شاعريءَ جي گلوبل وليج ۾ گهرج
نصير سومرو
نئون دور پاڻ سان اصطلاحن جو نظام ساڻ کنيو ايندو آهي. گلوبل وليج پاڻ
اهڙو اصطلاح آهي. انهيءَ اصطلاح جي خاندان جا بيا به کوڙ لفظ آهن، گلوبلائيزيشن، ورلڊ
ٽريڊ آرگنائيزيشن ”WTO“ فري ٽريڊ، لبرل پاليٽڪس، ملٽي نيشنل ڪمپنيون،
عالمي حاتون سون ۽ پيٽرول جا وڌندڙ اگهه، ڊالر جي مقابلي ۾ مڪاني ڪرنسي جو ڪرندڙ قدر
۽ ٻيا انهن سڀني جو نچوڙ اهو آهي ته ڪا شي يقيني ڪانهي.
(nothing remains certain)
ڪر خبر ڪٿان پيو اچين؟
”ڊاڪٽر ڏي ويو هوس“
خير ۾؟
”ڊاڪٽر ڏي خير مان وڃبو ڪونهي. بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرال ٿو رهي.“
ڪولسٽرال ۽ بلڊ پريشر... . ننڍي وهيءَ ۾ بيماريون.
”ننڍي وڏي وهي جو فرق ڪونهي رهيو.“
هن وڌندڙ دٻاءُ ۽ سوڙهين حالتن ۾ ڇوٽڪاري ۽ فلاح جو رستو نه ملندو ته
سوچي سوچي ماڻهو نيٺ دل جو مريض بڻجي ويندو.
”اها ئي ڳالهه آهي.“
تفريح ڏانهن، آرام ڏانهن ۽ ورزش ڏانهن ڌيان ڏي.
”ڌيان ئي ته رهيو آهي. ڌيان ڏي ته به پريشاني ۽ ڌيان نه ڏي تڏهن به
پريشاني.“
ٿورو گهڻو مطالعو ڪر.
”مطالعو پڄي نٿو.“
ذهني اوسر جا امڪان ڪيئن جنم وٺندا، جيڪڏهن مطالعي کان پري رهبو، ورزش
کان پري رهبو، مشغلو ضروري آهي. ”تون الائي ڪيئن ٿو شاعري ڪرين، مضمون ۽ ڪالم لکين.
مان اخبار به پڙهان ته اوٻاسيون اينديون آهن.“
پراڻين عادتن مان ڪجهه ڇڏ ۽ نيون عادتون ڌار.
”مثال طور؟“
چوياري ٺاهه. ڪچهري جا موقعا تلاش ڪر. سنڌين جي وندر ڪچهري اٿئي. دل
۾ جيڪي اٿئي، دوستن سان سَلِ. هانءُ هلڪو ٿيڻ سان طبيعت هشاش بشاش رهندئي.
”ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ڏسندو آهيان.“
نيٽ تي ويهڻ تفريح جا جامع موقعا فراهم ڪري ٿو. هڪ وقت تائين ته ٺيڪ آهي،
سڄي سڄي رات ويهڻ ۽ چيٽنگ ڪرڻ سان ذهن ۾ ٿڪ ٿئي ٿو. ڪوشش ڪر ته ايترو ۽ اهڙو ڪم ڪر،
جو ٿڪ ڀڃين سگهين. ٿڪائڻ سان چهري ۽ اندر جي ڪيفيتن تي ناڪاري اثر ٿا پون.
”پاڻ جڏهن ڳوٺ ۾ هوندا هئاسين، ڪيڏو نه خوش هئاسين. وقت هوندو هو، جو
ڪڏهن شاخ ۾ وهتاسين، ڪڏهن ٽوويل تي وهنجڻ وياسين، ڪڏهن ڪوڏي ڪوڏي کيڏيسين، ڪڏهن ملاکڙو
ڏٺوسين ۽ ڪڏهن سچل جي ميلي تي ۽ ڪڏهن ٻارهيئَنَ جي ميلي تي وياسين ۽ هن وقت گهر ۽ دفتر
۽ بس. ڪنهن جي گهر وڃڻ به اڄ ڪلهه صحيح ڪونهي. ٿوري گهڻي غلط فهميءَ تان ممڻ مچي ٿا
وڃن.“
ايڏو نه سوچ. هڪ ٻه دوست هجڻ، ضروري آهي. پنهنجي جيون ساٿيءَ سان ٽو ٻاءِ
ٽو هجي ته ويتر ڀلو. ڪڏهن شام جو، ڪڏهن صبح جو واڪ تي وڃجي ۽ زال مڙس جو گڏ هجڻ ئي
فخر جو باعث آهي.
”تاڙي هڪ هٿ سان وڄندي ڪانهي.“
اٿئي مڙس جي هٿ ۾.
”شهرن ۾ زالن جي ٿي هلي.“
زالاڻو ڪلچر گلوبل وليج وارو ۽ مڙساڻو ڪلچر ڪنٽري وليج وارو آهي. شهر
جي اقتصاديات ۾ عورتن جو حصو آهي. ”ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ وانگر زالون به ٿڪائين ٿيون.“
ڪولسٽرال، بلڊ پريشر، شگر ۽ ڊپريشن حد کان وڌيڪ ٿڪجڻ جو نتيجو آهي ۽ ٿڪجڻ....
”گلوبل وليج ۾ حالتن سان تال ميل ۾ هجڻ سان ٿڪ نٿو ٿئي. مس فٽ ۽ ان
فٽ هجڻ ناڪامي آهي. ناڪام رهي کهي جرئت ۽ حوصلو به کسي ٿي وٺي.“
تون سمجهين ٿو ۽ چڱيءَ ريت حالتن جو تجزيو به ڪري سگهين ٿو پوءِ ڇو پريشان
آهين؟
”اسان سنڌي شهر ۾ اڌوري ۽ اڻپوري زندگي ٿا گذاريون.“
ڇا مطلب؟
”اڌ شهري آهيون ۽ اڌ ڳوٺاڻا. نيم حڪيم خطري جان ۽ نيم ملان خطري ايمان
واري حالت آهي.“
اسان جا ٻار شهر ۾ ڄاوا آهن. اهي هتان جي ماحول ۾ رچي بسي ويا آهن. اسان جي ٽهي، جيئن حيدرآباد،
ڄامشوري ۾ اسي واري ڏهاڪي ۾ نسلي ۽ لسانياتي وڳوڙن جي ور چڙهيل هئاسين، تيئن ڪراچيءَ
۾ آهيون.
ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو الائي ڇا ٿيندو؟ هيءَ سوچ کائي رهي آهي. سچ پڇين،
ٿوري گهڻي تڪليف ۾ پنهنجن ڀوتارن ۾ ٽڪي جي اميد ڪانهي. هڪڙا وڏيرا ۽ ٻيا وڏيرڪي ذهنيت
جا مريض.
”ائين ئي هلندو رهندو.“
پنهنجو ٻوٽو نه ٻاربو ته پنهنجي سڃاڻپ ريڊ انڊين جهڙي ٿي ويندي.
”هي رسالو ڪهڙو اٿئي؟“
ماهوار لوڪ آهي.
”ڏيکار.“
وٺ. پڙهندو ڪٿي آهين!
”الطاف شيخ جو انٽرويو ڇپيو آهي. ڇا ٿو چئي...“
”اسان، غريب ملڪن جا نه فقط غريب ماڻهو آهيون، پر فطرتن سست ۽ ٿوري
ٿوري ڳالهه تي همت هارڻ وارا پڻ آهيون؟ چوي سچ ٿو.“
ٿڌن علائقن جا ماڻهو چست ۽ گرم علائقن جا ماڻهو جيئن پاڻ آهيون سست ٿيندا
آهن. جاگرافيائي اثرات جو انٿروپالاجي ۾ وڏو دخل آهي. اسان شاعر آهيون. ان جو مطلب،
اسان ۾ اڪيلائپ ۽ انفراديت جا لاڙا آهن. گلوبلائيزيشن جي ڀيٽ شاعريءَ سان ڪبي ته ٻئي
هڪ ٻئي سان تضاد ۾ نظر اينديون.
Poetry and globalization are contradictory
forces
”شاعري کي افلاطون جيئن پنهنجي يوٽوپيائي ريپبلڪ مان خارج ڪري ٿو، تيئن
گلوبلائيزيشن پڻ شاعريءَ کي رد ڪري ٿي.“
فطرت ۽ منڊي آمهون سامهون آهن. فطرت جي ترجمان شاعري آهي ۽ منڊي جي ترجمان
دولت آهي. جتي ڏات جي ديوي هوندي اتان لڪشمي ديوي هلي ويندي ۽ جتي لڪشمي آئي اتان ڏاهپ
جي ديوي هلي ويندي. ٻه شيون هڪ سمي هڪ هنڌ رهي نٿيون سگهن.
”دولت جو سرٻاٽ ٻوڙي کي به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڏاهپ جي رڙ به ٻڌڻ ۾ نٿي
اچي. شاعر لڇي ڪيڏو به، دولت جي آڏو ساڻيهه جي سڪ، ٻوليءَ جي ميٺاج، ثقافت جي چانڊاڻ،
فن ۽ جماليات جو رس چس ثانوي بڻجي وڃن ٿا. ڪنهن ڏاهي جا لفظ آهن، انٽرنيٽ تي پڙهيا
هئا:
The problem in today’s world is that everyone is
uprooted and un rooted.
اسان ڳوٺاڻن جون پاڙون مٽيءَ ۾ ئي پختيون رهي سگهن ٿيون. هوائي ڪلچر جون
پاڙون هوا ۾ مٿي طرف آهن. ان ڪلچر جو زمين سان ڪو واسطو ڪونهي.“
هيـٺ مٿي جو مثال سٺو ڏنو اٿئي.
