16/06/2014

طارق لفظن جي ناراض نسل جو سرواڻ - علي زاهد (Ali Zahid)



طارق لفظن جي ناراض نسل جو سرواڻ
علي زاهد
هر ماڻهوءَ جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا هوندا آهن، پر جڏهن ڳالھ فنونِ لطيفه جي ڪبي ته پوءِ اڪثر ماڻهو ڪنهن هڪ فن ۾ مهارت ماڻي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ جا جوهر ڏيکاريندا آهن، پر ڪي ماڻهو وري اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مزاج ۾ گهڻ پاساوان هوندا آهن. فنونِ لطيفه جا ڪيترا ئي فن سندن من ۾ خيما کوڙي اچي وسرام ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن کي عام فهم ۾ ”هر فن مولا“ ڪوٺيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ”هر فن مولا، هر فن اڌورا“ گهڻا ڪم هٿ ۾ کڻڻ سان يا فن جي گهڻن رخن طرف سوچڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ سان اڪثر هر فن اڌورو رهجيو وڃي ۽ پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ مڃتا ۽ پورڻتا ڪوهين ڏور ٿيو پوي. پر ڪي ماڻهو وري پنهنجي اندر ۾ ڪمال جون صلاحيتون رکندا آهن، اهي گهڻ رخا ماڻهو پنهنجي هر فن سان ايترو ته نڀائيندا آهن جو پنهنجي هر پاسي ۾ اڳي کان اڳرا ڀاسندا آهن. پوءِ سندن چاهيندڙن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو اوکو ٿي پوندو آهي ته ان شخصيت جو ڪهڙو پاسو سڀ کان وڌيڪ سگهارو آهي ۽ ڪهڙي پاسي کي گهٽ اهميت ڏئي سگهجي ٿي.

ڪلا جي ڪڙم جو نرالو ڪوي - علي زاهد (Ali Zahid)

شهمير سومرو! ڪلا جي ڪڙم جو نرالو ڪوي
علي زاهد
دنيا ۾ ڪو به اهڙو موضوع ناهي جنهن کي اڄ تائين ڪنهن به شاعر يا ڪنهن به ليکاريءَ قلمبند نه ڪيو هجي... اسين جيڪو ڪجھ به لکون ٿا، اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته ان موضوع تي اسان کان اڳ به ڪنهن نه ڪنهن ضرور لکيو هوندو. پوءِ اها ڪهڙي ڳالھ آهي جيڪا اسان جي خيال کي منفرد بڻائي ٿي يا اسان جو خيال پڙهندڙ کي نئون، نڪور، چنهنڊڙي پائيندڙ يا ڇرڪائيندڙ ڀاسي....؟
ان ڳالھ کي هيئن به سمجهي سگهجي ٿو ته شاعري هڪ پيمانو آهي ۽ ان ۾ خيال جو شراب هرڪو پنهنجو ئي اوتي ٿو. ان جي تاثير پنهنجي هجي، ان جي خوشبوءِ پنهنجي هجي ۽ ان جو رنگ به پنهنجو ئي هجي. اها پنهنجاڻ، اصل ۾ اها ٽريٽمنٽ آهي جيڪا هر شاعر کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اها نج پج سندس پنهنجي ئي هجي يعني خيال جي پيشڪش اهڙي هئڻ گهرجي جو پڙهندڙ جو اهو موضوع جيڪڏهن اڳ به پڙهيل هجي ته ان کي ايئن محسوس ئي نه ٿئي، ته هو موضوع جو ورجاءُ پيو پڙهي... هو ته صرف ان خيال جي گهرائيءَ ۽ اندازِ-بيان جي ساگر جي پاتار ۾ وڃي پڄي.... ان شراب ۾ ايترو ته سرور هجي جو پڙهندڙ مخمور ٿي وڃي....

07/06/2014

ريشم جهڙا خواب - ثمي ڪي بلوچ (Sami K. Baloch)



ريشم جهڙا خواب
ثمي ڪي بلوچ
شاعري جو سرجڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه آهي. هيءُ اها ڀوڳنا آهي جيڪا شايد هڪ ماءُ، قدرت جي تخليق ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ڀوڳي ٿي. جنهن درد ۽ تڪليف جو هينئر تائين ڪو نانءُ ڪو نه سرجي سگهيو آهي. اها خبر تڏهن پيم جڏهن مون کي به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. تڏهن دلي ۽ شعوري طور ان پيڙا کان واقف ٿيس ته هي هڪ اهڙي ڀوڳنا آهي جيڪا شايد ماءُ، جي پيڙا کان به وڌيڪ زندگيءَ سان گڏ سفر ڪري ٿي. شاعري ۾ هڪ سٽ سرجڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. اسان روز ڪافيون، وايون، بيت، گيت ۽ غزل پڙهي بس ائين سمجهندا آهيون ته اهي صرف سکڻا لفظ آهن جيڪي شايد شاعر صرف سوچيا ۽ پني تي چٽيا، پر اها درد جي شدت جي انتها هوندي آهي، جتي شاعر جو ذهني، جسماني، عقلي ۽ روحاني وجود يا ته پيڙجي ٿو يا ته ميسارجي وڃي ٿو. ان درد جي دلدل ۾سڄي عمر هٿوراڙيون هڻندو پڄرندو وتي ٿو.

سنڌ جي تهذيب جا وارث - ادل سومرو (Adal Soomro)



سنڌ جي تهذيب جا وارث
سانڍڻ جهڙو هڪ ڪتاب
ادل سومرو
جيڪي ڪم نهايت محبت ۽ خلوص سان ڪيا ويندا آهن، اهي تمام گهڻا لاڀائتا ۽ خوبصورت روپ ۾ سامهون ايندا آهن. اهڙو ئي نهايت اهم ڪم، جيڪو مڪمل وابستگيءَ ۽ سچائيءَ سان سرانجام ڏنل آهي، سو آهي، رام ايس جوهراڻي جي محنتن جو نتيجو. ڪتاب وادي سنڌ جي تهذيب جا وارث، سنڌي سرويچ، هي ڪتاب نهايت ئي شاندار گيٽ اپ سان پڌرو ٿيو آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هن سهڻي انداز ۾ شايع ٿيل ڪتاب جهڙا ڪتاب گهٽ ڏٺا آهن.

گوندر ويا گذري - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



گوندر ويا گذري
ايمانداريءَ سان لکيل هڪ آتم ڪٿا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ ۾ ويجهي عرصي ۾ چڱيون ئي آتم ڪٿائون ڇپيون آهن جن جا لکندڙ هروڀرو اديب شاعر نه آهن. ٻيءَ طرح مجموعي ادب ۾ اڄ ڪلهه آتم ڪٿائون نه رڳو ججهي تعداد ۾ لکجي رهيون آهن، پر اهي تخليقي صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڙهيون به وڃن ٿيون، جنهنڪري ادارا آتم ڪٿائن ۽ يادگيرين وغيره جا ڪتاب نهايت خوشيءَ سان ڇپائي رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ به آتم ڪٿائن جو انگ چڱو موچارو وڌيو آهي ۽ سنڌي پڙهندڙ اهي پڙهي پڻ رهيو آهي.
تازو هڪ آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب سنڌيءَ ۾ شايع ٿيو آهي جنهن جو نالو آهي ”گوندر ويا گذري“ هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، سيد ديدار حسين شاهه.