24/05/2014

گُل گُل هٻڪار - اختر ڪاڪيپوٽو (Akhtar Kakepoto)



نامياري دانشور رئوف نظاماڻيءَ جو ڪتاب
گُل گُل هٻڪار
اختر ڪاڪيپوٽو
کاٻي ڌر جي سنڌي دانشور ليکڪن ۾ رئوف نظاماڻي هڪ اهم نالو آهي. هو مسلسل لکندو رهيو آهي ۽ سندس لکڻ کي هڪ کان وڌيڪ نسلن مسلسل پڙهيو آهي ۽ سچ پچ هُن جي لکڻ انهن جي شعور کي ڇهيو به آهي. سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي وقت ۾ جتي ڪيترن ئي سنڌي لکندڙن پنهنجي ڏاهپ جا رستا مٽايا آهن، اتي رئوف نظاماڻي ذهني طور اهو ئي آهي، جنهن ڪراچيءَ ۾ ذاتي طرح ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي هڪ خاص نقطهءِ نظر سان نوجوانن کي ڏاهپ ۽ وطن دوستيءَ جا سبق سيکاريا. بنهه ٿورڙا سنڌي لکندڙ رئوف جيان سوچيندڙ ۽ لکندڙ آهن. رئوف لاءِ الڳ الڳ حلقن ۾ خاص پنهنجائي رهي آهي. جنهن جو سبب هڪ ته هن جو ذهني طور چٽو هجڻ آهي ۽ ٻيو ته هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه معصوم ۽ پيار ڀريو آهي.

