ڇاهي
يارَ! جُدائي....
آڪاش
عامر
جڏهن به سنڌي شاعريءَ
۾ غزلَ جي حوالي سان ذڪر ڪجي ته، سنڌي شاعريءَ جي حرڪت ڪندڙ پاڻيءَ
۾ غزل گو شاعرن جا دلفريب عڪس به لُڏڻ لڳن ٿا. ڪلاسيڪل صنف هئڻ باوجود به مير انيس،
امير خُسرو ۽ اڄ تائين جي غزل گو شاعرن غزل کي پنهنجو الڳ مقام ڏئي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ
ڏئي ڇڏي آهي.
منهنجي خيالَ ۾ شاعر
پنهنجي تخيل جو پورو سمنڊ ۽ سڀ فڪري مظهرَ، فطرتي مفهوم کان به مٿاهان کڻي غزل ۾
پوري سچائيءَ سان ۽ خوبصورت اسلوب سان استعمال ڪرڻ جو سڀ صلاحيتون ڪتب آڻي وڃي ٿو
ته، اهو غزل ان جي صدين تائين سڃاڻپ رهي ٿو.
اڪثر دوستَ اهو
ذڪر عام جام ڪندا آهن ته غزل تمام ڏکي صنف آهي. منهنجو خيال آهي ته شاعري تمام ڏُکي آهي. ڪا به صنف ڏکي
ناهي هوندي. صنف ته هڪ ڪارب آهي، ماپو آهي. جيڪا شيءِ ان ۾ وجھجي ٿي اها اهم آهي ۽
اُهائي حقيقت تي مبني هئڻ گهرجي. ان ۾ ئي پيار جون سڀ صورتون دلفريب رنگن سان
پيش ڪجن.
مون کي سنڌ ۾
اهڙو هڪڙو ئي شاعر سُجھيو آهي جنهن جي غزلن ۾ به، سکر جي گرم ترين جھولن سان ساڌ ٻيلي
جون سڀ ٽاريون سنڌوءَ مان ٻُڏي، ٻُڏي ٿڌيون ٿي وينديون آهن. جنهن جي غزل جي رڌم ۾
پکي پنهنجي منفرد اندازَ ۾ ٻوليندا آهن، جنهن جي غَزلن ۾ ڪيتريون ئي اُڃايل هرڻيون
تراين تان چمي چمي پاڻيءَ جا ڍُڪ ڀَرينديون آهن، جنهن جي غَزلن ۾ لينن گراڊ جي
راتين کان حَسين ۽ رومينٽڪ راتيون سنڌُ جي ٿَڌين واريُن جي ساکَ کي مَٿانهون کڻي
بيٺل آهن. جنهن جي غَزلن ۾ اروڙَ جي ڀُورن پهاڙن کان قديلي ڇوڪري، پيرن جي سُست ۽ هَلڪڙي آهٽَ ۾ موهَن ـــ دَڙي جي ناچڻيءَ
جا سُرٻاٽ محسوس ٿيندي آهي. جنهن جي غَزلن ۾ قلندر بخش رونڊڙي
جي چنگ جا سڀئي سُرَ اُتر جي ٿَڌڙين شامن ۾ سحر طاري ڪندي، محسوس ٿين ٿا. جنهن جي غَزلن ۾ غزل جي پوري تاريخَ، هئيت ۽ ٽيڪنڪ
هر هڪ ڪاما ۽ بريڪيٽ کان آزاد آهي.
اهو اڪيلوئي اياز گــل آهي
جنهن جي شاعريءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جون وِڃايل تَشبيهون ۽ گم ٿي ويل محاورا،
چانديءَ ۽ سونَ جي پاڻيءَ سان ڌوپي، ٻيهر تخيل جي بالڪنيءَ ۾ سجايون ويون آهن، ڪنهن
شاهڪار آرٽ وانگر. ڄڻ احساسن، خيالن ۽ جذبن جون سڀ سرگوشيون پهاڙي ڇوڪريءَ جي گٽار
مان نڪتل اُهي سُرَ آهن، جن جي گونجَ ۾ دِلين جا سڀ دروازا کَڙڪي پون ٿا، پوري فِضا
۾ سَڪرات جو دونهون اچانڪ مٺڙين مُسڪراهٽن جي
ڪَڪرن سان ڌوپي وڃي ٿو، ڪيتريون ئي المناڪ جيءُ جھوريندڙ پِيڙائون ريشمي هٿڙن
جي لَمسَ جهڙيون ٿي پون ٿيون، جنهن جي سڀاءَ تي زخمي روحن جا سڀ پکي سمهي پون ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن جَلاد
۽ فاتح حَمله آورن جي، تَرڪشن ۽ خَرزينن ۾هَٿيارن ۽ بارودن جي جاءِ تي شاعرن جا ڪُليات
۽ مسوده هجن ها ته، اڄ دنيا ايتري خوبصورت
۽ رنگين هجي ها جو گذري ويل پيغمبر به اَچڻ لاءِ ٿڌڙا ساهه ڀَرن ها.
