اچو ته پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون
زاهد راڄپر
21 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو
وڃي، جنهن جو بنيادي مقصد ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي تحفظ لاءِ ڪوششون
وٺڻ آهي. اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران اعلانيل ”مادري ٻولين جو ڏهاڙو“
دراصل هڪ بنگالي نوجوان رفيق السلام جي جدوجهد ۽ محنت جو نتيجو آهي، جو اڄ
يونيسڪو، چئن بنگالي نوجوانن رفيق، برڪت، جبار ۽ سلام جي رت سان رڱيل بنگالي ٻولي
بچائڻ واري تحريڪ جي پس منظر ۾ اهو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي.
1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته 21 مارچ 1948ع ۾ قائد اعظم محمد علي
جناح پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت ۾ هن خطي جي قديم ٻولين کي نظرانداز ڪندي فقط
هڪ اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور ملڪ ۾ رائج
ڪرڻ جو اعلان ڇا ڪيو، ڄڻ پاڪستان جي وجود ۾ نفرت جو ٻج ڦٽي پيو، بنگلاديش ان کي
قبولڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ 21 فيبروري 1952ع ۾ بنگالي شاگرد، پنهنجي بنگالي
ٻولي بچائڻ لاءِ ڍاڪا کان ”ٻولي بچايو تحريڪ“ جو بنياد رکي، رستن تي نڪري پيا ۽
زبردست احتجاج ڪيائون. پاڪستاني حڪومت، بنگالي شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ
انهيءَ تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ پرتشدد ڪارروايون شروع ڪيون ۽ پرامن شاگردن تي گولين جي
برسات وسائي. جنهن ۾ چار شاگرد مارجي ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿي پيا. شاگردن جي تحريڪ،
ماٺي نه ٿي ۽ انهن شاگردن جي وهيل رت، بنگالي قومي تحريڪ کي جنم ڏنو. پاڪستاني
حڪومت، جيتوڻيڪ 29 فئبروري 1956ع تي بنگالي ٻوليءَ کي بنگلاديش ۾ دفتري ٻوليءَ جو
درجو ڏنو. پر ان وقت تائين، گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ بنگالي قومي تحريڪ، عوام ۾
پنهنجا پير پختا ڪري ورتا هئا. مٿان وري بنگلاديش جي ميڊئيٽ کي تسليم نه ڪرڻ سبب،
رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. جڏهن ته نومبر 1957ع ۾ بنگال اندر ٻولي تحريڪ انتهائي
زور پڪڙيو. اهڙي ڳنڀير صورت حال سبب، پاڪستاني حڪومت پاران بنگلاديش ۾ ”آپريشن“
شروع ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1971ع ۾ بنگال، پاڪستان کان الڳ ٿي
بنگلاديش بڻجي ويو. ان سڄي پس منظر ۾، بنگالي شهري رفيق السلام 9 جنوري 1998ع تي
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان کي خط لکي، دنيا ۾ مادري ٻولين کي پيش
ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪيو. ڪوفي عنان اهو خط يونيسڪو حوالي ڪيو، جنهن ان کي سنجيده
ورتو ۽ ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ يونيسڪو ان خط تي ڊرافٽ تيار ڪري 17 نومبر 1999ع تي
اقوام متحده مان اها قرارداد پاس ڪرائي ته اقوام متحده ۾ شامل هر ملڪ پنهنجي ملڪ
جي مادري ٻولين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺندو. ان ڊرافٽ تي پاڪستان
سميت 188 ملڪن صحيح ڪري، مادري ٻولين جي تحفظ جو يقين ڏياريو. هڪ بنگالي شهريءَ جي
اها ڪوشش دنيا ۾ هڪ مشعل راهه بڻي ۽ يونيسڪو، بنگالي شاگردن جي ٻولي تحريڪ کي مانُ
ڏيندي، هر سال 21 فيبروري تي ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
جڏهن ته 2008ع کي مادري ٻولين جو سال ڪري ملهايو ويو. يونيسڪو طرفان، مادري ٻولين
لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ سندن ڌيان ان اهم مسئلي طرف ڇڪائڻ تي رفيق السلام کي 21 فيبروري
تي پئرس ۾ هڪ شاندار تقريب ۾ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.
بي بي سيءَ جي هڪ رپورٽ موجب، دنيا ۾ 94 سيڪڙو آبادي، 6 سيڪڙو ٻوليون
ڳالهائي ٿي. جڏهن ته دنيا ۾ انگريزي، چيني، فرينچ ۽ ٻيون ٻوليون ترقي ڪري رهيون
آهن. عالمي تنظيم اٿينو لوج جيڪا آمريڪن تنظيم آهي ان جي رپورٽ مطابق هن وقت دنيا
۾ 7 هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. 2100ع تائين انهن ٻولين مان 90 سيڪڙو ٻوليون
ختم ٿي وينديون يعني حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهڻ جي نتيجي ۾ ميسارجي وينديون.
جڏهن ته هن وقت به دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون ٻوليون آهن، جن کي ڳالهائڻ وارا فقط، هڪ
کان پنج ماڻهو وڃي بچيا آهن. اٿينو لوج موجب، هن وقت به دنيا اندر 473 ٻوليون،
انتهائي خطري ۾ آهن ۽ اُهي خطري واري آخري حد به پار ڪري رهيون آهن.
يونيسڪو جي پاڪستان بابت جاري ڪيل رپورٽ 2011ع موجب، پاڪستان ۾
پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ 48 سيڪڙو آهن، ٻئي نمبر تي سنڌي ڳالهائيندڙ 12 سيڪڙو آهن،
پشتو ۽ اردو ڳالهائيندڙ 8 سيڪڙو، بلوچي ڳالهائيندڙ 3 سيڪڙو، هندڪو ڳالهائيندڙ 2
سيڪڙو ۽ براهوي ڳالهائيندڙ هڪ سيڪڙو آهن. جڏهن ته سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو ڪو به
تعداد ظاهر نه ڪري سرائيڪي ٻوليءَ سان ظلم ڪيو ويو آهي.
ٻولي اظهار، رابطي، تشخص، سڃاڻپ، تهذيب جو اهم اهڃاڻ ۽ ذريعو هوندي
آهي. قبل مسيح ۾ جڏهن انسان جنم ورتو، تڏهن کان ئي ٻوليءَ جي اهميت شروع ٿي. ڇاڪاڻ
ته ماڻهن کي ميل ميلاپ ۽ اظهار لاءِ ڳالهائڻ ۽ ٻوليءَ جي استعمال جي ضرورت هئي.
يعني ٻولين پڻ انسان ذات سان گڏ جنم ورتو. ائين دنيا ۾ هن وقت به جيڪي قديم ٻوليون،
جن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 10 هزار سال آهي، ۽ اهي اڃا تائين پنهنجو وجود بچائينديون
پيون اچن ۽ پنهنجي بيهڪ سميت دنيا جي ترقيءَ وارن وهڪرن جي سانچي مان پاڻ کي محفوظ
بڻائي نڪتيون آهن، انهن ۾ سنڌي ٻولي به هڪ آهي.
اقوام متحده جي مادري ٻولين جي تحفظ ۽ انهن کي ترقي وٺرائڻ واري ان
ڊرافٽ تي، جيتوڻيڪ پاڪستان سرڪار به صحيح ڪئي آهي، پر ان تي ڪنهن به صورت ۾ عمل
ٿيندي نظر نه ٿو اچي. جنهن ڪري پاڪستان جون فطري، قديم ٻوليون، رياستي سازشن سبب،
پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ پريشان آهن ۽ مجبور ٿي ملڪ اندر مادري ٻولين کي بچائڻ لاءِ
هڪ نئين تحريڪ ۽ هڪ نئين سوچ جنم ورتو آهي. سنڌي ادبي سنگت، گذريل ڪيتري عرصي کان
سنڌي ٻولي، قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي رهي آهي ۽ هن سال به پهرين فيبروري کان 21
فيبروري تائين سنڌ اندر ڀرپور مهم هلائي وئي. جڏهن ته پنجاب جي ساڃاهه-وند، شاعر ۽
اديب، مظاهرا ڪرڻ سان گڏ، بک هڙتالون ڪري رهيا آهن. اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌيءَ
سان گڏ، پنجاب ۾ پڻ مادري ٻوليءَ لاءِ آواز اٿڻ شروع ٿيو آهي. جڏهن ته بلوچستان
وارا ته ملڪ کان آزادي حاصل ڪرڻ واري آخري لڪير پار ڪرڻ جو اعلان ڪري چُڪا آهن.
