اياز
جو فڪر عام ڪرڻ جي ضرورت
مٺل جسڪاڻي
جيتوڻيڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم
نالي واري مها ڪوي شيخ اياز تي گهڻن ئي قلمڪارن لکيو آهي، اڃا به لکن پيا ۽ مستقبل
۾ پڻ لکندا رهندا. ان هوندي به شيخ اياز تي مون جهڙي گهٽ سمجهه ماڻهو کي نه، مڃيل
سٺن شاعرن، اديبن ۽
محققن کي لکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز، جنهن بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد
نظم، هائيڪا، ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين ۽ مضمونن سميت نثر جا بيمثال نمونا ڏنا، جنهن خط به
ادبي شهپارن جهڙا لکيا، ان ساڳئي شيخ اياز، سنڌ جي جديد شاعري جي باني جي حيثيت
ماڻي، اهو ئي اياز، ڪلهه به ته اڄ به، ۽ سڀاڻي پڻ، ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو
آٿت هو، آهي ۽ رهندو به...
شاهه لطيف ۽ سچل کان پوءِ، جنهن هڪ ئي
شخصيت، جيڪو املهه نظم ۽ نثر قلمبند ڪيو، اسان کي ان سونهي شيخ اياز تي فخر آهي،
پاڻ سڀني کي فخر ڪرڻ به گهرجي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز سچ به سنڌ کي ماضي، حال ۽ مستقبل
جي وڏي شاعر طور، هڪ اڻ ڪٿ تحفو ٿي مليو...
جيءُ، ها، اهو ئي شيخ اياز جنهن جي
پهرئين مجموعي ”ڀونر ڀري آڪاس“ کان وٺي سندس آخري (ڇائيتاليهين ۽ ستيتاليهين)،
دعائن تي مشتمل مجموعي ”اٿي اور
الله سان“ ۽ ”دعا“پڻ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي جيڪا ضرورت ڪلهه هئي، اڄ به نه صرف اوتري ئي
گهرج موجود آهي، پر بدلجندڙ تعليمي ۽ تربيتي حالتن ۽ صورتن سبب، ان جي شدت اڃا به
گهڻي وڌي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ وانگر حال ۾ پڻ، جتي شيخ اياز جي چاهيندڙن جو
ڪو ڪاٿو نه آهي، اتي ڳڻپ ۾ اچڻ جيترا ئي سهي، پر جيئن سندس زندگيءَ ۾ به سندس مخالفت
۾ ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ هئا.
اهي، يا اهڙا، اڄ به موجود آهن، پر هاڻي ڪي اهڙا به اڌ پڙهيا پيدا ٿي پيا آهن، جن
کي، اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ تي ٻرو ٿو وٺي، تپ ٿو چڙهي، پر لفاظي تي وٺ اٿن!؟ کين ڪو
چوڻ، آکڻ وارو ئي ڪونهي!؟
اياز جي مالڪي ڪندڙن، اياز کي مرشد
چوندڙن جو خير هجي، منهنجي دل ٿي گهري ته آئون چوان، اياز کي مجاورن، متولين،
روايتي مريدن جي ضرورت نه هئي، نه آهي، نه رهندي. اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت
آهي. منهنجي دل ٿي چاهي ته صلاح ڏيان: اياز جي ڪتابن مان ڏکيا لفظ چونڊي، انهن جي
الڳ لغت به تيار ڪرڻ گهرجي. جيئن سمجهاڻي ۽ تشريح سان شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو
ويندو رهيو آهي، تيئن شيخ اياز جي هر لکڻي کي پڻ، سليس سمجهاڻي ۽ تشريح سان شايع
ڪرڻ گهرجي، ته جيئن، جيڪي به لئي مان لٺ ڀڃي ليکڪ، شاعر ۽ محقق سڏائڻ لڳا آهن،
انهن اڌ پڙهيلن کي اياز جو فڪر ۽ فن سمجهه ۾ اچي. نه صرف ايترو، پر شيخ اياز جي
چونڊ شاعري، پوءِ ڀلي ته اها نصاب ترتيب ڏيندڙن پاران قبول ٿي سگهندڙ به ڇو نه
هجي، پر اياز جي شاعري، پرائمري کان هائير سيڪنڊري تائين پڙهائجندڙ سنڌي مضمون
واري نصاب ۾ به شامل ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اياز کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي ۽ اڳتي
هلي شاگردن ۾ اياز کي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿي سگهي. ان طريقي سان ئي شيخ اياز جي فن ۽
فڪر کي عام به ڪري سگهجي ٿو، ته اياز جي صحيح نموني مالڪي به ٿي سگهي.
سچ ته شيخ اياز جي فن ۽ فڪر کي عام
ڪرڻ جي، جيتري ضرورت اڄ آهي، شايد ايتري ضرورت ڪالهه نه هئي، پر جيڪڏهن پاڻ سستي
ڪنداسين، ته پوءِ مستقبل ۾ اها ضرورت ايتري ته وڌي ويندي، جنهن کي منهن ڏيڻ گهڻو
مشڪل ۽ مهانگو ڪم، عمل ٿي پوندو.
No comments:
Post a Comment