جيوت ۽ ان جو آدرش“، ”جيوت جو دڳ“،
”زندگيءَ جي راهه“ وغيره.
شاعر،
مفڪر، ڪو پيغام رکندڙ، جڏهن ائين زندگيءَ جي ’منزل‘ ۽ ’راهه‘ بابت پنهنجي ڳالهه
دوران پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ يا شاعريءَ سان ان قسم جا ندائي سوال ڪندا آهن ته، سندن
ئي ان خطاب ۾ انهن جا جواب به ضرور موجود هوندا آهن. مون اياز جي شعري مجموعي ”راج
گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ لکندي، ان ۾ خاص سندس اهي جواب ئي ڏسڻ گهريا ٿي ۽ عزيز
پڙهندڙن جي ڌيان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪيتري قدر آءٌ پنهنجي ان مضمون ۾ ائين
ڪري سگهيو هوس، ان جو فيصلو ظاهر هو ته، هنن کي پنهنجي لاءِ پاڻ ڪرڻو هو. بهرحال
چوڻ مون اهو ئي ٿي گهريو ته اياز پنهنجي ذري گهٽ سڄيءَ شاعريءَ ۾، ۽ ان مجموعي ۾
به خصوصي طور، پنهنجي ماڻهن لاءِ اهي ئي انساني زندگيءَ جي اهميت جا، اهي جي
سُڪارج ۽ آڪارج هجڻ جا، سوال ڇيڙيا هئا ۽ انهن جا ئي جواب سندس سوچ ۽ عمل لاءِ
سندن آڏو رکڻ گهريا هئا.
هونئن
ته زندگي سڀ زندگي آهي- حيواني توڙي انساني- پر پوءِ به فرق ٻنهي ۾ ڏاڍو وڏو آهي ۽
ان فرق جي ظاهر ٿيندي ٿيندي ۽ وڌندي وڌندي، لکن، ڪروڙن سالن جون وڇوٽيون وڌي ويون
۽ وچ ۾ احساسن، جذبن ۽ خيالن جي ڪائناتن جا ناقابل عبور مفاصلا پئجي ويا. انهن مان
مکيه ۽ نت نرالا امتياز چار سڃاتا ويا آهن:
عقل (Reason)، آزادي (Freedom)،
پيار (Love) ۽ ڪهل (Compassion). انساني زندگيءَ جي انهن چئن امتيازي سڃاڻپن مان پهريون ٻه
انفرادي نوعيت جون ۽ آخري ٻه اجتماعي نوعيت جون آهن. جيتوڻيڪ ابتدا ۾ انهن پوين ٻن
سڃاڻپن جي ترغيب، عمل ۽ افاديت جو دائرو پڻ انفرادي ئي هو: عقل ۽ آزاديءَ جي امنگ
جي اوائلي اوسر ذاتي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي حوالي سان ۽ پيار ۽ ڪهل جي پنهنجي
جنسياتي ساٿيءَ ۽ ان ساٿ جي پوچ جي حوالي سان. انساني زندگيءَ جي تربيت ۽ عروج جو
ڪمال هي آهي ته اهي چار ئي ان جون سڃاڻپون، پنهنجي عمل ۽ افاديت ۽ انفرادي دائري
کان ٻاهر نڪري، وڌندڙ سماجي وستار سان وڌندي وڌندي، سڌرندي سڌرندي- ڪٽنب، قبيلي ۽
جاتيءَ (ذات) کان
ٿيندي، اڄ قومي زندگيءَ جي حوالي سان ئي تورجن ۽ ماپجن ٿيون:
بلڪ فرد (۽ ڪٽنب، قبيلا، جاتيون ۽ ٻيا
ڪيئي گروهه)، وقت پئي، قومي بقا ۽ بهبود لاءِ قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو حاصل بلڪ
ان جو اعزاز سمجهن ٿا:
تِک اندر تاريخ جي، جي تون سمائين،
متان ائين ڀانئين، سارا لاش لُڙهي ويا.
سِر سرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،
ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀ کان.
ٽڙيو کڻن ٽارَ،
سِر انهن جا سوڀ ۾،
مري ملهيا يار،
ويڙها سڀ واسي ويا.
هي جي جهجها جهڙَ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،
ڌرتي رت رتي، ڦولي لال ليار جيئن. (”راج
گهاٽ تي چنڊ“ ص-ص ۱۸/۱۷)
يوناني
فيلسوف، هرئڪليٽس، جو مشهور قول آهي ته، ”هئڻ ڪجهه به نه آهي. ٿيڻ سڀڪجهه آهي،“ ان
طرح، جيئن ٻي هر شيءِ تيئن انساني زندگي به، پنهنجي سڀڪجهه هئڻ سان. ناڻي، علم،
سماج ۽ سماج جي دستورن قانون ۽ نظامن سان- اها ڪجهه ئي آهي. جو ڪجهه اها ڪري ٿي،
جا ڪجهه اها ٿئي ٿي: رڳو ’انساني‘ سڏجڻ سان ان کي انساني (يا فوق الانساني) پَرَ
لڳي ڪونه ٿا وڃن. جيئن ’ديني‘ تبليغ ڪارَ ۽ ’معرفت‘ جا دعويدار انسان کي ’اشرف
المخلوقات‘ جي ٺلهي
پٻي ڏئي ۽ ان کان ئي مٿي ’الله‘ تائين نيئي، ماڻهوءَ جو مٿو ئي ڦيري ڇڏيندا آهن.
پنهنجي پاڻ يا پنهنجي ڪنهن محدود گروهه ۾ ئي گم هجڻ سان انساني زندگي بنهه حيواني
يا ان کان ٿوريءَ ئي مٿڀريءَ ڪنهن سطح تائين پهتل شمار ٿي سگهي ٿي.
انفراديت
کان اجتماعيت ڏانهن واڌ جي هن انساني زندگيءَ جي تهذيبي سفر جي منزل، بهرحال، قومي
اجتماعيت کان اڃان هن روشني پاتل ويهين صديءَ جي خاتمي تائين به، اڳتي ڪانه سُري
سگهي آهي. پنڊت جواهر لاهر نهروءَ جي ان سلسلي ۾ چيل هيءَ ڳالهه اڄ به تاريخي
اهميت جي حامل آهي ته ”جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت
آهي.“
(Nationalism
is the very condition of modern existence)
بين
الاقواميت، عالمگيريت، آفاقيت اڃا خيالن جي سطح تائين واقعي وڏا آدرش ته آهن (۽ سچ
ته رڳو نه پر گهڻي وقت کان آهن)، پر انهن لاءِ انساني زندگي پنهنجا گهربل نظام،
دستور، ادارا اڃا قائم ڪري نه سگهي آهي، بلڪ پوريءَ طرح سوچي به نه سگهي آهي. جيئن
معروف ۽ جائز قومي سطح تائين پنهنجي اجتماعي چڱائيءَ (Collective
Good) لاءِ ان جمهوريت، قانون جي بالادستيءَ،
سماجي انصاف ۽ فلاحي يا اشتراڪي نظام تجويز ڪيا آهن ۽ پڻ عمل ۾ آندا آهن.
