17/12/2013

سنڌ جو ڪلچر ۽ حقيقت پسندي - اسد چانڊيو (Asad Chandio)


سنڌ جو ڪلچر ۽ حقيقت پسندي
اسد چانڊيو
غير حقيقت پسندي فقط اها ئي نه آهي ته، ڪنهن اهڙي شيءِ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جنهن جي ثابتي لاءِ ڪو ثبوت هجي ئي نه. پر غير حقيقت پسندي اها به آهي ته، جنهن ڳالهه جي حق ۾ ثبوت موجود هجن، ان کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏجي- ۽ سنڌ ڊگهي عرصي کان غير حقيقت پسنديءَ جي مرض ۾ ورتل رهڻ ڪري، هاڻ غير حقيقت پسنديءَ جي به مٿين منزل، يعني عقيدي پرستيءَ جي انتها کي ڇهڻ لڳي آهي! اهڙي عقيدت پسندي، جنهن کي اسان ”حقيقتن جي ابتڙ“ هئڻ جي وصف طور سمجهون ۽ سڃاڻون ٿا.

۲۰۰۹ع جي ڪا شام هئي. سنڌ ۾ ”ڪلچر“ جي نالي ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ طرفان ميڊيا کان ميڊيا ذريعي ”پلاند“ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرايل ”راند“ زورن تي هئي. سنڌ ۾ پيرن- فقيرن جي ميلن جو سڄو سال انتظار ڪندڙ ماڻهو هڪ نئون ”ميلو“ ملي وڃڻ تي خوش هئا جو، مون کي محسوس ٿيو، هي سڀ ڪجهه ”غير حقيقت پسند“ آهي، جيڪو ڪجهه به ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان جو سنڌ جي ڪلچر کي بچائڻ يا سنڌين جي واهر ڪرڻ سان ڪو پري جو به تعلق نه آهي. سنڌي هڪ ڀيرو وري استعمال ٿيڻ وڃي رهيا آهن ۽ جي سنڌي غير حقيقت پسنديءَ جي وهڪري ۾ وهي عقيدي پرستي کان به ٻه وکون اڳتي کڻڻ طرف ويندي ڏسجن ته، ڇا کين حقيقت پسنديءَ طرف آڻڻ ۽ عقيدي پرستي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هئڻ جو احساس ڏيارڻ جي، ڪنهن به پاسي کان ڪا به ڪوشش نه ٿيڻ گهرجي!؟ ڊڄي وڃجي عوامي وهڪري جي اهڙي ٻوڏ کان، جيڪا ٽوڙي بند جيان، بعد ۾ وڏيرن ۽ وڏيرن جي ڇاڙتن لاءِ اربين رپين جا ٺيڪا ته بڻجي، پر نچندڙ ۽ ڪڏندڙ ماڻهن جي هٿن تي هڪ ڪارو ڪک به رکندڙ ثابت نه ٿئي!؟
ان وقت تائين سنڌ ۾ منهنجي سڃاڻپ ”ليکڪ“ طور بلڪل هئي ئي ڪا نه، پر قوم کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ جي خواهش مون کان پهريون ڪالم لکرايو ۽ ان وقت لکرايو، جڏهن عوامي راءِ جو غير حقيقت پسنداڻو سمنڊ منهنجي ذهن جي ابتڙ وهي رهيو هو. ۲۰۱۰ع جو ڊسمبر ساڳيون سرگرميون کڻي ايئن آيو جو ۲۰۰۹ع  ۾، مان جنهن ”امڪان“ جو اشارو ڏنو هو، سو پنهنجي اصل شڪل ۾ سامهون اچي ويو. ۲۰۰۹ع ۾ جنهن به ڌر ”ڪلچر“ جو سڏ، جنهن ڌر جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، ايندڙ سال ان ساڳي ڌر کان فرمائشون ڪندي گذاريو! ڳالهه وڃي اتي پهتي جو ڪلچر کي استعمال ڪرڻ واري ڌر، استعمال ڪرائيندڙ ڌر جي بليڪ ميلنگ مان جان ڇڏائڻ لاءِ، ٻين ساڳين قسم جي گروپن تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ نتيجي ۾، سال ۲۰۱۰ع ۾ سنڌ ”ڪلچر“ جي نالي ۾ تاريخن کان وٺي نالن تائين، مڪمل طور ٻن حصن ۾ ورهايل نظر آئي ۽ مان هڪ ڀيرو وري هٿ ۾ قلم کڻي قوم کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو پورهيو ڪرڻ فرض سمجهيو. هن ڀيري اهڙو قلمي پورهيو مون لاءِ به آسان نه هو، ڇو ته سنڌي ميڊيا ۾ ٿيل ڌڙابنديءَ جي نتيجي ۾ مان به هڪ ڌڙي جو حصو هوس، پر قوم کي غير حقيقت پسنديءَ کان آگاهه ڪرڻ جي ڊيوٽيءَ کي، مان ٻي ڊيوٽيءَ کان وڌيڪ اهم سمجهي، هڪ ڀيرو وري لکيو، غير حقيقت پسندي مڪمل طور موقعي جو ڀرپور استعمال ڪندڙن ۽ ڪرائيندڙن جي قبضي ۾ اچي وئي، سنڌي قوم پنهنجي ثقافت سان جيتري به بي پناهه پيار جو اظهار ڪيو، کاتي انهن جي ئي ۾ ويو، جن جو کاتو کليل هو.
قوم پنهنجي حقيقي ڪلچر کان جيئن ۲۰۰۹ع کان اڳ پري هئي، اوپري هئي، گهڻي قدر ته بيٺل ئي ابتڙ هئي، ۲۰۱۳ تائين ملهايل اهڙين شاندار پنجن شامن باوجود، ان کان به پوئتي پيل آهي، ڪمزور بيٺل آهي ۽ ايئن ئي ابتڙ  آهي جيئن، پنجن سالن دوران ملهايل اهڙين پنجن شامن کان اڳ بيٺل هئي. پنهنجي ثقافت سان ايڪتا لاءِ ملهايل شامون عوامي سطح تي شاندار ڪاميابي ماڻڻ باوجود، قوم کي ايڪتا ۽ ثقافت جو سڏ ڏيندڙ ادارن کي ئي پنهنجي ”قومي ثقافت“ ۽ ”قومي ايڪتا“ سان گڏ بيهارڻ لاءِ جو ڪم ڪري نه سگهيون! هڪ فرمائشي پروگرام تي آڻڻ جي خواهش کان بي خبر سنڌي قوم ته، پنهنجي ثقافت جي هڪ حصي ”ظاهري سڃاڻپ“ سان ڀرپور وفا ڪري ڏيکاري پر قوم کي وفا جا سبق سيکاريندڙ، ”قومي معاملن“ تي پيدائشي بي وفائي واري واٽ ڇڏي نه سگهيا، نه ئي ڇڏيندي نظر اچن ٿا... !!