ڪراچي سنڌي ادبي سنگت جي فورم تان هن اسان جي جيڪا ادبي ۽ نظرياتي رهنمائي ڪئي ۽ ڪتابن ذريعي هن جيڪو سنڌ کي ڏنو آهي، اهو وسارڻ جهڙو نه آهي. سالن جا سال اسين رئوف سان گڏ رهيا آهيون ۽ هن سان ڪچهريون ڪيون آهن پر منهنجو ذاتي مشاهدو اهو ٻڌائي ٿو ته هن اسان جيڪي کانئس سکڻ جي عمر ۾ هئاسين، انهن تي نه ڪڏهن پنهنجي علمي مٿڀرائپ جو احساس ڪرايو ۽ نه پنهنجي شخصي طور اسٽيٽ بينڪ جي هڪ آفيسر هجڻ جو. هو پنهنجي مزاج ۾ سدائين اسان کي پنهنجي وڏن ڀائرن وانگر لڳندو هئو ۽ اڄ به ائين آهي.
۽ سندس لکڻ به ائين ئي آهي، جنهن ۾ بنهه سڌو - تزُ اظهار آهي. ذهني طور هن سدائين ائين سمجهيو آهي، جيڪو چوڻو يا لکڻو آهي اهو بنا ڪنهن منجهائيندڙ نموني جي لکڻ گهرجي. رئوف جي علمي پورهيي ۾ درجن کن ڪتاب ۽ اڻ کٽ لکڻيون آهن پر هنن صفحن ۾ سندس هڪ ئي ڪتاب جو ذڪر آهي، جيڪو تازو ئي شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”گُل گُل هٻڪار.“
هن ڪتاب ۾ سندس الڳ موضوعن تي لکيل مضمون آهن. ڪي مضمون نج ادبي آهي، ڪي سماجي حوالي ۾ آهن ۽ ڪي اڄ جي حوالي ۾ آهن، جيڪي ڪيترائي موضوع کڻي آيا آهن. جن مان اڄ جي سنڌ جي حالتن ۽ انهيءَ ۾ ادب جو ڪارج، ڏاهپ جي اڻ هوند، سوچ جي هلڪڙائپ ۽ ٻيا ڪيترا موضوع نڪري اچن ٿا. هن ڪتاب مان خاص طور ”سنڌي ادب ۽ فڪري بحران“، ”موجوده سماجي ۽ نظرياتي بحران ۾ اياز جي  شخصيت ۽ فن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت ڪتاب جي ضرورت ڇو ناهي“، ”سنڌي عورت سماج ۽ ادب هڪ مختصر تعارف“ ته هڪ خاص ويهڪ ۾ پڙهڻ جهڙا مضمون آهن، ساڳئي وقت ڀٽائي صاحب بابت به هڪ نئين زاوئي کان هڪ سنجيده بحث ڪيل آهي، جيتوڻيڪ اهو بحث مختصر ئي آهي پر هڪ زاويو ڇڏي وڃي ٿو، جنهن تي اڄ جي لکندڙ کي ويچارڻ گهرجي. ڪتاب جا ڪي مضمون شاعريءَ جي ڪتابن بابت آهن، ڪي ڪهاڻين جي ڪتابن بابت ۽ ٻه مضمون ناول تي آهن، جيڪي ناول آهن ”اڏوهي“ اخلاق انصاري ۽ خالي بينچ اسحاق انصاري. ڪتاب جو آخري مضمون ريٽا شهاڻيءَ جي ادب بابت آهي ۽ ايئن هن ڪتاب مان الڳ الڳ احساس جهٽي سگهجن ٿا. ايڪيهن مضمونن جو هي گڏيل ڪتاب لکندڙ جي اپروچ ڏانهن اشارو ته ڪري ٿو پر ان جو عيوضپڻو ادا ڪري ايئن چوڻ مشڪل آهي.
رئوف نظاماڻي گهڻ پڙهيو ۽ گهڻو ڇپجندڙ ليکڪ آهي ۽ اهڙي شاهدي هن ڪتاب جو هر مضمون ڏيئي ٿو، توڙي جو هيءُ مضمون الڳ حوالن ۾ آهي پر رئوف جو مرڪزي نقطو وري به اسان جو ٽٽندڙ سماج، ان جون غير يقيني حالتون، غير سلامتيءَ وارو مستقبل ۽ اندر جي اڻ تڻ آهي. مضمون پنهنجي پنهنجي دائري ۾ پنهنجو اڻ مٽ نقش ڇڏي وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ کي ڪجهه ڏئي وڃن ٿا سوچڻ لاءِ!
اڄ جڏهن اسان جي لکڻين ۾ ڏاهپ ۽ علم بجاءِ لفاظيءَ اچي واسو ڪيو آهي، تڏهن رئوف جو هيءُ ڪتاب پڙهي ذهن تازو ٿي وڃي ٿو. اڄ سنڌي ادب مان جيڪا نظرياتي تربيت ڪندڙ سگهه هُئي، اها ختم ٿيندي پئي وڃي جنهنڪري وڄندڙ لفظن ئي اچي اها جڳهه والاري آهي. شايد اڄ جو نوجوان لکاري پنهنجو قطب نما ڪٿي وڃائي ويٺو آهي، جنهنڪري کيس درست قبلي جي ڄاڻ نه ٿي پوي. ڇا به هجي ”گُل گُل هٻڪار“ ۾ الڳ الڳ سڳنڌون آهن. ڪتاب پوري پڙهڻ کان پوءِ ئي اهو اندازو ٿي سگهندو ته لکڻ ڇا ٿيندو آهي ۽ ان ۾ پنهنجو سوچڻ ڪيئن منتقل ڪبو آهي. ها! هڪ غير مناسبت جو اظهار به شايد هيئن ٿئي ته ڪتاب جي مضمونن جي ترتيب ڪجهه ٻيءَ طرح هجڻ گهرجي ها ته سنڌي پڙهندڙ لاءِ ادب جو سڌو رستو وڌيڪ چٽو ٿي پوي ها! جيڪو ڪجهه اڻ چٽو ٿي پيو آهي، چڱي ئي وقت کان پوءِ سنڌي ادب ۾ به هڪ پڙهڻ جوڳو ڪتاب آيو آهي ته چڱي ئي وقت کان پوءِ رئوف جو ڪتاب به پڙهڻ لاءِ مليو آهي ۽ اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هيءُ سڄو ئي ڪتاب تخليقي ادب بابت آهي، جيڪا ڳالهه اڃا وڌيڪ خوشي ڏئي ٿي. پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل واري هن هڪ سَو اٺاويهن صفحن تي ٻڌل ڪتاب جو مُلهه هڪ سَو اسي رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment