نوجوان
شاعر راشد بروهيءَ جي شعري مجموعي ”گھڙين ٻَڌا گھنگھرو“ جو مهاڳ
جذبن
جي سنڌوءَ جل مان وهنتل فڪر
علي
زاهد
راشد بروهيءَ جي
شاعري اصل ۾ جذبن جي سنڌوءَ جل مان وهتل فڪر آهن، سندس بيان انهن ماڻهن لاءِ بنهه
ناهي جيڪي ادب کي جاميٽري باڪس وسيلي ماپيندا آهن يا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر
سندس تخيل جي تختي انهن پڙهندڙن لاءِ آهي جيڪي سمجهن ٿا ته شاعر جو ڪم امڪان جي
ماڳ کي چمڻ آهي ۽ ان چميءَ مان ملندڙ لمس کي ۽ ان جي ذائقي کي لفظن وسيلي عام ڪرڻ
آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعري راشد جي روحاني پورهيي جو ثمر آهي جيڪو سندس ذات سان
سلهاڙيل آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس هن ڪتاب ”گهڙين
ٻڌا گهنگهرو“ جو مطالعو ڪرڻ وقت اوهان کي ان ڳالھ جو احساس ضرور ٿيندو ته
شاعر حق جي ڳولا واري پنڌ دوران پنهنجي ذات جو طواف ڪيو آهي. ايئن به ناهي ته زاشد
جي شاعري صرف داخلي ڀڃ ڊاھ ۽ وجود جي وارتائن جون ڪٿائون آهي، راشد جي شاعريءَ ۾
موجود ڪيترا ئي خيال اهو سمجهائي ٿا وڃن ته
داخليت جي خارجيت کي سمجهڻ لاءِ روح جي ڪهڙين گهاٽين ۽ ڪنڊائين وادين مان
گذرڻو پوي ٿو ۽ روح کي ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سندس تخيل جو رٿ ڪٿي
ڪٿي انتهائي منطقي انداز سان هڪ ماڳ تي وڃي کن پل لاءِ وسرام ڪري ٿو جتي داخليت انهن
سمورين وارتائن کي رد ٿي ڪري جيڪي وجود جي اندر لقائن جي عڪاسي نٿيون ڪن.
تنهنجي سڏ تي وري
رهيو آهيان،
مان اجهي ۽ ٻري رهيو آهيان.
راشد پنهنجي
اوجاڳن، پنڌن ۽ پروڙ واري پورهيي عيوض ملندڙ ڏات جي سڪن مان ۽ الهام جي روشنيءَ
مان ماڻيندڙ شعور وسيلي هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي نيون وارتائون سرجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هونءَ ته هر
تخليق سچ جو هڪ روپ هوندي آهي پر شاعري هڪ اهڙو سچ آهي جيڪو صرف سچ آهي ڇاڪاڻ ته
شاعري من جي ان اٿل جو نالو آهي جيڪا ذهن ۽ دل جا سمورا بند ٽوڙي جڏهن لفظن جي
صورت ڪنهن ڪوري ڪاڳر تي رقص ڪري ٿي ته اها گواھ ٿي ويندي آهي شاعر جي ان پڙاءَ جي
جنهن مان انهيءَ وقت هو گذرندو آهي. شاعر کي پنهنجي قوم جي جذبن جو، ٻوليءَ جو،
روايتن جو ۽ ثقافتن جو ترجمان سڏيو ويندو آهي، هونءَ ته هر ڌرتي واسيءَ تي اهو فرض
هوندو آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي حالتن کان غافل نه رهي پر هر دور ۾ شاعر پنهنجي
ڏات وسيلي اهو فرض ڪجھ وڌيڪ نڀائيندي نظر آيا آهن. چيو وڃي ٿو ته ضروري ناهي ته هر
محبت ڪندڙ عاشق شاعر هجي پر شاعر جا لاءِ اهو ضروري آهي ته هو عاشق هجي، سو شاعر
جيڪي راتين جو جاڳي محبوب جي سار ۾ بستر تي پاسا ورائيندي نظر اچن ٿا انهن مان ڪجھ
پاسا اهي به هوندا آهن جيڪي هو پنهنجي ڌرتيءَ جي سور کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي
ورائيندا آهن. راشد جي شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي اهوشعور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو
ادبي سرمايو تمام گهڻو وسيح ٿي چڪو آهي ان ميدان ۾ سنڌي شاعري تمام گهڻي ٿي رهي
آهي ان مان ڪهڙي شاعري يا ڪهڙي قسم جي شاعري وقتي ثابت ٿي آهي، ڪهڙي تاحيات پنهنجي
ٻوليءَ جي خزاني ۾ قيمتي سرمائي جيان محفوظ رهندي؟ اهو ته وقت ئي ثابت ڪندو پر هتي
راشد جي شاعريءَ تي ڳالهائجي ته هن جي شاعري به هاڻي ان ميدان ۾ اچي چڪي آهي جتي
شاعر به جنگي سپاهين جي اڳين صف ۾ بيٺل هوندا آهن، ان ميدان ۾ هر شاعر جيان راشد
کي به زرھ پنهنجي محبوب جي پاتل آهي جيڪا هڪ شاعر جي خيال جي دفاع لاءِ هوندي آهي،
پر ان ميدان ۾ راشد جو پنهنجن ٻين هٿيارن کان وڌيڪ ان زرھ تي يقين نظر اچي ٿو ته
اها شاعريءَ جي ميدان ۾ هن جو وڌيڪ دفاع ڪندي پر هن ميدان ۾ اچڻ واري کي اهو خيال
لازم رکڻ گهرجي ته دفاع کان پوءِ وقتي ۽ هميشه رهڻ واري سوڀ جي فرق کي سمجهي، پر
اسان راشد جي ان يقين واري ڪيفيت کي ڏسون ته سندس هنن سٽن ۾ نظر اچي ٿي يا نه:
چپ هن يا ورقڙا
انجيل جا
هر چميءَ ۾ فلسفا انجيل جا.
ٿي ڪبوتي سانت گرجا
تي لٿو،
ورق کوليا راحبه انجيل جا.
هڪ شاعر جي لاءِ
اهو ضروري هوندو آهي ته هو جيترو پنهنجي داخلي ڪيفيتن کان واقف ۽ انهن جو ترجمان
هوندو آهي ايئن ئي هو خارجي ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جو پڻ هنر رکندو هجي، ڇاڪاڻ ته
داخلي ڪيفيت هر وقت هر ڪنهنجي هڪ جهڙي نٿي ٿي سگهي پر سماجي يا معاشرتي حالتون هر
فرد تي هڪ جيتريون اثر انداز ٿينديون آهن. اڄ جيڪڏهن دنيا جي گولي تي ويچارجي ته
سڀ کان وڌ انسان ئي انسان لاءِ خطرو رهيو آهي، انسان پنهنجي ظاهر ۽ باطن ۾ ايترو
ته تضاد رکي ٿو جو سڃاڻپ مشڪل ٿي وڃي ٿي. ان ڪيفيت کي راشد تاريخ مان جهاتي پائي
ڪيئن ٿو محسوس ڪري؟ اهو سندس هنن سٽن مان ظاهر ٿئي ٿو:
راوڻ هزار چهرا،
چهري تي ڀل چاڙهي،
هن دور جا به آهن سڀ رام مختلف.
جيئن ڪنهن به
فصل جي واڌ جي لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ ضروري آهي تيئن شاعريءَ جي فصل جي بقاءَ لاءِ
درد ضروري آهي، پوءِ اهو درد ڪهڙو به هجي، جڏهن درد سان وضو ڪري شاعريءَ جو نزول
ٿيندو آهي ته پوءِ اها پنهنجي بقاءَ جي ضامن پاڻ هوندي آهي، دانهن ڪهڙي به هجي يا
ڪهڙي به انداز سان ڪجي، دانهن ته وري به دانهن ئي هوندي آهي، پر اها دانهن جيڪڏهن
ذاتي نه هجي بلڪه انهن سمورن انسانن جي هجي جيڪي ان درد جا ڀائيوار هجن ته پوءِ ان
دانهن جو مرتبو وڌي وڃي ٿو. درد ۾ ڪڏهن به ڪو فرق ناهي هوندو، درد جو ڪو به مذهب
ناهي هوندو، درد هر ڪنهن لاءِ ساڳيو هوندو آهي، چاهي ان جو سهندڙ ڪير به هجي. اڄ
اسان جنهن درد جي پيڙاءَ کي محسوس ڪري رهيا آهيون اهو آهي هڪ ٻئي کان دوريءَ جو
درد، هڪ ٻئي کان مايوسي، غيريقينيءَ واري ڪيفيت جيڪا راشد جي هنن شعرن ۾ به آهي:
چنڊ ماني ڪري ڏي
ٻار کي،
جيسين مزدور جي
ڪمائي ٿئي.