اِنَ کان وڌيڪَ شاعرَ
جي مُهَذِب هجڻ جي گواهي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ته، شاعر ڪڏهن به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪائنات
جي خاتمي لاءِ هِڪڙي ڪڙي سوچ جو ذري جيترو
به استعمال نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي ڪنهن اهڙي هَٿيار کي ٺاهيو آهي، جنهن سان انسانيت جو رَتُ وهائي سگهجي. ڇو ته شاعري ئي شاعر جو اعتراف ۽ تائيدَ
هوندي آهي ۽ اِها ئي انسانيت کي تباهه ڪندڙَ ماڻهن، حڪمرانن، جنگ بازن
۽ سامراجن جي خلاف وڏي احتجاج جو زبردست نمونو آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾
خاص ڪري، اياز گُـــلَ جي غزلن ۾ مونکي اهڙيون
ڪيتريون ئي سوچون نظر اچن ٿيون جيڪي ٻارڙن وانگر هَٿڙن ۾ گل کڻي، انهن قاتل
سپاهين ڏانهن وڃي رهيون آهن، جن جي تَلوارن جون ڌارون انهن جي وڏڙن جي خونَ سان
رنگين آهن. تڏهن به اهي گُلَ انهن جي مياڻن مَٿان اُڇلائي اچن ٿيون، ته متان تَلوارون
اُڇلائي شَهيدن جي قَبرن تي گوڙهن جي صُورت ۾ اِلتَجائون ۽ معافي نامه کڻي اَچن ۽ انهن
هَٿن کان، وڌيڪ خونَ جو نقصان نه ٿئي.
مون ته سنڌي شاعريءَ
۾ اهڙي هڪڙي به سٽ نه پڙهي آهي، جيڪا ايازگـــل پنهنجي غزل ۾ لِکي آهي ته:
سوچُون
ساريون هارايلَ سردارنَ جيان
خوابَ پيا
ها پيرن ۾
تلوارن جيان
هي سٽون اَنگريزيءَ
۾ تَرجمو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن نانوَ کان بغير ڇاپيون وڃن ته، تجزيي نِگارن ۽ مُبصرن
جون نِگاهون، دُنيا جي مَڪتبن مان بين الاقوامي
شاعرن جا ڪِتابَ ڇَنڊي ڦُوڪي اِهي سِٽون ڳولڻِ
شروع ڪن ها، پَرَ اُنهن کي جَڏهن اِهي سِٽون لائبريرين مان هِڪَ سنڌي شاعِرَ جي ڪتاب
مان ملن ها ته، واڇون ئي ٽيڏيون ڪري ويهن ها، ڇو ته سِنڌي شاعريءَ کي به سنڌي ٻوليءَ
جي تَعصب ۾ پرکيو ۽ پڙهيو ٿو وڃي.
هڪڙي ٻي اها حقيقت
آهي ته، غزل لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظَ ”غَزاله“ مان جنهن مفهومَ تحت ورتو ويو، نه رڳو
سنڌي غزلَ پر، اردو غزلَ ان هئيتَ کان هَٽي ويو يا تَجربي جي لحاظ کان مختلف راهون هموار ڪري ورهائجي ويو، پر ايازگُــلَ جي غزلن ۾
گهرائيءَ تائين لهي ڏسبو ته غزل پنهنجي پوري فلسفي ۽ نيچرل بيهڪ سان ڀرپور آهي ۽
راهه تان ٿڙيو بلڪل به ناهي.
