اياز دنيا سان سنڌ جي لِنڪ آهي
امداد سومرو
(ڪالهه - پهرين مارچ- آرٿر ڪوئسلر جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو هو ۽ اڄ اياز
جو جنم ڏيهاڙو آهي. آرٿر ڪوئسلر جي آٽوبايوگرافي به مون ڪالهه ئي پڙهي پوري ڪئي. اها
پڙهي بار بار منهنجون اکيون ڀرجي آيون. ٻي عالمي جنگ، اسپيني خانه جنگي، اسٽالن جي
دؤر ۾ پنهنجن ئي ڪامريڊ ذهين اڳواڻن ۽ ساٿين خلاف ٽرائل ۽ سندن تذليلون، نڪولائي بخارن،
مارچڪوسڪي، ڪيمنوف، زينوفيف، اوٽو ڪاتز سميت سڄي اولڊ گارڊ ۽ اهم انقلابين جا زبردستي
ڪرايل اعتراف ۽ ڦاهيون ۽ Great
Purges ..... ڪوئسلر جي پنهنجي زندگي
۽ هن پنهنجي اکين آڏو ڪيئن اهي سڀ واقعا ڏٺا ۽ سٺا. ڪوئسلر پهرين مارچ ۱۹۸۳ع تي خودڪشي ڪئي ۽ پوئتي آپگهاتي نوٽ ڇڏيو. هن کي ليوڪميا
جي بيماري دريافت ٿي جنهن کان پوءِ هن محتاج ٿي مرڻ نه ٿي چاهيو پر شان سان ۽ پنهنجي
مرضيءَ جو موت مرڻ ٿي چاهيو. هن سان گڏ ساڻس زندگي جي اڌ صدي گذاريندڙ زال به خودڪشي
ڪئي ۽ ٻئي ان تي آماده ٿيا هئا ڇو ته هن جي گهرواري هن کان سواءِ جيئڻ اجايو ٿي سمجهيو.
لنڊن جي مهانگي ايريا ۾ واقع هڪ فليٽ مان سندن لاش خودڪشيءَ جي ٻئين يا ٽئين ڏينهن
اسڪاٽ لينڊ پوليس هٿ ڪيا هئا.... شيخ اياز کي ڪوئسلر جي آپگهات تي انتهائي ڏک رسيو
هو. مون اياز جي لائبريريءَ ۾ ڪوئسلر جا سمورا ڪتاب هڪ شيلف ۾ سجيل ڏٺا هئا.)
هر وڏو آرٽسٽ تضادن ۽ تڪرارن سان ڀريل هجي ٿو. هن جي زندگي ۾ توڻي هن
پڄاڻان هن جي ذات ۽ هن جي ڏات ٻئي تنقيد، تبرن ۽ تبصرن سان ڀريل هجي ٿي. هر وڏي آرٽسٽ
وانگر اياز جي ڏات ۽ ذات تڪرارن سان ڀريل رهي آهي ۽ اها ايتري شدتن سان لکي ۽ ڳالهائي
پڻ وئي آهي. ڇا آئين اسٽائين تي هر ڪو متفق آهي ته هو صحيح آهي؟ اڄ اسٽيفن هاڪنگ حيات
آهي ته ڇا سڀاڻي جڏهن هو زنده نه هوندو متفقيه ڦرهي ٿيو ويندو ۽ ڪير به هن بگ بنيگ
واري ٿيوريءَ تي نه ڳالهائيندو؟ اڄ به جارج آرويل جو ڪردار ان شڪ هيٺ آهي ته ڪٿي هو
ڪميونسٽ بلاڪ خلاف سي آءِ اي هٿان استعمال ته نه ٿيو؟
جيترو وڏو آرٽسٽ اوترو تضادن سان ڀريل هجي ٿو. ۽ لازم نه آهي ته هر وڏو
آرٽسٽ پاولر به هجي. وقت ئي ڏات جي امرتا جي آخري پرک هجي ٿو. سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ پاپولر
شاعر ڪيسيٽي شاعر آهن. ان حساب ۾ انور قمبراڻي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿيو ۽ اياز ننڍو
شاعر ٿيو. آرٽ پاليٽڪس نه آهي. آرٽسٽ کي اليڪشن کٽڻي نه ٿي هجي جو هو اها شاعري ڪري
جيڪا هر ڪنهن کي وڻي. مارڌاڙ سان ڀريل فلم باڪس آفيس تي هٽ وڃي ٿي ته ڇا ستيه جيت ري
جي فلمن کي ڪا به پائندگي ناهي. عظيم آرٽ جي تور تڪ جو معيار ڪنهن به صورت ۾ دهلاري
انداز ۾ ظاهر ٿي نه ٿو سگهي.