فرق ڪيڏو هو اڳ
ڌماڪي کان،
بعد سڀني جا ها ڳڀا
گڏ گڏ.
ڏيک ڏئي ٿو تتيءَ
جو هر اندر
ڪير ويو وڻ وڍي وفائن جا.
ڪيڏي نه تلخ
حقيقت آهي! رت جا رشتا به هڪ ٻئي جي محبتن جي ڇانو کان محروم آهن. ڪنهن به صنف تي
لکندڙ ليکڪ جيڪو پنهنجي ٻوليءَ جي خزاني ۾ نون لفظن جي سرمائي جي واڌاري جو ڪارڻ
بڻجندو آهي، اتي شاعري اهڙي ڏات آهي جنهن ۾ شاعر تشبيهن ۽ استعارن وسيلي پنهنجي
شاعريءَ سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ ۾ به نکار آڻيندو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي حسن کي چٽو
ڪندو آهي. هونءَ ته راشد هنن سٽن ۾ پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاھ ۽ محبوب کان دوريءَ جي
درد کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر تشبيھ جي حوالي سان تمام سٺو خيال ۽ بيان ڪرڻ
جو انداز منفرد اٿس.
چيلھ تنهنجيءَ جا
ڇا ڏسان سپنا
مان پراڻو ڀڳل گهڙو آهيان
ادب جي ميدان ۾
نوجوان شاعرن کان وڏن کي اها شڪايت رهي آهي ته هو هر وقت مايوس رهن ٿا جيڪا مايوسي
انهن جي لکڻين مان ظاهر ٿئي ٿي پر انصاف جي اک سان ڏسجي ته هر دور جو شاعر پنهنجي
دور جي پيداوار هوندو آهي ۽ ان دور جون حالتون سندس شاعري تي اثر
انداز ٿينديون آهن، اڄ جنهن دور ۾ هر ماڻهو مايوسي ءَ جو شڪار آهي پوءِ شاعر به ته
هن سماج جو حصو آهي. ان جي باوجود راشد هڪ شاعر جي حيثيت سان پنهنجن وڏن جو معياري
نظر اچي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته انهن جي شڪايت بجا آهي راشد جي شاعري ۾ وڇوڙي جا
ورلاپ ايترا آهن جو وصل جي چند گهڙين جي خوشي به ورلين ملي ٿي. شاعر جو ڪمال هڪ
اهو به آهي ته شاعر ڀلي لکي زماني تي پر ان زماني ۾ پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻ ۾
ڪامياب ٿي وڃي، راشد کي ان ڪاميابيءَ تي به غور ڪرڻ گهرجي.
سماج جي گرميءَ سرديءَ جو اثر انسان
جي مزاج تي تمام گهڻو اثر انداز ٿيندو آهي. بحرحال جنهن چٽي حقيقت کي آڏو آڻڻ ۾
راشد وڏي حد تائين ڪامياب نظر سا آهي اچي ٿو اڄ جي انسان جي بي حسي، احساس ۽ قدرن
کان خالي اسان جو سماج جنهن جون پاڙون اڄ جي انسان جا رويا کائي رهيا آهن. ڇاڪاڻ
ته هتي نه ڪنهن جي ڏک کي ڏک سمجهيو وڃي ٿو نه ئي ڪنهن جي خوشيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو حوصلو
ڪنهن وٽ آهي، پر اها تلخ حقيقت راشد اڃا وڌيڪ گهرائيءَ سان بيان ڪئي آهي، ڪنهن جي
ڏک يا خوشي کي پنهنجو ڪرڻ ته پري اسان ان جي فرق کي سمجهڻ کان به وانجهيل آهيون
اها ڳالهه راشد جي هنن سٽن ۾ واضح آهي ۽ سمجهڻ ۾ ڏاڍي سولي آهي:
جتي لڙڪ ۽ مرڪ ۾ فرق ناهي،
اتي ڇا تلاشيون خوشيءَ جو تصور.
جتي حسن سمجهيو وڃي ٿو هرن کي،
اتي ڪهڙو پوپٽ، ڪليءَ جو تصور.
اهڙو سماج جنهن جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾
انسانيت جو موت ويجهو هجي اهڙي ماحول ۾ ڪنهن تخليق جو اسرڻ ائين ڏکيو آهي جيئن
بدبوءِ دار ماحول ۾ انسانيت جو ساهه کڻڻ، پر اديب، دانشور ۽ فنڪار سماج جي ضمير جو
آواز ۽ سماج جا حساس باشعور عنصر ٿين ٿا اهڙن عنصرن جي هر دور ۾ هر دور کي ضرورت
رهي آهي پر اها به حقيقت آهي ته علم ۽ ادب، فڪر ۽ فن جا ٻوٽا جنگ جهڙي زهريلي
ماحول ۾ ميوو نٿا جهلي سگهن سو اڄ جو نوجوان نسل جنهن جي ادب ۽ شاعريءَ سان
ويجهڙائي آهي، اهو ان الميي جو شڪار آهي ته جيتري بيترتيبي يا بيچيني انهن جي اندر
۾ آهي اها انهن جي تخليق مان ظاهر ٿي پوي ٿو. اسان کي خاص طور تي نوجوان شاعرن جي
شاعريءَ ۾ اهي شيون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون تڏهن به قلم جو سفر جاري آهي، اها امر سٽ
جيڪا شاعري جي زندگيءَ کان پوءِ جي زندگي جي ضامن ٿي ويندي آهي ان سٽ جي ڳولا جاري
آهي، جيڪڏهن راشد جو به اهو پنڌ جاري رهيو ته پوءِ ممڪن آهي هو ان سٽ کي ماڻي وٺي،
ان سٽ جي لاءِ پنڌ جي ثبوت طور راشد جون ڪجھ سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:
دلين جا ته ڪي انت ۽ پار ناهن
محبت ۾ ڇالئه ڪنارا ٿين ٿا.
روپ راشد ورتو پکيءَ جهڙو
پوک وانگي تو پيار ڦهلايو.
ڪنهن وڇوڙي جا ورق اٿلايا
درد جا داستان سامهون هئا.
عشق ترسڻ ڏنو نه ڪاٿي
هونءَ انوکا جهان سامهون هئا.
منهنجي اندر جوآدمي تون هئين
مون قبوليو سندو اثرتڏهين.
دنيا ۾ اهڙو ڪو به موضوع ناهي رهيو
جنهن تي شاعرن يا ليکڪن نه لکيو هجي، ساڳيا ئي موضوع بار بار ورجائبا پيا اچن، فرق
صرف ايترو آهي جو جيڪڏهن ڪو شاعر ڪنهن موضوع تي قلم کڻي ٿو ته پوءِ ان لاءِ
ٽريٽمنٽ هن جي پنهنجي هئڻ گهرجي، خيال جي پيشڪش اهڙي هئڻ گهرجي جو پڙهندڙن کي لڳي
ته اهو ڪو نئون خيال آهي، نئون موضوع آهي. راشد وٽ اهو هنر آهي، هن کي خيال جي
پيشڪش ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويو آهي. مثال شاعريءَ ۾ خدا سان همڪلامي ڪيترن ئي شاعرن
بار بار ڪئي آهي، خدا سان شڪوا، شڪايتون ۽ ويڻ هر شاعر ڏيندو رهيو آهي، راشد به
پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي خدا جي خيال کان نڪري ناهي سگهيو، ڪٿي هو پنهنجي خدا کي
ويڻ ڏيندي ملي ٿو، ڪٿي ساڻس ڳالهائيندي نظر اچي ٿو ته ڪٿي وري پنهنجي محبوب کي خدا
تائين رسائيءَ جو ڪارڻ سمجهي ٿو:
خدا جي اسان جو طرفدار هو،
اوهان جي نگاهن جو ڪردار هو.
پکين جا خدا کنڀ کڻ تون ڀلي،
بنا پر اڏڻ جا هنر ٿا رکون.
کڻي رنگ ڳوهيل مٽيءَ مان اوهان جي
جهان ۾ سجايا خدا رنگ آهن.
جڏهن نيڻ پنهنجا سوالي هئا،
تڏهن هٿ خدا جا به خالي هئا.
تيسين من جي خدا کي پوڄيون ٿا،
جيسين بت بت سان آشنائي ٿئي.
مان رهان ٿو خدا جي پاڙي ۾،
عرش کان آهي منهنجو گهر اڳتي.
جيتوڻيڪ راشد جي هن ڪتاب ۾ موجود
شاعريءَ ۾ ڪجھ لفظ اهڙا آهن جن جي بار بار ورجاءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي خيال جي ورجاءَ
جو پڻ احساس ضرور ٿئي ٿو پر ”خدا“ لفظ جو استعمال هن جتي به ڪيو آهي، ڪمال ڪيو
آهي. مٿي ڏنل شعرن ۽ اهڙا ٻيا به کوڙ سارا شعر پڙهڻ کان پوءِ کن پل لاءِ اهو به
احساس ضرور ٿئي ٿو ته راشد جو خدا تي عقيدو صوفين وارو آهي، هو جيڪو تصوف جي ٻک ۾
اڃا شايد ٻکجي به ناهي سگهيو پر سندس خيال جي چوڌاري سنڌ جي صوفي رنگن سان سجيل
مينهن رنگي موجود ضرور آهي. زندگيءَ جي فلسفي جي سمورين واٽن منجهان هن جون وکون
انت واري واٽ تي کڄڻ کان پوءِ هن پنهنجي ڪوتائن جو پهريون ڪتاب ”انت کان پوءِ“ پنهنجن پڙهندڙن کي ڏنو ۽ هاڻي ”گهڙين
ٻڌا گهنگهرو“ جي نالي سان سندس شاعريءَ جو ٻيو مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي. انت
واري واٽ تي وکن کڻڻ کان وٺي ”انت کان پوءِ“ تائين ۽ وري هن ڪتاب تائين راشد انت
جي ئي سحر ۾ گهيريل نظر اچي رهيو آهي، راشد کان اها شڪايت ضرور آهي ته هو پنهنجو
پاڻ کي خبر ناهي ڇو هڪ ئي دائري ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي نه ته ان ڳالھ ۾
ڪو به شڪ ناهي ته هن جيترو پڙهيو آهي، ڏٺو آهي ۽ سمجهيو آهي ته پوءِ کيس ان ڳالھ
جي به پروڙ ضرور هوندي ته انت کان اڳ به گهڻو ڪجھ آهي، اهو ڪجھ آهي جنهن تي جيڪڏهن
سندس ڏات جي روشني پوي ته هوند سندس ڪوتائن ۾ ڪيترا ئي خوبصورت خيال پڙهندڙن تي
راشد جو سحر تاري ڪري سگهن ٿا، ڇو ته راشد مٽيءَ جي خوشبوءِ ۽ ماڻهوءَ جي ماڻهپي
کان به چڱيءَ پر واقف آهي، هو انهن شاعرن منجهان آهي جن جي رهنمائي لطيف ڪئي آهي ۽
اياز جي ڏات سندن چيچ کان وٺي ننڊ جا نيڻ بڻجڻ ۽ ستي ساھ جاڳڻ جا ڏس ۽ گس ڏنا آهن
۽ اهو به سيکاريو آهي ته ستي ساھ ڪيئن جاڳندو آهي ۽ شعور ان معراج کي ڪيئن پهچندو
آهي جتي ستارا به لتاڙي سگهبا آهن. تڏهن ئي ته راشد جي غزل ۾ اياز واري رهنمائي
سان ملاقات ڪري سگهجي ٿي:
ڀونءِ جي وقت کان پهر اڳتي!
سوچ منهنجي جي آ نظر اڳتي!
موت جي مام ۾ نه منجھ مورک،
آھ انسان جو سفر اڳتي!
مان رهان ٿو خدا جي پاڙي ۾،
عرش کان آھ منهنجو گهر اڳتي!
قدم جڏهن کڄيا آهن، کڄيا آڪاش ڏي آهن،
تڏهن بڻيو نه منهنجي لئه دشا جو مسئلو آهي.