چنڊَ
وانگي رات ِ ۾ رهجي وئي
هوءَ اسان جي ذاتِ ۾ رهجي وئي
مون لاءِ مري وئين تون
هُنَ تارَ اماڻي آ
هُنَ تارَ اماڻي آ
سڄو
ڏهاڙو ئي پيارا! بَڻي بَڻي ٿڪبين
تون پنهنجو پاڻَ کي آخر وڻي وڻي ٿڪبين
نه هُنَ جو پيار ئي ملندئي نه، اعتبار ڪڏهن
قسمَ، قُرانَ ۽ ساکون کڻي کڻي ٿڪبين
تون پنهنجو پاڻَ کي آخر وڻي وڻي ٿڪبين
نه هُنَ جو پيار ئي ملندئي نه، اعتبار ڪڏهن
قسمَ، قُرانَ ۽ ساکون کڻي کڻي ٿڪبين
انڌيري
راهه کڻي زندگي رهي آهي
اسان جي سوچَ سدا روشني رهي آهي
ائين نه آهي ته دنيا کُٽي وئي آ، پر
اسان جي دنيا اها ڇوڪري رهي آهي
اسان جي سوچَ سدا روشني رهي آهي
ائين نه آهي ته دنيا کُٽي وئي آ، پر
اسان جي دنيا اها ڇوڪري رهي آهي
اُتم،
عظيم، نه بهتر، صفا سڌي سادي
اياز گــلَ جي مٺا! شاعري رهي آهي
تون ملينءَ ته مرڪَ ــ هاڻي ٿي وئي
زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ٿي وئي
تو هَٿنِ ۾ هَٿُ وَٺي مُرڪي ڏِٺو
هَر مُصيبتَ لُوڻ پاڻي ٿي وئي
اياز گــلَ جي مٺا! شاعري رهي آهي
تون ملينءَ ته مرڪَ ــ هاڻي ٿي وئي
زندگي ٽهڪن ڪهاڻي ٿي وئي
تو هَٿنِ ۾ هَٿُ وَٺي مُرڪي ڏِٺو
هَر مُصيبتَ لُوڻ پاڻي ٿي وئي
اهڙا ڪيترائي
غزل آهن، جيڪي ٽيڪنڪ، هئيت ۽ اسلوبَ جي
حوالي سان، هر ماپي ۾ پورا محسوس ٿيندا.
اياز گُــلَ جي شاعريءَ
۾ مون غير فطري شيون، غير جاندار خيالَ، مصنوعي ڊاڙَ پٽاڙَ، يا ٻوليءَ جو بگاڙُ ڪٿي
به ناهي ڏٺو. ڪنهن با ضَمير ۽ ڌرتي شناس شاعر لاءِ اهوئي تاريخي وِرثو آهي ۽ اهائي
تاريخي حيثيت صَدين تائين شاعِرَ کي پنهنجي لاهَنِ چاڙهَنِ ۾به مَٿانهون رَکندي
آهي.
ڪيترائي شاعر
هوا جي تيز جھؤنڪن وانگر آيا ۽ گُذري ويا، اَڄُ اهي منظر تان ئي گُم آهن. اهو صرف
ان ڪري ته شاعري رُڳو انهن جي ذِهنن جي
راندِ هُئي، پر شاعري جن جي رُوحَ ۾ عِشق ۽ عِبادت وانگر پَئي رهي آهي، اُهي اَڄُ به اهڙي شاعري سَرجي رَهيا آهن، جن کي پڙهي ڪري
ميدانِ ايام ۾ سُتل ذهن به، محبوبائن جي ريشمي خوابن ۾ آرَس ڀڃي رهيا آهن، جن کي پڙهي ڪري صدين کان بند پيل ميئڪَدن جا دَروازا
کُلي رَهيا آهن، اونڌن پيالن کي وري سَنئون ڪري زندگيءَ، جا سڀ ذائقا اوتجي رهيا آهن،
چانڊوڪين ۾ سَرمست سنڌُو ڪنهن اڪيليءَ ٻيڙيءُ ۾ سُتل پوڙهي ملاحَ جا سَڀُ سُڏڪا پڙهي
رهيو آهي.
