فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو سنڌي ڪلام
رکيل
مورائي
يقين سان هيءُ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي
نامياري عالم سائين نواز علي
شوق
صاحب جو اهو مقالو آهي، جيڪو هن کي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڏياريندڙ آهي. پي ايڇ ڊيءَ لاءِ لکيل هي مقالو سائين شوق
صاحب 1987 ۾ پيش ڪيو هئو، سندن نگران سنڌ جو
هاڪارو محب وطن تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي
هئو. هيءُ ڪتاب سڀني حوالن سان هڪ
اهميت رکندڙ ڪتاب آهي، جيڪو تحقيق جو گهرجون ته پوريون ڪري ٿو پر هڪ دور جي ادبي تاريخ به ٻڌائي ٿو. ڊبل ڪرائون
سائيز ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب 303 صفحن تي
پکڙيل آهي. آفسيٽ پيپر تي پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه 500 رپيا آهي. ڪتاب خوبصورت ڪري چاپڻ جو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرتي آهي. ڪتاب سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي.
No comments:
Post a Comment