اياز
۽ اياز جا دوست ان سلسلي ۾، ڌرتيءَ جي پنهنجي هن وڏي ۽ وشال خطي کي، جنهن کي تاريخ
اڄ ’هند-پاڪ‘ يا ’ڏکڻ ايشيا‘ چوي ٿي ۽ جيڪو تاريخ وٽ، ان جي مختلف دؤرن ۾، ڀارت
ورش، انڊوس (Indos)، هند، هندوستان ۽ انڊيا (India) سڏيو ويو، خاص طرح پنهنجي سنڌي قومي سڃاڻپ جي حوالي سان، هڪ قوم
جو نه پر ’قومن‘ جو گهر سمجهن ٿا. انساني زندگيءَ جي مهربان ماءُ هن ڌرتيءَ تي،
ننڍي کنڊ هندستان جهڙا ڪيئي ٻيا به ’قومن جا گهر‘ موجود ٿيا آهن. مثلاً يورپ جو
کنڊ سڄو ۽ عظيم ايشيا ۾ خاص طرح روس ۽ چين ۽ مغربي ايشيا، وغيره يعني، ڌرتيءَ جون
عظيم مذهبي تحريڪون، مسيحيت ۽ اسلام سميت، آريائي مذهبي تحريڪون (برهمنيت، ٻُڌمت ۽
جين ڌرم)، ايران ۾ زردشت ۽ چين ۾ ڪنفيوشس جون تحريڪون، وغيره. هنن سڀني تحريڪن پاڻ
سان گڏوگڏ يا پويان پنهنجيءَ جاءِ تي، پنهنجي پنهنجي خطي ۾ يا جتي به اهي پکڙيون اتي لازماً ملوڪيتي نظامن کي جنم ڏنو.
مذهبي
تحريڪن، ٻين ڳالهين سان گڏ، پنهنجي ’مقدس حق‘ جي زبانن ذريعي- جن مان ڪي ته اڄ عام
استعمال مان ئي نڪري ويون آهن. برابر پنهنجيءَ پنهنجيءَ برادريءَ کي هڪ طرح جي
محدود اجتماعيت ڏني ۽ پوءِ جي اڀريل ملوڪيتي نظامن پڻ انهن خطن ۾ پري پري تائين
ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي حڪومتي دٻاءُ ۽ ٻين حيلن وسيلي هڪ طرح جي
مرڪزيت هيٺ رکيو. جيئن برصغير ۾ مهاراجا وڪرماجيت، مهاراجا اشوڪ، شهنشاهه اڪبر ۽
تازي دور ۾ انگريز شهنشاهيت. پر قديم دورن کان انهن خطن جي الڳ الڳ علائقن ۽
ايراضين کي پنهنجي تصرف ۾ رکندي، پنهنجي پنهنجي خاص ٻولين ۽ رسمن رواجن ۽ طور
طريقن سان رهندڙ ڀانت ڀانت جا اهي ماڻهو، انهن مذهبي ملوڪيتي نظامن کان به اڳ،
توڙي انهن جي هلندي ۽ انهن جي ماند پئجي وڃڻ کان پوءِ به، وڌندا ۽ مستحڪم ٿيندا
رهيا. تان جو، ٿيندي ٿيندي، انهن وسيع ۽ عريض خطن ۾ اهي ماڻهو علائقيت (Territoriality) ۽ ٻوليءَ (Language) جي بنيادي سڃاڻپ هيٺ، پنهنجي پنهنجي قومي حيثيت اختيار ڪري ويا.
برصغير
جي وڏي ۽ وشال خطي ۾، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي به اها حيثيت هئي، هزارها سالن جي
لاڳيتي تاريخي سلسلي سان ۽ ان دور کان جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ تڏهن کان جڏهن انگريزن
کان سنڌي قوم جنگ ۾ شڪست کاڌي، ۽ پڻ تڏهن جڏهن، هڪ سئو سال پوءِ، انگريزن جي اها
هندستاني شهنشاهت (Indian Empire) ختم
ٿي ۽ سنڌ کي ٻيءَ مرڪزيت مُدي خارج ۽ تاريخ جي آزمايل ۽ مسترد ’مذهبي برادريءَ‘ جي
مرڪزيت هيٺ قائم رکندي، سنڌي قوم کي وائکو ڪيو ويو، بنههِ نست ۽ بي وجود بنايو ويو.
سنڌي قوم جو ائين وائکو ٿيڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ ائين مجبور محض ۽ لاچار ٿي پوڻ،
انساني زندگيءَ جي جديد تاريخ جو اهو الميو آهي، جنهن جو ڪو مثال ملي نٿو سگهي.
