10/10/2013

دادو تعلقي جو ادب ۾ حصو - محمد عرس ” اظهر“ سولنگي (Muhammad Urs Azhar Solangi)


دادو تعلقي جو ادب ۾ حصو
محمد عرس ” اظهر“ سولنگي
دادو ضلعو عملي ۽ ادبي لحاظ کان سڄي سنڌ ۾ نمايان حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. دادو ضلعي جي وري دادو تعلقي جو مقام ادبي لحاظ کان نمايان شمار ڪري سگهجي ٿو. هن تعلقي ۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون وجود ۾ آيل آهن ۽ انهن ادبي تنظيمن جي پليٽ فارم تان اسان جا اديب، شاعر، مفڪر، مورخ ۽ دانشور ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي علم ۽ ادب ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سنڌ جي سنيڌ سنواري رهيا آهن.

09/10/2013

استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر! - جامي چانڊيو (Jami Chandio)


استاد بخاري: سنڌ جو سُونهون ۽ ويڄُ شاعر!

جامي چانڊيو
انسان پنهنجي تفڪر، تخيل ۽ محسوسات جو حَسين اظهار جن تخليقي شعبن ۾ ڪيو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جو وڏو درجو آهي. انهيءَ ڪري ئي شاعريءَ کي رڳو انسان جو انفرادي ۽ داخلي فڪر،  تخيل ۽ احساس ئي نه پر ان کي قومن، طبقن ۽ معاشرن جي روحاني ۽ احساساتي تاريخ به سڏيو ويندو آهي. شاعريءَ مان به خبر پوندي آهي ته هر دور جي سماجن ۽ ان جي مختلف حصن جا خيال، احساس، ارمان، خواب ۽ تخليق جا بنياد يا محرڪ ڇا هئا! سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل دور ته رڳو هڪ لاکڻي لطيف جي ڪري ئي سڀني دورن تي حاوي آهي ۽ رهندو پر سنڌي شاعريءَ جو جديد دور به گهٽ اهم ناهي. ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاريءَ سميت هڪ وڏو ڀرپور دور آهي، جنهن ۾ نئين نسل جا به انيڪ آڪاش انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، مظهر لغاريءَ ۽ سردار شاهه جهڙا باڪمال شاعر اچي وڃن ٿا. مان سمجهان ٿو ته ويهين صديءَ ۾ سنڌ ٻه عظيم شاعر پيدا ڪيا، هڪ شيخ اياز ۽ ٻيو استاد بخاري. ٻنهيءَ جون خوشبختيون به پنهنجون آهن ته ڪمزوريون به. شيخ اياز تي تمام گهڻو لکيو ويو، جنهن جي ڪري هو سنڌ جي پڙهيي لکيي طبقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو پر جيئن ته شيخ اياز کي عوامي سطح تي گهٽ ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو عوام ۾ ايترو مقبول ناهي. جڏهن ته سندس ڀيٽ ۾ استاد بخاري عوامي سطح تي تمام گهڻو ڳايو ويو آهي، ان ڪري هو  عوام ۾ ته تمام گهڻو مقبول آهي پر افسوس جو جيئن ته بخاريءَ جي شاعريءَ تي سندس شاعريءَ جي پرک جي حوالي سان لکيو گهٽ ويو آهي،  ان ڪري سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو هن کي رڳو سندس ڳايل شاعريءَ جي نسبت سان ئي سڃاڻي ٿو. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته استاد بخاريءَ جي ڳايل شاعريءَ جو رومانوي پاسو  سندس گهڻ رنگي شاعريءَ جو رڳو هڪ پاسو آهي. ان ڪري استاد بخاريءَ کي گهڻي ڀاڱي ماڻهو رڳو عوامي يا رومانوي شاعر طور ئي سڃاڻن ٿا. حقيقت اِها آهي ته بنيادي طور استاد بخاري هڪ مفڪر شاعر آهي ۽ جيڪڏهن هو عوامي شاعر آهي ته ان معنيٰ ۾ هرگز نه ته هن جا خيال هڪ جهالتن ۽ عقيدن جي وَرِ چڙهيل عوام جي سطح جا آهن يا انهن جي سوچ جا ترجمان آهن. استاد بخاري هن معنيٰ ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مِٽي نئين سِر ڳوهي، کين جهالتن، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنيٰ ۾ نه پر انقلابي معنيٰ ۾ آهي.

08/10/2013

چٺيون چندن واس - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


چٺيون چندن جو واس ڏينديون آهن
بخشل باغي
روس جي مشهور ۽ خوبصورت شاعر ۽ داغستان جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ رسول حمزه توف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ۽ نثر جي اعليٰ شاهڪار ”منهنجو داغستان“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”تون اگر ماضيءَ کي پِستول جو نيشانو بڻائيندين ته مُستقبل تو کي توپ جو نيشانو بڻائي ڇڏيندو.“ اِن ڳالهه جي تناظر ۾ مان جڏهن سائين علي محمد شاھ جي خطن جي هِن ڪتاب ”چِٺيون چندن واسُ“ ۾ ڏنل خطن کي پڙهان ٿو ته هي خط مون کي ماضيءَ جي پُر وقار، طاقتور ۽ سنڌ جي نِرالي تاريخ ڀاسن ٿا، ڇاڪاڻ جو هر دور پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجو ئي چِٽو آئينو هوندو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي تاريخ جون للڪارون، مُستقبل کي ڄڻينديون آهن.