18/02/2014

تاريخي ڪتابن جي حوالن کي غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي! - فاروق بجاراڻي (Farooq Bujarani)


تاريخي ڪتابن جي حوالن کي
غلط انداز ۾ بيان نه ڪرڻ گهرجي!
فاروق بجاراڻي
29 جنوري 2014ع جي ”ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾، سانگهڙ جي مير حسن مريءَ جو هڪ خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ناليواري ليکڪ ايس پي ڇٻلاڻيءَ جي مشهور ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ مان ڪجهه حوالن کي غلط رنگ ڏيئي پنهنجي مفروضن جي دليل طور اهڙيءَ طرح بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته اڄ کان ٻه ٽي صديون اڳ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ اڄ کان وڌيڪ زرعي زمين آباد هئي ۽ ان جي زرعي پيدائش به ڄڻ اڄ کان گهڻو وڌيڪ هئي.

دراصل ڇٻلاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ماضيءَ جي مختلف ليکڪن ۽ سياحن جا بيان قلمبند ڪيا آهن، جن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ڏٺي ۽ هتان جا فصل ۽ زرعي زمينون ڏسي انهن جي تعريف ڪئي، جيڪا هڪ حقيقت هئي پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته، انهن ليکڪن ۽ سياحن سنڌ جي زراعت جي ڀيٽ انهيءَ دور جي دُنيا جي حساب سان ڪئي آهي ۽ اڄوڪي وقت سان نه ڪئي آهي پر دوست مير حسن مريءَ پنهنجن مفروضن لاءِ انهن ليکڪن جي زرعي منظر ڪشيءَ کي هاڻوڪي سنڌ جي زرعي منظر ڪشيءَ سان نسبت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور ڇٻلاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ ڪڻڪ به بهترين قسم جي پوکي ويندي هئي ۽ جتي ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، اُتي ميلن جا ميل ملڪ اناج سان سينگاريل هو.“
هاڻي انهيءَ جملي مان مير حسن مريءَ اهو مفروضو ڪڍيو ته، شايد ڪلهوڙن جي دور ۾ جديد آبپاشيءَ جا بئراج نه هجڻ باوجود به سنڌ ۾ اڄ کان وڌيڪ ايراضيءَ تي فصل ٿيندو هو ۽ شايد ان جي پيداوار به اڄ کان وڌيڪ هوندي هئي پر دوست جو اهو مفروضو درست ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڇٻلاڻي صاحب جو ڪتاب صحيح نموني پڙهي ۽ سمجهي ان ۾ ڏنل انگن اکرن تي غور ڪيو وڃي، ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي.
ڇٻلاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب جي باب پنجين ۾ مُغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ڪل ايراضي ۽ انهيءَ جي في ايڪڙ پيداوار جا انگ اکر بيان ڪيا آهن. سو ڇٻلاڻي صاحب مطابق، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ اٽڪل 21 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، جنهن جي خريف ۽ ربيع، ٻنهي مُندن جي اناج جي پيداوار اٽڪل 256 لک مڻ يعني اٽڪل 9 لک ٽن هئي، جيڪا ٽالپرن جي دور ۾ گهٽجي ويئي ۽ ڪُل آباد ايراضي اٽڪل ڏهه لک ايڪڙ ۽ ڪُل پيداوار اٽڪل 100 لک مڻ يعني اٽڪل ساڍا ٽي لک ٽن هئي.
انهيءَ حساب سان ڇٻلاڻي صاحب لکي ٿو ته، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ خريف ۽ ربيع جي گڏيل سالياني اناج جي پيداوار في ايڪڙ تي اٽڪل ٻارنهن مڻ هئي. هاڻي توهان پاڻ اندازو لڳايو ته، گرين ريووليوشن جي جديد جِنسن سبب في ايڪڙ تي اڄ ڪيتري وڌيڪ پيداوار ملي ٿي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هزارين ميلن ۾ پکڙيل واهن جي سرشتي باوجود به ٽوٽل آباد ايراضي 21 لک ايڪڙ هئي، جڏهن ته سکر بئراج ٺهڻ سان صرف سکر بئراج تي 78 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ لڳي ۽ هن وقت سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ تي مجموعي طور اٽڪل هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي ۽ هن وقت پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار اٽڪل 23 ملين ٽن آهي، جنهن مان 16 ملين ٽن پنجاب ۽ اٽڪل چار ملين ٽن سنڌ ۾ ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي، پر پوءِ به ايتري ڪڻڪ مشڪل سان ماڻهن جي خوراڪ جي ضرورت پوري ڪري رهي آهي. سو اسان جا جيڪي دوست اڄوڪي آبپاشي ۽ زراعت جي وڌيل نظام کي ماحوليات دشمن ۽ سامراجي سازش سمجهن ٿا ۽ ڪلهوڙن جي دور واري نظام جي واپس اچڻ جا خواب ڏسن ٿا، ته انهن کان سڀ کان وڌيڪ غلطي اها ٿئي ٿي، ته اهي دوست اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، ته ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ جي آدمشماري ڪيتري هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي!
ايم ايڇ پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب (Six thousands year history of  Irrigation  in Sindh) جي صفحي 213 ۾ لکي ٿو ته، ”ڪلهوڙن جي وقت ۾ سنڌ جي آدمشماري 30 لک ماڻهن جي لڳ ڀڳ هئي، جڏهن ته هاڻي آدمشماري ان کان اٽڪل 16 دفعا وڌيڪ پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، ته ڇا اڄ جي پنج ڪروڙ ماڻهن جي خوراڪ جي ضرورت ڪلهوڙن جي دور ۾ آباد ٿيندڙ 21 لک ايڪڙ ايراضي ۽ ان جي سالياني 9 لک ٽن اناج جي پيدائش پوري ڪري سگهندي؟ جڏهن ته هينئر سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ صرف 40 لک ٽن ڪڻڪ به سنڌ جي ڪڻڪ جي ضرورت پوري نه ٿي ڪري سگهي! پر ٻئي طرف اسان جا ڪجهه دوست ماحوليات دوستيءَ جي آڙ ۾ سنڌ کي ڪلهوڙن جي دور واري ٽوٽل سالياني 9 لک ٽن اناج جي پيداوار واري زراعت ڏانهن وڃڻ جا مشورا ڏيئي رهيا آهن ۽ شايد انهن کي اها خبر ناهي ته، اهڙي حالت ۾ اڄ ماڻهن کي شايد هڪ هزار روپين ۾ به اٽي جو ڪلو نه ملي سگهندو! سو انهن ماحوليات دوستن کي عرض آهي ته، توهان جون ڳالهيون زبردست، عاليشان! پر مهرباني ڪري ڪلهوڙن جي دور جي آدمشماري ۽ اڄوڪي آدمشماريءَ جي فرق ۽ انهن جي خوراڪ جي ضرورت جي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي بعد ۾ سائنسي منطقي انداز ۾ انگن اکرن سان مسئلن جا حل ۽ خوراڪ جي متبادل پلان بابت بحث ڪرڻ گهرجي ۽ رڳو ڪنهن معزز ليکڪ جي ڪتاب جي حوالن کي غلط رنگ ڏيئي پنهنجا مفروضا بيان ڪرڻ ۽ ٻين انگن اکرن جي ”هوائي“ ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي!

No comments:

Post a Comment