انساني
زندگيءَ جي تسليم ٿيل بنيادي امتيازي سڃاڻپن- عقل، آزاديءَ پيار ۽ ڪهل جي عين
ابتڙ، انساني تاريخ جو پنهنجي پاڻ سان ايڏو حيواني انڌير تصور ۾ اچڻ کان مٿي آهي:
پر اهو ئي، وري به، ’سچ جو ڪهاڙو‘ ٿي، هر ويل اسان جي ڪنڌ مٿان ڪري رهيو آهي ۽ اڃا
ته اسين، ڪنڌ جهڪائي، رتو رت ٿي رهيا آهيون ۽ ڳوڙها آهن جيڪي ’ڇپرن جا بند‘ ڀڃي
وهندا ٿا رهن، فراقيل سنڌي جا، اوزار ۽ پرار رتُ ۽ ڳوڙها، ڳوڙها ۽ رت.
ٿو وچ ۾ واهڙ
وهي
هُن پار تون هِن
پار مان،
هر رات تنهنجي
پار ڏي
ٿو چنڊ حسرت مان
ڪهي.
تون ڪا نه آن،
تون ڪانه آن،
ٿو ڪير تنهنجي
گهر رهي!
اي زندگي، تو
لاءِ ڪو
ڪيسين پيو
سُمهان سهي!
ٿو وچ ۾ واهڙ
وهي
هُن پار تون هِن پار مان. (ص-۲۲)
ڄڻ ته ڪا آهين پُڪار
جيءَ منهنجي جي جيار!
ٿي سدا مون ۾
رهين.
نانءُ تنهنجو ٿي
جپي جا،
ڪا ته تن ۾ آهه
تارِ!
وچ ۾ درياهه
آهي،
۽ ڪپر ڪيڏا آ
پار!
مون ائين ئي
آرزوءَ ۾
آ ڪَٽي ساري
ڄمار
ننڊ توڙي جاڳ ۾
هان
آءٌ تنهنجي
لاءِ پيارَ!
ٿي سدا مون ۾
رهين!
ٿي سدا مون ۾
رهين! (ص-۲۴)
اڄ تون مان ٻن
شعلن وانگر
هڪ ٻئي منجهه
سمايا آهيون،
ڪيڏو دور
پرائيءَ ڌرتيءَ
تي هِئن ويجهو
آيا آهيون!
دل ته چوي ٿي
سارا ويڇا
ڀاڪر پائي رک
ڪريون ها،
سانگ سياست جا
آهن جي
تن کي ڪانا ڪک
ڪريون ها!
ڪيڏي اُڃ اسان ۾
آ پر
چاهيون ٿا ته به
ڪونه ملون ٿا!
ڇا ڪا ڌرتي
پنهنجي آهي؟
ڇو نه ملون ٿا؟
ڇو نه ملون ٿا؟
سار وقت اکين ۾
ڳوڙها
توکي مون کي آيا
آهن،
هن دنيا ۾ ڪيئن
نه پنهنجا
هڪٻئي لاءِ پرايا آهن! (ص-۸۳)
تون ڄاڻين ٿو؟
مان
ڳچيءَ تائين رتُ
سان
ڀريل پيالي جان!
تو بن نيرن تي،
ڳوڙها منهنجا شمع جان
منهجي پيرن تي.
پنهنجي پيار
جيان
پوپٽڙو، رت - پنکيو
تنهنجي سارَ جيان! (ٽه-
سٽا: ص ص ۱۳۵-۱۳۴)
ڇا ڪائي ڪنهن
وقت رڙو رڙ
هِن ڌرتيءَ کي
ڇرڪائيندي؟
يا هيءَ سانت
وسيهرَ وانگر
ويندي هر شيءَ
کي ڳڙڪائيندي؟
آءٌ ڪنڌيءَ
تي ويٺو سوچان
ڇا ڪوئي طوفان
نه ايندو؟
جيڪو ٻئي پار
ملائي،
ڇا، اهڙو انسان نه ايندو؟ (ص
ص ۴۵-۴۴)
اياز
جي شعر جو هيءُ چوڏهون ۽ گذريل پنجن سالن ۾ شايع ٿيندڙ اٺون مجموعو آهي، جو هاڻي
لائق پڙهندڙن جي آڏو آهي. آڪٽوبر ۱۹۸۷ع
۾، ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ جي اشاعت ڀيري، مون ٻڌايو
هو ته هيءُ سندس مجموعو ’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘، ان سال جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي
ٻن مهينن جو رچيل، وٽن تيار هو، جو ’عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.‘ افسوس، جو
ان جي اشاعت ۾ ايتري تاخير ٿي وئي ۽ ان لاءِ گهڻي ڀاڱي آءٌ ذميوار آهيان. ڇپائيءَ لاءِ
بلڪل تيار ٿيل مسودو مون وٽ تڏهن کان پهتل هو، پر ڪن اڻٽر مصروفيتن سبب اياز جي
بار بار پارتن ڪندي به، فوري ان ڏانهن توجهه ڏيئي نه سگهيس. خاص طرح ان جي مهاڳ
لکڻ ۾ مون کي گهڻي دير پئجي ويئي، جنهن جا به ڪي پنهنجي نوع جا سبب هئا.
بهرحال،
ان سڀ جو هڪ فائدو به ٿيو، جو منهنجي صلاح تي، اياز مجموعي کي نئين سر ترتيب ڏني،
۽ هينئر اهو چئن حصن ۾ ورهايل آهي. ان مان شاعر جي هڪ راءِ جو پتو ته پڙهندڙن کي
ضرور پوندو ته مجموعي جو پهريون حصو (”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“: ص-۱۷ کان ص-۱۲۹ تائين) شاعر طرفان، وڌيڪ هڪ
ڳانڍاپيل شعري پيشڪش طور، پڙهڻ ۽ ان جي تاثر ماڻڻ لاءِ، کين آڇي رهيو آهي.
اياز
جي هن شعري مجموعي کي ڇهن خاڪن سان نقشايو به ويو آهي. هونئن
ته سڄي مجموعي جو هر نظم پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ پنهنجي پاڻ ۾ پورو نظر ايندو ۽ ان جي پڙهڻ
۽ سمجهڻ لاءِ ٻئي ڪنهن نظم ڏانهن وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي، پر خاص ان جي پهرئين
حصي ۾ چار (۽ ٻئي حصي ۾ ٻه) معنيٰ
دار خاڪا ڏيئي، ان سڄي حصي ۾ ۽ ان جي ڀاڱن ۾ به اندروني طور، هڪ طرح جي ڳانڍاپي جي
صورت جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هر خاڪي جي پٺيان ان ڀاڱي جي ڪنهن نظم جو هڪ، ٻه يا
وڌيڪ بند ڏنا ويا آهن: ان نظم ۽ ان تي مداريل خاڪي ۾ مهربان پڙهندڙ ان ڀاڱي جي خاص
ڳالهه ۽ تاثر موجود ڏسي سگهن ٿا.
مثلاً
ٻئي ڀاڱي (ص ص ۵۱-۷۲) لاءِ پيش ٿيل خاڪو صفحي ۵۱ جي نظم تي مداريل آهي ۽ ان
جا ٻه بند، ٻيو ۽ آخري، خاڪي تي ڏنا به ويا آهن. نظم ۾ شاعر ’ٿري نينگرڙي سان
مخاطب آهي، جيڪو ڪارونجهر، پنهنجي گهر، جي واٽ وساري، واريءَ سان ويهي کيڏي ٿو.
