20/04/2014

ڪتاب ”لاڙڪانه ڪي چار درويش“ - پروفيسر سليم ميمڻ (Prof. Saleem Memon)



ڪتاب ”لاڙڪانه ڪي چار درويش“:
هڪ تاريخي دستاويز
پروفيسر سليم ميمڻ
’لاڙڪانه ڪي چار درويش مسلم شميم صاحب جو اٺون ڪتاب آهي. جيڪو سال اڳ پڌرو ٿيو هو. هن کان اڳ مسلم شميم جا پنج نثري ڪتاب، جن ۾ تنقيدي، تحقيقي ۽ فڪري مضمون آهن، ۽ ٻه شعري مجموعا پڙهندڙن تائين پهتل آهن.
مسلم شميم هر فن مولا آهي. سندس صحافت جي ميدان ۾ پڻ وڏيون خدمتون آهن. هڪ مثالي استاد ۽ منتظم ۽ وڏي پائي جا وڪيل آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هڪ اعليٰ وڪيل جي منصب تي مقرر شخصيت لاءِ، ٻيا منصب ۽ حوالا معنيٰ وڃائي ويهن ٿا. ڇاڪاڻ ته وڪالت اهڙو ڪسب آهي، جيڪو ڪنهن کي ڦاهيءَ تي ٽنگرائي ٿو ڇڏي، ته ڪنهن کي ڦاهيءَ جي تختي کان آجو ڪري ٿو ڇڏي ۽ اوهان ۾ اهي سمورا گڻ اتم درجي تي موجود آهن.
لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين مسلم شميم کي به پنهنجي اندر اهڙيءَ ريت سمائي ڇڏيو آهي، جو مسلم شميم ان کي پنهنجي جنم ڀومي ۽ پريم ڀومي سڏي ٿو. هونئن به لاڙڪاڻو، سنڌ جو هڪ تاريخ ساز ضلعو آهي، جنهن سياست، ادب ۽ ثقافت جي کيتر ۾ نه رڳو تاريخ ساز شخصيتن کي جنم ڏنو، پر سنڌ جي تاريخ جي ارتقا ۾ نشانبر ڪارنامن ڪرڻ وارن شخصيتن کي پاليو تاتيو ۽ انهن جي ڪارنامن پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ کي ڇرڪائيندڙ واقعن سان ٽٻٽار ڪري ڇڏيو. اهي ڇرڪائيندڙ رنگ ۽ ڍنگ اڄ لاڙڪاڻي کي ’مهين جو دڙو‘ کان پوءِ نون کنڊرن ۾ بدلائي رهيا آهن، ۽ اڄ کان پنج هزار سال پوءِ اسان جو ايندڙ نسل، ٻنهي کنڊرن جو تقابلي جائزو وٺي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جُنبيل هوندا ته انهن مان ڪهڙو ڦِٽل ماڳ پراڻو آهي ۽ ڪهڙو ثقافتي ورثو قديمي آهي.
مسلم شميم صاحب لاڙڪاڻي جي تاريخ جا مختلف دور ڏٺا آهن. جڏهن لاڙڪاڻو پنهنجي اوج تي هو: ثقافتي، علمي، ادبي ۽ سياسي ميڙاڪا ۽ علمي، ادبي ۽ سياسي قدآور شخصيتون ۽ ايتريون شخصيتون، جو چونڊ ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ته ڪنهن جو تذڪرو ڪجي ۽ ڪنهن کي ڪيئن ڇڏجي. ايترن ستارن جي جهڳٽي مان، هُن انهن چئن چمڪندڙ تارن جي چونڊ ان ڪري ڪئي، ڇاڪاڻ ته فاضل ليکڪ پاڻ به ڪامريڊ آهي. تنهنڪري لاڙڪاڻي جي چئن ڪامريڊن سان پنهنجي سياسي، تنظيمي ۽ فڪري هڪجهڙائيءَ کي هنن ’لاڙڪانه ڪي چار درويش‘ جي صفحن تي اهڙيءَ ريت پکيڙي ڇڏيو آهي، جو اهو فيصلو ڪرڻ ته انهن مان ڪير پهرين نمبر تي آهي ۽ ڪير ٻيو نمبر، بيحد ڏکيو ٿي پيو آهي.
ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ذوالفقار قادري ان حوالي سان ڪجهه هن ريت لکي ٿو: ”مسلم شميم جنهن فنڪاراڻي انداز سان انهن کي پيش ڪيو آهي، اُن مان لاڙڪاڻي جي خوشبوءِ، زيتون جي وڻن جي کڙکڙاهٽ، سارين جي پچڻ واري گرمي ۽ هن ڌرتيءَ جي مٽي ۽ پاڻيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڇهه ئي مضمون بيحد دلچسپ، فڪر انگيز ۽ نصيحت ڀريل هئڻ جي ڪري وڏي اهميت لهڻن ٿا ۽ انهن جي ترتيب ۽ جوڙجڪ هڪ اهڙو مفڪر ۽ محقق ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڻ فن جي اوچائين تي پهتل هجي“.
بحث هيٺ آيل ڪتاب ’لاڙڪانه ڪي چار درويش جو پهريون درويش ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري آهي. مسلم شميم، هُن جي چوراسي سالن جي حياتيءَ جي رمزن ۽ اسرارن کي ڪجهه اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي، جو هڪ جادوئي انسان جي پيڪر جو تصور اڀري ٿو، جنهن جي زندگيءَ جو هر رُخ، هر پاسو ۽ هر شعبو هڪ جيترو ۽ روشن ٿي اڀري ٿو. بخاري صاحب جي زندگي اسان سڀني لاءِ مثالي آهي. هُو هڪ عظيم انسان سان گڏ هڪ آدرشي سياستدان، ڏاهو، صحافي، حريت پسند، آزديءَ جي تحريڪ جو هڪ عظيم سپاهي ۽ هڪ سماجي ڪارڪن هو. هنن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ ڊگهو عرصو قيد ۽ بند جون صعوبتون سٺيون، جنهن ۾ هن گهڻو تڻو ’قيد با مشقتجو اعزاز ماڻيو. اوهان کي شديد جسماني اذيتن مان گذرڻو پيو، پر اوهان جي عزم جي اڏولتا ثابت ڪيو ته انسان جيڪڏهن همت ۽ حوصلي مان ڪم وٺي ته هي آزمائشون ۽ اذيتون ڪابه معنيٰ نٿيون رکن.
ڪامريڊ بخاريءَ جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جو حياتيءَ جو سفر وڏن لاهن چاڙهن مان گذريو، پر هُو ڪڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو. جمود ۽ ماٺار کي ته هن سڄي زندگي ڏٺو به ڪونه.
مسلم شميم صاحب پنهنجي ان مضمون ۾ پنهنجي داخلي ڪيفيتن ۽ احساسن جي بدران انگن اکرن ۽ تاريخن مان ڪم ورتو آهي ۽ هن جي زندگيءَ جي مختلف دورن ۾، ماڻيل منصبن، مختلف ادارن ۽ تنظيمن ۾ سندس رڪنيت بابت پيرائتي ڄاڻ ڏني آهي. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن ڪامريڊ جي زندگيءَ جي اهڙن واقعن جو به ذڪر ڪري ها، جيڪي اسان لاءِ اوندهه ۾ لاٽ جو ڪم ڏين ها. خاص ڪري جڏهن سندن شادي ٿي ۽ ’شانتي امان‘ جو دخل سندس زندگي ۽ ڪاروهنوار ۾ شامل ٿيو. مان ان حوالي سان علي احمد بروهي صاحب جي ان راءِ کي شامل ڪرڻ به ضروري سمجهان ٿو:
”ڪامريڊ بخاري سرخ پارٽيءَ جو روح روان ۽ رهبر هو. سندس گهر ۽ دفتر هڪ ئي هو، جيڪو بندر روڊ تي لائيٽ هائوس جي ڀرسان هو، پر گهر جو ته فقط نالو ئي هو. اچڻ وڃڻ وارن لاءِ بيٺڪ ۽ اوطاق به هو، ڪارڪنن جي سکيا جو مرڪز به هو ۽ پارٽيءَ جي آفيس به. شانتي جي اچڻ کان پوءِ  ان کي هڪ منظم دلڪش گهر جو روپ به حاصل ٿيو. سڀ ڪارڪن جيڪي اڳ ۾ ڇڙوڇڙ وهڙا هئا، هاڻي انسان ۽ گهرڀاتي سڏائڻ جي لائق ٿي ويا هئا. ملباريءَ جي هوٽل تان هڪ ٻوڙ بدران، هاڻي گهر ۾ ٻوڙ ماني ملڻ لڳي هئي. بخاري صاحب جيڪو جمعي جمعي تي ڪپڙا بدلائيندو هو، هاڻي روز ڌوتل پوتل ۽ استري ڪيل جُبو پائڻ لڳو، ۽ ايئن پهريون ڀيرو ٿيو ته پارٽيءَ جي آفيس ۾ عورتون به اچڻ لڳيون. گهر ۾ ڪم ڪرڻ وارين ماسين جي الڳ ۽ پورهيت عورتن جي الڳ يونين ٺاهي وئي، جن جي روح روان بيگم بخاري يعني شانتي امان هئي“.
ٻئي درويش، جنهن جو ذڪر مسلم شميم پنهنجي هن تصنيف ۾ ڪيو آهي، اهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيت هڪ اهڙي رهنما، شاعر، مفڪر ۽ اسان جي ليڊر جي آهي، جنهن کي هر دؤر ۾ هڪ ڪامل رهبر جي حيثيت حاصل رهي آهي. ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي عام شهرت هڪ ڪميونسٽ نظريو رکندڙ رهنما جي رهي آهي. هُو پنهنجي ان نظريي سان گڏ عوام جي اڳيان پيش ٿيو. جيتوڻيڪ اوهان باضابطه طور ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر نه هئا، ۽ نه سندن ترقي پسند مصنفين سان تنظيمي وابستگي رهي، پر تڏهن به ڪميونسٽ پارٽي ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين کين پنهنجو سرپرست ۽ اثاثو مڃيو.“
مٿيون سٽون مسلم شميم صاحب هن درويش جي بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکيون آهن. هاڻي توهان ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪهڙي درجي جو رهنما، اديب ۽ شاعر هو، جو کين ڪنهن پارٽيءَ ۽ پليٽ فارم جي ضرورت نه هئي. حقيقت ۾ هُو پارٽي ۽ پليٽ فارم جي رحم ڪرم تي نه هو، ويتر پارٽي ۽ پليٽ فارم سندس ڳيجهو هو، جنهن کي اهڙي ڪرشماتي شخصيت، مدبر رهنما، اديب ۽ شاعر جي گهرج هئي، جيڪو ان جي سرپرستي ڪري سگهي.
حيدر بخش جتوئيءَ جي ذڪر سان گڏوگڏ هن پنهنجي هڪ تکي نظم جي ذڪر سان گڏ، ان دؤر جي هڪ حقيقت جو اعتراف به ڪيو آهي: ”ان حيرت جو سبب اها حقيقت هئي ته سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر اردو ڳالهائڻ واري آبادي ‘ون يونٽ’ جي تائيد ڪندي هئي ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ جي عملي طرح مخالف هئي“.
مسلم شميم موجب ون يونٽ کان پوءِ 1983ع جي M.R.D موومينٽ ۾ به ان آباديءَ جو رويو ڪجهه مختلف نه هو ۽ اڄ به ساڳي صورتحال آهي.
