سَعيد جي شاعري سندس رُوحَ جو لباس آهي
امر اقبال
پنهنجي منفرد لهجي، احساسن جي
شدت، جذبن جي سچائي، بنهه سلوڻي ۽ نيچرل انداز سبب، سعيد
ميمڻ نوي واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان ئي سنڌي شاعريءَ جي اُڀَ تي هڪ
سيليبريٽيڊ شاعِرَ جي حيثيت ۾ چَمڪيو ۽ سندس ڏيئا ڏيئا ڏات جي اها ڏِک اڃان تائين
قائم آهي. هي اهو دؤر هيو جڏهن سعيدَ پنهنجي شاعريءَ جي سفر ۾ هڪ ٽَرننگ پوائنٽ
ورتي، هُنَ ”سعيد عاقلي“ جو چوغو لاهي ڦِٽو ڪَيو ۽ ”سعيد ميمڻ“ جي نانءَ سان سنڌي
شاعريءَ جي شهرَ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري هڪ عجيب بيپرواهيءَ سان گهمڻ لڳو. سعيدَ، شاعريءَ
کي ڪجهه اهڙيءَ ريت پنهنجي مٿان طاري ڪيو، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاعري
سندس روح جو لباس هجي. ايئن به محسوس ٿيندو ڄڻ سعيدَ جي شاعريءَ جي هر سٽ سندس دل
جي وٿين مان اُڀري آئي هجي ۽ ايئن سعيد جون سٽون پڙهندڙن جي دلين جي وٿين ۾ لهڻ جي
سگهه به رکين ٿيون:
شاعري
آ اسان لئه ڇُري ٿي پئي
۽ اوهان شعر مان فرحتون ٿا وٺو؟!
سنڌي شاعريءَ جي سفر جو هي سانورو
جوڳي سعيد، جيڪو عڪسن، منظرن ۽ احساسن کي اهڙي ته ڪمالَ ۽ دل جي صدق سان پنهنجي
ڪوتائن ۾ پينٽ ٿو ڪري جو سٽن کي پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان، مٿن پيار اچيو وڃي. سعيدَ، سنڌي شاعريءَ ۾ ڊگهي
رديف وارو غزل لکڻ جي پريڪٽس کي هٿي وٺرائي، هُـنَ وائيءَ جي روايتي فارميٽ کان
هٽي، ان جي لکڻ ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ پنجڪڙي جي صنف کي وري جيئاريو. سعيد ئي آهي
جنهن بيتن ۾ نوان سُر ڳولي لڌا، نظم لکڻ ۾ تجربا ڪيا ۽ ايئن سندس شاعريءَ جو لهجو
بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ پري کان پڌرو نظر ايندو. سعيد ميمڻ جي هڪ غزل جي سِٽن:
وري چنڊ ــ پوپٽ ڇهن ٿا گُلن کي
گلابن
۾ آواز ڀُڻڪي
رهيا هن
کي پڙهي ايازَ
”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مُهاڳَ ۾ لکيو ته:
”سعيدَ جي مٿئين غزل ۾ چنڊ ــ پوپٽ ڪيڏو نه موهيندڙ استعارو آهي، جو يورپ جو ڪوبه
تصوريت پسند (Imagist) شاعر خوشيءَ سان اپنائي ها“. تنوير عباسيءَ وري ائين چيو ته: ”سعيد ميمڻ جي شاعري
پڙهي، سنڌي شاعريءَ جي روشن مستقبل ۾ ايمان پختو ٿي ويو اٿم“.
سعيدَ، سنڌي شاعريءَ کي بنهه نوان
موضوع ڏنا آهن، جيڪي صرف سندس ئي سُڃاڻ آهن. سانورو جوڳي، ڪارو سمنڊ، موهن جو دڙو،
عاقل، لاڙڪاڻو، رڪشا، سفر، مٽي، حسرتون، کجين وارو شهر، آئينا، عينڪ جا شيشا ۽ ٻيا
اَڻَ ڳڻيا احساسَ صرف سعيدَ جي شاعريءَ جي ئي ميراثَ آهن. سعيدَ جي شاعري جتي عشق
۾ جُنون جي حدن کي ڇُهندي نظر اچي ٿي، اتي ساڳي ئي وقت سندس شاعري اسان جي سماج جي
بيڪارَ قدرن ۽ اُلٽي ڏياريندڙ اورئنٽيشن تي هڪ زهريلي ٽوڪ وانگر به آهي:
ڏسندي ڏسندي سِرَ ئي تن جا گم ٿي ويا
عُهدن
وارا ڪرسين اندر لهندا
ويا
سعيدُ هڪ شعور وند شاعِرَ جيان،
اسان جي اجتماعي بي حسي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ تي به فڪرمند نظر اچي ٿو:
صدين تائين ننڊ پيا ها ڇرڪ ڀري جو جاڳيا
پڇيائون:
”تاريخ! اسان ڪاٿي پهتاسون؟!“
ڪافي عرصو بيمارُ رهڻ سبب سعيد،
شاعريءَ جي ڳهريل ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو رهيو، پر هينئر هُو هڪ دفعو ٻيهر انهيءَ طرف
موٽي آيو آهي. هُو مسلسل نوان شعر تخليق ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه مون لاءِ ذاتي حوالي
سان به خوشيءَ جو سبب آهي، ڇاڪاڻ ته مون سعيد کي تمام گهڻي پيارَ سان پڙهيو آهي ۽
سندس شعري ڪيفيتن کي محسوس ڪيو آهي.
مون کان سالَ وسري ويندا آهن، پَر
ڀانئيان اهو 2002ع جو سالُ هيو، ڪنهن ڪم سانگي لاڙڪاڻي جي هڪ روڊ تي وڃي رهيو هئس،
جو شامَ جو ان سمئي اوچتو مون کي وسيم سومرو ملي
ويو هو. وسيم ۽ مان چانهه پيئڻ جي بهاني روڊ جي ڀرسان ئي هڪ ننڍڙي هوٽل تي ويهي
رهياسين ته اوچتو اسان جي نظر سامهون رڪشا هلائيندي ايندڙ سعيدَ ميمڻ تي پئي.
سعيدَ جو اوچتو ملي وڃڻ اسان لاءِ اڃا به وڌيڪ خوشي کڻي آيو ۽ پوءِ اسان سعيد جي
صلاحڻ تي اُها رات ”عاقل ڳوٺ“ وڃي گذاري هُئي. سعيدَ جي شاعريءَ واري ”رڪشا“ ۾
ويهي، سعيدَ جي شاعريءَ واري ”عاقل“ ۾ وڃي، سياري جي اُها رات اسان سعيد کي خُوب
ٻڌو هو. سعيدَ هڪ بنهه سادي ۽ پُرخلوص ڳوٺاڻي ميزبان وانگر اسان جي خدمت ڪئي هُئي
۽ اسان اها رات سعيد ميمڻ جي ڪوتا جي سحر ۾ ڪاٽي ڇڏي هئي. صبح جو سعيدَ کان
موڪلائڻ وقت، مون کي ياد ٿو پئي ته وسيمَ، سعيد جي ڀرسان ئي بيٺل سندس ڳوٺائي
نوجوان کان پُڇيو هو ته: ”توهان کي خبر آهي ته توهان جي ڳوٺ ۾ ڪيترو وڏو شاعرُ ٿو
رهي؟!“ نوجوان، وَسيم جي سوال جي جوابَ ۾ اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو هو. وسيم ۽ مون
حيرت مان سعيد جي اکين ۾ نهاريو هو، جنهن هِڪ وڏو ٽهڪ ڏئي اسان ٻنهي کان ڀاڪر پائي
موڪلايو هو.
No comments:
Post a Comment