شاعر ان معصوم کي، ان نادان نينگر کي، سمجهائي ٿو ته’اها ٿر جي (مارئيءَ جي ٿر جي)
ريت ته نه هئي، ڇو نٿي هُن چوڏس جي کڙيل چنڊ سان ساٿ نڀايو، جنهن جي سُهائيءَ ۾
(يا جنهن سان گڏ ويندي ويندي)
هو پنهنجي گهر جي واٽ لهي ٿي سگهيو! هن جي گهر کي، جي لوڙهو آيل هو ته هو ڇڪي ان
جو ڍنگهر لاهي به سگهيو ٿي! ائين آخر ڪيئن ٿي ٿي سگهيو ته ساري رات هو ٻاهر واريءَ
سان کيڏندو رهي ۽ گهر جي واٽ ئي نه وٺي! ان جي خبر نه لهي! ظاهر آهي، شاعر هتي
’نينگرڙي‘ جي تمثيل سان ’گهر ڌڻيءَ‘
سان ’گهر ڌڻين‘ سان ئي مخاطب آهي. بلڪل ائين جيئن انگريزيءَ جي هڪڙي ٻاراڻي ٻول ۾
’پکيءَ ماءُ‘ کي چتايو ويو آهي:
Lady
brid, lady brid, fly home!
Your
house is on fire!
And your children are
alone!
(پکيءَ ماءُ، پکيءَ
ماءُ، اُڏر اُڏر وڃ آکيري!
تنهنجي گهر کي
آڳ لڳي آهي!
۽ تنهنجا ٻچا آهن بي سهاري!)
ائين
مجموعي جي پهرئين حصي هن ڀاڱي ۾ آيل اڪثر ٻين نظمن ۾ به اها ئي گهر جي اون جي، ماڳ
ڏانهن ويندڙ دڳ جي، مقصد ڏانهن نيندڙ واٽ جي، ڳالهه ٿيل آهي. خود ماڳ جي يادگيريءَ
جي گهڻي قدر پهرئين ڀاڱي ۾ ڳالهه ڪيل آهي.
’عمر
ساري ٿي رهيو هان/ آءٌ تنهنجو انتظار‘ جنهن تي ئي ان ڀاڱي جو خاڪو چٽيل آهي. ائين
ٽئين ڀاڱي جي خاڪي تي جو شعر آيل آهي، ان ۾ دڳ تي هلڻ جي، پنڌ جي، جاکوڙ جي،
جدوجهد جي ڳالهه ڪيل آهي. چوٿين ڀاڱي ۾، ماڳ رسڻ جي پختيءَ اميد ۽ پڪي يقين جي
ڳالهه ٿيل آهي. ’نيٺ ته ايندو/ نيٺ ته ايندو فصل بهاران نيٺ ته ايندو!“ اهڙيءَ طرح،
مجموعي جي هن اهم حصي، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“، جي هر ڀاڱي ۾ اندروني ربط
موجود ملندو ۽ چار ئي ان جا ڀاڱا گڏجي به هڪ ڳالهه ڪن ٿا. زندگيءَ جي، ان جي ماڳ
جي، ماڳ جي دڳ جي ۽ دڳ جي ڪٺن سفر، اڳتي وڌڻ ۽ جاکوڙ جي.
اياز
جي مجموعي جي ٻئي حصي بابت وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ان جي پهرئين ڀاڱي ۾ اياز جا
چاليهه ٽه سٽا آهن، جيڪي به هڪ لاڳيتي نظم جيان ئي آهن جيڪو اسان کي پنهنجي محبوب
قومي شاعر کان ان صورت ۾ عطا ٿيو آهي، ان جو هڪ ٽه سٽو ’ڪينر‘ گهٽ نه ڀانءُ/ ڪوٽ
مٿان ڪُنگرا/ جهوريوئي جهانءِ!- کي اسان جي لائق نوجوان مصور،
فتاح مغل، پنهنجي هڪ شاهڪار جي صورت ڏني آهي، جنهن سان ڪتاب جي ان ٻئي حصي جي
شروعات ٿيل آهي. ٽه سٽن کان پوءِ ان حصي جي ٻئي ڀاڱي ۾ اسان کي پنهنجي شاعر کان
ويهه نظم مليا آهن، جن ۾ هڪ هڪ پنهنجي سادگيءَ ۽ سونهن ۾ ۽ فڪر ۽ جذبي جي پوترتا ۽
اوچائيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. ان پوئين ڀاڱي جو پويون ۽ هن سڄي مجموعي جو پويون
پر سچ ته هڪ بهترين نظم، جنهن جي شروعات اياز بنهه پنهنجائپ واريءَ
۽ بيحد هڪ محبوبانه شوخيءَ سان ڪئي آهي.
