منير چانڊئي جي ناول
”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ جو تنقيدي جائزو
مبارڪ علي لاشاري
سنڌي ٻولي ۾ سرجندڙ ادب ۾ تعداد يا مقدار جي حوالي سان
جيتري شاعري سرججي پئي ان جي ڀيٽ ۾ ڪهاڻي گهٽ پئي سرججي پر وري مقدار جي حوالي سان
ڪهاڻي کان به گهٽ ناول پيو ڇپجي يا لکجي. اها شڪايت نه صرف منهنجي پر تقريبن
لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي آهي. پر وقت گواه آهي ته نثر جا ڪتاب خاص ڪري امر جليل جا ۽
ناول خاص ڪري طارق عالم ابڙو جو رهجي ويل منظر، ڏيپلائي جو سانگهڙ ۽ تازو منير
چانڊيو جا ٻه ناول ڪيف ڌاران ڪوءِ ۽ تو پڄاڻان.... (جيڪي ذهن تي نٿا اچن تن کان معذرت)
پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. انهن ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا اچي ختم ٿي چڪا آهن ۽ اڃا به
سندن گهرج موجود آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ ناول يا ڪو به ادبي ڪتاب (تخليقي ادب) ايترو
ڪونه ٿو پڙهيو وڃي، نه ئي کپي ٿو پر پوءِ به مايوس ٿيڻ جي بجاءِ ڪجهه مثبت شيون
ڏسڻ گهرجن.
ناول جي صنف انتهائي وسيع هجڻ سان گڏوگڏ هڪ نازڪ ۽ نفيس صنف
آهي. ان ۾ زندگي جي سمورن پهلوئن کي سموئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏي ٽيڪنڪ جي گهرج آهي
جيڪا منجهس موجود وٿين، خامين ۽ تضادن کي ڍڪي ناول جي ڪهاڻي يا اسٽوري کي منطقي
انجام تائين پهچائي، ڇوته ناول جي وڏي ميدان تي ڪهاڻي پيش ڪندي ڪندي ڪافي ٿيڙ
کائڻ، رستي تان هٽڻ، ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون پيش ڪندي انهن جي ساخت يا ڳانڍاپي ۾
ڏار پئجيو وڃن جيڪي شعوري نه پر لاشعوري به هوندا آهن. پر جي شعوري طور تي انهن ۾
اهي گيپس ڇڏجن ته اهي ناول نگار جي حرفت Craftsmanship چئي سگهجن ٿا. ناول ۾ ٻين ڪافي سارين
ڳالهين سان گڏ ناول جو پلاٽ ۽ ناول جي ڪهاڻي اهم هوندا آهن.
ڪهاڻي ڪنهن به ترتيب وار قصي کي چئبو آهي، ته ”ڇا ٿيو“ ۽
پلاٽ نه صرف اها ڪهاڻي آهي ته ”ڇا ٿيو“ پر پلاٽ اهو به ٻڌائي ٿو ته ڇو ٿيو ۽ ڪيئن
ٿيو. ان حوالي سان اي ايم فورسٽر E. M Forster ناول جي باري ۾ لکيل ڪتاب The Aspects
of Novel (1927) ۾ لکي ٿو ته
A story is a series of events recorded in their
chronological order.
A plot is a series of
events deliberately arranged so as to reveal their dramatic, thematic, and
emotional significance.
يعني ڪهاڻي ڪنهن ڳالهه جو ترتيب وار بيان آهي، جڏهن ته
پلاٽ ان جو بيان، ڊرامائي، موضوعي ۽ جذباتي تصويرڪشي آهي. مثال
طور
1.
بادشاهه مري ويو ۽ پوءِ
راڻي مري وئي.
2.
بادشاهه مري ويو ۽ پوءِ
سندس ڏک ۾ راڻي مري وئي.
مٿين مثالن مان پهريون مثال واقعن جي ترتيب ٻڌائي ٿو جڏهن
ته ٻيو نمبر مثال واقعن جي ترتيب سان گڏوگڏ انهن واقعن جو اثر، ۽ نتيجو پڻ ٻڌائي
ٿو تنهنڪري پهريون مثال ڪهاڻي جو ۽ ٻيو مثال پلاٽ جو آهي، جنهن جو اسين مثال وٺون
ته طارق عالم ابڙي جو ناول ”رهجي ويل منظر“ ۽
منير چانڊيو جي ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ جي ڪهاڻي ساڳئي آهي ته هو شاگرد (ڇوڪرو ۽
ڇوڪري) پڙهڻ اچن ٿا، منجهن پيار ٿئي ٿو ۽ پوءِ بيوفائي ٿئي ٿي وغيره، ته ٻنهي جي
ڪهاڻي ساڳي آهي. پر ٻنهي جو پلاٽ مختلف آهي. ان ڪري ناول نگار يا ڪهاڻي نويس لاءِ
نئين ڪهاڻي/عنوان سان گڏوگڏ پلاٽ جي چونڊ به اهم موضوع آهي.
ادبي تجزيي يا ڇيد لاءِ ٽيڪنيڪي طور تي ڪهاڻي جي ترتيب ۽ ان
جي ڀڃ ڊاهه جو ڪم سنڌي ادب ۾ ورلي ملي ٿو، جنهن ۾ پلاٽ کي ڇڏي ڪهاڻي جي ترتيب (حال
کان ماضي ڏانهن وڃڻ ۽ ماضي کان ماضي بعيد ۽ وري مستقبل Flash
Back and Flash Forward Techniques ڏانهن موٽڻ واري اک ٻوٽ) تي ڪو فني، لساني، ادبي ۽ ساختي ڪم نه
ٿيو آهي. ها باقي پلاٽ تي گهڻو ئي ڪم ٿيو. ان ڳالهه پڄاڻان بيانيه انداز Narrative Techniques تي ڪم به ورلي نظر اچي ٿو. جنهن ۾ ڏسجي ته سنڌي ۾ رومانوي ناول
(جيئن طارق علام ابڙو جو ”رهجي ويل منظر“، منير چانڊيو جو ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، ”تو پڄاڻان....“
وغيره) ضمير متڪلم First Person Narrative جڏهن ته تاريخي
يا سماجي ناول ضمير غائب Third person Narrative ۾ ڇو پيا لکجن؟ اهي ۽ اهڙا ڪيترائي موضوع
آهن جن تي لکڻ جي انتهائي ضرورت آهي.
انهي ڏس ۾ اسان مختصرن منير چانڊيي جو ناول ”ڪيف ڌاران
ڪوءِ...“ جو جائزو وٺنداسين. آئون سندس ناول جو جائزو هڪ ناقد، تجزيي نگار (جيڪو
آئون آهيان به ڪونه ۽ نڪي اهڙو سمجهان ٿو) جي حوالي سان نه، پر هڪ عام پڙهندڙ جي
حيثيت سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هي ناول پهرين 2010ع ۾ ڇپيو جنهن جو پهريون ڇاپو
جلدي هلي ويو ۽ گذريل سال ٻيو ڇاپو آيو جيڪو پڻ مارڪيٽ ۾ نٿو ملي يعني اهو به هلي
ويو آهي. جيڪا سندس ناول جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ ناول نگار لاءِ اعزاز ۽ سنڌي ادب جي
خيرخواهن لاءِ خوش آئند ڳالهه آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ڇپجندڙ
سٺن ناولن ۽ ڪتابن جي گهرج آهي ۽ پڙهندڙ موجود آهن جيتوڻيڪ تعداد جي لحاظ کان اهي
اطمينان جوڳا ته ناهن پر پوءِ به دلجوءِ ڪري سگهجي ٿي.
هن ناول جي ڪهاڻي ته تقريبن يونيورسٽيز جي ماحول ۾ لکجندڙ
پيار ڪهاڻين وانگر آهي ۽ اندازِ بيان به ضمير متڪلم يعني ڪردار پنهنجي زباني ڪهاڻي
ٻڌائي ٿو، جيڪو گهڻو تڻو جذباتي بيانيه انداز تي ٻڌل آهي جيڪو ظاهر آهي هڪ تخليقي
ناول هجڻ ڪري احساساتي ڌارا ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ممڪن آهي سندس ڪهاڻي ۽ پلاٽ خود
(ليکڪ يا ناول نگار) سان پيش آيل وارتا يا واقعا هجن (جيئن لڳي ٿو). هي داستان ٻن
پريمين يعني منصور ۽ سنڌيا جو آهي جيڪي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا شاگرد هجن
ٿا. انهن جو پهرين روايتي تعارف کان پوءِ آشنائي، پوءِ دوستي ۽ پيار ٿي وڃي ٿو.
پيار ٿيڻ ۾ ايڏي دير ڪونه ٿي لڳي، نه ئي ڪي وڏيون ڏکيائون کين ڏسڻيون ٿيون پون پر اهو
روايتي اوپرائپ کان پوءِ پيدا ٿيل آشنائي ۽ ويجهڙائپ جي ڪري آهي.
هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ محسوس ٿئي ٿو ته ناول جيڪو تقريبن 192
صفحن تي مشتمل آهي سو غير ضروري طوالت سبب ڪجهه بور ڪندڙ ۽ اضافي لڳي ٿو، جيڪو
ارسطو جي پلاٽ جي تشريح مطابق پلاٽ ۾ ابتدا، وچ ۽ پڄاڻي هوندا آهن. جنهن جو ٻيو
وري ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائيميڪس آهي. ان ڏس ۾، ناول جو پلاٽ جنهن کي منڍ يا ابتدا
چئجي سو تمام گهڻو آهي ۽ اضافي لڳي ٿو. مثال طور ڪهاڻي ناول جي 14 صفحي کان شروع
ٿئي ٿي ۽ 42 هين صفحي تي پيار جو اظهار ٿي وڃي ٿو يعني 28 صفحي جي ابتدا ۾ ئي پلاٽ
جي خبر پئجي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪو به بظاهر ڪلائيمڪس وارو تجسس ناهي، نڪي اهو اظهار ڪو
غير متوقع آهي پر عام پڙهندڙ ڪجهه ئي صفحن کان پوءِ آساني سان اندازو لڳائي سگهي
ٿو ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ (جيڪو هڪ حوالي سان ناول جي سڀ کان مثبت ڳالهه پڻ
آهي.)
ان کان پوءِ ان ڪلائيميڪس جو اظهار يا ان جي
فصاحت Rhetoric بنا ڪنهن فني لاهي چاڙهي جي ناول جي پنجين حصي يعني صفحي 165
تائين هلي ٿو، يعني پڙهندڙ 124 صفحا انهي فصاحت ۽ بلاغت ۾ وڃايل رهي ٿو. ناول ۾
جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون هجن ٿيون پر انهن جي موضوعي پيچيدگي به اهم آهي (سانگهڙ، ٽالسٽاءِ جو جنگ
۽ امن، اينا ڪرينا، دوستووسڪي جو ناول ڪرائيم ۽ پنشمنٽ، توڻي آگ
ڪا دريا پڻ طوالت جي حوالي سان ڳڻي سگهجن ٿا پر انهن جي موضوعي گهڻائي ۽
گهڻن عنصرن يعني سياسي، سماجي، معاشي، ثقافتي پاسن جو استعمال ۽ انهن جو ڪهاڻي يا
پلاٽ جو رخ موڙڻ اهم آهن). ان پڄاڻان ناول جي آخر يا ائنٽي ڪلائيميڪس بلڪل غير
متوقع آهي، جنهن جي منطق يا پلاٽ جي اڻت تي ڪجهه سوال اٿاري سگهجن ٿا.
ناول جي مقداري شين جي فني تورتڪ پڄاڻان پلاٽ يا موضوعي
گيپس ۾ ڪافي ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. ان ۾ ڇوڪري (سنڌيا) جي ڀيٽ ۾ منصور جو ڪردار
غير معمولي طاقتور، سمجهدار، ميچوئر ۽ سڌريل آهي. ڪٿي به سنڌيا جي ڀيٽ ۾ نابالغي
يا ڪوتاهه نظري جي حوالي سان نه ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ٻنهي ڪردارن جون عمريون
به لڳ ساڳيون آهن، ڪلاس به ساڳئي ۾ پڙهن ٿا. اٿڻي ويهڻي به ساڳي آهي. تنهن هوندي
به ڇوڪري انتهائي ڪوتاه نظر جذباتي، ۽ انتهائي ڊنل آهي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته
جنهن پسمنظر ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪرو ڏيکاريل آهن انهي حوالي سان ڇوڪريءَ جي پرورش هڪڙي
ڪامريڊ جي گهر ۾ ٿئي ٿي ۽ ماءُ ان ڪامريڊ جي گهر واري آهي، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ايترا
روشن خيال آهن جو ڇوڪري کي نه صرف پڙهائن ٿا پر ڇوڪري کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ بندشن
جي يونيورسٽي جي تعليم ڏياري وڃي ٿي. جڏهن ته ڇوڪرو منصور هڪڙي انتهائي روايتي
خاندان جو ٻار آهي جتي سندس والد جي ذهني ايپروچ منصور جي پيڙا مان ئي ظاهر آهي،
جتي سندس ڏاڏو پنهنجي پٽ جي بجاءِ پوٽي تي جان ڏيندو آهي ڇوته سندس پٽ (منصور جو
پيءُ) روايتي وڏيري ۽ زميندار جيان پهرين زال جي پرواهه نه ڪندي ٻي شادي ڪري ٿو.
ٻنهي ڪردارن جي پرورش ۾ وڏو فرق آهي پر پوءِ به ڇوڪريءَ جي ڪردار کي روايتي طور تي
هيڻو، بيوفا، موقعي پرست ڏيکاريو ويو آهي، تنهنڪري سوال ٿو اٿي ته ڇا ڪا ڇوڪريءَ
جنهن جو بئڪ گرائونڊ مارڪسٽ روشن خيال پيءُ جو هجي اها موقعي پرست ٿئي ۽ ڇوڪرو
جنهن جو پسمنظر جاگيردارانه هجي اهو سئو سيڪڙو وفادار هجي؟
فيمينزم نقطهء نظر کان عورت جي تصوير ڪشي ناول ۾ ڪيترائي
سوال اٿاري ٿي. سموري ناول ۾ صرف ڇوڪرين جي بيوفائي جا قصا واضع ڪيل آهن. منصور جي
دوست آرٽسٽ سڪندر جو قصو ان سلسلي جي ڪڙي آهي. (سندس ٻي ناول ”تو پڄاڻان...“ ۾ پڻ
ڇوڪرين جي بيوفائين جا قصا اڃا وڌيڪ چٽيا ويا آهن.
نه صرف بيوفائي پر ڇوڪريءَ جي حوالي سان جيڪي سندس ڪم
ڏيکاريا ويا آهن سي اسان جي سماج جا روايتي ڪم ساڻس منسوب ڪيا ويا آهن. مثال طور
ڀرت ڀرڻ، رڌ پچاءُ، ڊڄڻ، هيڻائي، ايلازن ۽ منٿن واري وغيره جڏهن ته مرد (منصور)
پنهنجي مقصد (پيار) جي حاصلات ۾ سدائين کيس بهادر سڏيندو رهي ٿو يعني عورت رڳو
جذباتي ۽ جنس جي تناظر ۾ بهادر هجي ۽ سندس بهادري جو ڪارج رڳو ڇوڪري/مرد کي پيار
ڪرڻ/ ڪافي آهي. ناول ۾ ڪٿي به ڇوڪري کي
غير روايتي تناظر ۾ نه ڏيکاريو ويو. سواءِ ٻير جي وڻ تي چڙهڻ يا ڀتر هڻي ٻير
ڪيرائڻ جي. نه صرف ڇوڪريءَ واري ڪردار کي روايتي ڏيکاريو ويو آهي پر کيس انتهائي
تنگ نظر ۽ پٺتي پيل سوچ ساڻس منسوب ڪيو ويو آهي. مثال طور جڏهن رشتن جي ڳالهه اچي
ٿي سنڌيا جي ٻولي ۽ لهجي ۾ بدي جي سڱ ۽ پيسن لاءِ اهڙي اوپرائپ اچي ٿي وڃي جيڪا
شايد ڪنهن پرائمري تعليم حاصل ڪيل انسان وٽ به نه هجي. اتي جيڪڏهن ڪا مجبوري
ڏيکاريل هجي ها پوءِ به مڃجي ها پر سندس لهجي ۽ ٻولي مان صاف پيو ظاهر ٿئي ته اها
سندس اندر جي سوچ جي عڪاس آهي.
ان کان سواءِ فني طور تي ڪجهه ڳالهيون عام پڙهندڙ جي حيثيت
۾ جيڪي سامهون اچن ٿيون، انهن ۾ هڪ ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن ڇوڪري ڳوٺاڻي آهي ته
اتي ڇوڪرين جي تعليم کي ڇوڪرن جي تعليم تي اوليت ڪيئن آهي؟ يعني سنڌيا يونيورسٽي
ليول جي تعليم حاصل ڪري رهي آهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي، پر سندس ڀاءُ اڻ پڙهيل آهي.
مارڪسٽ ڪامريڊ جي گهر ۾ تعليم صرف ڇوڪريءَ لاءِ ڇو؟ سندس ڀاءُ پرائمري به نه پڙهي
سگهيو؟ يا جڏهن ڪامريڊ پيءُ جو ڊاڪٽر دوست سنڌيا کي وٺي وڃي پڙهائڻ پئي چاهيو ته
ان وقت کيس ڪامريڊ جي پٽ جو خيال ڇو ڪونه آيو؟ جڏهن ته سموري ناول ۾ منصور پدرشاهي
سماج کي برو ڀلو چوندي نظر پيو ايندو آهي. ان پسمنظر۾ هڪ ٻي وڏي ڳالهه اها به نظر
ايندي محسوس ٿيندي ته سنڌيا جيڪا ڪاليج جو خرچو پاڻ افورڊ نه ڪري سگهڻ جي ڪري
ڊاڪٽر جي گهر ۾ رهي پڙهائي پوري ٿي ڪري سا يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻ جو خرچو ۽
پنهنجي محبوب تي خرچو ڪرڻ لاءِ وٽس پيسا ڪٿان ٿي آڻي؟
تنهن پڄاڻان ناول ۾ منصور پاران معاشي سبب ڄاڻائيندي شادي
جو انتظار ڪرائيندي نظر اچي ٿو. ان حوالي سان ٻه ڳالهيون اهم آهن. هڪ ته ڇا سنڌي
سماج جو ڇوڪرو ايترو سمجهدار يا بالغ ٿي چڪو آهي جو شادي ڪنهن اقتصادي منصوبه بندي
تحت ڪري؟ ڇا انهي جذباتي عمر ۾ اهو فيصلو منطقي يا قابل عمل آهي؟ جڏهن ته سموري
ناول ۾ منصور شاهه خرچ ڪندي نظر ايندو آهي جنهن ۾ عيد، برٿ ڊي/سالگرهه تي پنهنجي ۽
سندس محبوبه سنڌيا لاءِ ٻه وڳا اوچا ڪپڙا ۽ جتيون وٺڻ، ڪراچي وڃي پڪنڪون ملهائڻ،
حيدرآباد ۾ فلمون ڏسڻ، المنظر تي مانيون کائڻ وغيره شامل آهن جتي ڪڏهن به پئسي جي
ڪمي نظر نٿي اچي نڪي اهڙو ڪو اظهار سامهون اچي ٿو. سواءِ شادي جي ڳالهه جڏهن هو
چوي ٿو ته شادي گهر وارن جي مرضي سان نه ڪندس ته خرچو بند ڪندا. پر جڏهن واقعي
اهڙي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته منصور جا گهر وارا سندس هڪ ئي ڀيرو ڳوٺ وڃڻ ۽ پهرين
ئي ڪوشش دوران نه صرف راضي ٿي وڃن ٿا پر رشتي ٿي وڃڻ کان اڳ سهرا ڳائڻ شروع ڪري ٿا
ڇڏن. جڏهن ته سنڌيا جي حوالي سان اڳ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه ڏيکاري وئي هئي بلڪه سندس
اهڙي روشن خيال گهراڻي ۽ پس منظر جي منصور طرفان تعريف ڪئي ويندي هئي ته ان سبب
ڪري کيس اهڙي پيار ڪندڙ ڇوڪري ملي هئي پر آخر ۾ ٻئي متضاد نتيجا سامهون آيا. جنهن
مان اها ڳالهه ٿي محسوس ٿئي ته منصور ايڏي ڌکيائي نه هجڻ باوجود به شادي ۽ رشتي
کان لنوائيندو رهيو جڏهن ته سنڌيا جي حوالي کان اهڙي ڪا چنتا نه ڏيکاري اهڙي جڪڙ ۾
رکيو ويو آهي. ڇوڪرو امير جو ٻار هوندي به سدائين معاشي بهانا ڪندي ڏيکاريو ويو
آهي جڏهن ته ڇوڪري غريب هوندي به انهن شين کان پري ڏيکاري وئي آهي. جڏهن ته نتيجو
۽ حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
سنڌي سماجي جي سماجي پسمنظر جي حوالي سان اسان کي ڇوڪري ۽
ڇوڪريءَ جي ڪردار کي ڏسڻ گهرجي ۽ سندس نفسيات سمجهڻ گهرجي، جنهن مان اها شيءَ
محسوس ٿي ٿئي ته اسان جي پدري سماج هئڻ ڪري مرد عورت کي وڌيڪ ايڪسپلائٽ ڪن ٿا ۽
منجهن ڌوکي جو رجحان وڌيڪ هجي ٿو بنسبت عورت جي، ڇوته عورت ڪافي محتاط ۽ محدود رهي
ٿي. ڇوته عورت عدم تحفظ جو شڪار آهي سو سندس عزت جو تحفظ هن لاءِ سڀ کان اهم آهي.
جنهن جو اظهار سنڌيا ڪراچي ۾رهڻ دوران منصور سان ڪري ٿي. ۽ ڊاڪٽر جي هٿان پنهنجي
رسوائي کي ذهن مان ڪين ٿي ڪڍي، جنهن جو مثال سنڌيا طرفان شروعات ۾ اداس رهڻ آهي.
تنهنڪري ڇوڪري سنڌي سماج ۾ پنهنجي عزت نفس جي تحفظ خاطر معاشي موقعا ته وڃائي سگهي
ٿي پر معاشي ذريعن جي حاصلات جي ڪري پنهنجي عزت جي تحفظ کي نه ٿي وڃائي جيڪا ڳالهه
ڪٿي به سنڌيا جي ڪردار ۾ نه ڏيکاري وئي آهي ته سندس اوليت مالي تحفظ آهي نه ئي
اهڙي ڪا ڳالهه نظر اچي ٿي. بهرحال افسانو ته افسانو ئي هوندو آهي ۽ انساني فطرت به
ڪا جامد شيءِ نه پر متحرڪ شيءِ آهي. پر اهو اصول صرف ڇوڪريءَ جي صنف تي نه پر مرد
جي صنف تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿي. پر ڇوڪري جي ڪردار ۾ ڪٿي به ڪا ڪوتاهي نه ڏيکاري
وئي آهي جيڪا طباعتي يا گهڙيل Stereotype اڻت لڳي ٿي.
اهڙيون ڪهاڻيون ڪنهن ماڻهو سان ذاتي طور پيش اچن ته انهن جو
الڳ قصو ٿي سگهي ٿو پر جڏهن اهڙيون ڳالهيون ناول جي صنف ۾ اچن ته نه چاهيندي به
اهڙيون ڪميون، ڪوتاهيون يا سوال اڀرندي محسوس ٿيڻ اڻ ٽر آهن. (ممڪن آهي ته اهي
ڪميون، ڪوتاهيون، يا سوال هجن ئي نه؟)
انهن سمورين ڳالهين باوجود هي ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ سنڌي
ادب جي ڪجهه بهترين ناولن مان هڪ آهي، جنهن جي سادي ۽ سڌي ٻولي پڙهندڙ کي هروڀرو
لغت کڻي ويهي پوءِ پڙهڻ تي مجبور نٿي ڪري. ناول جي اڻت وڏي ڪاريگري واري آهي سواءِ
جنسي توازن جي ناول ۾ ڪافي مثبت شيون آهن. ناول جي فڪري ۽ فني گهاڙيٽي لاءِ مٿس
اسٽڊيز ٿيڻ گهرجن، جنهن ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ نفسياتي مطالعا شامل آهن.
No comments:
Post a Comment