23/08/2013

ڳوڙهن ڳاڙهو ويس جو تنقيدي اڀياس - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)



شاعر جعفر جانيءَ جي شعري مجموعي ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ جو تنقيدي اڀياس
روح مان ڦٽي نڪتل شاعريءَ جو آبشار
غوث پيرزادو
جنهن ڏينهن پرين ملندا، تنهن ڏينهن مري ويندس،
 آ هير پيل مون کي زهر آب وڇوڙن جي.
سنڌ جي سهڻي شاعر جعفرجانيءَ جي غزل جون هي سٽون پڙهندي مان ڇرڪي ويو آهيان. اوچتو گونجيل هن الستي آواز ته مون کي جنجهوڙي وڌو آهي. هي سٽون پڙهندي مون کي سنڌ جو سرواڻ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ياد اچي ويو، جنهن چيو هو تهڳولهيان ڳولهيان م لهان، شال م ملان هوت، من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي“ ۽ پوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ هالو چالو گٺل پيٺل خيال اندر ڪاهي آيو، جيڪو ڪيترائي ڀيرا ورجائجندي هاڻي روايتي بڻجي ويو آهي ته هي شاعر ڀٽائيءَ جي فلسفي جو تسلسل آهي، هي پنهنجي لوڪ ورثي جو امين آهي وغيره. توڙي جو هي رمال ۾ ويڙهيل جملا دراصل ائين هوندا آهن ته هن شاعر جي خيال ۾ ڪابه نواڻ ناهي، هي فڪر ته اسان جا ڪلاسيڪي تخليقڪار ڪيترائي ڀيرا ورجائيندا رهيا آهن، تنهنڪري هن شاعر اسان کي ڪجهه نئون نه ڏنو آهي، پر جعفر جانيءَ جي مٿئين بند ۾ ايڏي طاقت ۽ ايڏي لازواليت جو مون کي پنهنجي اندر مان اها اجازت ئي نه ملي سگهي ته مان مٿين بندن کي روايتي قرار ڏئي ڇڏيان، تنهن ڪري مان هن شعر جو جڏهن تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو ته مون کي هيءَ شاعري انتهائي نئين نموني سان اظهاريل محسوس ٿي، ڇو ته ڀٽائي چئي ٿو ته محبوب ان ڪري نه ملن جو ملڻ کان پوءِ منهنجي اڃ ماٺي ويندي. پر هي نئون نڪور ۽ گهرو شاعر چئي ٿو ته محبوب ان ڪري نه ملن جو سندن ملڻ واري خوشيءَ سبب منهنجو ساهه ئي نڪري ويندو. ڪيئن! آهي نه نئين ڳالهه؟

هن شعر ۾ اسان کي هي ٻوليگر شاعر هڪڙو نئون اصطلاح به گهڙي ڏئي ويو آهي، سو آهي ”زهر آب وڇوڙا“. هي شاعر وک وک تي اسان کي نوان لفظ، استعارا ۽ تشبيهون ڏيندو رهي ٿو ۽ حيران پريشان ڪندو رهي ٿو”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ هن شعري مجموعي جو شاعر هن کان اڳ نه مون ٻڌو ۽ نه وري ڪٿي پڙهيو هو، جنهن ۾ لازمي آهي، منهنجي ئي ڪوتاهي هوندي پر هي نئين آواز جو شاعر جڏهن منهنجي سامهون آيو آهي، ته حيراني رڳو ان ڳالهه جي ٿي رهي آهي ته اڄ جي دور ۾ جڏهن اسان پنهنجي ڪلاسيڪي روايتن کان پري ٿي رهيا آهيون، اسان پنهنجي لوڪ ڏاهپ کان ڪوهين ڏور هليا ويا آهيون، اهڙي ڏڪر واري صورتحال ۾ ڪو شاعر پنهنجي شاعريءَ کي ڪلاسيڪي ڳهه ڳٺا پارائي اسان جي سامهون آڻي ٿو ته اهو واقعو انقلاب کان گهٽ ناهي پر جعفر جانيءَ جي شاعريءَ ۾ نئين رمق آهي، نيون ڳالهيون آهن.
