تون ۽ مان جا کنڊڙيل ميڙاڪا....
ماهين هيسباڻيءَ جو ڪتاب ”تون“
چندر ڪيسواڻي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حيرتناڪ
اوسر ۽ بنيادي ڦيرن اسان جي دنيا جي تصوراتي مٿاڇري کي ئي مٽائي ڇڏيو آهي. سائبر
ايج جي نئين سائنسي هنر محسوس ڪرڻ جي سگهه ۽ اسانجي اندروني جذباتي سرشتي کي ايڏو
ته ڌڪيو آهي جو، رشتن ۽ ناتن جي دنيا، لڳ لاڳاپا، ماڻهوءَ جي اندر ۽ ٻاهر جو ڀاڳُ،
هڪ نئين چوواٽي تي اچي بيٺا آهن. ڏسجي ته هر سچائي پنهنجي ليکي نئين سر نواڻ جي
گهر جائو ٿئي ٿي. انسان پنهنجي ذات جي آٿت لاءِ مذهب، سائنس ۽ فلسفي جهڙين ڏکين
آزمائشن کي ته برداشت ڪيو، پر پوءِ به ان جي جذبن جو سرشتو (دل جي دنيا) اڃا ٿانيڪي
ناهي ٿي سگهي. اها ڇڳل ۽ اڻجڙيل حالت ۾ ئي هنڊي رهي آهي.
اولهه جو ماڻهو مادي اوسر ۽
پنهنجي نئين پڻي کان ڪَڪ ۽ اوڀر جو ماڻهو وري انهيءَ نواڻ جي ڳولا ۾ پنهنجي ميراث
(روحاني آسودگي، گڏيل ڪٽنب ۽ ناتن جو سک) وڃائي رهيو آهي. ڏسڻ ۾ ته اولهه ۽ اوڀر
جا الڳ نظر ايندڙ پيچرن تي انساني چهرن جا اهي ٻه روپَ آهن، جن ۾ وٿي هوندي به، هڪ
جهڙي چڙ، بڇان ۽ ويڳاڻپَ ملي ٿي. ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ته اڄ جو نئون انسان ٻاهر تي
حاوي هئڻ باوجود به هڪ دائمي پيڙا ۾ ورتل آهي. ان جي هيکلائپ ڪهڙي نوعيت جي آهي؟
اِهي اُهي پڇاڻا، وسوسا، منظر ۽ پسمنظر آهن، جنهن منجھان اڄ جو ميشني ضابطن وارو
انسان پنهنجو ڀاڳ پاڻ چونڊي رهيو آهي.
پنهنجين
مڙني هيڻائين باوجود به هو اڄوڪي انهيءَ منظرنامي ۾ ذهني ۽ جذباتي طور تي شريڪ ۽
سلهاڙيل آهي. سندس اندر به ڄڻ ائين ڀڻ ڀڻ ڪندڙ اڄوڪي مشيني احساس جي شڪل ماڻي رهيو
آهي، جنهن ۾ ”مان ۽ تون“ جا کنڊڙيل ميڙاڪا لڳا پيا آهن. ماهين
هيسباڻيءَ جو رزميه ڪتاب ”تون“ به
مونجھارن جي ان ئي پيچري ۾، زمان ۽ مڪان جي عارضي حدن کان ٻاهر، فنڪار جو نئون
الهام آهي، جيڪو اڃا ڳولا ۾ آهي. ماهين جي شاعري مفروضن کان آجي پروڙ ۽ پائڻ جي
نئين جُڳَ ۾ ان جي اندر کي چٽي رهي آهي. هوءَ شاعراڻيءَ عمر جي ابتڙ پنهنجي ذات ۾
الڳ، نه رڳو درد اچارڻ جا نوان گهاڙيٽا ٺاهي رهي آهي، پر شخصي پورڻتا جي ان پد تي
پهچي چڪي آهي، جتي شاعري ۽ لفظن جي بساط تي سندس ڏانءُ پاڻ جڙي رهيو اٿس ۽ ان جي
نثري شاعريءَ جو ته اڃا هڪ ٻيو نڪور باطني منظر نامو، وڏيون معنائون کڻي نروار ٿئي
پيو، اهو منظرنامو ماهين جي اندر جي عڪسَ جو استعارو به آهي، جيڪو ذات جي هيکلائپ
کي معنائون ڏئي رهيو آهي، ۽ اهو ئي زندگيءَ جي مڃتا ۽ ان عورت جي حوصلي جو چٽو پٽو
اظهار آهي، جيڪا مادي ڪلچر جي عنايتن ۽ صعوبتن کي ڀوڳي، پنهنجي ڀاڳَ جي ڇڪتاڻ مان
سگهه ماڻي رهي آهي. ان معنيٰ ۾ ماهين جي شاعراڻي ڏند ڪٿا ۽ رمز ڏاڍي باريڪ ۽ زميني
آهي، جنهن ۾ دل جا مهانڊا، حقيقتون ۽ وارتائون ٺهن ۽ ڊهن ٿيون. جڏهن ته باقي
حقيقتون مشيني وهنوار جي پيدا ڪيل زندگيءَ جا نوحا آهن. جيڪي اسان جي دلين مان اڄ
دونهون دکندي ڏسي رهيا آهن:
منهنجي پريتم!