دنيا ۾ وڏن پبلشنگ ادارن وٽ ايڊيٽرشپ ۽ ايڊٽنگ جو ڪلچر آهي. درجيني ايڊيٽرن
جي لانڍ مان ڪتاب نڪرڻ کان پوءِ فائنل ٿيندو آهي. نيلسن مينڊيلا جي يادگيرين کي سهيڙي
ڇپائڻ ۽ ان کي ايڊيٽنگ جي مرحلي مان گذارڻ لاءِ پوري فائونڊيشن جڙيل آهي جن ۾ وڏا پروفيشنل
ايڊيٽر ويٺل آهن. انهي سخت پرک بعد جڏهن ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته اهو نقادن جي الڳ
ور چڙهيو وڃي. ان تنقيد کي ايندڙ ڇاپي ۾ گنجائش ڏني ويندي آهي.
اياز جي اوائلي ڪتابن تي صرف هڪ شخص ۽ سنڌ جي عظيم مدبر سائين محمد ابراهيم
جويو جي نظر رهي ۽ اهي ڪتاب پنهنجي ترتيب ۽ ايڊيٽنگ جي معيار کان لاجواب آهن. جويو
صاحب جي هٿن مان ڪتاب نڪتو ته اياز به مطمئن. پر اياز جي وفات کان جلد پوءِ اياز جي
ئي هڪ سنگتي ساٿي هن جي بايوگرافي جو رهيل واليوم ڇپايو، اهو اڄ به موجود آهي ۽ ان
جي هڪ سٽ به غلطي کان خالي ناهي. ان واليوم کي جويو صاحب جو هٿ نه لڳل آهي ۽ ايئن اياز
جا پويان ڪتاب جويو صاحب جي نگاهه ڪرم مان نڪتل نه هجڻ ڪري اهي جهول ڇڏي ويا آهن جيڪي
اياز جي اڳوڻن ڪتابن ۾ نه آهن.
هڪ ادبي ناانصافي اياز سان سندي سياسي ڪامريڊن ۽ دوستن به ڪئي. هن جي
اها شاعري جيڪا فرق پروپيگنڊا طور استعمال ڪئي وئي ان کي پذيرائي ڏني وئي. اياز جي
اها شاعري جنهن کي آر ڊي برمن يا ايس ڊي برمن جهڙن ڪمزورن جي ضرورت هئي، جان لينان
۽ باب ڊالن جهڙن عظيم آوازن جي ضرورت هئي اهي حاصل نه ٿي سگهيا. اياز کي ڪڏهن قومپرستن
ته ڪڏهن ڪميونسٽن، ته ڪڏهن پيپلز پارٽي وارن پنهنجي پنهنجي نظرياتي فريم ورڪ سان ماپيو
۽ توريو. نتيجي ۾ هن ”رڻ
تي رم جهم“، ”چنڊ چنبيليءَ ول“، ۽ ”ننڊ وليون“ جهڙن ڪتابن جي شاعري نه ته ڳائجي سگهي ۽ نه ادبي
اسٽيج جو حصو ٿي سگهي.
اها اياز جي آرٽسٽڪ مجبوري هئي جو هن پنهنجي شاعري جي تشريح به پاڻ ڪئي
۽ ان جي تمثيل ٻڌائڻي پئي جيڪو ڪم ڪنهن وڏي نقاد جو هو. ”انڌا اونڌا ويڄ“
جهڙو پليجو صاحب جو شاندار ڪتاب اياز جي بچاءُ ۾ ته آهي پر ان جو پسمنظر ترقي پسند
۽ رجعت پسند بلاڪن جو پنهنجو تضاد ۽ ويڙهه هئي.
اياز پنهنجي دؤر کان غافل آرٽسٽ نه هو. ان ڪري ان وقت هن جي شاعري ترقي
پسند لڏي کان متاثر هئي. پر اياز ڪمال سان پنهنجي شاعريءَ کي نعريبازيءَ کان بچايو
هو سواءِ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ جهڙن ڪجهه نظمن جي. فيض صاحب ليفٽ بلاڪ سان سلهاڙيل هجڻ
باوجود پنهنجي آرٽسٽڪ بلنديءَ تي ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي (پر هن تي اڄ ڏينهن تائين ڳوٺ
جي مسجد لاءِ چندو ڏيڻ کان اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ مغربي پاڪستان جي فوج (پڙهو پنجابي)
جي ملٽري ايڪشن جي مبينه حمايت ڪرڻ تائين تنقيد هلندڙ آهي ۽ هو ان کان آجو نه ٿي سگهيو
آهي. جيئن اياز تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٿيڻ واري تنقيد هلندڙ آهي).