ڪلاسيڪي شاعرن جتي ڇڏيو هو جعفر جانيءَ اتان ئي کنيو آهي: اي چارڻ چورج چنگ وري، جيئن زنگ لڳي نه ڪٽارن کي. ڪو نئون قصو تخليق ڪجي، هي وستي ماٺ منجهائي آ. اچيوَ ٿي ڪا ڳالهه سمجهه ۾؟
جعفر جاني اهو نه ٿو چئي ته ”اي چارڻ وري ٻيهر چنگ چور ۽ منهنجو سر وٺيون هليو وڃ“ جيڪڏهن ائين چئي ته پوءِ کيس روايتي شاعر قرار ڏئي ٿو سگهجي پر هو ته اهو ٿو چئي ته هاڻي تنهنجي ڪٽارن کي زنگ لڳڻ جو انديشو وڌي ويو آهي ۽ اچ ۽ اچي نئون قصو تخليق ڪر، هر پاسي ماٺ ڇانئيل آهي، ماڻهن کي ماٺ منجهائي ڇڏيو آهي، ۽ جڏهن تون نئون قصو يا سر تخليق ڪندين ته ڪيترائي ڪنڌ ڪڏي ايندا ۽ تنهنجون ڪٽارون زنگجڻ کي بچي وينديون. هاڻي اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته هي حقيقي فنڪار نعريبازيءَ جو شڪار به نه ٿيو آهي ۽ انقلاب جو ڳاڙهو جهنڊو جهولائڻ ۾ به ڪامياب ويو آهي. انقلابي شاعر، ماهوار سوجهري جي ايڊيٽر تاج بلوچ ۽ سنڌي ادبي سنگت ٺل جي سهڪار سان هي ڪتاب مارڪيٽ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جعفر جاني ڪوهنور آهي، جيڪو اصل جوهرين جي هٿ چڙهيو آهي، جن کيس دنيا جي اڳيان آڻڻ جو ڪريڊٽ کنيو آهي، ڇو ته اها ڳالهه مان ڪڏهن به نه چوندس ته جوهرين جي مهرباني آهي، جو هيري کي ظاهر ڪيو اٿائون پر اهو هيري جو ئي ڪمال آهي جنهن جوهرين جو مانُ ۽ مرتبو ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪب آباد ضلعي جي کهري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ منفرد ۽ دلفريب علائقي جي هن شاعر ته چريو ڪري وڌو آهي. هن جا غزل پڙهندي عجيب قسم جو رقص روح جي اندر ڀرجي ٿو وڃي، جنهن جو سبب آهي ته هن کان اڳ مون ڪڏهن به ههڙي سرمدي لهجي واري شاعر کي نه پڙهيو آهي.
اسان وٽ اڪيچار شاعر لکن ٿا. سٺو به لکندا هوندا پر جڏهن سندن شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته کين هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، پر ان رش ۾ موجود هڪڙو وهائو تارو به آهي جيڪو هڪ الڳ ٿلڳ لهجي سان منفرد ٽهوڪو ڪندي چئي ٿو ته : ”مان جعفر جاني آهيان، ۽ مان به آهيان، جيڪو رش ۾ گم نه ٿيندس، مون وٽ پنهنجو رنگ آهي، مون کي پنهنجو لهجو آهي، مان ته موسيقي به پنهنجي ٿو رکان، بيساختگي ته مون اهڙي آندي آهي جيڪا نون لٿل چانورن جي هڳاءَ جيان پري پري تائين ڦهلجي وئي آهي. اسان جي سادگي آ جو وڄون ڪڙڪيون ته سمجهيوسين وري ڪا دل ٽٽي هوندي، وري ڪا آهه ٿي آهي يا اسان نيڻ ٻاري ڪيو سوجهرو هو جڏهن ديپ ها مئڪدي جا اجهاڻا يا اسان ڪم ظرف سان تعلق رکيو هو اسان جي سهپ ڪمزوري ڳڻي وئي. شاعري جانيءَ جي روح مان ڦٽي نڪتي آهي، ۽ آبشار بڻجي وئي آهي.
هن شاعر سماج جي ڪنهن به بدعت تي پردو نه رکيو آهي. هن چيتاري چيو آهي ته هن ڪم ظرف زماني ۾ ٽوهه جهڙي زبان ۽ لهجن ۾ ٿوهر کڻي جيئڻو ٿو پئي، تنهنڪري ڪپهه جهڙي دل ۽ مکڻ جهڙا جذبا کڻي جيئندڙن جي هن سماج ۾ ڪابه جاءِ ناهي، جيڪڏهن عزت، احترام ۽ نهٺائي اوهان جي دل جي آئين جو حصو آهي ته پوءِ اوهان جي سهپ اوهان جي ڪمزوري ڳڻي ويندي. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي هڪ حساس دل شاعر سمجهي ته ويو آهي ته هن سماج ۾ رڳو هڪڙي ئي رستي وٽان گذري. زندگي گذاري ٿي سگهجي جيڪو رستو ڪوڙ جي ڪائنات منجهان گذري ٿو جيڪو رستو وٺڻ هڪ نازڪ نفيس جذبن واري ماڻهو لاءِ ناممڪن آهي. تنهنڪري اهو رڳو پيڙا ئي ڀوڳي سگهي ٿو. اڄ جڏهن جدت جي نالي ۾ ڳجهارتن ۾ ڳالهائجي رهيو آهي، جڏهن تجريدي ۽ بي معنيٰ خيالن کي پيش ڪري پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ سان کيڏجي رهيو آهي، اهڙي دور ۾ جعفر جانيءَ اسان کي سمجهائيندي چئي ٿو ته جدت هيئن ٿيندي آهي:
هنئين چند پڙي، چپ تارا ٿيا ۽ رات سرن جون لهرون ٿي
هي منهنجو ٿو احساس وڄي يا تنهنجي پايل آ جانان
گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ته اها سگهه نه آهي ته مان مٿئين شعر جي ويهي وڍ ڪٽ ڪريان، يا ڪو ڇيد ڪڍي سگهان، هي شعر ته رڳو محسوس ڪري ٿو سگهجي. جتي ڪويءَ جو احساس جاڳي پيو آهي ۽ رقص ۾ اچي ويو آهي يا ڪنهن نخريليءَ جي پايل جهومي پئي آهي ۽ چنڊ تارا پنڊ پهڻ ٿي ويا آهن، نه رڳو هي شعر پنهنجي معنيٰ، مفهوم ۽ تغزل ۾ ڀرپور آهي.پر هن شعر ۾ هن خطي جي لهجي جي مخصوص بيهڪ به شامل آهي جيڪا به کيس منفرد بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. پر غزل جو هي بند شاهه بند ان ڪري به آهي جو هي بند جماليات جي حوالي سان عظيم پد تي آهي، جڏهن وڏا وڏا نالا زيراضافت مان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن، دعوائن جي باوجود فارسي اثر سندن تخليقن سان ڪوڙهه جي مرض جيان چهٽيو پيو آهي، اتي هن شاعر وٽ اهڙي ڪابه بدعت نظر نه ٿي اچي.
هڪڙي ڳالهه جنهن مون کي تمام گهڻو حيران ڪيو سا اها آهي ته جعفر جاني جهڙيءَ ريت غزل جو نرالو شاعر ٿي اسان سان ملي ٿو اتي هو نظم جو به انتهائي سهڻو شاعر آهي، پر هن کي رڳو مان نظم جو بهترين شاعر ان ڪري نه چوندس جو مان سندس غزلن سان پيار ڪرڻ لڳو آهيان. مون جڏهن هن جو نظم ورهاڱو پڙهيو، جنهن ۾ هو چئي ٿو ته:
ننڍڙو چئي ٿو بابا منهنجو
نڍڙي چئي ٿي بابا منهنجو
ته مون کي هڪ دم جگجيت جو ڳايل سدابهار نظم ”وو ڪاغذ ڪي ڪشتي، وو بارش ڪا پاني“ ياد اچي ويو ۽ مان پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس ته ڇا سنڌ هن نئين دور ۾ اهڙي ٺاهوڪي شاعر کي جنم ڏئي چڪي آهي جنهن جا سمورا نظم ترجمو ڪري دنيا کي ڏيکارڻ جهڙا آهن ۽ پنهنجو بر ميچڻو آهي. هن جا سمورا نظم خيال ۽ ٽريٽمينت جي حساب سان انتهائي تازا، توانا ۽ اڇوتا آهن. شاعر جعفر جاني جتي منهنجو پسنديده شاعر بڻجي ويو آهي، جتي آءٌ سندس ڪلا جو مڪمل طور تي معترف ٿي چڪو آهيان، اتي ڪٿي ڪٿي هن جي ٻوليءَ ۾ ڪچايون به آهن:
ڇو ضل الاهي ڏمرو ٿا، هي جاني ڪو باغي ناهي
هي عاشق آهي، مجنون آهي، شاعر آ سودائي آ
يا
ڏڪن عضوا، لڇن آسون، کٽي وئي زرو تنهائي
الائي هي ڪٿي مون کي وٺي حالات آئي آ
مٿين سٽ شعر جي پهرين سٽ ۾ لفظ ڏمرجو کي هن ڏمرو ڪري لکيو آهي، جيڪڏهن اصلي لفظ وزن ۾ نه ٿو اچي ته ضروري ناهي ته ان کي هروڀرو استعمال ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جي سهل پسندي جعفر جانيءَ کي قطعي به نه ٿي سونهين. ٻي بند جي پهرين سٽ ۾ ”زرو“ لفظ سمجهه ۾ نه ٿو اچي، اتي ”زرد“ وڌيڪ موزون هجي ها، جي استعمال ڪيو وڃي ها. توڙي جي اها غلطي شاعر جي نه به هجي ۽ پروف مان رهجي وئي هجي، پر اها غلطي هاڻي شاعر جي حصي ۾ اچي چڪي آهي. سنڌ جو هي خوبصورت شاعر ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ جي اندر ڀرتي به ڪري ٿو، جيڪا ڳالهه کيس نه ٿي آئڙي، هيڏي حسين تخليقڪار کي هيٺيون حسناڪيءَ کان خالي ۽ بي مقصد سٽون اظهارڻ کان به پاسو ڪرڻ گهرجي:
جهونو جهوڳي، هونئن ته پاڻ به مانڊو هو
بک جي نانگڻ جنهن جو ڏنگيو آنڊو هو
توڙي جو شاعر وٽ مٿئين بند جي لاءِ ڪي وضاحتون هجن، پر هي اظهار ڪنهن به ريت شاعراڻو ناهي، جنهن ۾ آنڊا گونڊا به استعمال ڪيا وڃن، ۽ وڏي موضوع کي تڪڙ ڪندي اظهاريو وڃي، جنهن ۾ لکاريءَ جا جذبا ۽ احساس ڪٿان به نظر نه اچن. گهٽ ۾ گهٽ هن شعر ۾ شاعر جي دل نظر نه ٿي اچي. ڌارين کيس کڻايا جوتا پئسن تي پنهنجي مسڪينن ۾ هو ته مهانڊو هو گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ههڙي قسم جا خيال سگهڙن جي اظهارڻ لاءِ رکڻ کپن، هڪ جديد شاعر کي شاعري ئي ڪرڻ گهرجي، نعرن وارا پاڻهئي ويٺا نعرا هڻندا.
جعفر جاني هڪ حقيقي تخليقڪار آهي تنهنڪري هو نه رڳو داخلي احساسن جو پرچارڪ آهي، معروضي حالتن جو اظهاريندڙ آهي پر هو عالمي سطح جو فنڪار به آهي؛
ڪابل جي گهٽي آهي نه بغدادي مٽي آ
اسان جي دل مٿان ڇالئه وڇوڙن جي بمباري
يا
وري زماني جي روش تن سان پنجابي فوج جهڙي هئي
اسان جا خواب ها جاني بلوچن جيئن ڏوهاري
ڪيترين ئي جاين تي جانيءَ پاڻ کي عالمي ليول جي شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي:
وڇوڙي جي شهيدن جا پڇين احوال ٿو ڪهڙا
دليون بغداد جي ڌرتي اکين ۾ ڪربلائون هن
يا
فلسطينين جيان پنهنجي ئي ڌرتي تي اسين ڌاريا
اسان جي درد جون جاني انوکيون ڪربلائون هن
هن شاعر جي اها خوبي آهي ته هو پنهنجي ڌرتي جي دردن کي دنيا جي مظلوم قومن جي درد سان سلهاڙي پيش ڪري ٿو ۽ پنهنجي هڪ سگهار ي جاءِ جوڙڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. هڪ ڀيري شاعري اياز جانيءَ پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو هو ته:
ساڻ آهين ڇو گهٽي پوري ٿئي
موڙ تائين زندگي پوري ٿئي
۽ جعفر جاني چئي ٿو:
ساٿ جي کيل ۾ وقفو نه ڪر
ساهه نڪري وڃي نه ساهيءَ ۾
پنهنجي دور جي شاعرن جي هڪ ٻئي سان سچ به ذهني هم آهنگي ٿئي ٿي، سندن اظهار ۾ گهڻي ڀاڱي هڪ جهڙايون هجڻ سڀاويڪ آهن. شاعر جعفر جانيءَ جا ڪجهه شعر اوهان جي نظر ڪندي عجيب قسم جي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي:
آئون وڃان ٿو هاڻي انا کي ڇڏ کڻي
موٽي ايندس هڪڙو ڀيرو سڏ کڻي
کڻي جذبات ۾ پستي نه آهي
مگر توريءَ اها مستي نه آهي
اوهان جي سار جاني کيچلي آ
اکين ۾ جاڳ جا ڪوڪا هڻي وئي

No comments:

Post a Comment