15/04/2013

ڪوتا ڪتاب ”اکين جي شهر ۾“ تي هڪ نهار - امر اقبال (Amar Iqbal)


جانب ناز غوريءَ جي ڪوتا
جانب ناز غوريءَ جي ڪوتا ڪتاب ”اکين جي شهر ۾“ تي هڪ نهار
موتئي جي مهڪار هوا ۾ وکري وئي
امر اقبال
”حسن جي تخليق خدا جي صفت آهي، جي شاعر اُها پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهي ته کيس ٻيو ڇا گهرجي“: شيخ اياز
ڪافي سال اڳ پرنس ڪمپليڪس جي لئبريري نما ڊرائنگ روم ۾ شيخ اياز جو ڏنل اِهو آٽوگراف جڏهن به کولي پڙهندو آهيان ته منهنجي لاءِ شاعريءَ جي اهميت اڃا به وڌي ويندي آهي. شعر لکڻ ڏاڍو معصوم ڪم آهي ۽ جيڪڏهن اهو واقعي شعر هجي ته! ۽ انهيءَ ڳالهه جي ريشمي ڏور کي پڪڙي مان جڏهن ”اکين جي شهر ۾“ پهچان ٿو ته اُتي مون کي هر ٻئي قدم تي معصوميت، سادگي، بي ساختگي ۽ هڪ طويل اُداسي ئي ملي ٿي. ”اکين جي شهر ۾“ جانب ناز غوريءَ جي شاعريءَ جي پهرين ڪليڪشن آهي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي اها شاعري آهي، جيڪا هن پنهنجي پڙهائيءَ واري عرصي ۾ لطيف يونيورسٽيءَ جي صبحن ۽ نوري هاسٽل جي شامن جي ساٿ ۾ ڪئي آهي.

شعر لکڻ، کليل اکين سان خواب ڏسڻ وانگر به آهي ۽ مان پنهنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي اهو چئي سگهان ٿو، ته ٽين ايج ۾ ڪئمپس/هاسٽل لائيف دوران رچيل شعر کليل اکين سان ڏٺل خوابن جهڙا ئي رنگين هوندا آهن. اردو شاعريءَ ۾ رومينٽڪ شاعريءَ جي حوالي سان پروين شاڪر جو ”خوشبو“ هڪ “Match less” ڪتاب آهي. (حالانڪه ان کان بعد به پروين ڪافي شاعري ڏني). پر ”خوشبو“  واري خوشبوءِ، ٻئي ڪنهن مان نه ٿي ملي سگهي. منهنجي خيال ۾ بنهه نوجوانيءَ واري عمر ۾ هڪ شاعر جيڪو ڪجهه لکي ٿو اُهو هڪ سئو هڪ پرسينٽ سندس پنهنجو هجي ٿو. انهيءَ ۾ ڪتابن جي رڻ ۾ رُلڻ کان پوءِ ماڻيل مطالعي ۽ حياتيءَ جي تنگ ڳلين مان ڳوليل تجربي ۽ مشاهدي جي ملاوٽ نه ٿي هجي، انهيءَ عمر ۾ ڪيل شاعري، جيتوڻيڪ موضوعاتي حوالي سان اک جي اڳيان جھليل چانديءَ جي ڇلي جيتري محدود ئي هجي ٿي، پر اُها نج هجي ٿي، معصوم هجي ٿي. ڪنهن ٻار جي مرڪَ جهڙي، رابيل جي پنکڙيءَ تي ڪريل ماڪَ جي قطري جهڙي يا خاموشيءَ سان گهوريندڙ ڪنهن سفيد ڪبوتر جي اکين جهڙي. بلڪل اهڙي ئي ڳالهه جانب ناز پنهنجي ڪتاب جي شروعات ۾ لکيل ”پنهنجين ڳالهين“ ۾ چئي ٿي ته: ”مان پنهنجن جذبن، اداسين، اڪيلائين، خوشين سان ڀريل ٽهڪن، ننڍپڻ جي ڪپهه جهڙين ڪونئرين ۽ چيڪي مٽيءَ جي ٿانون جهڙين يادگيرين کي سهيڙي اکين جي شهر ۾ گڏ ڪيو آهي. آءٌ ڄاڻان ٿي ته اکين جي شهر ۾ پڪن گهرن سان گڏ، ڪچا گهرڙا ۽ جھوپڙيون به آهن. جن ۾ رهندڙ منهنجا غزل، وايون، بيت، نظم، ٽيڙو، رنگ برنگي، سادن ويسن سان سنواريل آهن، جن جون محبتون ڪنهن کي پنهنجيون لڳنديون، جن جي وجود مان ڪچي مٽيءَ جي خوشبوءِ ايندي“.... ۽ منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته مون جتان جتان به ”جانب“ جي شاعريءَ کي پڙهيو آهي، هوءَ مون کي ڳوڙهن سان ڳوهيل مٽيءَ مان ٺهيل ڇوڪري ئي لڳي آهي. اداس، اڪيلي، ڪٿي ڪٿي ڪافي اموشنل ۽ گهڻي گهڻي نيچرل. عام زندگيءَ ۾ ڀلي ته هوءَ هميشه مرڪندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ شرارتون ڪندڙ ڇوڪري هجي، پر سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ، انهيءَ ڳالهه جي موڙ وٽ پهچي، بيهي رهجي ٿو ته، اها جانب ناز جنهن ڪامرس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي، اها ڀلي کلڻي ملڻي ۽ ٽهڪ ورهائيندڙ ڇوڪري هجي، پر ”جانب ناز“ جيڪا شاعره آهي، اها ته صفا ڪا ٻي ڇوڪري آهي. جانب جي اندر جي اداسيءَ جا ڪافي سارا ميرانجھڙا رنگ سندس شاعريءَ ۾ ته ملي ئي وڃن ٿا پَر انهيءَ اداسيءَ کي ٺيڪ ان وقت به ڳولي سگهجي ٿو، جڏهن هوءَ ڳالهائڻ مهل ڪنهن ننڍڙي ڳالهه تي جذباتي ٿي وڃي ٿي ۽ سندس اکيون آليون ٿيندي ٿيندي، رهجي وڃن ٿيون. انهيءَ اداسيءَ کي ته ان وقت به ڳولي سگهجي ٿو، جڏهن هوءَ ”ميڊيم ويوز نو سو ستاويهه ڪلو هرٽس“ تي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان پنهنجي ٻڌندڙن لاءِ دعا ڀريل جملا ادا ڪري ٿي. انهيءَ اداسيءَ جا پيرا جيڪڏهن ”اکين جي شهر ۾“ ۾ ڳولجن ته اهي اسان کي هنڌين هنڌين ملي سگهن ٿا:
من ــ مندر آ بي رنگ سارو
ٻاهر ڪيڏيون هوليون آهن

