22/02/2013

امر سنڌوءَ جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي اڀياس - حسن مجتبيٰ (Hasan Mujtaba)


امر سنڌوءَ جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي اڀياس
ننڊ جي گھٽين ۾ جاڳ جي شاعري
حسن مجتبيٰ
”حيرتناڪ، خوبصورت ۽ جرئت ڀريي“ اهي آهن پهريان ٽي لفظ جيڪي امر سنڌوءَ جي هيءَ شاعري پڙهي انهيءَ بابت  خيال ۾ اچن ٿا. 1990 جي  ڏهاڪي جا شروعاتي ۽ وچوٽا سال سنڌ ۾ وڏي هڪ اٿل پٿل جو زمانو هو. گوڙ گھمسان ۽ وٺ وٺان جو زمانو هو. آڌي رات جي گدڙن جو زمانو (اهي آڌي رات جا گدڙ اڄ به ساڳيا آهن) سنڌ کي گدڙ ۽ سنڌ جي جواني کي سياست، اخبارون کائي کپائي رهيون هيون. حڪومتون ڊهيون ٿي، ٺهيون ٿي. سنڌي اديب ۽ نوجوان 80 واري ڏهاڪي جي قاصائي واري ڪار مان بچي نڪرڻ کان پوءِ رومانيت جي ڳهر ۾ ورتل هئا، پوءِ اهو رومانس ڪنهن شخص، ڇوڪري، ڇوڪريءَ سان هجي يا انقلاب سان. ويڙهاڪ ڪردار زنده يا مرده ، پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي رهيا هئا. ٻوليواراڻا هنگاما سنڌ جي شهرن کي سنڌين لاءِ پيراڊائز لاسٽ بڻائي رهيا هئا.

سنڌ جو ادبي ۽ سياسي هاليووڊ  حيدرآباد اجڙي ڀڙ ڀانگ ٿي ڄڻ ته غزه جي پٽي  بڻجي رهيو هو. پر سنڌ جي لڙهندڙ/لڙندڙ نسلن مان ڄامشورو ڪن لاءِ ريلوي ڦاٽڪ کان هن پار ”سنڌوديش“ ته ڪن لاٰءِ  ”اسان جي پرين جو شهر“ هو. سنڌ جي عورت ڪهاڙي يا بندوق سان ڳڀا ڳڀا ٿي رهي هئي جيئن هوءَ صدين سالن کان  ٿيندي  آئي هئي. نياڻي ست قرآن هئي ۽ سنڌين ٻه ڀيرا  هڪ خاتون وزير اعظم کي ووٽ ڏيئي اسلام آباد موڪليو هو ۽ هوءَ ٻيئي ڀيرا اقتدار تان  لاهي واپس اماڻي ويئي هئي. سنڌي شاعريءَ ۾ حليم باغي. حسن درس ۽ مظهر لغاري جهڙن جوانڙن جي شاعري جي حسن جي هر هنڌ هاڪ هئي. سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ دانهن پنهنجي جاءِ تي موجود هئي پر نون آباد ڪيل ڪلياڻ ڪيمپن جهڙين سنڌي بستين ۾ ”خادم وطن“ جي هاڪرن جا هوڪا ٻارن جي راند جو حصو ٿي ويا ها. سنڌ اڃا به گھاٽي لسي ۽ سن جي ٺري جي ڳهر ۾ هئي. پڙهاڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پنهنجي جاڳ ۽ پنهنجا پنهنجا خواب هئا. ڪتاب فٽ پاٿن تي اڃان پراڻو درد نه بڻيا ها. ساره شگفته ۽ عرفان مهدي ڪڏهوڪو خودڪشي ڪري چڪا هئا. شاهبندر ۽ ٽنڊو بهاول ۾ وهيل رت جا پيرا پڌرا هئا. جي مون کان پڇو ته اڻويهه سو نوي جي ڏهاڪي واري سنڌ ڇا هئي؟ آئون چوندس 1990ع واري سنڌ مائي جندو ۽ انهيءَ جو پاڻ ساڙڻ هئي. جلاوطن پکي سنڌ جي پاڻين ڏانهن موٽي رهيا هئا. گرو رجنيش جي جاءِ تي عشق به  اڃا اين جو اوز جو پروجيڪٽ نه بڻيو هو.