”هيٺ مٿي ۾ ئي آهنگ آهي.“
مٿي وارو هڪ ڏينهن هيٺ به لهڻو آهي.
”ائين ڇو نه چئجي، هيٺ وارو به هڪ ڏينهن مٿي اچڻو آهي. مٿيون هيٺ لهي
اچي ۽ هيٺيون مٿي چڙهي وڃي ٻنهي جو مونجهارو دور.“
لهڻ سولو آهي. چڙهڻ ڏکيو آهي.
”اسان پوئتي رهجي ويا آهيون. ڏکيو ڪم پاڻ کي هڪ ڏينهن ڪرڻو ئي پوندو.“
سڄو عالم (Universe) اسان جو آهي ۽ اسان ڪٿي جا به رهيا ڪو نه آهيون.
هي احساس اصل مونجهارو آهي.
We belong nowhere وڻجارڪي
دور ۾ موٽي وڃڻ کان ڊڄي رهيا آهيون. گهر اڏي رهڻ ۾ هزارين مجبوريون لاحق آهن. بجلي
نه چورايون ته بل نٿا ڀري سگهون، ڪوڙ نٿا ڳالهايون ته شيون مهانگيون نٿيون وڪامن. پاڻ
کي بهشت کپي. ٻيو وڃي دوزخ جي تري ۾ پئي. پنهنجو ڇا! منافقيءَ جو دستور ڏاهپ بڻجي چڪو
آهي.
”گلوبلائيزيشن ۾ رشتو ڪهڙو به هجي، عارضي آهي. مضبوط ناتو صرف ۽ صرف
ناڻي وارو آهي. ترت ترقي، جلدي بدلو ۽ اتر وٺڻ جديد حياتيءَ جا ٿنڀا آهن. تيزيءَ واري
ڪارگذاري مان ڇڪتاڻ (ٽينشن) جنم وٺي ٿي. بلڊ پريشر ڇڪتاڻ واري هڻ هڻان جو ثمر آهي.
ان حالت ۾ شاعري دل جي محسوسات جا در دريون کولي ٿي.
Poetry is to feel the beauty of mature
childhood, innocence loneliness and struggle.
شاعريءَ ۾ جلديءَ جو تصور ڪونهي. محبت ڀرين لفظن ۾ شاعري محسوس ڪري سگهجي
ٿي، پريم جي پورهيي ۾ شاعريءَ جو عنصر موجود رهي ٿو. ماڻهو سچو ٿئي ته هن جي سچائيءَ
۾ شاعري جو عڪس نظر ايندو. ڪمرشلزم ۾ مڪر ۽ فريب سان ڪاميابي ملي ٿي. هيءَ ڪاميابي
دل جي دنيا ۾ ناڪامي سمجهي ويندي آهي.“
ادب جي قوت جو اعتراف زباني ڪيو ويندو آهي. حقيقي زندگيءَ ۾ پئسي جو پاور
تبديليءَ جو موجد آهي. پئسو سڃاڻپ بڻجي وڃي ته پوءِ لٽريچر واري سڃاڻپ جي تخليق ڪهڙي
معنيٰ رکندي؟
”لٽريچر سان سڃاڻپ آهي. لٽريچر ۾ شاعريءَ جو وڏو دخل آهي. شاعريءَ مان
مراد ٻوليءَ ۾ جماليات جي تخليق آهي. تخليق زندهه رکي ٿي.
... ... .Literature
keeps language alive
As our collective
heritage....
... ... literature
creates a sense of
Identity and community.
گلوبلائيزيشن جي گليمر ۾ ائين ڪونهي. معاشي طاقت عالم (دنيا) تي راڄ ڪري
ٿي. ناڻي جي راڄ ۾ شاعر جو قلم راڄ نٿو ڪري. اڳ ۾ شڪايت هئي ته چپن تي تالا لڳل آهن
۽ ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي ۽ اڄ وري شڪايت اها آهي ته ڪو ٻڌي نٿو. پئسي واري کي ٻڌو
وڃي ٿو. پئسي سان استحقاق ملي وڃي ٿو. صاحب استحقاق ئي اشراف آهي. اشراف دنيا تي حڪومت
ڪندا آيا آهن ۽ اڄ پڻ سندن راڄ آهي.“ گلوبل وليج ۾ شاعريءَ جو ڪارج انفرادي سطح تي
دل جو سڪون آهي. اهو سڪون، جيڪو ناڻي سان خريد ڪرڻ ممڪن ڪونهي. ٽٽل دل کي شعر جي قوت
جوڙي ٿي. ايڏي قوت واري شاعريءَ جو آواز گلوبل وليج جي تشڪيل نٿو ڪري، البت وڃايل دلين
کي ان جا ورلاپ ڳوليندا رهن ٿا.
No comments:
Post a Comment