اهڙي ملڪ جي سنگين صورتحال ۾، حڪمرانن جي مادري ٻولين ڏانهن خاموشي، شايد هڪ نئين
طوفان کي جنم ڏئي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته قومن ۾ احساس محروميءَ جا بنياد، پاڪستان ٺهڻ
سان ئي پئجي چُڪا هئا. جيڪي بنگال جي الڳ ٿيڻ سان ظاهر ٿيا. پر پاڪستان جي حڪمرانن،
ماضيءَ جي تجربن مان، شايد اڃا تائين سبق ناهي پرايو. جڏهن ته سنڌ جا حڪمران به
مادري ٻوليءَ جي اهميت کي پٺي ڏئي، قوم جي پٺ ۾ خنجر هنيو ويٺا آهن. پاڪستان جي 73
واري آئين جي شق 251 (3) هيٺ، صوبن کي اهو اختيار حاصل آهي ته جيڪڏهن ڪو به صوبو، پنهنجي
صوبي ۾ مادري ٻولي رائج ڪرڻ چاهي ۽ ان جي ترقي ۽ فلاح لاءِ اپاءُ وٺڻ چاهي ته اهو
خودمختيار هوندو. پر سنڌ جي اڪثريت جي دعويدار نمائينده سياسي پارٽي پ پ، ائين ڪرڻ
کان لاچار آهي ۽ فقط مرڪز جون ان سلسلي ۾ راهون تڪي رهي آهي. پ پ حڪومت، جيتوڻيڪ
نجي اسڪولن ۾ لازمي سنڌي پڙهائڻ جا حڪم ته جاري ڪيا پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو.
جنهن ڪري پنهنجي حڪم تي عمل نه ڪرائي سگهندڙ حڪمرانن مان اها اميد رکڻ ته اُهي
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪي وقتائتا فيصلا ڪندا، اجائي
هوندي.
جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا تائين مادري ٻولين جي ڳالهه ڪرڻ به ڏوهه ۾
شمار ٿئي ٿو، جنهن جو مثال نواب يوسف ٽالپر، ماروي ميمڻ ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن
پاران سنڌي سميت فيڊريشن ۾ شامل سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ
واري ڊرافٽ تي قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چيو هو ته ”اهو ملڪ
سان غداري ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو“ ۽ اهو عمل ملڪ سان دشمني ڪرڻ برابر آهي. چونڊيل
نمائندي جا اُهي لفظ ملڪ ۾ ڪهڙو طوفان برپا ڪندا اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو. پر اصل ۾
هاڻي اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرجي. اهو قطعي ذهن ۾ نه رکڻ
کپي ته سنڌي ٻولي 10 هزار سال قديم آهي ۽ وقت جي بي رحم حالتن سان مقابلو ڪندي رهي
آهي ۽ اڄ به پنهنجو وجود برقرار رکيو پئي اچي. احا حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها خصوصيت آهي ته سنڌي ٻولي، اڄ جي جديد ڪمپيوٽر واري دور ۾،
رياستي دشمني باوجود، جديد حالتن سان مُنهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي. جڏھن ته ڏکين
حالتن ۾ پاڻ کي برقرار رکڻ واري خصوصيت ئي اصلي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي آهي.
اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته حالتون انتهائي بي رحم هونديون آهن. جنهن جو مثال،
ڪراچيءَ جو شهر آهي. جيڪو 1948ع کان اڳ، نج سنڌي شهر هو، پر اڄ اُتي سنڌي پنهنجي
مادري ٻولي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪريون ۽ سنڌي ٻولي واري تحريڪ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيون. ان
سلسلي ۾ شروعاتي طور بنگالي شهري رفيق السلام وانگر اقوام متحده کي خط لکڻ شروع
ڪيون ته کيس ٻڌايون ته جنهن ڊرافٽ تي پاڪستان صحيح ڪئي آهي. ان تي عمل نه پيو ڪيو
وڃي. حڪمرانن کان پڇاڻو ڪيون ته هو آخر ڇو سنڌي ٻولي آڏو رڪاوٽون وجهي رهيا آهن.
اچو ته سنڌ اسيمبليءَ کان پڇون ته هو ڇو 7 جولاءِ 1972ع جي پاس ڪيل قرارداد تي عمل
ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو نه ٿا ڏين. ڇو اڄ اسان جي حڪومت هوندي،
سڃاڻپ ڪارڊ سنڌيءَ ۾ نه ٿا ٺهن. ڇو ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر ۾
سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي. اچو ته چونڊيل نمائندن کان سوال ڪيون. اچو ته سنڌي
ٻوليءَ جو وجود بچائڻ لاءِ، اڄ مادري ٻولين جي ڏينهن تي وچن ڪيون. ڇاڪاڻ ته سنڌي
ٻولي هوندي ته سنڌ به هوندي ۽ اسان به هونداسين.
No comments:
Post a Comment