ڪمال ڏات سان هن پنهنجي سماج لاءِ ويڙهه به ڪئي آهي ۽ انتهائي آرٽسٽڪ
نموني هن پنهنجي ماحول ۽ هجوم کان پري ٿي پاڻ بچايو به آهي. هن هڪ بين الاقوامي برادري
جوڙي. هڪ ذهني بين الاقوامي برادري جتي شاعر مينڊالسٽام آهي، ناظم حڪمت، نرودا، لورڪا
۽ دنيا ڀر جا آرٽسٽ، شاعر اديب آهن. انقلابي آهن. موسيقار ۽ مصور آهن. ڪنهن به صورت
۾ اياز جي شاعري انهن انٽرنيشنل سرحدن کي ڇهي ٿي جتي آرٽ ڪنهن قوم جي شناخت ۽ جاگرافيائي
حدن کان نڪري ويندي آهي. لطيف ۽ ياز جي شاعري سنڌ مان اسري ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪئي وئي پر
اها صرف سنڌ وارن جي ملڪيت نه آهي. هاڻ اها بين الاقوامي ورثو آهي.
”اڻويهه سو سترهن جي وڻ مان پن ڇڻن ٿا“، ان قسم جي شاعري ڪري اياز هڪ
ٻي دنيا ڏاکياري هئي. ’قرطبه ۾ ٿا لٽن لورڪا جي لاش کي‘، اهڙا نظم هڪ اجنبي شاعر جي
باري ۾ جيڪو اسپيني خانه جنگيءَ دوران فرانڪو جي فاشي فوج هٿان ماريو ويو هو پر اهو
اياز جي ڏات جو ڪمال هو جو اهي اسان کي اوپرا نه لڳا ۽ اسان ۾ اها خواهش جاڳي ته اسان
کين پڙهي سگهون.
هميشه هي نظم مون کي اياز جي شاعراڻي تصور تي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي:
تازي ڄاول
ٻارڙي جي آلين اکڙين
وانگر آيل
ٻوٽيل آهي
مستقبل ڄڻ
منهنجي من ۾.
اهو به اياز کي لکڻو پيو هو جو سنڌ ۾ ٻيو ڪير نه هو جيڪو اهو هن لاءِ
لکي ها: ”هر عظيم آرٽسٽ پنهنجي سماج لاءِ به آهي ۽ پنهنجي سماج کان بغاوت به آهي“.
هن جي ڪافي ۽ انتهائي sensual شاعري
آهي ان کي اهڙي موسيقي ۽ آواز جي ضرورت آهي. ”تنهنجي آلي سيني تي اي اتاولي، منهنجا
چپ لوڻ لوڻ آهن“، وغيره ان قسم جي نظمن سان اياز جي شاعري ڀريل آهي، پر قومپرستن کان
پڇندو ته هو ’سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان‘ کان مٿي نه چڙهندا. اهڙي شاعري
جي ضرورت انقلابي جماعتن کي پوندي آهي ۽ ان ۾ ڪجهه به غلط ناهي. پر اياز جي شاعريءَ
جو وڏو خزانو تاحال جينئس موسيقار جي هٿن جو متلاشي آهي.
ملڻ لاءِ اياز کي پڇاڙيءَ ۾ مولانا موسيٰ ڀٽو به ملي ويا. پر اياز کي
فٽز جيلرالڊ (Fitz Gerald) ۽ ايڊي
ويڊر Eddie Vedder جي ضرورت
آهي. (حسن درس جي محبت جي شاعري کي به اهو بين الاقوامي ٽچ آهي).
مفتوح ۽ ممنوع علائقي جهڙي ديس جو شاعر هوندي هن آزادي جي ڳالهه ڪئي
۽ محبتن جي ڳالهه ڪئي. ۽ عظيم شاعرن جا جنم آزادي ۽ محبت وارن قدرن سان ئي سلهاڙيل
هجن ٿا. ۽ اصل آزادي ذهني آزادي هوندي آهي. اندر جي آزادي هوندي آهي. اياز جي شاعري
هر قسم جي آزادي لاءِ تڙپ ۽ محبت جي مسلسل ڳولها آهي.
آنءُ جو آواز آهيان
زندگيءَ جو راز آهيان
ٿو وڃان دور تائين
روڪ جي روڪي سگهين. (اياز)
ايندڙ نسلن لاءِ به اياز نئون اظهار هوندو... هو سنڌ جو نه دنيا جو وڏو
شاعر ڳڻي سگهجي ٿو. اياز جي شاعري دنيا سان سنڌ جي انٽرنيشنل لنڪ آهي. اهڙي پل آهي
جنهن جو هڪ ڇيڙو اگر ڀٽائي آهي ته ٻيو ڇيڙو اياز آهي.
No comments:
Post a Comment