بيدرد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ
تو راز ڪري فاش سڄڻ خلق کلائي آ
الائجي ڪٿان اڻويهه سو ٻڙي ۾ جيوڻي ٻائي جو اهو ريڪارڊ منهنجي دل ۾ هري منهنجي ڪالمن جو موضوع بڻجي ويو هو. اهي منهنجي آواره گردين جي اوج جا سال هئا. ٿوڙا سا روماني هو جا فلم وارا سال. پر اياز اڃا سنڌ ۾ زنده هو
بلڪل اجھو هيئين:
اڃا آ ٻار هي ننڍو عاشقي سکي پيو
اڃا اياز سنڌ ۾ شاعري لکي پيو
اڙي او موت ڪجھ  گھڙيون. (حسن مجتبيٰ)
سنڌ ۾ اهڙن زمانن ۽ سالن ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هڪڙي سنڌي ڇوڪري، ٻاهران چپ چاپ، بظاهر ايڪٽوسٽ ۽ فيمنسٽ، ادبي ٽائيپن کان پري، بلا جي پاڙهو، ۽ پنهنجي ويجھن دوستن ۾ هڪ ئي وقت سنجيده، جماليات ۽  مزاح جي شديد حس رکندڙ امر سنڌو (جيڪا چوندي آهي ۽ ٺيڪ چوندي آهي ته سنڌي ماڻهو جماليات جي حس کان به وانجھيل آهي، عشق کان وٺي موسيقي ۽ آرٽ تائين) پنهنجي اندر هڪ شاعره به کڻي هلي رهي هوندي. بلڪل ائين جيئين هڪ شهر پنهنجي اندر سمونڊ کڻي هلندو آهي.
امر سنڌو خيالن ۽ خوابن جو سمونڊ سرجي موٽندي ڪنهن ٿي ڄاتو! هوءَ هڪڙي وڏي پوٽلي کڻي ٿي هلي. انهي پوٽلي  مان خوشبوءُ جي هڪڙي دٻلي پنهنجي اوائلي شاعري جي روپ ۾  هن تڌهن لوڪ کي آڇي جيڪا  منهنجي دوست مظفر چانڊيي پاران  ڇپرايل سنڌ جي نئين ٽهي جي شاعرن جي  چونڊ شاعري جي اينٿالاجي يا  ڳٽڪي  ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ ڇپي هئي. هوءَ آئي، هن شاعري ڇپائي ۽ هلي ويئي جي مصداق، امر سنڌو وري يڪو ٽٻيءَ ۾ هلي ويئي. هيءُ هڪ رامڪلي جهڙو ڪردار ڇوڪري. ايئن نه هو  ته هوءَ شاعري نه ڪندي رهي هئي. هيءَ سامي جي سلوڪن جهڙي سوچ ۽ سڀاءُ رکندڙ سنڌو سامي وانگر هيءَ شاعري مٽ ۾ نه پر پوسٽ جي دٻي ۾ وجھندي رهي هئي. ڪجھ ڪتابن ۾ ڪجھ جينز واري جيڪٽ جي کيسن ۾، ڪجھ ڪتابن ۾، ميز جي خانن ۽ ڪجھ هتي ڪجھ هُتي.
امر سنڌو جلسن جلوسن،يعني ايڪٽوازم، ڪتابن، ڪلاسن، فلسفي جي منجھيل پر رنگين سٽ ۽ پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويئي. پر جس آهي سندس ۽ منهنجي دوستن عرفانه ملاح، عطيه دائود ۽ خدا بخش ابڙي کي جن امر سنڌوءَ کي پنهنجي شاعري سهيڙي ڇپائڻ تي مس مس راضي ڪيو.
امر سنڌوءَ جي شاعري جنهن جو هڪ جھجھو حصو جيئن هن پنهنجي ڪتاب جي ارپنا ۾ به  چيو آهي سندس درد ۽ تخليق جي هر مسافت جي شريڪ سفر دوست عرفانه ڏانهن ساڻس  اسلام آباد لکيل خطن ۾ شيئر ڪندي رهي هئي، تنهن (عرفانه) سندن محفوظ ڪيل پنن مان ڪڍي ان کي هڪ ڪتاب جي ڊيگھه جيترو ڪري امر سان گڏجي ابڙي ۽ عطيه جي حوالي ڪيو، ابڙي سنڌو جي نظم نظم کي مصور ڪيو ۽ عطيه سنڌو جي انهيءَ اصل سنڌي ۾ لکيل نظمن کي اردو ۾ ترجمو ڪيو. مان امر سنڌو جي عطيه پاران اردو ۾ ڪيل ترجمي کي ٽرانسڪريئيشن چوندس. ايئين امر جي ڪتاب اچڻ ۾ ڪيئين سال لڳي ويا.
هاڻ هيءُ امر سنڌو جي شاعري جو پهريون ڪتاب /مجموعو ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ (سنڌي) ۽  جاگتي آنکون ڪي سپني“ ڏسي ۽ پڙهي اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته آيا امر سنڌو جو هيءُ ڪتاب ابڙي جي مصوري سان شاعري جو آرٽ آهي يا آرٽ جي شاعري؟ سچ ته اهو آهي ته امر سنڌو جي شاعري پڙهي ڄڻ مون تي ڪيئين ڏينهن اڻ پيتي جا کيپ رهيا. ڪاش مان امر سنڌوءَ جي شاعريءَ تي هڪ ڊگھو نظم لکي سگھان ڪڏهن!
تنهنجي پويان ايندڙ
هر ماڻهوءَ وٽ
مون کان اڌارا ورتل پير آهن ۽
پنڌ کي اکيون ناهن.
تو سان گڏ ويٺل
هر ماڻهو وٽ
منهنجي اکين جي
سرزمين آهي
جنهن تي تون ويٺل آهين
تو سان ڳالهائندڙ هر ماڻهو وٽ
منهنجي آواز جو پکي آهي
جو مسلسل تنهنجو لهجو چڳي رهيو آهي
پر مان تنهنجي گيت جي ڌرتيءَ تان
ڪڏهن به جلاوطن نه ٿيندس
ڇو ته گيت
رڳو پيار کي سڃاڻي ٿو. (نظم هتي اڻپورو ۽ ٽڪرن ۾ کنيل)
امر سنڌوءَ  جي نظم ”گيت رڳو پيار کي سڃاڻي ٿو“ ۽ انهيءَ مان مٿيان ٽڪرا پڙهندڙ جي من تي به هڪ تصوير ٺاهين ٿا، هڪ گيت ڳائين ٿا. اداسي اڻجي ٿي. امر جي هن نظم کي پڙهڻ سان  يقينن هڪ تصوير بڻجي ٿي. جي امر جو هيءُ ڪتاب هڪ سهڻو انسان هجي (سهڻي ڇوڪري يا سهڻو ڇوڪرو) ته هوند اهو نظم هن جو سهڻو نڪ هجي ها.
رڳو
روم شهر ۾ ئي نه جتي ڪٿي
بروٽس به گھڻا
خنجر به گھڻا
سيزر اڪيلو ئي آهي
اجھو هن نظم ۾ فرد واحد جي اڪيلائي ۽ سچائيءَ کي بروٽس جي خنجر سميت سموري شيڪسپيئريئين تمثيلات سان انهيءَ کي سنڌي پهراڻ پهرايو اٿس جنهن تي هر ويل  رت جا داغ آهن، سيزر جا نه پر سچائين جي پاڻ چونڊ ڪيل رستي تي وڃڻ وارن جا.سنڌ به بروٽسن کان خالي ڪونهي سنڌو!
مون وٽ اڃ آهي
ڇا تون
درياءُ ٿيندين
مون وٽ ٿَڪ آهي
ڇا تون منهنجي
ڇانو ٿيندين؟
هن ننڍڙي نظم ۾ هڪ صحرا ۽ هڪ درياءُ هڪ ئي وقت بند آهن. انور پيرزادو چوندو هو ”اها ٿيندي آهي خيال جي شاعري“. بنا عنوان هيءُ نظم سنڌوءَ جي ڪتاب ۾ الڳ ٿلڳ بيٺو آهي. هن نظم ۾ خيال جي خوبصورتي ۽ احساس جي گهرائي هڪڙي ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.