اِها تنهنجي پيار جي پيڙا آهي،
جا منهنجي رڳ رڳ ۾ رچجي وئي آ.
لڙڪ جي منهنجي اکين مان ٽميا آهن
مون انهن جا هار پوئي پاتا آهن.
جيڪي هر پل منهنجي سيني سان چهٽيل رهن ٿا.
توکي ساري منهنجي هر رات
هڪ تاري کان ٻي تاري کي تڪيندي
وهامي ٿي وڃي.
۽ ها، توسان نبهه جي قيد جا ڪنگڻ به،
ٻانهن ۾ پاتا آهن.
۽ هاڻي ته منهنجو ڪو پل اجايو نٿو گذري
ڊگهي اڪيلائي ۽ جدائيءَ ۾
تنهنجي يادن جي طرح طرح رنگ برنگي
خوشبودار پيالن مان ڍڪ ڀريان ٿي
هاڻي ته منهنجي بدنَ مان تنهنجو واس اچڻ لڳو آهي.
هن جھيڻي جِسمَ تي
تنهنجي چاهه جا
جيڪي ڳرا ڳرا ڳهه ڳٺا پاتا اٿم
سي به تنهنجي نينهن جا
راڳ الاپڻ لڳا آهن
جنهن جو پڙاڏو
سڄي ڳوٺ ۾ گونجڻ لڳو آهي.
بند دريءَ جي وٿيءَ مان،
هر ڏينهن تنهنجي واٽَ تڪيان ٿي،
۽ سوچيان ٿي!
جي تون اچي پوين
ته جيڪر منهنجو ڪچڙو گهرڙو
تنهنجي آجيان ۾ جرڪي پوي
۽ تنهنجي هڪ نهار
منهنجي سونهن کي سوايو ڪري وجھي.