مَعاشي گهوٽالا،
تباهه ڪاريون، افراتفري، انسانيتَ جو قتل، ذاتي دُشمينون ۽ نَفرتُن، سنڌي معاشري
جو ميڄالو ئي چٿِي ڇَڏيو آهي، هر هِڪُ ڄَڻُ ته ريلَ جي پَٽِڙيُن تي سُتَل آهي، ڪنهن
روحَ کي قرار ڪونهي، ڪو به ذهن مُطِمئن نه
آهي، ڪا به دل پيڙائن کان خالي ناهي، ماڻهو ڄڻ موت جو ڊِگهو سَفر ڪري رهيا آهن. اهڙين
حالتن ۾ زندگين جا ڀَرپور احساس رڳو شاعريءَ
ڏانهن ئي وَڃن ٿا. زخمي روحَ جو پهريون ۽ آخري عِلاجُ شاعِري آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه
اياز گُــلَ کان وڌيڪَ، اُهي نقادَ گهڻو ڄاڻِن ٿا، جيڪي پنهنجي تَعصُب پرستيءَ کي
ايمانَ جي هَنجَ ۾ رَکي انڪارُ ڪَري رَهيا
آهن ۽ انهن کي اها خَبر ناهي ته، اِهو ڪيڏو وڏو ايذاءُ، آهي پر اِنَ اِيذاءَ کي اياز گُـلَ شاعريءَ جي روپ ۾ سَٺو آهي.
دَرد جو اَلمناڪُ
اِستعمالُ ئي، انسانيتَ سوزِ سَامراجيت جي خلاف ڪنهن به شاعر جو غصب ناڪ ريئيڪشن آهي،
نَه تَه شاعِر مُحبت ۽ اَمن پرستيءَ ۾ وڌيڪ اعتقاد رکندو آهي. اَڪثر ڪري اهڙين تَلخين
جو اِستعمال، اياز گُــلَ ضَرورت جي آڌارَ تي نِهايت ئي اِيمانداريءَ سان ڪَيو
آهي:
تنهن کي ڪهڙي ڪَلَ بُکَن جي
جِنهن جو پنهنجو پيٽُ ڀَريل
هُلَ رُڳو هَنگاما آهن
ماڻهو سچ پچ ڊَراما آهن
جيونَ جي آکاڻيءَ ۾ دکَ
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن
چاهت کان اِنڪاري ماڻهو
جذبن تي بَمباري ماڻهو
تو جهڙا ڪي ٿي سَگهندا ڇا؟
دَردن ۾ دلداري ماڻهو
ديسُ به وِڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
جِنهن جو پنهنجو پيٽُ ڀَريل
هُلَ رُڳو هَنگاما آهن
ماڻهو سچ پچ ڊَراما آهن
جيونَ جي آکاڻيءَ ۾ دکَ
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن
چاهت کان اِنڪاري ماڻهو
جذبن تي بَمباري ماڻهو
تو جهڙا ڪي ٿي سَگهندا ڇا؟
دَردن ۾ دلداري ماڻهو
ديسُ به وِڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
غَزل جي رومانوي
پهلوءَ جي حوالي سان، مون کي اياز گُــل ۽ اَمر اقبال
ڏاڍا پُختا شاعِرَ لڳندا آهن. جن جي غزلن ۾ زندگي جو سدا بَهار دَردُ به، نَخريلي ڇوڪريءَ
جي اهڙي ادا وانگر لڳندو آهي، جنهن ۾ ايترا زنجير اُڏامندا دِل تي پوندا آهن، جو ماڻهو
آزاديءَ تان به هٿ کڻي ويندو آهي، جنهن جي
نيڻن جي تڻاءَ تي گھوڙي سَوارن کان ڇِرڪَ نِڪري ويندا آهن. جنهن جي وارن جي ويڙهوٽٖي
۾ راتين جو گُھگُھ غَفائون ڍَڪيل هونديون آهن.
اياز گُــل، اڪيلو
اهڙو منفرد شاعر آهي، جيڪو شاعرن کان وڌيڪ حُسن پرست ۽ عاشق مزاج نوجوانن کي وڌيڪ
ياد هوندو آهي. مون ته اهڙين دوشيزائُن جي گفتگوءَ ۾ به هُنَ جا شعر ٻُڌا آهن، جن
جي چَپَنِ کي لَفظَ، صَديُن جون چُمِيُون سَنڀَالي پَيا سَڏيندا آهن:
ڄارُ هو ڄاڻَ ۾ يارَ! ڦاسي وئين
هائو تون پاڻَ ۾ يارَ! ڦاسي وئين
تون ته تلوارَ هُئين، ڪا تِکي او پرين!
