24/04/2013

خمار، گيت، چاندني جي خوشبوءِ - مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)


خمار، گيت، چاندني جي خوشبوءِ
مبارڪ علي لاشاري
سنڌ ۾ روايتي شاعرن جي گهڻائي ۽ تڪ بندي واري شاعري جي ماروماري پنهنجي جاءِ تي هڪ چڀندڙ احساس آهي، جنهن جي انت ۾ ڪيئي سوال لکيل آهن. مون اسلام آباد ۾  ڪجهه سالن جي عرصي دوران ان تي ڪافي دفعا سوچيو ۽ لکڻ جو ارادو ڪيو هو، پر ڪن ڳالهين سبب نه لکي سگهيس يا لکڻ نه آيو يا مورڳو لکڻ جي جرئت نه ٿي هئي، جو آئون ڪير هوس؟ ڇا هوس/آهيان؟ پر سنڌ ۾ اچي مون کي احساس ٿيو ته انهي ڪثرتي سطح تي لکجندڙ ۽ ڇپجندڙ شاعري ۾ ڪافي حصو اصولِ عقيدت تي آهي، جنهن ۾ شاعري براءِ شاعري نه، شاعري براءِ جذبو ۽ حب ۽ شاعري سبب فهم پڻ آهي.

دنيا جو ڪو به معمولي سمجهدار ماڻهو به شاعري جي نهج ۽ ڪارج کان انڪار نٿو ڪري سگهي. ارسطو چواڻي ته شاعري تاريخ کان وڌيڪ ڳوڙهي آهي. ارسطو انهي ڏس ۾ خطيبن تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته اهي صرف ذهانت مان لکن ٿا ۽ دل/جذبا وٽن ناهن تنهنڪري اهي انصاف نٿا ڪري سگهن. توڻي انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ ۾ شاعري جي سپورٽ ۾ اهو چئجي ته اها جذباتي اظهار جي چڪي ڪجهه ڪثرت سان آهي ته بنهه غلط نه ٿيندو. (اختلاف جو هر ڪنهن کي حق آهي) پر انهي تناظر ۾ اسان کي جذباتي هم آهنگي سان گڏ فهم ۽ فراست رکندڙ شاعر ۽ شاعري به ملي ٿي.
انهن شاعرن جن وٽ سمجهه ٻوجهه، منطق ۽ جذبو موجود آهي ۽ سندس وجود جي ائبسرڊٽي کان ويندي اينٽي بنياديت فڪر جو احساس ملي ۽ انهن فڪرن جي مڃتا يا انهن جي ٽوڙ وارو عمل موجود هجي تن ۾ هڪڙو سهڻو شاعر رحمت الله پيرزادو شامل آهي. هو جيڏو ڏسڻ ۾ حسين آهي اوترو گفتگو ۽ لهجي ۾ معصوم آهي. وٽس شاعري آڱر ڪٽائي شهادت جو درجو ماڻڻ کان وڌيڪ هڪ مقصد ۽ تعين واري آهي. هو چاڪي واري ڏاند جي برعڪس ٽروجان گهوڙي (Trojan Horse) وانگرآهي جنهن جي سائموليٽڊ پيٽ (Simulated Body) ۾ وڏي قوت ۽ راز افشان آهن. سندس شاعري جا ٽي ڪتاب ”ڪليسا جي دري مان“ 2005ع ۾، ”ڪينڊل لائيٽ“ 2009ع ۽ ”خمار، گيت، چاندني“ 2012ع ۾ چپجي پڌرا ٿيا. سندس آخري ڪتاب جيڪو اسان جو اڄوڪو موضوع آهي سو ڪتاب سندس سمارٽ چهري ۽ مسڪرائيندڙ لبن جيان رنگين آهي. اهو رنگ ڪتاب جي ڇپائي جي سادگي سان گڏوگڏ مواد جي خوبصورتي سان رچيل آهي. انهن رنگن ۽ خوبصورتين پٺيان جيڪي ڪهاڻيون آهن اهي ڏسو:
مور جا ناچ ۾ لڙڪ آيا تري،
تو نه آهن ڏٺيون سانوڻيءَ جون اکيون.
يا سندس تيز اک ۽ سڃاڻپ واري سگهه سموري ماجرا کي سمجهي هيئن چوڻ لڳي ٿو:
درد جي ذات يا ڪو قبيلو نه آ،
درد جو ڪو به پاڙو نه اوڙو هيو.
هي نظارو ڏسي وري رحمت جي ذاتي زندگي جو اولڙو پسجي ته ڪهاڻيون پاڻ ڏانهن ڇڪيندي نظر اينديون ۽ پوءِ با انصاف چئي سگهبو ته هي شاعري صرف شاعري جي خانه پوري جو حوالو نه پر هڪ منزل ڏانهن راهي مسافر جيان آهي. جنهن جون راهون ڪير به ٽڪي نٿو سگهي، ڇوته سندس شاعري صرف درد نه پر درد کي لڪائي خوشبوءِ ۽ خوشين جو اولڙو پڻ آهي. سندس شعر پڙهو:
هڪ ياد ٿي اچي جي سڄڻ جي ته اوچري!
دل تي هزار گيت، غزل ٿا تري اچن.