تون جي مون کي
ڪونه مڃيندين
مون کي ڪا پرواه
نه آهي،
آءٌ سڀاڻي
لاءِ لکان ٿو،
جيڪو نيٺ ته
اچڻو آهي،
مون تي ميڙو مچڻو آهي.
ان
سان آءٌ هن
پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪرڻ گهران ٿو. پر ان کان اڳ اياز جي ان دلبرانه شوخيءَ بابت
ٻه اکر ضرور چوندس.
جيڪڏهن
اياز ’مون‘، سندس پڙهندڙ، کي ائين بي تعلق ٿي، چوي ٿو، ”تون جي مون کي ڪونه
مڃيندين/ مون کي ڪا پرواهه نه آهي.“ تڏهن کيس منهنجي مڃڻ نه مڃڻ جو- زباني طور،
شخصي طور- مڃڻ نه مڃڻ جو، ڪو شڪ يا اونو ڪونهي ۽ واقعي به نه ڪا پرواه ئي، پر عملي
طور سندس ’ڳالهه‘ جي نه مڃڻ جو، سندس بار بار ٻڌايل زندگيءَ جي ’ماڳ‘ ماڻڻ لاءِ
قربانين جي ’دڳ‘ تي نه هلڻ جو، هن کي اونو ۽ ڏک برابر آهي ۽ ڏاڍي وڏي پرواه به پر مون مان، منهنجي پيڙهيءَ
مان، پنهنجي ’اڄ‘ مان نااميد ٿي، وري به ’سڀاڻي‘ جي پڙهندڙ تي، سڀاڻي جي پيڙهيءَ
جي جدوجهد تي ۽ جاکوڙ تي، اجتماعي چڱائيءَ جي دڳ وٺڻ تي ۽ وٺي هلڻ تي ۽ پنهنجي
نجات جي ماڳ ماڻڻ تي، هن کي پورو ڀروسو ۽ يقين آهي ۽ تڏهن ئي پنهنجي ان آهني يقين سان چوي ٿو،
”آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو/ جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي/ مون تي ميڙو مچڻو آهي“ ۽ پوءِ-
مِينهن جڏهن
مانڊاڻ ڪندا، مان
ساري وارياسي تي
وسندس،
ڪارونجهر جي ڪور
مٿان مان
سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس-
(مان جو تنهنجو
راڳي آهيان
تنهنجو ٿي، وڏ- ڀاڳي آهيان.)
ڄڻ ماڻهوءَ جو
ڳوڙهو ڳوڙهو
منهنجين واين
مان برسي ٿو،
ويڙهو ويڙهو،
لوڙهو لوڙهو،
منهنجن گيتن سان گونجي ٿو-
منهنجا گيت
گلابن وانگر،
جيڪي چوٽين منجهه لڳائي،
تڙ تان ناريون
اينديون آهن
پنهنجن پيارن
لاءِ سجائي-
نيٺ ته تنهنجو منُ ڀائيندا.
چانڊوڪين راتين
۾ مارو
مون کي ٿربر ۾
ڳائيندا،
بسنت رت ۾ منهنجون وايون
گليءَ گليءَ ۾ ڦهلائيندا.
وڄ وراڪا جيئن
کائي ٿي
ائن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان،
رُت ۾ جئن رابيل
ٽڪن ٿا
تئن ڌرتيءَ جي
مهڪ به آهيان.
۽ هيءَ ڌرتي نيٺ
ته مهڪي
ٿيندي ڪو گُلزار
سڀاڻي،
آءٌ لکان ٿو
جنهن لئه هاڻي.
حيدرآباد
سنڌ. ۲۱-
مئي، ۱۹۸۸ع
بهترين مهاڳ
ReplyDelete