رڳڙي ڪئي آهي. هي ڪتاب تازو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ
پاران شايع ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو خالق، ’ڊيوڊ ورنر‘ هڪ اهڙو انسان دوست آهي، جنهن 1970 ۾ جڏهن ميڪسيڪو جي ماڻهن جي صحت جي حالت زار ڏٺي ته سندن لاءِ اسپئني ٻولي ۾ اهو ڪتاب لکڻ تي مجبور ٿيو ته جيئن بيوس ۽ لاچار ڳوٺاڻا، جن وٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سهولت موجود ناهي ۽ هو پنهنجو علاج، مقامي ريتن رسمن ۽ ساٺن سَوڻن سان ڪندا رهن ٿا تن جي جديد طبي سائنسي بنيادن تي مدد ڪري کين ان لائق ڪري سگھجي ته ڊاڪٽر ۽ اسپتال نه هوندي به هو پنهنجي مدد پاڻ ڪري سگھن.

هن
ڪتاب ۾ هر عام پڙهندڙ لاءِ ننڍين وڏين بيمارين بابت باتصوير ڄاڻ، بيمارين جي
علامتن ۽ علاج جو ڏس به ڏنل آهي. اسپيني ٻولي ۾ لکيل هي ڪتاب ايترو مشهور ٿيو جو
اڳتي هلي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو جيڪو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿيو. هن وقت
تائين هي ڪتاب دنيا جي 100 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
مجموعي
طور هي ڪتاب سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ رهندڙ سڀني پڙهندڙن کي ڪيترين مختلف بيمارين
بابت آگاهي ۽ درست علاج بابت رهنمائي ڪري ٿو. هن ڪتاب جي مدد سان ننڍين آبادين ۾
ڪم ڪندڙ دايون، ليڊي هيلٿ ورڪر، نرسون، ميڊيڪل جي سکيا وٺندڙ نوجوان شاگرد ۽
ڪميونٽي ميڊيسن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ڪارڪن وڏي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا. عام پڙهندڙن
لاءِ ڪتاب جي آخر ۾ ڏکيَن طبي اصطلاحن جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ به ڏني ويئي آهي.
انگريزيءَ ۾ هيسپيرين (Hesperian) فائونڊيشن، آمريڪا جي ڇپيل هن ڪتاب ۾، دنيا
جا مختلف ماهر ڊاڪٽر هر ٻئي ٽئين سال، واڌارا سڌارا به ڪندا رهن ٿا.
507
صفحن جي پڪي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 600 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment