21/02/2013

امر کهاوڙ جي شاعري - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


امر کهاوڙ جي شاعري
تو ۾ ديپ امر
مشتاق گبول
شيخ اياز هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته: ”ڄام نندي کي پپل جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ اک لڳي وئي هُئي، دولهه دريا خان هُن کي غافل ڏسي، مياڻ مان پنهنجي تلوار ڪڍي هُن جي ڀرسان رکي پاڻ پپل جي پُٺيان لِڪي بيٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام نندي جي اک کُلي ۽ هُن پنهنجي ڀرسان رکيل تلوار ڏانهن ڏسي، سڏ ڪيو، ”دولهه دريا خان!“ دولهه دريا خان پپل جي پٺيان نڪري آيو ۽ ڄام نندي کي چيائين، ”اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته مان پپل جي پُٺيان لڪل آهيان دولهه دريا خان!“
ڄام نندي چيو، ”مان توکي، تلوار کي، تکي ڌار مان سُڃاڻي سگهندو آهيان.“ شاعري به تلوار وانگي هوندي آهي ۽ هر شاعر جي سُڃاڻپ ان جي ڌار سان هوندي آهي. مان جڏهن هُن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ هُن سان مليو هوس ته مون کي هُن جو ڀَريل بُت ”ڪاٽن“ جي ٽائيٽ ڪلف ڏنل وڳي ۾، ڪاٽن جي وڳي وانگي ڦوڪيل ڦوڪيل مليو هو. ڏسڻ ۾ هر ڪنهن کي ”اميراڻو ٻار“ لڳندڙ، اسان جو هي دوست سدائين ”موٽر سائيڪل“ تي گهمندڙ، پنهنجي شهر جو رولاڪ سيلاني، شهر ۾ ”ڀؤنر“ بڻجي ”گُلن“ جي تلاش ۾ پيو ”رولاڪي“ ڪندو رهندو هو. هر ماڻهو جي لاءِ زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي هڪڙي گهٽي ”اهم“ هوندي آهي. سو، هِن ”رولاڪ رمتي“ جي لاءِ به پنهنجي شهر جي هڪڙي ”گهٽي“ اهم هُئي. سو پيو ”ڀؤنر“ وانگي ڦرندو رهندو هو. ڏسڻ ۾ خوبصورت، خوبصورت به اهڙو جو ڏسندي ئي ”ڏسندڙ حسينائن“ جي دلين کي گهوماٽيون کارائي ڇڏي. وار ننڍا، پر گهاٽا. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٽوپي به پائيندو آهي. طبيعت ۾ ”محبتي ماڻهو“ ڪس ڪسر کائڻ وارو، صبر ڪرڻ وارو ۽ مُشڪل وقت ۾ دوستن سان ڪُلهو ڪلهي سان ملائي هلندڙ، کِلڻ ۾ پنهنجو هڪ الڳ ”مخصوص“ دُلربا انداز رکندو آهي ۽ هُن جي کِلڻ هُن جي هٿ جا اشارا ۽ ڪنڌ کي ڦيرائيندو رهڻ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڳالهائڻ وقت، ڳالهائيندي ڳالهائيندي پنهنجي ڌُن ۾ گُم ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ سامهون ويٺلن کان ذري گهٽ ڪٽجي ويندو آهي. اِها هن جي ”خوبي“ به آهي ته ”خامي“ به آهي.
شاعري ۽ شاعريءَ جي فن ”علم عروض“ کان چڱي طرح واقف آهي. هُو جڏهن اڃا نئون نئون لکڻ لڳو هو، تڏهن مون سان هُن جي دوستي ٿي هُئي، تڏهن مون پنهنجي اُن نئين لکندڙ شاعر دوست ”امر کهاوڙ“ جي لاءِ لکيو هو ته:
”تو ۾ ديپ امر!
پاڻهي جلندي جوت پئي،
ڪر پيو ڏات- سفر“
هن جي ”تخليقي جوت ۽ روشني“ پنهنجي علائقي کان ٿيندي سڄي سنڌ ۾ پکڙجي رهي آهي، نه رُڳو سڄي سنڌ ۾ پر پنهنجي مُلڪ جي سرحد پار ڪري هندستان تائين پکڙجي رهي آهي.
دوستي جي شروعاتي ڏينهن ۾ اڃا جڏهن هُن سان تمام گهڻي ويجهڙائپ قائم نه ٿي هُئي، تڏهن هُو ڪجهه اهڙن ماڻهن سان گڏ ڏٺو ويندو هو، جيڪي اسان جي لاءِ ته ڇا پر سماج جي لاءِ به ”ناپسنديده“ ماڻهو هئا، تڏهن هِن جي پنهنجي شخصيت پڻ ڪجهه ماڻهن جي نظر ۾ ”مشڪوڪ“ بڻيل هُئي، پر جيڪي به هن جا ويجها دوست هئا، انهن کي خبر هئي ته امر کهاوڙ پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ ”مشڪوڪ“ ته ڇا، پر کير وانگي اڇو ۽ اُجرو آهي. رُڳو هن سان ويجهڙائپ رکي، هن کي سمجهڻ جي ضرورت هُئي.
شيخ اياز لکيو آهي ته: ”مون دارا جي ڪُلهي تي هٿ رکي هن کي چيو، ”دارا! هو جيوڻ خان ڪير هُو، جنهن توکي چؤکنڀو ٻَڌي اورنگزيب جي اڳيان اُڇلايو هو؟“
دارا جواب ڏنو:
”مون کي دوستيءَ جي بيماري ٿي پئي، جنهن مون کي نهوڙي نِيو، جيوڻ خان منهنجي وجود جو سرطان هُو، ڪاش! مان اُن کي پاڻ مان ڪپي ڦٽي ڪيان ها!“
گهڻو وقت اڳي امر کهاوڙ کي به ”دوستيءَ جي بيماري“ ٿي پئي هُئي ۽ ڪيترائي ”جيوڻ خان“ جهڙا دوست، هُن جي وجود جا سرطان هُئا، پر هُو خوشنصيب آهي، جو پنهنجي وجود جي انهن حصن کي جن کي ”سرطان“ هُو، هُن پنهنجي ”ادبي دوستن“ جي مدد سان ڪپي ڦٽي ڪري ڇڏيو، نه ئي هُن جي ڪنهن دوست کي ”جيوڻ خان“ بڻجڻ جو موقعو مليو ۽ نه ئي امر کهاوڙ جا نصيب ”دارا“ جهڙا هئا، جنهن کي وقت جي ڪنهن ”اورنگزيب“ جي اڳيان چؤکنڀو ٻڌي اُڇلايو وڃي ها. امر کهاوڙ کي اهڙا ”حاسد“ دوست مليا ضرور هئا، ٿي سگهي پيو ته اڳتي هلي اُهي ”جيوڻ خان“ بڻجن ها، پر امر اهڙن ”حاسدن“ کي سُڃاڻي ويو هو، تڏهن ته هُو پنهنجي شعر ۾ ان جو اظهار به ڪري ويٺو:
”ڏنيوسين جيءَ ۾ جايون حاسدن کي،
ڪکيو ڪهڙي هُيو ڪاري اسان کي“.
امر کهاوڙ، خوش لباس، خوش اخلاق هُجڻ سان گڏوگڏ، اندر جو صاف ۽ اُجرو، معصوم ۽ سادو آهي، ظاهري طور خوش لباسي ۽ ٺاهه ٺوهه سبب، هُو پري کان سادو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، پر هُو پنهنجي ذات ۾ بنهه سادو ۽ هڪ معصوم ٻار جهڙو آهي. ”مُلاڻڪي ماحول“ مان نڪتل ”حساس دل“ ”صوفي مزاج“ رکندڙ سنڌ جو هي نوجوان شاعر، پنهنجي سماج، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيترو سچو آهي ان جو مثال، هن جي هِن شعر مان ملي ٿو ته:
”اسان هِن دور جا منصور، سرمد
نِيو سوريءَ تي سينگاري اسان کي“.
طبيعت ۾ ”سُست“ نظر نه ايندڙ امر کهاوڙ، کوڙ ڪم ڪارن ۾ پنهنجي ”سُستي“ جا ذري گهٽ ”عالمي رڪارڊ“ قائم ڪندو رهندو آهي. انهيءَ ڪري پنهنجن دوستن ۾ پنهنجي اُستاد مفتون ڪورائي، پنهنجي ”چڻنگ سنگت“ ۾ پريم پتافي ۽ پنهنجي ”چڻنگائي دوست“ جهانگير ڪورائي جي ٺاهيل ”پيروڊيون“ جو نشانو هوندو آهي ۽ اُهي ”پيروڊيون“ پڙهي ۽ ٻُڌي گڏجي ويهي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا آهيون ۽ وقتي طور زماني جهان جا غم ۽ پريشانيون ڀُلائي ڪُجهه گهڙيون امر کهاوڙ جي بدولت خوشيون ماڻي سگهندا آهيون.
مون شروعات ۾ چيو آهي ته ڄام نندو، دولهه دريا خان کي، اُن جي تلوار کي ۽ اُن جي ڌار کي سُڃاڻي وٺندو هو ۽ مون لکيو آهي ته ”شاعري به تلوار آهي ۽ شاعر جو اسلوب (Diction) ان جي ڌار آهي ۽ شاعر به پنهنجي ”شاعريءَ جي تلوار“ ۽ اُن جي ”ڌار (اسلوب)“ سان سُڃاتا ويندا آهن. مان اوهان کي امر کهاوڙ جي ”شاعريءَ جي تلوار“ ۽ اُن جي ”ڌار“ ڏيکاريان ٿو:
”هي ڪيفيت وصل جي گهڙي ۾ رهي امر،
لونءَ لونءَ ۾ ڄڻ ته سج جا ڪرڻا ٻري پيا.“
امر کهاوڙ جو اُهو شعر پڙهي مون کي سنڌ جي عظيم شاعر ”نارائڻ شيام“ جي شعر جو مفهوم ياد پيو اچي ته جنهن ۾ هُن چيو هو ته ”محبوب سان ملڻ جي لاءِ منهنجي نس نس ۾ پوپٽڙا ڦڙڪن پيا“. ”نس نس ۾ پوپٽ ڦڙڪڻ“ وارو خيال ڏسي، امر کهاوڙ جو ”لونءَ لونءَ ۾ سج جي ڪرڻن جو ٻري پوڻ“ پڙهي مان اُهي لکندي خوشي محسوس ڪيان پيو ته: ”اهو شعر ئي امر کهاوڙ کي وڏن شاعرن جي قطار ۾ اچي بيهاري ٿو. اوهان ٿورو غور ڪندو ”نارائڻ شيام“ ۽ ”امر کهاوڙ“ جي شعرن تي ته اوهان کي لڳندو ته: ”امر کهاوڙ ڪيترو پَڪو پُختو ۽ اعليٰ درجي جو شاعر آهي. اڃان اڳتي هُن جي ”شاعريءَ جي تلوار“ ۽ اُن جي ”ڌار“ ڏسو:
”برسات ۾ وئي پئي وڌندي وڌيڪ اُڃ،
دريا کي اک جي پياس جو ڪوئي پَتو نه هو.“
”ڪلهه ميت گيت منهنجو جهونگاريو جيئن،
تنهن وقت ڪنهن حواس جو ڪوئي پَتو نه هو.“
”هرطرف هونءَ رات جو ڪيڏو هراس هو،
نڪتو سفر تي چنڊ ته رستا ٻري پيا.“
”برسات ۾ اُڃ جو وڌيڪ وڌڻ“، ”دريا کي اک جي پياس جو پتو نه هئڻ“، ”ميت جو گيت جهونگارڻ وقت، حواسن کان بي خبر ٿيڻ، هرطرف رات جو هراس هُجڻ“ ۽ انهيءَ ”هراس“ ۾ ”چنڊ جو سفر تي نڪرڻ وقت رستن جو ٻري پوڻ“ اهڙا اُڇوتا خيال، اهڙو سُهڻو انداز ۽ لهجي جي تازگي ۽ امر کهاوڙ جو خوبصورت اسلوب (Diction) امر جي وڏي شاعر هئڻ جي گواهي ڏين پيا ۽ امر کهاوڙ جا مٿيان شعر سنڌي شاعري جي خوبصورت آئيندي جي نويد آهن. امر کهاوڙ هڪ سُجاڳ ۽ باشعور شاعر آهي، جنهن جي پنهنجي سماج جي ”نبض“ تي هٿ رکيل آهي ۽ هُو پنهنجي دؤر جو ”ضمير“ آهي يا پنهنجي دؤر جي ”ضمير“ جو هڪ ”نئون آواز“ آهي. شيخ اياز هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته:
”اسان سمجهيو، زندگيءَ جي ڳُجهارت کي،
موت جي ڳُجهارت کي،
تخليق ڪاريءَ جي خوبيءَ کي،
عاشقيءَ جي خوبيءَ کي،
هائو، انهن کي اسان سمجهو.
باقي رهيون دنيا کي بدلائڻ جهڙيون خسيس ڳالهيون،
اهي ڳالهيون اسان لاءِ نه آهن.“ (ڊاڪٽر زواگو)
پيسٽرنڪ!
پيسٽرنڪ!!
عظيم شاعر، ڇا ٿو چوين!؟
پر پيسٽرنڪ کي تنبيهه ڪندڙ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي ڏيهه جو نوجوان ڪوي سُجاڳ آهي ۽ ان جي سُجاڳي ان جي شعر شعر مان ليئاڪا پائيندي نظر پئي اچي. مان امر کهاوڙ جا ڪُجهه شعر لکان پيو، جن مان هُن جي سُجاڳيءَ ڏسي سگهجي ٿي.
اڳواڻ هو به ڪهڙو، جنهن قوم کي لُٽيو،
انڌي کي پنهنجي ماس جو ڪوئي پَتو نه هو.
منهنجي گهر ۾ رات ئي ترسيل اڃا آ،
روشني سج جي الائي جي پَئي ڪِٿ!
جنهن پَل حواس قوم جا ڌُنڌلائجي ويا،
تنهن پَل ڪوي جي ڏات جا ڏيئا ٻري پيا.
”ميرپور ماٿيلو“ سان تعلق رکندڙ امر کهاوڙ جي سُجاڳي ان جي شعرن مان ڏسي سگهيا آهيون. پر مان اِهو ٿو ٻُڌائڻ چاهيان ته ”ميرپور ماٿيلو“ ۽ اُن جا ”رهاڪو“ سدائين سُجاڳ رهيا آهن ۽ وقت جي هر ”آمر“ کي للڪاريندا رهيا آهن. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ پنهنجي گرفتاري بابت ٻُڌائي ٿو ته: ”ايس پي آفيس ۾ مون کي پوليس جي گاڏيءَ ۾ اڳيان پوليس انسپيڪٽر سان ويهاريائون ۽ پٺيان رائيفلن سان ڇهه سپاهي ويٺا. مون سڀني دوستن کي الوداع ڪري چيو: وري جيستائين ملون“.
ڊرائيور ”ميرپور ماٿيلو“ ۾ چانهه پيئارڻ لاءِ گاڏي بيهاري ته جيئي سنڌ جي ڪارڪنن مون کي گاڏيءَ ۾ ڏسي ورتو ۽ ڏاڍا نعرا هنيائون. ايوب خان مرده باد، ون يونٽ مرده باد، شيخ اياز زنده باد، جيئي سنڌ، وغيره.
جيئي سنڌ جا ڪارڪن هُجن، سنڌ جا، ميرپور ماٿيلو جا شاعر مفتون ڪورائي، پريم پتافي هُجن يا امر کهاوڙ جهڙا نوجوان شاعر، اهي اڄ به ويڙهه ۽ مزاحمت جي علامت بڻيل آهن ۽ امر کهاوڙ، انهي مزاحمت ۽ ويڙهه جو هڪ ”نئون“ ۽ ”سگهارو“ آواز بڻجي ويو آهي. هڪ اهڙو آواز جيڪو ”ڪُوڙ جي ڪوٽن“ کي ڪيرائڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو ۽ اهو آواز سنڌ جو آواز آهي ۽ وقت گُذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ چِٽو، وڌيڪ تيز ۽ وڌيڪ سگهارو ٿيندو وڃي.

No comments:

Post a Comment