27/06/2013

اوسيئڙي ۾ جڙيل آس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نوجوان ڪهاڻيڪار عبدالسلام ٿهيم جي
اوسيئڙي ۾ جڙيل آس
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
تخليقي ادب ۾ شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول شامل آهي. هونئن ٻيون به گهڻيئي تخليقي صنفون آهن. سنڌ ۾ ناول جي کوٽ جو ذڪر سدائين رهيو آهي. ساڳئي وقت شاعريءَ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻين صنفن بابت به ائين ئي چيو ويو آهي، پر لڳي ائين ٿو ته سنڌي ڪهاڻي اڄ ڪجهه چڱي ئي انداز ۾ لکجي رهي آهي، ۽ تخليقي طور به اها اڳتي به نڪري آئي آهي، اهو سچ آهي.
سنڌ ۾ نوجوانن جو هڪ چڱو حصو ڪهاڻي لکي رهيو آهي. نه رڳو لکي رهيو آهي پر اهو محسوس به ڪرائي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪهاڻي موجود آهي. بنهه ننڍي عمر جو لکندڙ عبدالسلام ٿهيم پڻ انهن نوجوانن ۾ شامل آهي. اهڙي ثابتي هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”اوسيئڙي ۾ جڙيل آس“ ڇپائي ڏني آهي.

سندس هيءُ ڪتاب ڪهاڻي پڙهندڙن ۽ ڪهاڻيءَ جي نقادن کي ڪئين لڳندو، اهو ڏسڻو آهي. بهرحال عبدالسلام ٿهيم ڪهاڻيءَ کي هڪ تخليقي ۽ احساساتي موضوع طور چٽيو آهي، ان مان هن جي هڪ اڀرندڙ ڪهاڻيڪار جو پتو لڳائڻ گهڻو مشڪل نه آهي. سندس هيءُ پهرين سڃاڻپ آهي، ڪجهه چٽي ۽ ڪجهه ڌنڌلي، جيڪا اهو يقين ڏياري ٿي ته جيڪڏهن هڪ سنجيده لکندڙ طور هن ڪهاڻيءَ کي پنهنجو ڪيو، ته اڳتي هلي هو سنڌي ادب کي سٺيون ڪهاڻيون ڏيئي سگهندو.
هيءُ ڪتاب سندس تعارف آهي، سندس منزل اڃا اڳتي آهي. هو پنهنجي ڪهاڻين تي ٿيل تخليقي تنقيد جي آجيان ڪندو ته کيس گهڻو فائدو ٿيندو. ڇا به هجي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون ڪتاب خوشي ڏيندڙ آهي. 14 ڪهاڻين تي ٻڌل هيءُ پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل وارو ڪتاب اسان جي شاعر دوست سعيد سومري ڪنول پبليڪيشن قمبر پاران ڇپايو آهي، جنهن جو ملهه 150 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment