غلام نبي گل ۽ سندس شاعري
رياضت ٻرڙو
سنڌي ٻوليءَ جو بزرگ اديب غلام نبي گل نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آهي،
پر هُو بنيادي طور شاعر آهي ۽ شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ غزل جي بهترين شاعر طور آهي،
جيتوڻيڪ هن مختلف صنفون سرجيون آهن، جن تي کيس دسترس پڻ آهي. اهو شاعر، جنهن 1950ع
واري ڏهاڪي ۾ روايتي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍيو ۽ پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جديد
شاعريءَ ڏانهن آيو، پر اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته سندس شاعريءَ جي ڇپجڻ جو سفر
سندس زندگيءَ جي 58-هين سال 1990ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن هن جي سرجيل غزلن جو پهريون
مجموعو ”رات باقي آ“ ڇپيو هو ته ان ۾ شامل غزلن جي موضوعن ۽ فنَ پڙهندڙن کي متاثر
ڪيو هو. هن وقت سائين غلام نبي ’گل‘ سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾
غزلُ جي صنف ڪَر کنيون بيٺي آهي:
آئينـا اُگهنـدين
به ڇـا ٿينـدو ڀلا!
چهرا مَٽبا ڪو نه،
هوندا ساڳيا.
حسن جي هٿ مان
ڪِريو رومال هو،
اوسـي پـاسـي هُـل-هڳاءُ هـو ٿـي ويـو.
اوسـي پـاسـي هُـل-هڳاءُ هـو ٿـي ويـو.
غلام نبي گل جي ڇپيل 20 ڪتابن ۾؛ سنڌي شاعريءَ جا 12 مجموعا، اردو شاعريءَ جو
هڪ مجموعو، سنڌي ڪهاڻين جا 2 مجموعا، 4 سنڌي ناول ۽ هڪ اردو ناول شامل آهن، جيڪي
هتي ڄاڻائجن ٿا:
1.
رات باقي
آ (غزل، 1990ع)
2.
آواز جي
خوشبو (غزل، 1993ع)
3.
آئينو
چُپ آ (شاعري، 1995ع)
4.
جيون
پياسو سمنڊ (ناول، 1997ع)
5.
اڃا تازي
قبر آهي (شاعري، 1997ع)
6.
آخري شام
(غزل، 2001ع)
7.
نه راهون
ساڻ هلنديون هِن (ناول، 2001ع)
8.
دعا جا
پير (ڪهاڻيون، 2002ع)
9.
بِکري
منظر (اردو شاعري، 2002ع)
10.
جوڳي
(ناول، 2003ع)
11.
لمحن جو
درد (غزل، 2003ع)
12.
فاصلي
(اردو ناول، 2004ع)
13.
مان ڪير
آهيان؟ (ڪهاڻيون، 2004ع)
14.
ٻيو جنم
(غزل، 2004ع)
15.
ٽٽل شيشو
(ناول، 2006ع)
16.
درد جو
چنڊ (شاعري، 2008ع)
17.
خدا جي
سرگوشي (شاعري، 2008ع)
18.
تنهائي
(غزل، 2009ع)
19.
خيالن ۾
سفر (غزل، 2013ع)
20.
گگن
گونگو ٻڌائي ڇا (غزل، 2013ع)
غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو 10 سيپٽمبر 1932ع تي، ڳوٺ گھٽهڙ، تعلقي قنبر ۾
پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ گريجوئيشن (B.A) جي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1984ع کان وٺي پرائمري استاد طور قنبر،
شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 31 آگسٽ 1992ع تي رٽائر ڪيو.
سندس رهائش 1970ع کان وٺي لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ آهي.
غلام نبي ’گل‘ شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾، روايتي فارسي رنگ سان ڪئي (جيڪو
پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سان تبديل ٿيو). هو جمعيت
الشعراء شاخ قنبر جو ميمبر به ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به لاڳاپيل رهيو.
هو ڊراما ائسوسيئيشن گھٽهڙ سان به لاڳاپيل رهيو. هن گھٽهڙ ۾ اسٽيج ڊراما لکيا،
جيڪي 1955ع ڌاري اتي پيش ڪيا ويا، تن ۾ ”باغي“، ”محبت جي فتح“ ۽ ”هير رانجھو“ شامل
آهن. هو انهن ڊرامن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته اتي فلاح و بهبود تنظيم
جو خزانچي رهيو ۽ اتحاد انجمن گھٽهڙ سان پڻ سلهاڙيل رهيو. 1975ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي
آيو. هتي هو آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. 1984ع ۾ هن
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جو 1992ع ۾ سيڪريٽري به
ٿيو.