هڪ سٺي شاعر جي پرک ان ڳالھ مان به
ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن هن جو ڪتا ب ڇپجي ته پوءِ ان ۾ شامل سمورين صنفن اندر جيڪڏهن
ڪتاب جي هر صفحي ۾ ڪا به هڪ سٽ اهڙي هجي جيڪا پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ۽ اهو
احساس ڏياري ته خيال ۾ نواڻ آهي، مڪمل شاعراڻو خيال آهي يا ان سٽ پڙهڻ دوران چپن
تي پاڻ مرادو ”واھ“ يا مرڪ تري اچي. جيڪڏهن شاعريءَ جو ڪو به ڪتاب ان معيار تي لهي
ٿو ته پوءِ ان شاعر جي وڏي سوڀ آهي. راشد جي هن ڪتاب ۾ موجود شاعريءَ ۾ خاص ڪري هر
غزل ۾ اهڙو ڪو خيال، اهڙي ڪا سٽ ضرور ملندي، مثال سندس هڪ ئي غزل مان چونڊيل ڪجھ
شعرن کي مان هتي ضرور شامل ڪندس:
دعا ۾ گهرن ڇا رتون بارشي سي،
رڱيا جن چپن تي ڪچا رنگ آهن.
اسان جا سڀئي خواب وڌوا جا ڪپڙا،
زماني کي پاتل چٽا رنگ آهن
بيابان جهڙو رکون ٿا مقدر،
ازل کان اسان کان خفا رنگ آهن.
ڏسڻ سان ئي نيڻن جا پردا ٺرن ٿا،
اوهان جي بدن جا ٿڌا رنگ آهن!
کڻي رنگ ڳوهيل مٽيءَ مان اوهان جي،
جهان ۾ سجايا خدا رنگ آهن.
راشد جي هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي خوبصورت
غزلن سان گڏ ڪجھ نظم ۽ دوها پڻ شامل آهن پر منهنجي راءِ مطابق راشد غزل جو شاعر
آهي، سندس غزل کي جيڪڏهن هڪ ميچوئر غزل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏهن راشد
شاعريءَ جي ٻين صنفن جي موسمن ۾ رولاڪيون ڪرڻ بجاءِ صرف غزل تي ئي ڌيان ڏئي ته پڪ
سان هو سنڌ جي سگهارن غزل گو شاعرن ۾ هڪ ڏينهن ضرور ڳڻيو ويندو، پر ڇا ڪجي جو هو
شاعر آهي ۽ شاعراڻين عادتن جو شڪار ٿيندي هن نظم، وائي، بيت ۽ دوهي جهڙين صنفن تي
به طبع آزمائي ڪئي آهي. راشد نظم ۾ انفراديت جا تجربا پڻ ڪيا آهن، هن پنهنجي نظم
کي پنهنجو ويس پارائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي ان ڪوشش ۾ هو ڪيترو سوڀارو ٿيو
آهي؟ اهو فيصلو پڙهندڙن تي ٿا ڇڏيون، هتي سندس ڪجھ نظمن جي ٽڪرن مان حض حاصل ڪندا
هلون:
هي پيار جو هلي پنڌ، سڪ سار جو هلي پنڌ،
هن پنڌ ۾ مزو آ، هن پنڌ ۾ نشو آ،
منزل ملي ڀلي پئي، ميخار جو هلي پنڌ
ڪنهن جي نشو اکين جو، ڪنهن جي نشو چپن
جو،
ٻانهون سراب پاڇا
آهن سفر ۾ ساٿي
++
جتي آئين
آئيني جيان تبديل ٿئي
ٽڪرا ٿئي
اتي قومي چهرو ڪهڙو ڏيک ڏيندو
راشد جي شاعريءَ ۾ خارجي ڪيفيتن جو
اظهار سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري ۽ پڙهندڙن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي ٿو وڃي. راشد هڪ ڏاهي ۽
باشعور فرد جيان سماج جي اٿل پٿل، وارتائن، سياسي تبديلين، چالن ۽ ويساھ گهاتين
توڙي قدرتي آفتن ۽ لقائن تي ڳوڙهي نظر رکندو پيو اچي، پنهنجي ديس جي اهنجن ۽ آزارن
کان به واقف آهي ۽ انهن تي وڏي سچائيءَ سان قلم کنيو اٿس:
مون کي يقين هو
ٻوڏ ۾ اسان جا وات لڙهي ويندا
پر
ٻوڏ کان پوءِ
بي نڪا ٿينداسون!
گمان ۾ به نه هو!
No comments:
Post a Comment