اکين ۾ خواب لهڻ جي عمر طلسمي
دروازي جيان هوندي آهي، جنهن جي کلڻ کان اڳ ۾ ڪجهه به ناهي چئي سگهبو ته، ڪهڙن
اکين ۾ ڪهڙا رنگ ٽڙڻ وارا آهن. هيءَ شاعري ان طلسمي عمر، اکين ۽ خوابن وچ ۾ هڪ نازڪ
پُل ڏيکارجي ٿي. اڻتڻ، ڳڻڳوت، جاکوڙ، ڇپر ڇانوَ جي ڳولا ۽ سُکَ ماڻڻ جي مڙني ڪيفيتن
ڳوهجي ماهين جي شاعريءَ ۾ هڪ خاص رنگ رچايو آهي. اُها باهه جي اڻتڻ ۽ اوسيئڙي جي ٻاهرين
تصوير، اسان آڏو پيش ڪري ٿي، سا ان جي اندر ۾ ڀڀڙ ٿي ڀڙڪي رهي آهي، اندر جي اها پيڙا
ان جي شاعريءَ کي اڻڳڻين ڏسائن ۾ وٺي وڃي ٿي، ڪڏهن روحانيت ڏانهن، ڪڏهن وسري ويل
ناتن، ڪڏهن ماضي ۽ ڪڏهن حالَ ۾، ته ڪڏهن وري فڪر ۽ فلسفي طرف، اهي مڙوئي رويا
ماهين جي فنڪاراڻي شخصيت جي ڳجھن خانن مان ڦٽي ٻاهر اچن ٿا. سندس ڪو موضوع کائنس اڳ،
اوپرو يا مٿان کان مڙهيل نٿو ڀاسي تان جو سندس محبت ڏاڍي معتبر ۽ معصوم، سندس ئي
وجودَ جو پڙاڏو ٿي لڳي:
پرين تنهنجي پيارَ
جي مون اڻي آهي آر
پاڻان ڪري ڌار، ڀل
تون ڀانءِ ٻين کي
*
نيڻن کي نهار سان، لڳل
آهي نينهن
نيٺ ته وسندو مينهن،
پرين تنهنجي پيارَ جو
*
هوءَ جا آڌيءَ رات
جو، رلهيءَ ۾ روئي
ڪيڏيون ٿي کوهي،
پنهنجيون پاريون راتڙيون
هي شاعريءَ جو ويراڳ آهي، ۽ هڪ اهڙي
انسان کي لڳل آهي، جيڪو پنهنجي ڏينهن ۽ راتين ۾ ائين سرسري لنگهي نٿو سگهي. هيءَ اڄ
جي هڪ باشعور، باخبر ۽ حساس عورت جو آواز آهي، جيڪو سماجي دٻاءَ ۾ جھل پل کان پري
پنهنجي اندر جي سگهه کي پڌرو ڪري ٿو. هڪ اهڙي عورت جو اونهو آواز، جيڪا ڳولا ۽
جاکوڙَ جي پيچرن تي پنهنجي ذهن ۽ دل و چ ۾ ڇڙيل جنگ ۾ اڙجي پئي آهي:
گڏ رهي ڀي ڌار ٿيندا
ٿا وڃون
ڄڻ ٽٽل ڪا ٽارَ ٿيندا
ٿا وڃون
ذهن پردي تان وئي
ميسارجي
سا پراڻي سارَ ٿيندا
ٿا وڃون
درد جي دونهين دکي
دل ۾ پئي
پاڻَ تي ڪو بارَ ٿيندا
ٿا وڃون
هر نظر ڇو اوپري ٿي ڀاسجي
ڪو نئون تڪرار ٿيندا
ٿا وڃون
اهو ڪيٿارسس آهي هڪ سلجھيل عورتَ
جو. پنهنجي اندر جو دردُ، ڪنهن لڪل محروميءَ جو عڪس يا حالتن جي پيڙا، انهن مڙني ڪڙن
ڪسارن تجربن مان ماهين پنهنجي مڪمل وجود، سچائي ۽ احساسن جي وهڪري ۾ وهندي سوچن کي
تخليق ڪري رهي آهي. هوءَ هڪ نفيءَ جي مقامَ تي رهندي، پنهنجي زماني جي نفي به ڪري ٿي.
هو ڇا؟، هي ڇا؟، هي ڇو؟، جهڙا سوالَ هن جي اندر جو انڪار آهن، جنهن سان هوءَ ثابت ڪري
ٿي ته، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اڻپورو آهي، اڃا نون سوالن ۽ نون جوابن جي لوڙ
آهي، اهو ڏانءُ شاعريءَ ۾ زندهه رهڻ جو هڪ تصور آهي، جيڪو ماهين جي نفس حقيقي Real Self جو گيان ۽
پرتو آهي. ڪو به آرٽسٽ بيٺل پاڻيءَ جيان ناهي هوندو، پوءِ ڀلي بيٺل پاڻي سمنڊ جيان
گهرو ۽ وشال ڇو نه هُجي، هو هڪ وڏو دريا هوندو آهي، پنهنجي اندر ۾، ماهين جو اهو
وشال اندر سندس هن نظم ۾ پسي سگهجي ٿو:
تون!