سندس زندگي جي هن رنگارنگي جو سبب ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي رحمت الله پيرزادي جي ذاتي زندگي سان سلهاڙيل ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا. ان ڪري سندس زندگي ۾ پيلائي سان گڏ ڪيتريون رنگينيون به آهن ۽ انهن رنگينين جي ڪارڻن کي سندس واتان ئي پروڙجي جنهن کي هو پنهنجو محور بڻائڻ پيو وڃي:
جي تون غزل جي بند ۾ پوري اچي وڃين،
هن ڏات ۾ حيات جا ڏيئا ٻري اچن.
سندس شاعري جو محور صرف غزل لکڻ جو پورائو هجڻ ناهي پر رحمت پيرزادي جي وجود جو ڪارڻ ۽ ڪارج پڻ آهي. تنهنڪري سندس ”محور“ هستي جو سندس شاعري ۾ سمائجي وڃڻ نه صرف سندس ڏات جي وسعت پر جيون جي ڳنڍپ جو ڪاز به ٿي پوي ۽ انهي ڏات مان حيات کي معنيٰ ملي پوي ۽ هو سيموئيل بيڪيٽ جا ڪردار ولاديمير ۽ ايسٽراگن مان اڳتي وڌي سنڌ جو رحمت الله پيرزادو ٿي پوي. جنهن جو قلب پنهنجن ويڙهيچن ۽ سنڌ جي وجود سان اهڙو ڳنڍجي پوي جنهن منزل جي نشاندهي اسان جي رهبر شاه صاحب ڪرائي آهي. سندس چواڻي:
“الست بربڪم”، جڏهن ڪن پيوم،
“قالوبليٰ” قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
سندس وجود ۽ هستي جي انهي ڳانڍاپي جو اظهار ۽ فڪري دڳ کيس وڌيڪ پيچيده ۽ پر اسرار راهن جو راهي بڻائن ٿا ۽ هي سهڻو شاعر انهي اونداهي رستو جو چڱي پر واقف هوندي انهي صورتحال کي قبولي ٿو. سندس زباني:
هڪڙي هستي فريب جهڙي آ،
هڪڙو آهي فريب هستيءَ جو.
هو بيڪيٽ جو ڪردار ايسٽراگن ته ٿي پوي ٿو پر هو وجود جي ائبسرڊٽي کان غير وقف ناهي ۽ نه سندس وجود ايئن الجهيل آهي، ڇوته جيڪڏهن هستي ڪا فريب جهڙي آهي ته لک/ڪروڙ سهي، پر ڪي ڪي فريب به ته زندگي کي معنيٰ ڏيئي هستي بڻجي ويندا آهن. تنهنڪري ڪائنات ۾ موجود وجود بي معنيٰ هوندي به بامعنيٰ هوندي آهي يا رحمت الله پيرازادو ان کي معنيٰ بخشي پيو جيئي. سندس ئي خيال موجب:
تون سرابن جي حقيقت،
تون حقيقت جو سراب.
مٿين ٻنهي شعرن ۾ صنعت تضاد (Oxymoron) جو استعمال خوبصورت هجڻ سان گڏوگڏ بامعنيٰ پڻ آهي، ۽ سندس فڪر فلسفيانه پڻ آهي جيڪا سندس فطرت سان ٺهڪندڙ آهي. سندس ڪتاب خمار، گيت، چاندي اهڙن خوبصورت شعرن سان سينگاريل 126 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڪيترون ئي صنفن ۾ ڦهليل شاعري پڙهندڙ کي سوچڻ ۽ فڪري لاڙن ڏانهن رجوع ڪرڻ جي دعوت ڏيندڙ آهي. سندس ڪجهه شعر ڏسو:
ڪنهن بغاوت جو حصو به ٿيءُ،
ڪنهن ته انڪار جي ڳالهه ڪر.
اڙي ڏاها! ٿيو ڏاها، ڪيو ڪا سنڌ جي واهر،
اسان انهي چمن جي ڪٿ تي ڪي خواب رکيا هن.
ڪا خوشبوءِ گل جي سڃاڻپ به ٿئي ٿي،
هي ماڻهو ته بي _ جان آهي مٽي جو.
نه صرف سندس تخليقيل خوبصورت غزلن جا مٿيان ڪجهه شعر پر سندس خوبصورت نظم ۽ گيت پڻ هن ڪتاب جي سونهن آهن، ڇو ته شاعري ڏانهن سندس ڪمٽمنٽ اٽٽ آهي. اٽٽ هجڻ سان گڏوگڏ شاعري سندس وجود جو راز ۽ هستي جو فريب ۽ فريب سندس هستي جو سبب آهي. پر کيس ياد رکڻ گهرجي ته هي سندس شناخت، ساڃاهه ۽ وجود جي معرفت جي ابتدا آهي. کيس نه صرف انهي تسلسل کي برقرقر رکڻو آهي پر سندس شناخت کي ڪنهن ابدي منزل ۽ و مقام تي پهچائڻو آهي. سندس لاءِ اسان جون دعائون ساڻس گڏ آهن. شاعري ۽ اظهار جو اهوذريعو سندس معصوم شخصيت ۽ حساس طبيعت ۽ ڪيفيت جو ازلي رستو آهي. ڇوته سندس دل محبت جي قصي جهڙي آهي، جنهن ۾ تخليقي ۽ محبت جي قوت ماپ تور جي پيراين کان مٿي آهي. سندس ئي سٽن ۾:
نه جيڪا لفظ ۾ لکجي، نه جيڪا بحر ۾ ماپي،
محبت جي قصي جهڙي ڪهاڻي دل اسان جي آ.

No comments:

Post a Comment