سائين گل جي شاعريءَ ۾ فڪر جي رنگ برنگي دنيا، فن جي حسناڪين سان، بيحد
خوبصورتيءَ سان جوڙيل آهي. هو شعري وزنن جي مخصوص چونڊ رکي ٿو، جيتوڻيڪ کيس اڪثر
بحرن ۽ وزنن تي دسترس حاصل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ لفظن، قافين ۽ رديفن جو انتخاب
موهيندڙ آهي:
هــرڪـو پنـهنـجـو
پَتـو پَيو ڳولي،
زنـــدگـــي رانـــد ڄــڻ رَمــي آهـــي.
ٿوري احساس جي تپش گھرجي،
بـرف سيـنـن تـي وئـي ڄَمي آهي.
زنـــدگـــي رانـــد ڄــڻ رَمــي آهـــي.
ٿوري احساس جي تپش گھرجي،
بـرف سيـنـن تـي وئـي ڄَمي آهي.
سائين گل جي شاعريءَ ۾ آس ۽ نراس جا
عڪس چٽيل آهن، پر آس کي اوليت حاصل آهي:
ماڻهـو مـرنـدو آ،
مگـر
دل ۾ ڪا رهجي ويل،
آس جيئري ٿي رهـي. (ترويني)
هُو انساني روين ۾ بيزاريءَ جو اظهار ته ڪري ٿو، پر پنهنجائپ کي مٿڀري جڳهه
ڏئي ٿو:
آجـــيــان ”آءُ“ ٿــي
وڃـــي جـيــڪــــر!
پــيــارُ پـــرچــاءُ ٿــي وڃـي جـيـڪــر!
هِـــي جـــو اُلــجهــاءُ ٻــن دلــيــن ۾ آ،
تنهن جو سلجهاءُ ٿي وڃي جيڪر!
پــيــارُ پـــرچــاءُ ٿــي وڃـي جـيـڪــر!
هِـــي جـــو اُلــجهــاءُ ٻــن دلــيــن ۾ آ،
تنهن جو سلجهاءُ ٿي وڃي جيڪر!
سنڌي شاعريءَ ۾ سائين غلام نبي گل جي شاعري هڪ اثاثو آهي، پر ڏک اهو به آهي ته
ان اثاثي جي ڪَٿ اسان جي روايتي بي ڌيانيءَ جي وَر چڙهي وئي آهي:
وڇوڙي جي ولهه ۾،
نه آٿت جو اوڇڻ،
ڪَٽي رات ڪنهن
ائين. (ترويني)
غلام نبي گل کي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ڪراچي پاران ”مڃتا شيلڊ“، SCSDO لاڙڪاڻي پاران ”سنڌو مڃتا ايوارڊ“ ۽ ڊاڪٽر
محبت اڪيڊمي قنبر پاران ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ مليا آهن.
سائين گل کي هاءِ بلڊ پريشر جي تڪليف آهي ۽ کيس 3 هرٽ اٽئڪ پئجي چڪا آهن، پر
اسان جي چڱائي، جو هُو انهن کي سَهي ويو. هونئن به شاعر جي دل جتي پيار جي پوڄا ۾
نماڻي هوندي آهي، اتي ڏاڍَ اڳيان ڏاڍِي به بڻجي پوندي آهي. شال! هُو سدا آباد رهي
۽ اسان کي پنهنجي شاعريءَ سان فيضياب ڪندو رهي.
تنهنجي نيڻن ۾ گھٽ نمي آهي،
درد جي ڪجھ اڃا ڪَمي آهي.
درد جي ڪجھ اڃا ڪَمي آهي.
ٿورِي احساس جي تپش گھرجي،
برف سينن تي وئي ڄمي آهي.
برف سينن تي وئي ڄمي آهي.
هر ڪو پنهنجو پَتو پَيو ڳولي،
زندگي راند ڄڻ رَمي آهي.
زندگي راند ڄڻ رَمي آهي.
دل به ويران آ جزيرو ڪو،
دل جي ڪُنڊ ڪڙڇ هر گھمي آهي.
دل جي ڪُنڊ ڪڙڇ هر گھمي آهي.
لمحو لمحو اداس آ ڪيڏو!
وقت جي ڪا ته برهمي آهي.
وقت جي ڪا ته برهمي آهي.
پيار چهرو لڳي ٿو پارُوٿو،
من، يا تبديلي موسمي آهي؟
من، يا تبديلي موسمي آهي؟
روشنيءَ ۾ حجاب روڪيس ’گل‘!
اوندهه ۾ ڪنهن وَتي چمي آهي.
اوندهه ۾ ڪنهن وَتي چمي آهي.
No comments:
Post a Comment