تنهنجيون سارون ۽ تنهائي
لڙڪن لارون ۽ تنهائي
اوسيئڙي ۾ اڄ به آهن
نيڻ ــ نهارون ۽ تنهائي

درد نگر جي ڳالهه نه ڪر
هن منظر جي ڳالهه نه ڪر
نيڻ جھڙالا ٿي پوندا
دل جي جر جي ڳالهه نه ڪر


۽ هتي غزل جي انهن سٽن کي پڙهي ”نيڻن جو جھڙالو ٿي پوڻ“ مون کي ڏاڍو انسپائر ڪندڙ خيال لڳي ٿو ــ يا وري:
رات هُو ڪنهن لاءِ رنو هو
وهاڻو جو هن جو ڀنو هو
جيون جي سفر ۾ لڳي ٿو
تازو ئي ڪنهن کان ڇنو هو

ڪيڏو ته موهيندڙ، ڪميونيڪيٽو ۽ سادو خيال آهي.
                                                                                                                                                                                                                                       
پيارا پڄاڻان ڪجهه به نه رهندين
سڀ ڪجهه آهين هاڻ او سپرين!
واري شعر ۾ جانب، لطيف جي ”ڳوليان ڳوليان  مَ لهان“ واري فلاسافي کي ڪيڏو نه خوبصورتيءَ سان سمائي ڇڏيو آهي. ملڻ کان پوءِ  من اندر جي لوچ جي ماٺي ٿيڻ وارو تصور، جانب جي غزل جي مٿئين بند ۾ ڏاڍي موهيندڙ انداز ۾ ملي ٿو.
جيتوڻيڪ اداسيءَ جو ناسي رنگ، جانب جي شعرن ۾ اڪثريت سان پينٽ ٿيل ملي ٿو. پر اها اداسي، مايوسي ۽ فرسٽريشن جي اوندهه ڏانهن بلڪل به نه ٿي ڌڪي. مڃون ٿا ته اسان سڀ هڪ Frustrated سماج جا ڀاڱا آهيون، پر پوءِ به جانب جي زندگيءَ ڏانهن ائپروچ Optimistic ئي رهي ٿي. جيڪڏهن سندس غزلن جو ئي سهارو وٺجي ته ڪافي اهڙا شعر ملي ويندا:
محبت جو سلسلو جاري آهي
خوشبوءِ ۽ هوا جي ياري آهي
خواهشن جا ديپ اکين ۾ روشن
ڇا ٿيو جي رات انڌاري آهي؟

زمانا! انهن کي وساري ڏسون
خوشيءَ جا ڪي پل گهاري ڏسون

اکين ۾ جوت جلائي ته ڏس
نينهن ڪنهن سان لائي ته ڏس

پن ڇڻ ۾ بهار  ٿي ڳولي
دل اهڙو سنسار ٿي ڳولي


۽ اهڙا کوڙ سارا ٻيا شعر صرف ۽ صرف زندگيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا ۽ انهن کان سواءِ به:
ٻن دلين ۾ وڇوٽيون وجھي
هوا ۾ به ايڏي مجال نه آ

تو بن مون کي ايئن لڳي ٿو
من جو آهي خالي ٿانءُ

اکڙين ۾ خوابَ سارا رهجي ويا
لفظ ڪي چوڻ وارا، رهجي ويا

من مندر جي گنبذ اندر
ڪنهن جو هي پڙلاءُ رهي ٿو

گل جا ٽهڪڙا به ٺهن ٿا پر
مرڪ مکڙين جي پياري آهي

اُتي لفظ سارا کٽي ٿا پون
جتي ٿي اکين جي ٿئي گفتگو

جهڙا گهڻا گهڻا شعر جانب ناز جي خيالن جي تازگي ۽ انفراديت جا گواهه آهن. ”موتئي جي مهڪار هوا ۾ وکري وئي“، ۽ ان جهڙا ٻيا غزل، جانب جي شاعريءَ ۾ موجود رڌم ۽ روانيءَ کي ظاهر ڪن ٿا.
نظمن واري حصي ۾ (جنهن ۾ نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم شامل آهن) جانب گهڻو ڪري يونيورسٽيءَ جي موضوعن کي کنيو آهي. يونيورسٽي جيڪا پوءِ ايندڙ سالن ۾ هڪ عجيب Nostalgia جو حصو بنجي ويندي آهي. ”هڪ خواب نگر جي شهزادي“ ۽ ”اداس منظر“  خوبصورت ليريڪل نظم آهن، جن ۾ موجود ردم ڄڻ ته پڙهندڙن جي خيال جي رنگين ٻيڙيءَ کي شفاف پاڻيءَ مٿان تاريندو ٿو وڃي. ”قدرت“، ”غم“، ”پاڻ ٻه نه آهيون“ ، ”رنگ“، ”رولاڪ چانڊوڪي“ ۽ ٻيا انهن جهڙا کوڙ سارا خوبصورت نثري نظم، جانب جي خوبصورت ۽ پڪي پختي سوچ جا عڪس آهن. ڪتاب ۾ موجود هائيڪن تي الڳ تفصيل سان لکي سگهجي ٿو. هتي رڳو مان پڙهندڙن لاءِ هڪ خوبصورت هائيڪو کي ڪوٽ ڪرڻ ٿو چاهيان ته:
هٿ ۾ آئي ڦڻي
اُلجھي پئي وارن ۾
هڪ مينهن ڪڻي
بلڪل ايئن ”ڇو ويراني آ ڇانيل، اکين جي شهر ۾“، ”مون سان هُو اوري، خواب نگر جون ڳالهڙيون“ ۽ ”سانوڻ جي رم جھم رات هئي، پر مان اڪيلي“ جهڙين واين واري سيڪشن تي به الڳ ئي لکي سگهجي ٿو. جانب جي شاعريءَ جي نيرڙي ڍنڍ تي هڪ پکيءَ واري هن نهارَ کي، جيڪڏهن مختصر ترين لفطن ۾ لکجي ته، اهو ڪتاب ۾ موجود، جانب جي ويجھي ۽ کيس چڱي طرح سمجھندڙ سندس دوست عاليه خاصخيلي جي لفطن ۾ ٿي سگهي ٿو ته: ”جڏهن اوهان جانب جي شاعريءَ کي پڙهندؤ ته پڪ سان اوهان کي هن جي شاعريءَ ۾ هڪ معصوم ۽ نوخيز ڇوڪريءَ وارو احساس نمايان طور تي نظر ايندو“. ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي جانب جي  شاعريءَ تي سڀ کان مختصر ۽ سڀ کان سٺو تبصرو ٿي سگهي ٿو.
هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سالن جي مختصر وقت ۾ جانب، شاعريءَ جي ڪنڊائين رستي تي (۽ اسان جي هن فيوڊل سماج ۾، هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ته اهو رستو اڃا به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو)، جنهن اعتماد، حوصلي ۽ خلوص سان سفر ڪيو آهي، ان جي موٽ ۾ کيس کوڙ سارين دلين جو احترام ۽ پڙهندڙن جو پيار ئي پلئه پيو آهي. منهنجي اها دل جي گهرائيُن سان دُعا آهي ته شال سندس ڏات ۾ ايندڙ سالن ۾ ڏهوڻو نکار اچي ۽ سندس ذات سدائين سکن جي ساٿ ۾ هجي.

No comments:

Post a Comment