وقتَ جي مياڻَ ۾ يارَ! ڦاسي وئين
هائو تون پاڻَ ۾ يارَ! ڦاسي وئين
تون ته تلوارَ هُئين، ڪا تِکي او پرين!
وقتَ جي مياڻَ ۾ يارَ! ڦاسي وئين
جو نه ڀُلجي ڀي نهاري مون کي
ڪيئنَ سمجھان ته ٿو ساري مون کي
پاڻ ميلي ۾ ويو گم ٿي آ
چؤنڪ هِڪڙي تي بيهاري مون کي
ڪيئنَ سمجھان ته ٿو ساري مون کي
پاڻ ميلي ۾ ويو گم ٿي آ
چؤنڪ هِڪڙي تي بيهاري مون کي
ڇاهي يارَ!
جُدائي توکي ڇا معلوم؟
ميلي جي تنهائي توکي ڇا معلوم؟
ميلي جي تنهائي توکي ڇا معلوم؟
ايازگُــلَ جهڙا
ٿورا شاعر آهن، جن جو پوري جو پورو غزل، تغزل سان ڀرپور هوندو آهي. جن جي شاعريءَ ۾
زندگي ڪنهن سرسبز ٻُوٽي وانگر هَر موسم جي آجيان ۾ مصروف هوندي آهي. هي ڪڏهن به
حالتن سان ٺاهه نه ٿو ڪري. ڪٿي به مَصنوعي
خيالن کي هرو ڀَرو شاعريءَ جي ڍانچي ۾ نه ٿو سَجائي. مُون ته پڙهيو آهي انهن اکين
کي، جن جي ڪِنارن ۾سمنڊُ به دم ٽوڙي ويندو آهي، ڪيترائي موتين جهڙا مظهر انڌيرين
تقديرن ۾ ٻَري پوندا آهن. ڪيترا ئي دريچا ڏيئڙن جي، اُجھڻ تائين، پرينءَ جي اوسيئڙن
۾ مفلوجِ رهندا آهن. ڪيترن ئي سُست دلين
جون ڌَڙڪَنون ايازگُــلَ شاعريءَ ۾، ماڳن کي ويجھو ٿي ويون آهن، جتي انهن جا
پهريان پيارَ ٻانهون پکيڙيون ويٺا آهن.
سکر ۽ خيرپور جا
جوان شاعر ڄڻ ته، ايازگُــلَ جي شاعريءَ ۾ پَليا ۽ نِپَنِيا آهن، جن کي محبوبائن
جي هر ادا تي شعرَ ۽ لجپال حُسنَ تي ڌارَ شِعرَ ياد آهن. ڄَڻُ ته هُنن جي ذهنَ جي
آرٽ گئلريءَ ۾ ڪيترا ئي اسڪيچَ رکيلَ آهن، جيڪي ايازگُــلَ جي شاعريءَ مان مِليا
آهن. هُنن جي دل جي شاهراهه تي پيارَ جيتريون به وِکُون کَنيون آهن، محبت جيترو به لَڙکَڙايو آهي، اُهي سڀ
ايازگُــلَ جي سِٽُن ۾ سَمايل آهن.
اهائي شاعري وقتَ
جي زبردست مزاحمت آهي، جيڪا پيارَ جي خلاف ڪَکُ به برداشت نه ٿي ڪري، ۽ اُها ايازگُــلَ جي ئي شاعري آهي، جيڪا رُڳو پيارَ جي تائيدَ آهي، رُڳو پيارَ
جو نَمڪين ورجاءُ آهي. جنهن جي هَر هَر ورجاءَ ۾ به، هِڪَ صَدين جيڏي جِدتِ آهي. مان
ته چوان ٿو ايازگُــل هر دؤرَ جي، پيارَ جو اَنوکو ۽ دادلو شاعر آهي، جنهن جي هڪ
لفظ تي به ڪَٽُ ناهي.
No comments:
Post a Comment