هن مضمون ۾ مسلم شميم صاحب، حيدر بخش جتوئيءَ جي شاعري ۽ ترجمن تي لاڀائتي گفتگو ڪئي آهي. خاص ڪري ‘درياهه شاهه’، جو هڪ طويل نظم آهي، ان جو اردو ۽ انگريزي ترجمو شامل ڪري، مضمون کي نهايت دلچسپ ۽ رنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
هن مضمون ۾ فاضل ليکڪ ’سنڌو درياهه‘ جي عنوان سان ’رگ ويد‘ مان چونڊ سٽون شامل ڪيون آهن، جنهن جو اردو ترجمو سيد مظهر جميل صاحب ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هي خاڪو يا مضمون جتوئي صاحب سان گڏ سنڌو درياهه جي عظمت سان به واسجي ويو آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيت ۽ شاعري هڪٻئي سان جڙيل هجڻ جي باوجود، اها ڳالهه پنهنجي جڳهه تي برحق آهي ته سندن سياسي شخصيت ۽ عظمت جي ڀيٽ ۾ سندن شاعراڻي شخصيت ۽ عظمت به سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي. هو هڪ مهان انسان هو ۽ پنهنجي آدرشن، جدوجهد ۽ قربانين جي حوالي کان سنڌ جي تاريخ جي هڪ غيرمعمولي شخصيت ۽ رهنما هو.
ٽيون درويش، جنهن جو ذڪر مسلم شميم صاحب ڪيو آهي، اهو ڪامريڊ مولوي نذير حسين جتوئي صاحب آهي. ڪامريڊ نذير صاحب به پنهنجي دؤر جو عظيم انسان هو. اڃا به ايئن چئجي ته سندس شخصيت گهڻ-رُخي هئي ته صحيح رهندو. دين جو وڏو عالم هو، ديني علمن بابت سندس وسيع ۽ گهرو اڀياس هو. دين جي معاملن ۾ هو تقليد جو قائل نه هو، پر اجتهادي رويي جو پيروڪار هو.
مسلم شميم صاحب هڪ هنڌ اهو به لکيو آهي ته هُو شبيهه ۾ مولانا آزاد سان بيحد مشابهت رکندڙ هو. سندس اوطاق ۾ لڳل ڪامريڊ مولوي نذير حسين جتوئيءَ جي تصوير، مولانا آزاد سان ايتريقدر مشابهت رکندي هئي، جو اڄ به اها تصوير اکين اڳيان ڦري رهي آهي. هونئن به هڪ شخص جو مولوي هجڻ ۽ وري ڪامريڊ هجڻ، ديني علمن جي ماهر سان گڏ ڪميٽيڊ ڪامريڊ جا ڳُڻ اختيار ڪرڻ، ڪنهن سنڌيءَ جو ئي ڳُڻ ٿي سگهي ٿو.
ڪامريڊ نذير حسين جتوئيءَ جو به ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ وانگر ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو مان ۽ مرتبو هو.‘ اڌ بٽئي’ تحريڪ ۾ جيل جو مُنهن ڏٺائين ۽ اتان ئي سندس شاعريءَ جي شروعات ٿي. فاضل مصنف سندس شاعريءَ جي ترجمي کي به پنهنجي مضمون ۾ جڳهه ڏني آهي ۽ گڏوگڏ سندس کري سچائي، خوش طبعي ۽ ڏاهپ بابت به پيرائتو ذڪر ڪيو آهي.
چوٿون درويش، جنهن جو ذڪر ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي، اهو ته ’زنده پير‘ آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هُو هڪ صديءَ جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي. ادب، علم ۽ ڏاهپ جي، فڪر جي، ثقافت جي ۽ مارڪسي نظريي جي. فاضل ليکڪ، سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ’ڪمال فن ايوارڊ‘ ملڻ کي هڪ اتهاسڪ واقعو سڏي ٿو. منهنجي خيال ۾ سوڀو گيانچنداڻيءَ جون فڪر، فلسفي ۽ ادبي کيتر ۾ خدمتون جيتوڻيڪ گهڻيون نه آهن، پر سنڌ سان هُن جي اُنسيت ۽ اڻٿڪ جاکوڙ جي نتيجي ۾، هن جي خدمتن جو اهو معمولي اعتراف آهي. اڪيڊمي آف ليٽرس کي ته پهرين ڏينهن کان ئي اردوءَ سان گڏ پاڪستان جي ٻين قومي زبانن جي اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي ايوارڊ ڏيڻ کپندو هو، پر افضل ته ڪمتر ته هر هنڌ موجود آهن. اهو ادب هجي يا سياست، فن هجن يا ٻولي، ان ٻه اکيائيءَ ته اڄ اسان کي ان حد تي اچي بيهاريو آهي جو اسان کي هاڻي اهو به چوڻو پوي ٿو ته، مان به سنڌ جو سپوت آهيان، مون کي ان لاءِ ڪنهن به سَندَ جي ضرورت نه آهي.
سوڀو گيان چنداڻيءَ جي شخصيت جا انيڪ رُخ آهن ۽ هر رُخ سورج سمان روشن ۽ واکاڻ لائق آهي. هن جي ڪارنامن جي تاريخ گذريل اٺن ڏهاڪن تي ڦهليل آهي. هن جي زندگيءَ ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي رنگن سان گڏ کاٻي ڌر جي لاڙن جي هڪ اڻ کٽ تاريخ آهي.
ڪامريڊ سوڀي صاحب جڳ مشهور درسگاهه شانتي نڪيتن ۾ فني تعليم حاصل ڪئي ۽ بنگال جي عظيم شاعر، ڊراما نگار ۽ مفڪر رابندر ناٿ ٽئگور جي نه رڳو قربت ماڻي، پر ساڻس ذهني ويجهڙائپ جي ڪري سندن ذاتي ڪتبخاني مان ڀرپور لاڀ پرايو.
هيءَ اهائي درسگاهه هئي، جتي آزاديءَ جي تحريڪ جي مختلف رهنمائن سان اوهان جا رابطا قائم ٿيا. انهيءَ مادرِ علميءَ ۾ مختلف انقلابي رهنمائن سان اوهان جي لهه وچڙ ٿي ۽ خاص ڪري سماجوادي فلسفي ۽ فڪر جي ساڃاهه ماڻي، ۽ انساني تهذيب جي جدلياتي عمل کي ويهين صديءَ جي عالمي تناظر ۾ سمجهڻ جا موقعا سڦل ٿيا.حقيقت ۾ شانتي نڪيتن ۾ رهڻ وارو عرصو ۽ علم جي حاصلات جو ثمر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي شخصيت جي تعمير ۽ هن جي فڪر ۽ شعور جي ارتقائي سفر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
جيئن ته انهن چئن درويشن جو پورهيت طبقي، خاص ڪري هارين سان ويجهو ۽ گهرو تعلق رهيو، ان ڪري مسلم شميم صاحب، شاهه عنايت شهيد جي انقلابي نعريجو کيڙي سو کائي‘ جي حوالي سان، جيڪو پاڻ هارين ۽ صوفي فقيرن کي صديون پراڻي استحصالي ۽ جاگيرپ واري سرشتي مان نجات ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو، انهن جي علمي جدوجهد، فڪر ۽ عمل تي پڻ هڪ مختصر پر جامع مضمون شامل ڪيو آهي. ان وقت نه روس ۾ انقلاب آيو هو، نه چين ۾ ڪميونزم، نه ته جيڪڏهن شاهه عنايت شهيد به ’ڪامريڊ شاهه عنايت‘ سڏرائي ها.
ڪتاب جي آخر ۾ ’سنڌي جي هاري تحريڪ جو تاريخي پس منظر ۽ مختصر جائزو‘ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مضمون به شامل ڪيو آهي، جنهن جي تاريخ هنن مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد يعني 712ع کان شروع ڪئي آهي ۽ ان کي هاڻوڪي دؤر تائين اچي پهچايو آهي. هي مضمون به سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ هارين ۽ آبادگارن جي مسئلن کي جنهن تجزياتي نوعيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ان سان سڄي ننڍي کنڊ ۾ هن پٺتي پيل مظلوم طبقي جي دکدائڪ حالتن جي ڀرپور عڪاسي ٿئي ٿي. مجموعي طور ’لاڙڪانه ڪي چار درويش سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي ويهين صديءَ جي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو تاريخ جي کاهوڙي محققن لاءِ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

No comments:

Post a Comment