رياضت ٻرڙي جي مرتب ڪيل ڪتاب
”مون ڏات انوکي آندي آ“ تي هڪ نظر
عبدالواحد سومرو
ڪائنات جي اندر
ڪيترائي طلسم سمايل آهن. انهن ۾ جتي قدرت جا ڪمال، ڪرشما جبلن جي صورت ۾ موجود هِن،
ته ڪٿي نديون ته ڪٿي درياھ جا ور وڪڙ، جن مان کيت ڦٽن ٿا ته آب جي ضرورت پوري ٿئي ٿي، ته ساڳئي هنڌ تي اهو حسن، حسناڪي، من
کي موهي ٿي. اهي موهيندڙ نظارا، جهر جهنگ، سرسبز، چهچ ڇٻر، انهن وڻن ۾ ٻوليندڙ
پکي، تن جو صبح جو مٺيون لاتيون، ڪوئل جي ڪوڪ، طوطي جي ٽيون ٽيون، برسات بعد ڀني
ڌرتيءَ جي خوشبوءِ، ۽ ان ڌرتيءَ تي پوءِ اناج اپائيندڙ اسان جو هاري ناري، هن سڄي
ڪرشمي جو عروج آهي.
اهو انسان جو سمورو
حسن اچي مڙي مٺ ٿي هڪ تهذيب جي شڪل ۾ جڙي راس ٿو ٿئي، جنهن جي خمير مان ڦيٿو، ڪڻڪ
۽ ڪپڙو، تحرير، ۽ زندگيءَ جا سمورا راز ۽ نمونا، اهي هڪ ئي تهذيب جي جهول ۾ من کي
موهي وجهن ٿا ته پوءِ ان دَور جو اهو انسان ته خوش نصيب هوندو ئي هوندو.
اهو خوش نصيب انسان
هزارين سالن جو مُهن جو واسي، هڙاپا تائين راڄ ڀاڳ جو مالڪ هيو، پر اڄ ان تي اڄوڪي
رهندڙ مهن واسين جي ڪلورن تي قلم لکندي لکندي ٿڪي ٽٽي مايوس ٿي پوڻ وقت هڪ آواز،
هڪ احساس، هڪُ اُڌمو بڻجي ڪنهن قلمڪار مان ڀڙڪو ڏيئي، ٽئگور جي قول وانگر ته ”سج
لهڻ وقت ڏيئي جو جواب اٿس ته جهوپڙي مان، ته مان جو آهيان.“ اهڙي صورتحال ۾ قلمڪار
۽ تخليقڪار ئي انهن بحرانن مان پار ڪرائيندڙ آهن.
اهو بحران تڏهن ختم
ٿيندو، اوَس ختم ٿيندو، جڏهن اسان پنهنجي علم ادب، سياست ۽ سماج جي ذميوار فرد ٿي تبديليءَ
لاءِ پاڻ پتوڙيون تڏهن ئي تبديلي ايندي. ان تبديلي ۾ سماج جي اندر جيڪو انتشار، اضطراب
موجوده آهي، اتي اڄ ”مون ڏات
انوکي آندي آ“ جهڙا ڪتاب
مايوسيءَ جي ڪُن مان ڪڍي ڪناري تائين ضرور پهچائيندا.
ان ”مون ڏات انوکي
آندي آ“ ڪتاب ۾ مرتب رياضت
ٻرڙو هڪ سلجهيل ۽ سنجيده
نالن مان هڪ آهي جيڪي سنڌ اندر تبديلي پر فڪر فهم واري واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف
آهن. ان اڳ ۾ به هڪ ڪتاب ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ آندو
هيو. ان ڪم کي همٿائيندي، اڳتي وڌائيندي، لاڙڪاڻي ضلعي سان لاڳاپيل چونڊ 16 شاعرن
جون ڪِوتائون، پنهنجو پنهنجو الڳ فن فڪر، مزاج، اسلوب، تشبيهن، تمثيلن، سماج کي
ڏسڻ جي نظر، اوچ نيچ ۽ انساني پيڙاءَ جا عَنصر هنن شاعرن جي تخيل ۾ موجود آهن.
هن ڪتاب ۾ غلام نبي
گل، جوش ٻرڙو، احمد علي صابر چانڊيو، عبدالحق ساريو، عزيز منگي، مدهوش ڀٽو، منصور
ابڙو، ڪوڙل قربدار، پريتم قاضي، ملهار چانڊيو، نويد سنديلو، ياسر قاضي، ساڀيا ياسر،
ياسين چانڊيو، خالد چانڊيو ۽ عيسيٰ ميمڻ، تن جو جذبو، احساس، اڌما، صدما ته ڪن جو
پيار، ته ڪنهن جو وڇوڙو، اهو 248 صفحن ۾ موجون هڻندي نظر اچي ٿو.
”ٻه اکر“ ۾ رياضت
ٻرڙو لکي ٿو، ”ٽن معروف اديبن جا هن ڪتاب در کڙڪايا، پر سندن مصروفيتون ۽ مجبوريون
اڳيان اچي ويون، جنهنڪري ڪتاب ڇھ مهينا دير ڇپيو ۽ شاعرن کي انتظار جي اذيت کي
سهڻو پيو.“
”مون ڏات انوکي آندي
آ“ ۾ موجود شاعرن جي اينٿالاجي ۾ شامل شاعرن جو مطالعو ڪريون.
اڄ جي دؤر جي انسان
جي سڀاءَ جا عڪس جن سڄي سنڌ جي سماج جي قدرن، معيارن کي لوڙهي ڇڏيو آهي ۽ مارڪيٽيڊ،
ڪارپورٽيڊ، ماڊرن سوسائٽي جي اثر ۾ زنگجي چڪو آهي، اهو اظهار هنن سٽن ۾ غلام نبي
گل ڪيڏو نه سادو با معنيٰ انداز سان چِٽيو اٿس:
آئينا اگهندين به ڇا
ٿيندو ڀلا!
چهرا مٽيا ڪو نه هوندا
ساڳيا.
ان ماحول کان پوءِ
يقينن نفسانفسي جو ماحول ئي هوندو ۽ ٿيو آهي. ماڻهو کي ڄڻڪ پنهنجي به خبر ناهي ته
هو ڇا آهي. ان ماحول، منظر جو هڪ نفيس احساس پڙهي ڏسو:
هر ڪو پنهنجو پتو پيو
ڳولي،
زندگي راند ڄڻ رمي آهي.
ٿوري احساس جي تپش
گهرجي،
برف سينن تي وئي ڄمي
آهي.
ڪتاب ۾ موجود جوش
ٻرڙي جو سادو سودو خيال، جنهن ۾ هو نصيحت ٿو ڪري ته چڙهندڙ سج کان پاسو ڪر، جيڪو
سنڌ جي واقعي سماج جي اندر سمورن شعبن کي اڏوهي وانگر کائي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي،
ان کان روڪيندي هيئن ٿو چوي:
چڙهندڙ سج جي پُوڄاري کان پاسو ڪر،
ڪينسر جهڙي بيماري کان پاسو ڪر.
مدهوش ڀٽو هتي وحشت دهشت
اجتماعي طور تي سموري سنڌ ۾ اغوا، قتل، لٽ ڦر کان ويندي وڏي شهر ڪراچي جي ٿيندڙ
رتوڇاڻ تي ڪمال جو هڪ اظهار هيئن ڪيو اٿس:
روز هــــــي دهـشــــتــــون، روز هــــــــي حـــادثــــــا،
ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي، ڪو نه ڪو ويو مري.
مدهوش اڄوڪن رشتن
ناتن بابت هڪ سهڻو من مهڻو خيال هيئن چٽيو آهي:
ويـا ڇڻـي ڪُل گلاب رشتن جـا،
پيو ٿو ڀوڳيان عذاب رشتن جا.
منصور ابڙو به سنڌ
جي سيڪيولر سوچ لوچ جو راهي ٿو ڏسجي ۽ اڪثر سنڌ جو قلمڪار اهو پنهنجو کليل انداز
سان ۽ اعلانيه، للڪار سان ڪندو رهيو آهي. ان قافلي جي واٽ تي هن به ساڳئي روايت
اپنائيندي هيئن ٿو چوي:
آءُ دلين جـي ڳالھ ڪيو، ڇڏ
مسجد ۽ مندر جو ڳالهيون.
انسان پنهنجي پهرين
پيار ۽ ڳوٺ کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهي. اهو اڻ ٽر آهي. اهو جذبو، اهو اڻميو پيار جڏهن
يادن جا در کڙڪائي ٻاهر نڪري ٿو اچي ته پوءِ واقعي ماحول کي معطر ته بڻائيندو:
من جي خالي ڪمري ۾،
وئي وکيري واس،
سار پهرين پيار جِي.
ڪوڙل قربدار پيار جو
اظهار ڪندي چوي ٿو:
پيار مقدس ڪتاب وانگر
آ،
جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ روشنائي
آ.
روح ۾ رلجي آ وئي سهڻي،
ساھ رت کان به ويجهڙائي
آ.
ان پيار جي لاءِ هُو
هڪ ذات کان وڌي اجتمائي ڌرتي تائين، هي درس ٿو ڏي:
آ ضرورت پيار جي، پيار
هر گهر ٿي پوي،
زندگي جو هر پهر، پوءِ
بار آور ٿي پوي.
پيار سنڌڙي جو مقدر ۽
سڪندر ٿي پوي،
ڪيٽي کان ڪشمور تائين
مرڪ محور ٿي پوي.
ائين هن ڪتاب جي
اندر الڳ الڳ رنگ، پوءِ اهي ڪٿي پوپٽن جهڙا آهن، ته ڪٿي انڊلٺي ۽ ڪٿي اهي فراق ۽ وڇوڙي
جون صدائون آهن، ته اتي ڌرتيءَ سرتيءَ جي جيءَ جيئارن احساسن جي تازگي. اهو سڀ هن
هڪ ڪتاب ۾ مختلف لاڙن وارن شاعرن جو اظهار هڪ ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ڏاهپ پبلڪيشن موقعو
۽ مهل مهيا ڪئي آهي، جنهن تي هُو کيرو لهڻي، باقي فن فڪر ۽ تخيل جي اڏام ۽ دوام
ڪنهن جي شاعري ۾ ڪيترو آهي، فني اعتبار کان ڪميون ضرور هونديون پر ان سڀ جي باوجود
هيئن چونڊ مواد پوءِ ڇنڊي ڦوڪي آڻڻ به ايترو آسان ناهي، ڀل ته اهو ڏسڻ ۾ ڪنهن کي
سولو لڳندو هجي.
هي هڪ مختصر فن فڪر،
اسلوب ۽ ڌار ڌار رنگن ۽ گلن جو هڪ ئي وقت تي هڪ گلدستي مثل ڪتاب آهي، جيڪو يقينن
پڙهندڙن وٽان مانُ ماڻيندو ۽ ڪامياب ڪوشش پڻ آهي جيڪا پڪ سان مرتب جي همت به داد
لهڻي!
No comments:
Post a Comment