ٻين ڳالهين تي اچڻ کان اڳ، ڀلا اهو به ڏسي وٺجي ته سنڌ جي ثقافت، ڇا فقط جسم تي نظر ايندڙ پوشاڪ جي مخصوص انداز جو نالو آهي؟ يا هڪ پوري قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ روَين جو نالو آهي؟ قومي اصولن ۽ ضابطن ۾ زندگي گهارڻ ۽ ٻين کي زندگي گهارڻ ڏيڻ جو نالو آهي؟ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۽ قومي ورثي جو نالو آهي؟ پنهنجي قوم سان وفاداري ۽ ان جي هر نفعي-نقصان کي پنهنجو نفعو ۽ پنهنجو نقصان سمجهڻ جو نالو آهي!؟، سال جا سمورا مهينا، مهينن جا سمورا هفتا ۽ هفتي جا سمورا ڏينهن پنهنجي قوم سان گڏ بيهڻ جو نالو آهي... !؟
غير حقيقت پسنديءَ جي اکين سان ڏسجي ته، اسان گذريل پنجن سالن دوران پنهنجي ڪلچر جو ڀرپور دفاع ڪري ڏيکاريو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو ڪرڻ ممڪن هو. اسان هالا جي پيڙهائتن پورهيتن بجاءِ ”غير ڪلچرلي“ صنعتڪارن جي صنعتن مان  نڪرندڙ مشيني اجرڪن ۽ کؤنر هڻي سڌيون ڪيل ٽوپين جي، هڪ ڏينهن لاءِ بي انداز خريداري ڪري سندن فيڪٽرين کي مهينن تائين مصروف رکي ڏيکاريو آهي. هڪ مخصوص ڏينهن تي، فائرنگ جا ڌوڙيا ڪري، قانوني توڙي غيرقانوني هٿيارن جي دلالن جي روزي- روٽيءَ جو بندوبست به ڪري ڏيکاريو آهي. پاڻ جهمريون هڻڻ لاءِ ميوزڪ سي ڊين جي خريداري ڪرڻ سان گڏ فنڪارن کي به ڪجهه بيگار ته ڪجهه دڙڪي دهمان سان گڏ ڪجهه مالي سهارو  بڻجي به ڏيکاريو آهي. دبئي کان نيويارڪ تائين ”پروموٽرن“ کي پروموٽ به ڪيو آهي، ته ڪجهه ادارن جي ريٽنگ آسمان تائين پهچائي، کين ايندڙ سال گهڻو ڪجهه ڪري ڇڏڻ جي طاقت به عطا ڪري ڇڏي آهي. پر انهن مڙني ”ڪيل“ ۽ ”ڪرايل“ سرگرمين سان فقط ”سنڌ جو ڪلچر“ ئي محفوظ ۽ سگهارو بڻجي سگهيو آهي؟ هر خطري کان نڪري ويو آهي؟ پنهنجن پيرن تي بيهجي ويو آهي؟ سنڌ مخالفن هٿان مڙهيل ڪلچر مان جان ڇڏائي سگهيو آهي!؟ هڪ حقيقت پسند جي نظر جيڪو ڪجهه ڏسي ٿي، جيڪو ڪجهه ان کي ڏسڻ لاءِ ڏنو ويو آهي، تنهن مطابق:” سنڌ جي نياڻي رنڪل اغوا ٿيڻ تي سندس خاندان کي سندن قومي ڪلچر ان انداز سان انصاف ڏئي رهيو آهي جو، اغوا ٿيل نياڻيءَ جو نانو  جلاوطنيءَ لاءِ چونڊيل ملڪ جي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ مشين ذريعي ساههُ کڻندي نظر اچي رهيو آهي! جڏهن سنڌ جو هڪ ڳڀرو جوان ۽ قومي ڪارڪن افضل پنهور ڪوڙي پوليس مقابلي جو کاڄ بڻائي، قوم۽ قوم جي ڪلچر پاسي بيٺل مڙني سنڌين کي ”سڌو پيغام“ ڏنو ٿو وڃي ته، ڪو هڪ به وڪيل ڪنهن ننڍي عدالت ۾ اهڙي ڪهرَ خلاف، پٽيشن داخل ڪرڻ جي همت به نه ٿو ڪري، صاف جواب ڏئي ٿو ڇڏي! سنڌ جي قديم ترين سنڌي ڀوري ڀيل جي پوريل لاش کي قبر مان ڪڍي، جانورن جيان ڪاٺين سان ٻڌي اڇلائڻ بعد اڄ تائين سندس لاش ان جهنگ ۾ ئي پيل ٿو هجي، جتي وارثن کي دفنائڻ جي ”رعايت“ ڏني وئي! ڪڪو ڪولهڻ کي لڄ لٽي قتل ڪرڻ بعد، قاتل ته جيئن جو تيئن پنهنجن محفوظ گهرن ۾ ويٺل آهن، پر ظلم جو شڪار ٿيل سنڌي خاندان پنهنجا اجها ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿو ٿئي!. سنڌ جو ڪلچر ته ڏوهاري خاندان کي، چاهي اهو ڪيترو به با اثر ڇو نه هجي، پنهنجا اجها ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪندڙ آهي ڀلي مظلوم ڪيترو به ڪمزور ڇو نه هجي. پر هي ڇا پيو ٿئي؟ هاڻ ڇا پيو ٿئي؟ سڄي سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي؟ ڪلچر مضبوط پيو ٿئي؟ سنڌ جو سيڪولر ۽ جمهوري ڪلچر مضبوط پيو ٿئي يا ان جو ڏينهون ڏينهن موت ويجهو ايندو پيو وڃي؟ جي اسان پنهنجو ڪلچر نه رڳو بچائي پر ان کي تمام گهڻو سگهارو به ڪري ڏيکاريو آهي؟ ته پوءِ، هي ڪنهن جو ڪلچر تباهه پيو ٿئي!؟ ڪنهن جو ڪلچر وجود جي ويڙهه پيو وڙهي!؟ ڪا هڪ ڳالهه ته ڪوڙ ضرور آهي؟، يا سنڌ اها نه آهي، جتي نه ڪنهن جو مذهب محفوظ آ، نه ئي ننگُ! نه جيئري محفوظ آ، نه ئي مئي!؟ يا پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، سڀ ڪجهه زبردست آهي، ڪا پريشاني نه آهي... !؟“
اسان شعوري يا لاشعوري طور ڪجهه ادارن جي ”ريٽنگ“ وڌائڻ جي ونگار ۽ سنڌي قوم سندن ”مُٺ ۾ هئڻ“ جو تاثر ڪامياب ڪرڻ کان وڌيڪ، ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو. پر سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، سڀُ ڪجهه ممڪن آهي. سنڌ جو تاريخي ڪلچر، سنڌ جي تاريخي طور وارث قوم جي ملڪيت آهي ۽ ملڪيت هئڻ به گهرجي. سنڌي ڪلچر جي بچاءَ جو ڪم به پوري قوم ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي. سڀني جو ڀلو به ان ڳالهه ۾ ئي آهي ته جيڪو جنهن شيءِ جو مالڪ آهي، مالڪي به ان حوالي ئي ڪئي وڃي. سنڌ جي گهڻ-رخي ۽ گهڻ-پاسائين ثقافت، جنهن جي سڃاڻپ اسان جي لباس کان وڌيڪ اسان جي ذهن ۽ مزاج سان آهي، تنهن جي مالڪي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪندڙ ادارن، تنظيمن ۽ تحريڪن کي ڪرڻ ڏني وڃي. کين ئي ان سڃاڻپ جو مالڪ بڻايو وڃي. ايئن ڪرڻ سان ئي سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ادارا به مضبوط ٿي ويندا. اھي ئي هڪ اهڙو مضبوط سماج جوڙي سگهن ٿا، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي گهڻ-رخي ڪلچر جو محافظ بڻجي سگهي. ايئن ئي ٿي سگهڻ ۽ ڪري ڏيکارڻ لاءِ، سنڌي سماج جي نمائندگي ڪندڙ سمورين ڌرين کي به، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سان گڏجڻ ۽ سوچڻ جي شروعات ڪرڻ گهرجي. جي اهو ڪم ٿي نه سگهيو ته مخصوص مفاد پنهنجن ضرورتن تحت، سنڌين جيان سندن سڃاڻپ جي هڪ حصي سان کيڏندا ۽ ساڳي ثقافت جي ٻين اهم ترين حصن کي ايئن ئي لاوارث ڇڏيندا رهندا، جيئن ڇڏيندا رهيا آهن. ۽ پوءِ، هڪ ڏينهن غير حقيقت پسندي ۽ عقيدي پرستيءَ جي ننڊ مان اٿڻ بعد، اسان کي خبر پوندي ته: ”اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ڪلچر کان ڪيترو نه پري ٿي چڪا آهيون، هر سال شاندار ميلو مچائڻ باوجود به...!“

No comments:

Post a Comment