امر سنڌو هن ڪتاب جي عنوان واري نظم اوجاڳيل اکين جا سپنا کي هن ريت رچي ٿي:
مون پنهنجي ڪُک ۾
ٽانڊا پوکيا هئا
۽ سرهاڻ
منهنجي وجود کي سنگسار ڪري
جلاوطن ٿي ويئي.
هن ديس جون ڇڙوڇڙ هوائون
جڏهن منظم ٿينديون آهن
ته وڏي واڪ
سج جي گرميءَ کي گاريون ڏينديون آهن
هن ئي نظم جون آخري سٽون آهن:
پر
خواب منهنجي اکين ۾ آکيرا ٺاهي
ستل آهن
امان چيو هو ته
تون سمهندينءَ ته
تنهنجا خواب جاڳي پوندا.
احساسن جي تجريديت ۽ صدين جو انساني شعور سنڌوءَ جي هن نظم ۾ انساني جسم ۾ رت وانگر  سفر ڪندي محسوس ٿين ٿا. موهن جي دڙي جو ماڻهو جيٽ جي رفتار سان فاصلا طئي ڪري ٿو. ڄڻ ڀٽ جي ڀٽائيءَ تي وڄندڙ دنبورو ۽ جاز جي موسيقي هڪڙي سمفني ۾ جڙجي وڃن ٿا. ننڊ ۽ جاڳ، خواب ۽ ساڀيا سڀ هڪ اسٽيشن تي ملن ۽ وڇڙن ٿا. وائو!
”ننڊ جون گھٽيون“ سنڌوءَ جي هن ڪتاب ۾ منهنجي سڀ کان وڌيڪ پسنديده نظمن مان هڪ آهي:
ننڊ جون گھٽيون
تنهنجي شهر ۾
وائڙيون ٿي پيون آهن
۽ جيڪا رولاڪي
رولاڪي منهنجي پيرن تي لکيل هئي
سا
شهر جي رستن تي
پنهنجو پنڌ وڃائي ويٺي.
سنڌو جو نظم ”قديم راڳ ۽ آلو ڪنارو“ وري سندس مون کي سڀ کان وڻندڙ نظمن مان هڪ ٻيو نظم آهي جيڪو پڙهندي الائجي ڇو مون کي لڳندو آهي ته مان قديم زمانن ۾ سامونڊي ڪنارن تي قديم عبادتگاهن ۾ يگن کان ٻرندڙ هڪ مقدس باهه جي تپش جديد زمانن ۾ کڻي وڃي رهيو آهيان. الائجي ڇو لڳندو آهي ته سنڌو سچ پچ جي سنڌي شاعره نه پر قرت العين حيدر جي هڪ وڏي ناول (جيڪو ڄڻ ته  اڃا اچڻو آهي) ۾ هڪ شاعره جو ڪردار آهي.
منهنجي اندر ۾ هڪ قديم راڳ
اجھاڻيل ميڻ بتي
۽ هڪ ڊگھي سڙڪ آهي
جا،
ستارن وٽان ٿيندي
آسمانن تائين پهچي ٿي
منهنجي اندر ۾
هڪ قديم باهه جو مچ آهي
جنهن تي رڳو سرد هوائن جي موسيقي
رقص ڪري ٿي
منهنجي اندر ۾
هڪ پوڙهي سمنڊ جو آلو ساحل آهي.
وري هڪ اهڙو ٻيو نظم ”زندگيءَ جو گيت“ هو هن  ريت لکي ٿي:
توکي منسوب ڪندي
مون پنهنجي آخري نظم جي
گرامر درست ڪرڻ وساري ڇڏي.
سنڌو محبت ۽ آدرش جي شاعره آهي. سنڌ لاءِ ڌڙڪندڙ دل جهڙي هن شاعره وٽ پوءِ به نه ڪا هن جي شاعري ۾ نعري بازي آهي ۽ نه ڪو سکڻي سنڌ سنڌ.هن جي عورت ۽ فيمنسٽ هن جي شاعريءَ  ۾ جا بجا موجود آهي پر آدرش هن وٽ پوسٽر ۽ بئنر يا ڪو نعرو ناهن خواب آهن. هوءَ پاڻ ۽ هن جي شاعري هن ننڊاکڙي ناخوش واديءَ ۾ هڪ جاڳ آهي. جلندڙ جاڳ. هوءَ چوي ٿي:
اوجاڳن جي سفر تي وڃڻ وقت
ننڊ جا گل
مون کي سي آف ڪرڻ لاءِ
سڄي رات جاڳندا رهيا.
يا وري ”ڊيپ ڪس“ ۾ هو چوي ٿي:
ڇا
تون پنهنجي
نظريئي جو ڪمبل
مون کي اڌارو ڏيندين
مان پنهجي سپنن کي
سيءُ کان بچائڻ ٿي چاهيان
هو جنهن کان ڊگھي ڪس (Kiss)
وٺڻ چاهي هئي مون
رات ان جي سپنن سيءُ کان بچڻ لاءِ
خودڪشي ڪري ڇڏي.
”موهن جي دڙي جي آخري رڙ“ ۾ هوءَ هن ريت مخاطب آهي:
موت طئي هو
سو خوابن نظمن ۽
پاڻ کي ڪا به
بلٽ پروف جيڪٽ ڪونه پارايم
۽ هڪ ڏينهن
نظم، مان ۽ خواب اوچتوئي
مرڻ کان اڳ ئي
مري وياسين.
يار! هيءُ تمام وڏو نظم آهي. اڳتي ٻڌو!
قتل گاهن جي ڌرتيءَ تي ماڻهن
قومون ورهايون
۽ مان دل ڳوليندي رهيس.
قومن جي نوحن تي
پوڙهي تاريخ
ڇاتي ڪٽيندي رهي
۽ ڪتن رت چٽيو.
مان ڪپيل زبانن کان
سندن خواب پڇان ٿي
۽ شاعري!
ٽڙڪي پيل دلين جا اوسارا لکي پيئي.
سنڌو جو اهو طويل نظم ڌرتيءَ تي يا دل جي موهن جي دڙي اجڙڻ جي ڄڻ ته سمفني آهي . شيخ اياز چيو هو شاعر ايندڙ وقت کي ڏسي سگھڻ جو ادراڪ يا پري ڪوگنيشن جي سگھ رکندا آهن!
امر جي هر هڪ نظم کي پنهنجو پنهنجو عنوان آهي. سموري شاعري هن جي نثري نظم آهن پوءِ به موسيقيت ۽ رڌم سا ڀرپور. آرٽ ۽ دل کي پئنٽ ڪري ويندڙ.
”دوستي واقعي به پيتل نشو“
امر سنڌوءَ جي هن شاعريءَ کي صفا پنهنجو ڊڪشن، پنهنجي ٻولي، انتهائي جديد ۽ بي ساخته جرئت آهي جيڪا هن کي گھڻن حوالن سان پاڪستان ۾ فهميده رياض، عزرا عباس جهڙين شاعرائن جي تسلسل ۾ آڻي ٿي بيهاري. گھڻ پڙهي ۽ رولاڪين ڀرين، مشاهدي واري، بقول عرفانه لاڏائو قبيلن وارو سڀاءُ رکندڙ سنڌو سندس کان اڳ ۽ پنهنجي همعصر شاعرن ۽ شاعرائن مان ڪنهن کان به اثر  نه وٺي الڳ ٿلڳ ۽ منفرد بيٺي آهي. ايراني شاعره فرغ فروخزاد ، شيخ اياز ۽ عرب شاعر نزار قباني جي شاعريءَ سان عشق ڪندڙ سنڌو هن مهل تائين پهرين نج پج سنڌي ماڊرن شاعره آهي. هڪ ڏينهن زمانو هن جي يونيڪ  شاعريءَ کي يونيورسل مڃيندو.

No comments:

Post a Comment