ڪنهن انسانَ جي
تذليل ٿيندي ته،
ڪيئي دفعا ڏٺي هوندي
ڇا!
تو ڪڏهن ڪنهن انسانَ
جي
جذبن ۽ روحَ جي
تذليل ٿيندي
ڏٺي آ؟
جي نه!
ته پوءِ مون کي ڏسي
وٺ
وٿي ۽ رشتن جو زوال انسان جون
اکيون کولي ٿو ڇڏي ۽ انسان ڊڄي پنهنجي اندرَ ۾ سوڙهو ٿي ويندو آهي، ڪي آڱرين تي ڳڻن
جيترا ماڻهو هوندا جيڪي سوڙهه، دٻاءَ ۽ زوالَ جي هن زماني ۾ جند داءَ تي هڻي
پنهنجي روحَ، دل ۽ دماغَ کي بچائي سگهندا آهن. اڄ جڏهن هر شيءِ ڏوڪڙن سان خريد ڪئي
وڃي ۽ نئين صديءَ ۾ رشتا، ۽ زماني جي پراڻي ۽ ڏٺل وائٺل شڪل مٽجندا هجن، تڏهن
انسان هڪ روح نپوڙيندڙ چَوواٽي تي ڄڻ رڪجي ويو آهي. هو زماني کي ان ٻه واٽي جي ڀيٽَ
۾ هڪ مٽيل مفهوم ته ڏيڻ چاهي ٿو پر، جتي ويساهه باقي نه هجي، ۽ ٻاهر جو انسان اندر
جي انسان تي چڙهي ويو هجي، اتي زندگي انسان کي کائي کپائي ڇڏيندي آهي. صبح ۽ شامَ
جي پنڌن ۾ آسَ ٿڪ آڏو پنهنجي سگهه وڃائڻ لڳندي آهي، ۽ مجبوري جبر بڻجي اسان جين
دلين جي وڍ ڪُٽَ ڪندي آهي، هيکلائپ پاڻ پر هيکلو ڳالهيون ڪرڻ لڳندي آهي، ۽ انسان
اندران ئي اندران ڀڄي ڀري وکرڻ لڳندو آهي:
توکان ڏور رهي او
ساجن!زندگي گذري نٿي
ڀل پڇي ڏس مرڪن کان. زندگي مرڪي نٿي
اندر اڌ لڳا پيا
آهن، سينا سڀ ڇڳا پيا آهن
ڳايان گيتَ ڪيئن الا! مان سارا ساز ڀڳا پيا آهن
هاڻي قرب ڪسارا ها،
پوءِ به ڪيڏا پيارا ها
ياد پون ٿا مون کي ڏينهڙا، جيڪي تو سان گهاريا ها
ڪنواري ڪنيا آر اُڻي
ٿي، ڄڻ ڪي ويهي پيار اُڻي ٿي
ڳاڙها، نيرا، ساوا، ڪيڏا
ڄار چَوڌار اڻي ٿي
۽ وري:
آڌيءَ رات اٿي تو، ٻانهون
ڦهلايون
مون سڀ اڇلايون، ننڊون
پنهنجي نيڻن جون
ماهين جي ان دلي وارتا ۾ اڄوڪي
وقت جو روح ڪر مڙيندي پسجي ٿو، زندگيءَ جي ڏاڍَ، ڏهڪاءَ ۽ حقيقتن کي هوءَ ڪنهن
فلسفيءَ جي اک سان نه، پر هڪ شاعرا جي اک سان ڏسي ٿي. ان ڪري هوءَ پڌرائيءَ ۽
حاصلات جي هڪ نئين ڌرتيءَ تي پير ڌري رهي آهي. هيءَ شاعري ماهين جي شخصيت ۽ روحَ
کي وائکو ڪري ٿي. هوءَ ڪائنات جي وٿين ۾ لڳاتار ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ آهي. اُها ڳولا
جا ڪائنات جي ڳجھن ۾ سندس دل جو نوحو به بڻجي پئي آهي.
No comments:
Post a Comment